سائِينمِ! سدائين ڪرين، مٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالَمَ سڀ آباد ڪرين!
|
سائينم: |
منهنجا سائين، منهنجا الله سائين |
|
عالم: |
سارو جهان، سڄي دنيا |
|
سُڪار: |
خوشحالي، آبادي، سُک |
|
آباد: |
سکيو ستابو، آسودو |
|
دلدار: |
محبوب، دل گهريو دوست |
|
|
|
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرسارنگ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه لطيفَ الله سائين کان دعا گهري آهي ته، اي منهنجا مولا! تون پنهنجو ڪرم ڪري اسان جي وطن سنڌ کي سدائين خوشحال، شاد ۽ آباد رک. اُن سان گڏ اي منهنجا محبوب رب! تون سموريءَ دنيا کي به سُکيو ستابو ۽ آسودو رک.