Video

بيت: 5

سائِينمِ! سدائين ڪرين، مٿي سِنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالَمَ سڀ آباد ڪرين!

سائينم:

منهنجا سائين، منهنجا الله سائين

 

عالم:

سارو جهان، سڄي دنيا

سُڪار:

خوشحالي، آبادي، سُک

 

آباد:

سکيو ستابو، آسودو

دلدار:

محبوب، دل گهريو دوست

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سرسارنگ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه لطيفَ الله سائين کان دعا گهري آهي ته،  اي منهنجا مولا! تون پنهنجو ڪرم ڪري اسان جي وطن سنڌ کي سدائين خوشحال، شاد ۽ آباد رک. اُن سان گڏ اي منهنجا محبوب رب! تون سموريءَ دنيا کي به سُکيو ستابو ۽ آسودو رک.