وَڳر ڪيو وَتَن، پِرتِ نهَ ڇِنن پاڻَ ۾،
پسو پَکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
|
وَڳر: |
ولر، ٽولو |
|
پَکيئڙن: |
پکين کي |
|
پِرت: |
پيار، محبت |
|
ماڻهنئان: |
ماڻهن کان، انسانن کان |
|
ڇِنن: |
ڇني ڌار ڪن |
|
ميٺ : |
محبت، پيار |
|
پسو : |
ڏسو |
|
|
|
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه جي رسالي جي ”سر ڏهر“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ پکين جي پاڻ ۾ گڏجي اُڏامڻ، داڻو چُڳڻ ۽ ڍنڍ يا نديءَ ۾ گڏ گڏ ترڻ کي هڪ مثال طور پيش ڪندي چيو آهي، ته ڏسو ته اُهي ڪيئن نه پاڻ ۾ انسانن کان وڌيڪ ٻڌيءَ ۽ محبت سان گڏجي رهن ٿا ۽ ڪڏهن به هڪ ٻئي کان ڌار نٿا ٿين. انسانن کي به گهرجي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪن ۽ پکين وانگر ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏجي رهن.
- ●●