Video

بيت : 1

وَڳر ڪيو وَتَن، پِرتِ نهَ ڇِنن پاڻَ ۾،

 

پسو پَکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

وَڳر:

ولر،  ٽولو

 

پَکيئڙن:

پکين کي

پِرت:  

پيار،  محبت

 

ماڻهنئان:  

ماڻهن کان، انسانن کان 

ڇِنن:

ڇني ڌار ڪن

 

ميٺ :

محبت،  پيار

پسو :

ڏسو

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه جي رسالي جي ”سر ڏهر“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ پکين جي پاڻ ۾ گڏجي اُڏامڻ، داڻو  چُڳڻ ۽ ڍنڍ يا نديءَ ۾ گڏ گڏ ترڻ کي هڪ مثال طور پيش ڪندي چيو آهي، ته ڏسو ته اُهي ڪيئن نه پاڻ ۾ انسانن کان وڌيڪ ٻڌيءَ ۽ محبت سان گڏجي رهن ٿا ۽ ڪڏهن به هڪ ٻئي کان ڌار نٿا ٿين. انسانن کي به گهرجي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪن ۽ پکين وانگر ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏجي رهن.

 

  • ●●