يارُ سڏائي سڀڪو، جاني، زباني،
آهي آساني، ڪَمَ پئي ٿي ڪَلَ پوي!
|
جاني: |
دلي دوست |
|
آساني: |
سولائي |
|
زباني: |
زبان سان، واتَ سان |
|
ڪَلَ: |
خبر |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”بروو سنڌي“ نالي سُر مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب سمجهايو آهي ته هن دنيا ۾ توهان کي ڪيترائي دوست ملندا، جيڪي زبان سان دوستيءَ جو دم هڻندا، پر سندن دوستي سچي آهي يا ڪوڙي، اها خبر اوسيتائين ڪا نه پوندي، جيستائين توهان جو ڪو ڪم اُنهن ۾ پوي. ان ڪري ضروري آهي ته هر ڪنهن سان دوستي ڪرڻ بدران سوچي سمجهي سچي ۽ صحيح ماڻهوءَ سان دوستي ڪرڻ گهرجي.
- ●●