Video

بيت: 4

سُتا اُٿي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سُهاڳُ، نِنڊُن ڪندي نه ملي.

سُتا:

اي سُتل! ننڊ ۾ سُتل، غافل

 

ايتري:

ايڏي،   گهڻي

جاڳ:

سجاڳ ٿيءُ

 

سلطاني سهاڳ:

وڏو انعام، وڏي سعادت، اعليٰ مقصد

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر ڏهر“  مان چونڊيو ويو آهي، هن بيت ۾ انسان کي اها نصيحت ڪئي وئي آهي ته اي غافل، سست ۽ ننڊون ڪندڙ انسانَ، ننڊ مان اُٿي سجاڳ ٿي، ڇو ته اها غفلت واري ننڊ تنهنجي اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ واري راهَه ۾ رڪاوٽ آهي. هيءَ دنيا عمل ڪرڻ جي جاءِ آهي ۽ زندگيءَ ۾ ڪو اعليٰ مرتبو ۽ وڏي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ رَهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.