نِمي کَمي نِهارِ تون، ڏَمر ڏولائو،
ٿئي ساڃائو، جي اُڀئين اِنهيءَ پير تي.
|
نمي: |
نِوڙِي، جُهڪي، عاجزيءَ سان |
|
ڏولائو: |
ڏک، تڪليف، مونجهارو |
|
کَمي: |
صبر سان، برداشت سان |
|
ساڃائو: |
ساڃاهه، سمجهه |
|
ڏمر: |
ڪاوڙ، غصو، چڙ، ڏاڍ |
|
اُڀئين: |
تون بيهين |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سر يمن ڪلياڻ“ مان ورتل آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب اسان کي سمجهايو آهي ته انسان کي ٻين ماڻهن سان نوڙت ۽ نياز سان هلت رکڻ گهرجي ۽ اجائي چڙ ۽ ڪاوڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انهيءَ سان تڪليف ۽ مونجهارو پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ نصيحت تي عمل ڪبو ته مونجهارو ختم ٿيندو ۽ ڳالهه سمجهه ۾ ايندي.
- ●●