سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت

ڪتاب جو نالو سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت
ليکڪ حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي
سنڌيڪار / ترتيب ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-56-7
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (422) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13120   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل ٻيو


سماع جي آثار ۽ ادبن جي بيان ۾ واضح هجي ته اول درجو سماع جو آهي ته راڳ ٻڌو وڃي، اُهو سمجهيو به وڃي ۽ جا ڳالهه ٻڌڻ واري جي ذهن ۾ اچي، اُها سمجهي، ان ۾ محو ٿئي، سمجهڻ ۾ محويت کان پوءِ ئي وجد ٿيندو آهي ۽ وجد دل ۽ عضون ۾ چرپر پيدا ڪندو آهي. انهن ٽنهي ڳالهين جو بيان ڌار ڌار ٽن مقامن ۾ ڪيو ويندو. مقام پهريون: سمجهڻ جي بيان ۾ جيڪو ٻڌڻ واري جي حالتن جي اختلاف جو موافق مختلف ٿيندو آهي، ٻڌڻ واري جون چار حالتون آهن: حالت پهرين: هيءَ آهي ته ٻڌڻ فقط طبعي هجي. يعني سواءِ سازن جي الحان جي ٻي ڪا ئي به راڳ جي حقيقت نه ڄاڻي. هي ٻڌڻ مباح آهي، پر سماع جي درجي ۾ سڀ کان نيچ آهي، ڇو ته ان ٻڌڻ واري جهڙا ته اُٺ ۽ چوپايا جانور به آهن، جو هر هڪ حيوان کي خوش آواز مان هڪ عجب طرح جي لذت ٿيندي آهي. حالت ٻي: هيءَ آهي ته سمجهه سان ٻڌي مگر مضمون ڪنهن مدد ڪندڙ يا غير مدد ڪندڙ مخلوق تي خيال ڪري. اهڙيءَ طرح جو راڳ ٻڌڻ، جوانن شهوت وارن جو ڪم آهي، جيئن جو اُهي جو ڪجهه ٻڌندا آهن. ان جي موافق پنهنجي شهوتن جي گهرجن تي خيال ڪندا آهن. هيءَ حالت اهڙي نه آهي، جو ان جو ڪجهه بيان ڪجي، بلڪ خراب هجڻ سبب بس ڪرڻ چڱي آهي. حالت ٽين: هيءَ آهي ته سمجهه سان ٻڌي، سو پنهنجي حال تي خيال ڪري، يعني خدا تعاليٰ جل شانه جي معاملي ۾ جيئن جيئن ان جون حالتون بدلجن ٿيون. انهن تي خيال ڪري، جيئن جو ڪڏهن قراري ٿيندو آهي ته ڪڏهن معذور رهندو آهي. هن قسم جو راڳ ٻڌڻ مريدن، مبتدين يعني نون طالبن جو ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مريد جو ڪو ئي نه ڪوئي مطلب ضرور هوندو آهي ۽ ڪجهه حالتون آهن، جن تي قبضو به ڪري ٿو. ان کان سواءِ به ڪجهه حالتون آهن، جي ان جي پيش اچن ٿيون. جڏهن عتاب يا خطاب جو ذڪر ٻڌندو آهي يا امر يا منع، وصل يا هجر، ويجهڙائي يا وڇوڙي، يا افسوس مئل چيز جو، اشتياق اميد رکڻ جو، شوق ڪنهن اچڻ واري جو، طمع، خوف يا گهٻرائڻ وعدي وفائي يا عهد شڪني، خوف فراق يا خوشي وصال، حبيب جو ڏسڻ، دشمن جو چٽ ٿيڻ، هنجن هارڻ، هڪٻئي پٺيان مصيبتون اچڻ، وڏو وڇوڙو يا وعدو وصال جو، يا ٻئي ڪنهن اهڙي قسم جي ڳالهه جو ذڪر ٻڌي ٿو، جن جو بيان بيتن ۾ هوندو آهي. ان مان پڪ آهي ته بعضي حالتن ۾ ڪي مريد جي حال جهڙيون هونديون آهن. تنهنڪري انهن بيتن جو ٻڌڻ اهڙو ته اثر وارو ٿيندو آهي. جهڙو چقمق مان باهه چڻنگون ڪيو نڪرندي آهي. تهڙي ئي طرح بيتن جي ٻڌڻ سان دل جي باهه جهٽ پٽ ڀڙڪو ڏيئي اٿندي آهي ۽ شوق جو غلبو خوب زور وٺندو آهي ۽ بعضي ان سبب کان ڪي حالتون ان جي عادت جي برخلاف به ان تي انبوهه ڪنديون آهن. جنهن ڪري اُهي لفظ پنهنجي حال تي خيال ڪرڻ ۾ ان کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. پر هن ڳالهه جو بلڪل ضرور نه آهي ته بيتن مان اُهائي معنيٰ سمجهي، جا شاعر جي مراد هجي، بلڪ سڀڪو ڪلام ڪيترين ئي صورتن تي منحصر ٿي سگهي ٿو ۽ سڀڪو ئي سمجهه وارو داناءُ ان مان پنهنجي سمجهه موافق معنيٰ ڪري سگهندو آهي. هاڻي اسان ڪجهه مثال لکون ٿا، جن ۾ ماڻهن، لفظن کي پنهنجي مراد تي ڪهڙيءَ طرح خيال ڪيو آهي. جيئن جو ڪو ئي جاهل هي گمان نه ڪري ته جن بيتن ۾ ذڪر غم، زلف ۽ رخسار جو هوندو آهي. ان مان ته ظاهري معنيٰ سمجهه ۾ ايندي. ٻي ڳالهه ڪو ڇا سمجهندو، تنهنڪري اسان کي انهيءَ بيان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. بيتن جي سمجهڻ جي حقيقت جو به بيان ڪجي. ڇو جو هي امر سماع وارن جي ڳالهين کان ئي معلوم ٿيندو. عيان را چه بيان جيئن جو چوندا آهن ته ڪنهن صوفيءَ هڪ شخص کان هي شعر چوندي ٻڌو: مجھ سے کہا رسول نے کل کو ملو گے تم (ترجمو) هن آواز ٻڌڻ سان ئي ان کي روشنائي ٿي ۽ وجد ۾ اچي پهرين مصرعه هر هر چوڻ لڳو ۽ ضمير مخاطب جي بدران متڪلم چوڻ لڳو، جنهن جي لذت ۽ خوشيءَ ۾ بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن ان کان وجد جو سبب دريافت ڪيو ويو، جنهن جواب ۾ چيو ته مون کي رسولِ خدا ﷺ جن جو ارشاد ياد آيو ته ”سڀ بهشتي پروردگار جي زيارت هفتي ۾ هڪ دفعو ڪندا“ (1) ابن دراج کان رقيءَ نقل ڪيو آهي، جن چيو آهي ته مان ۽ ابن فوطي بصري ۽ ابله جي وچان دجله ڏانهن ٿي وياسون ته واٽ تي هڪ هنڌ دلڪش ۽ خوبصورت منظر آيو. جتي هڪ شخص ويٺل هو، جنهن جي اڳيان سندس ٻانهي هي شعر ڳاتو ٿي: ہے تغير تیرے احوال میں روز نیا تجھ کو تو اس کے سوا اور بھی کچھ ہے زیبا (ترجمو) ته اوچتو هڪ جوان رنگين پيالي هٿ ۾، گودڙي ڳچيءَ ۾ پيل ان جاءِ جي اڳيان لنگهيو ته هي آواز ان جي ڪن تي پيو، جنهن ان ٻانهيءَ کي چيو ته: ”توکي قسم خدا جو ۽ پنهنجي خاوند جي حياتيءَ جو ته اِهو شعر وري ٻيهر ٻڌاءِ“. ان ٻانهيءَ ساڳيو شعر ٻيهر ڳاتو. تنهن تي ان جوان چيو ته: ”مون کي قسم خدا جو آهي ته حق سان منهنجي حال جو رنگارنگ هجڻ به اهڙوئي آهي“. ان بعد جگر ڦاڙي دانهن ڪيائين ۽ مري ويو. ابن دراج چيو ته: ”هاڻي اسان کي هت ترسڻ فرض آهي“. تنهنڪري اسان ان جي دفن ڪفن لاءِ ترسياسين، جاءِ جي مالڪ ان جوان جي جنازه نماز پڙهي، جڏهن دفن کان فارغ ٿياسين ته صاحب مڪان، اسان کي چيو ته: ”مان توهان کي شاهد ٿو ڪريان ۽ وصيت ٿو ڪريان ته جيتريون چيزون هن جاءِ سميت منهنجي ملڪيت آهن. سي وقف ٿو ڪريان. ان کان سواءِ منهنجون سڀ ٻانهيون آزاد آهن“. ائين چئي پنهنجا سڀ ڪپڙا لاهي فقط هڪ چادر جو اڌ هيٺان ٻڌي، ٻيو اڌ پٺن تي وجهي، جنهن طرف سندس منهن هيو، هليو ويو. ماڻهو کيس ايستائين ڏسندا رهيا، جيستائين نظر کان غائب ٿي ويو. سڀ ان جي فراق ۾ رنا ٿي، مگر هن جو ڪو به حال معلوم ٿي نه سگهيو، ته ڪاڏي ويو ۽ ڪيئن ٿيو! مطلب هي آهي ته اِهو جوان هر وقت پنهنجي حال ۾ حق سان مستغرق هيو ۽ حقيقت ۾ حسن ادب تي ثابت رهندي پاڻ کي عاجز ڄاڻندو هو. پنهنجي خيال جي مضبوط نه هجڻ سبب به افسوس ڪندڙ هو. پر جڏهن ان جي ڪنن ۾ اُهائي ڳالهه آئي، جا هن جي حال موافق هئي ۽ جنهن مان هي خيال ڪيائين ته الله تعاليٰ جل شانه جي طرف کان مون کي هن طرح جو خطاب آهي ته: ”تون هر روز نوان رنگ بدلائين ٿو. جيڪڏهن ائين نه ڪرين ته تنهنجي حق ۾ چڱائي آهي.“ جنهن شخص جو راڳ مِن الله (الله کان ) يا، عَلي الله (الله تي) يا في الله (الله ۾) هجي، ان کي گهرجي ته اول معرفت الاهي ۽ ان جي صفات جي معرفت جي علم تي خوب ضبط ڪري، نه ته راڳ مان ان کي خطرو آهي، مبادا جهالت سبب الله تعاليٰ جل شانه جي حق ۾ اهڙي ڳالهه تصور ڪري وجهي، جا ان جي حق ۾ محال آهي يا جنهن کان ڪافر ٿي وڃي. جو مريد مبتدي (نئون) هجي، ان کي سماع ۾ خطرو آهي، پر جي راڳ ٻڌي ته اهڙيءَ طرح ٻڌي، جو خدا تعاليٰ جل شانه جي وصف سان تعلق رکندڙ نه هجي ۽ فقط پنهنجي حال تي خيال ڪري ته پوءِ ته فڪر نه آهي، نه ته ٻي حالت ۾ دقت آهي. ذڪر ڪيل شعر مان خطا هن طرح ٿيندي آهي ته پاڻ کي متڪلم سمجهي ۽ خدا تعاليٰ کي مخاطب ڄاڻي، جنهن جي طرف رنگ برنگ جي نسبت ڪري ته ڪافر ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح عموماً غلطي به جهالت کان ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪا به سچائيءَ جي ملاوت نه هوندي آهي. ڪڏهن ته اهڙي جهالت کان به غلطي ٿي ويندي آهي، جو ڪنهن ۾ رنگ سچائيءَ جو به آهي، جنهن جي صورت هيءَ آهي: مثال طور پنهنجي حالتن جو بدلجڻ، بلڪ تمام عالم جو بدلجڻ، خدا تعاليٰ جل شانه جي طرف کان ڄاڻينِ ته هيءَ ڳالهه حق آهي، ڇو جو خدا تعاليٰ جل شانه ڪڏهن آدميءَ جي دل ڪشادي ڪري ٿو، ڪڏهن تنگ ته ڪڏهن نوراني فرمائي ٿو. ڪڏهن ظلماتي، ڪڏهن سخت، ڪڏهن نرم ڪري ٿو، ڪڏهن ان کي پنهنجي عبادت تي ثابت ۽ محڪم ڪري ٿو، ڪڏهن ان تي شيطان زوراور غالب ڪري ٿو. هي سڀ ڳالهيون الله تعاليٰ جلشانھُ جي طرف کان آهن، جنهن شخص کان مرڻ وقت مختلف احوال اوچتي ظاهر ٿيندا آهن، تنهن کي عادت ۽ سمجهه ۾ ڪچو يا رنگ اختيار ڪرڻ وارو سڏيندا آهن. گهڻو ڪري شاعرن ئي پنهنجي محبوب کي رنگارنگ هجڻ جي طرف نسبت ڪئي آهي، انهيءَ نظر سان، جو ڪڏهن قبول ڪندو آهي، ڪڏهن قبول نه ڪندو آهي، ڪڏهن کيس ويجهو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن دور ڄاڻندو آهي. مگر راڳ کان هي امر خدا تعاليٰ جل شانه جي طرف نسبت ڪرڻ محض ڪفر آهي. بلڪ الله تعاليٰ جل شانه جي طرف هي عقيدو گهرجي ته هو ٻين کي بدلائي ٿو ۽ پاڻ نه بدلبو آهي. سڀ ڦيرگهير ان جي طرف کان آهي. هي علم مريد کي اعتقاد، پيروي ڪرڻ ۽ ايمان کان ئي حاصل ٿي سگهندو آهي ۽ عارف کي يقين ڪشف حقيقي کان حاصل ٿيندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جيترا به بدلائڻ وارا الله تعاليٰ جل شانه کان سواءِ آهن، اُهي جنهن وقت ٻئي کي بدلائين ٿا ته ان وقت پاڻ به بدلجي ويندا آهن. ڪي ته ارباب وجد جا به آهن، جن تي اهڙو حال غالب ٿيندو آهي، جهڙي طرح نشو بيهوش ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي حال ۾ انهن جي زبان الله تعاليٰ جل شانه سان عتاب ڪرڻ ۾ کلي ويندي آهي ۽ سندن دل ۽ زبان تابعدار نه رهندي آهي، انهن حالتن جي الله تعاليٰ جل شانه ڌار ڌار قسمن ۾ تقسيم ڪئي آهي، جيئن جو سچن جي دلين کي صفائي ۽ حضوري عنايت ڪئي. منڪرن ۽ معذورن جي دلين کي دوري ۽ مهجوري بخشي، سندس ڏنل چيز جي نه ڪوئي جهلڻ وارو ۽ نه ڪوئي ان جي روڪيل چيز جو ڏيڻ وارو آهي. ڪافرن کان جو توفيق الله تعاليٰ جل شانه منقطع ڪئي آهي، سا ڪنهن پهرين قصور سبب نه آهي ۽ انبياء j جن کي پنهنجي توفيق ۽ نور کان مدد ڪئي آهي، ته ڪنهن وڏي ۽ قديم هجڻ جي سبب کان نه آهي، بلڪ الله تعاليٰ جل شانه فرمايو آهي: وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِيْنَ(1) (پهريون ٿي چڪو منهنجو حڪم، پنهنجي بندن جي حق ۾، جي منهنجا رسول آهن) ۽ پڻ فرمايو آهي ته: وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِيْنَ(2) (مگر سچ ٿي منهنجي ڳالهه، جو مون کي دوزخ ڀرڻو پيو، جنن ۽ ماڻهن سان گڏ) ۽ فرمايو آهي ته: اِنَّ الَّذِيْنَ سَبَقَتْ لَهُمْ مِّنَّا الْحُسْنٰى اُولٰئِكَ عَنْهَا مُبْعَدُوْنَ(1) (جن کي اول ملي چڪي منهنجي طرف کان نيڪي، اُهي ان کان دور رهندا). هاڻي جيڪڏهن اوهان جي دل تي هي خطرو گذري ته تقدير سابق ڇو ڌار ڌار ٿي، جيئن جو بندن جي هجڻ ۾ ته سڀ شريڪ آهيون ته توهان کي پردي جلال کان هيءَ للڪار ايندي ته حد ادب جي کان ٻاهر نه وڃو. هيءَ اُها ذات آهي، جنهن جي شان ۾ آهي: لَا يُسْاُلُ عَمَّا يَفْعَلُ وَهُمْ يُسْاَلُونَ(2) (الله تعالى جيڪي ڪندو آهي، تنهن بابت (اهو) نه پڇبو ۽ انهن کان پڇا ڪبي.) اصل حقيقت هيءَ آهي ته زبان سان ۽ ظاهر ۾ اُهي شخص ادب تي اڪثر قادر آهن. مگر دل ۾ اهڙي ظاهري اختلاف جي معلوميت نه آهي. جيئن ته ڪو ئي هميشه شڪي آهي، ۽ تڙيل درگاهه جو آهي، ۽ ڪو ئي سدا سڳورو مقبول بارگاهه جو آهي. انهيءَ امر تي سواءِ مضبوط علماءَ، يا عارف بالله جي ٻئي کي قدرت نه آهي. انهيءَ سبب کان حضرت خضر + جن کان ڪنهن خواب ۾ راڳ جو حال دريافت ڪيو، جو پاڻ فرمايائون ته: ”اِهو بلڪل چڱو آهي. بلڪ ان تي سواءِ علماءَ ۽ عارف بالله جي ٻين ماڻهن جا پير بيهي نه سگهندا“. هي سڀ انهيءَ سبب کان فرمايائون ته راڳ دلين جي اسرار مخفيءَ کي چرپر ڏئي ٿو ۽ جهڙيءَ طرح نشو بيهوش ڪرڻ واري آدميءَ کي پريشان ڪري ٿو ۽ ادب جا عقده کولي ٿو. اهڙيءَ طرح عجب نه آهي ته راڳ ٻڌڻ کان دل اهڙي پريشان ٿي وڃي، جو ادب باطني هليو وڃي. انهيءَ سبب کان ڪنهن درويش چيو آهي: ”جيڪڏهن مان راڳ کان جهڙو جو تهڙو بچي وڃان ته مون کي نه ڪجهه عذاب آهي نه عتاب آهي“. مطلب ڳالهه جو ته شهوت جي چرپر پيدا ڪندڙ آهي، ان ۾ زياده خطرو آهي. تنهنڪري انسان سخت گنهگار ٿي ويندو. پر ائين به نه آهي ته جا راڳ جي مراد آهي. ان موجب ڪافر ٺهرايو وڃي. هاڻي هي معلوم ڪرڻ گهرجي ته سمجهه، ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ واري جي حالت جي لحاظ کان به نرالي ٿي ويندي آهي. جيئن جو هڪڙي بيت جي ٻن ٻڌڻ وارن کي وجد ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ هڪڙي جي سمجهه درست ته ٻئي جي غلط ٿيندي آهي. يا ٻنهي جي سمجهه درست ٿيندي آهي. مگر هڪڙي هڪ معنيٰ پنهنجي حال موافق سمجهي، ٻئي ڪجهه ٻي معنيٰ سمجهي ۽ ڪيترو به هي ٻئي معنائون هڪ ٻئي جي مخالف هونديون آهن. مگر انهيءَ ٻنهي شخصن جي حالتن جي لحاظ کان خراب نه هونديون آهن. جهڙي طرح عتبه غلام کان روايت آهي ته هن ڪنهن شخص کان هي شعر ٻڌو: پاک ہے قدوس ذاتِ کبریا رنج میں رہتا ہے عاشق مبتلا (ترجمو) هي سخن ٻڌندي ئي چيائون ته: ”سچ ٿو چوي“، ساڳيو شعر ڪنهن ٻئي شخص جو ٻڌو، سو چوڻ لڳو ته: ”ڪوڙ ٿو چوي“. جنهن لاءِ ڪنهن صاحب دل چيو ته: ”ٻيئي برابر آهن ۽ سچ ٿا چون. اول قول ان عاشق جو آهي، جنهن کي مطلب تي پهچ نه آهي. منهن مٽڻ ۽ انڪار محبوب جي سبب کان فراق ۾ ڦاٿل آهي ۽ ٻيو سخن ان عاشق جو آهي، جنهن جو محبوب سان پيار آهي ۽ عيش محبت ۾ جو به دوست جي طرف کان ان تي وارد ٿئي ٿو، سو سڀوئي چڱو ڄاڻي ٿو. جيڪو درد ۽ تڪليف جي اثر کان تنگ نه ٿو ٿئي پر ان مان مزو ۽ لذت وٺي ٿو، يا اهڙي عاشق جو سخن آهي جو پنهنجي مراد تي في الحال فتح مند ٿي ويو آهي ۽ آئينده جي منهن مٽڻ جي ڊپ کان به واقف نه آهي. يعني اميد ۽ گمان حسن جو ان جي دل تي اهڙو ته غالب آهي، جو منهن مٽڻ جي ڊپ کان به بلڪل غافل آهي. اهڙيءَ طرح حالتن جي نرالي هجڻ کان به سمجهه ۾ اختلاف پئجي ويندو آهي“. ابو القاسم بن مروان جو ابو سعيد جي صحبت ۾ رهندو هو، جنهن گهڻن سالن کان راڳ ٻڌڻ ڇڏي ڏنو هو. ان جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري دعوت تي ويو، جتي هڪ شخص کان هيءُ شعر ڳائيندي ٻڌائين: بر لب جو تشنہ لب اُستاده ام جام ازدستش نہی یا بم ھنوز (هٿن ۾ جام جهليل آهي، پوءِ به چپن تئين آڻي نٿو سگهي، پاڻيءَ ۾ اڃايل بيٺو آهي) جنهن تي حاضرين مجلس اٿيا ۽ وجد ۾ پئجي ويا. جڏهن قرار ڪري ويٺا. تڏهن هن ماڻهن کان پڇيو ته: ”هن شعر جي توهان ڇا معنيٰ سمجهي“. سڀني چيو ته: احوال شريف جو اشتياق آهي ۽ جيتوڻيڪ ان جي سامان موجود هجڻ جي محرومي آهي. ان جواب کان هن کي تسلي نه ٿي. ماڻهن چيو ته توهان ان شعر جي ڪهڙي مراد ڄاڻو ٿا. فرمايائون ته: ”هيءَ مراد آهي ته هي حال ان شخص جو آهي، جو حال جي وچ ۾ آهي، جنهن کي بزرگي بخشش ٿيل آهي. مگر اصل حقيقت کان ان کي ڪجهه به عطا ٿيل نه آهي“. هن ۾ هي به اشارو آهي ته حقيقت احوال ۽ ڪرامت کانسواءِ ٻي چيز ان کان پوءِ آهي. جنهن کان اڳ ۾ احوال ٿيندو آهي. ڪرامت هن جي شروعات آهي. ڪرامت هجڻ سبب به حقيقت وصول نٿي ٿئي ۽ منزل مقصود ڪرامت سبب دور ٿي ويندي آهي. هاڻي انهن معنائن ۾ جو ابو القاسم سمجهيو ۽ ٻيو جيڪي انهن حاضر مجلس وارن سمجهيو، تنهن ۾ ايترو ئي فرق آهي. جيترو انهن ماڻهن ٻيءَ جاءِ جو اشتياق بيان ڪيو ٿي ۽ ابو القاسم ٻئي رتبي جي تشنه لبيءَ جو بيان ڪيو، جيڪي ٻئي صحيح آهن. جو شخص احوال شريف کان محروم ٿيندو آهي، اهو اول ان جو مشتاق ٿيندو آهي ۽ جڏهن ان تي دسترس ٿي ويندي اٿس ته ان کان پوءِ جي مقامن جو اشتياق ٿيندو اٿس. جنهن مقام تي سالڪ پهچندو آهي ته ان جي گذريل مقامن جو کيس اشتياق نه رهندو آهي، پر مٿين درجي جي مقام ڏانهن راغب ٿيندو آهي. شبلي اڪثر هن مضمون جي شعر تي وجد ڪندا هئا: ہجر است الفت تو محبت عداوتی وصل تو قطع باشد و صحت ستیزہ (تنهنجي اُلفت فراق آهي، تنهنجي محبت دشمني، تنهنجو وصال قطع آهي، تنهنجو صلح لڙائي.) هي شعر به اڪثر ماڻهو ڪيترين ئي ڌار ڌار صورتن ۾ سمجهندا آهن. جو ان مان ڪي حالتون بعضي درست هونديون آهن ۽ بعضي باطل هونديون آهن. سڀ کان چٽو ۽ ظاهر سبب هي آهي ته هي شعر خلق جي باب ۾ بلڪ تمام دنيا ماسوي الله جي باب ۾ سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هي حال دنيا جو ئي آهي، جا دغاباز، فريبي ۽ پنهنجي ارباب جي قاتل، باطن ۾ دشمن ۽ ظاهر ۾ دوست آهي. جنهن مقام ۾ ان جي سبب کان عيش مالا مال آهي، پر آخر ۾ ان جو حال برو آهي. اِنهي ئي گهڙي مڪان وارا شادان ۽ فرحان آهن ۽ ساڳيءَ ئي ساعت وڻندڙ ۽ مٿو پٽيندڙ آهن. هڪ شاعر ان باري ۾ هي شعر چيو آهي: بھاگ دنیا سے نہ کر نسبت کا ان سے تو خیال قاتلِ شوھر جو بیوی ہو نہ دے اس کو تو پیام۔ اس کے خوفوں کی مقابل میں ہیں امیدیں قلیل سختیاں زائد اُسی کا ہے تردد لاکلام۔ خوب کثرت سے ہی کہی ہے واصفوں نے اسکی وصف لیک میں کہتا ہوں اس کے حق میں یہ تشبیہ تام۔ بادہ گلگوں ہے وہ لیکن موت ہے اس کا خمار باد پاہی پر چڑھو اس پر تو ہووے بدل جام۔ ہے وہ مہپارہ کہ جس کا حسن ہے ہر دم فریب لیک باطن میں وہ رکھتی ہے خباثت با بعام۔ اهڙيءَ طرح پڻ هڪ، ٻئي درويش جو سخن آهي. دنيا دي دعويٰ ڇوڙ، وي مستانا جانان! وي مستانا جانان! دنيا ڌوتي وحدت لُوٺي، عالم نون ڪريندي هَئي ڪور ... دنيا دي طلب ڦران اداس، لڙدي زوران زور... دنيا دورنگي ساٿ نه چلڻي، تنهن ڪنون منهڙا موڙ... آکي اميد علي گهن راه رباني، ول ول پاڻي نه ولوڙ... وي مستانا جانان! وي مستانا جانان! اهڙا شعر مختلف طريقن سان ٻڌي سگهجن ٿا، جن ۾ ڪجهه حق ته ڪجهه باطل آهن. سڀ کان وڌيڪ ظاهر اها ڳالهه آهي ته ان کي مخلوق جي حق ۾ بلڪ دنيا ۽ ان جي اسرارن جي حق ۾ بلڪ الله تعاليٰ جل شانه کانسواءِ سڀني جي حق ۾ سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته دنيا مڪار ۽ ڌوڪي باز آهي، دنيا وارن کي هلاڪ ڪندي آهي، باطني طور تي ان جي دشمن آهي، پر ظاهري طور تي دوستي ڏيکاريندي آهي، جنهن مڪان کي سرور سان ڀريندي آهي، ان جو ئي حال برو ڪري ڇڏيندي آهي. شبلي دنيا جي وصف هن طرح بيان ڪئي آهي: ”دنيا کان پري ڀڄ، ان جي نسبت کي سڏ نه ڏي، ڇاڪاڻ ته عورت اهڙيءَ کي پيغام نه ڏبو آهي جيڪا نڪاح ڪرڻ واري مرد کي هلاڪ ڪري، ان جي اميدن جي مقابلي ۾ خوف ۽ مڪروهات زياده آهن. جڏهن تون سوچيندين ته ان ڳالهه کي ترجيح ڏيندي، ان جي تعريف ماڻهن تمام گهڻي ڪئي آهي، ليڪن مان هڪڙي شبيهه ڏيان ٿو ته هي هڪڙو شراب آهي، جنهن جي انتها ڪڙاڻ آهي. تيز رفتار سواري آهي پر جڏهن سوار ٿبو ته بي لغام ٿي ويندي آهي، اها اهڙو حسين ماڻهو آهي، جنهن جو حسن ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو پر ان جي باطن ۾ خباثت عام آهي.“ ٻي معنيٰ هيءَ آهي ته انهن شعرن کي پنهنجي نفس تي چڱيءَ طرح خيال ڪري ته خدا تعاليٰ جل شانه جي حق ۾ نفس جو هي حال آهي. مثال طور: ان جي معرفت جهالت آهي. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي: وَمَا قَدَرُوا اللهَ حَقَّ قَدْرِهٖ(1) (انهن نه سڃاتو الله تعاليٰ جل شانه جي شان کي، جهڙي طرح سڃاڻڻ واجب هو.) اطاعت يعني تابعداري نفس جي ريا (جا ڳالهه هجي، ان جي برخلاف ڪري ڏيکارڻ) وانگر آهي. انهيءَ سبب ڪري الله تعاليٰ جل شانه کان ڊڄي نه ٿو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جل شانه جي محبت ۾ هو ڪا ئي شهوت پنهنجين شهوتن مان نٿو ڇڏي. اهڙيءَ طرح ٻين ڪمال وصفن جو قياس ڪرڻ گهرجي ته جنهن شخص سان الله تعاليٰ جل شانه کي بهتري منظور هوندي آهي. ان کي سندس نفس جي عيبن تي واقفيت ڏئي ٿو. اهو انهن شعرن کي پنهنجي حال جو مصداق سمجهي ٿو. توڙي غافلن جي نظر ۾ اُهو عالي رتبه هجي. انهيءَ سبب کان آنحضرت ﷺ جن فرمائين ٿا: لَا أُحْصِيْ ثَنَاءً عَلَيْكَ أَنْتَ كَمَا أَثْنَيْتَ عَلٰى نَفْسِكَ(2) (نه ٿو احاطو ڪريان مان توهان تي، تعريف ته اهڙي آهي جهڙي طرف توهان پاڻ پنهنجي نفس جي تعريف ڪئي) ۽ ٻي جاءِ حديث شريف ۾ فرمائن ٿا: إنِّيْ لأَسْتَغْفِرُ اللهَ فِي الْيَوْمِ وَاللَّيْلَةِ سَبْعِينَ مَرَّةً(3) (مان الله تعاليٰ کان بخشش گهران ٿو. رات ڏينهن ۾ ستر بار) سندس هر وقت بخشش گهرڻ جو سبب هي هو، جو هر وقت مقامن ۽ احوالن جون منزلون طئي فرمايائون ٿي ۽ وڏي درجي جي نسبت انهن مقامن کي بعيد سمجهي، استغفار ڪيائون ٿي. ڄڻ ته اهي مقام سندن ماقبل جي نسبت ڪري درجات قرب مان هيا. مگر قرب ۽ بعد امور اضافي آهن. ڪو به قرب اهڙو نه آهي، جو ان جي اڳيان ٻيو قرب نه هجي. هي اڻ کٽ درجا آهن. جهڙيءَ طرح مولانا رومي فرمائن ٿا: ای برادر بے نہایت درگہی است ہرچ بروی میرسی بروئی مائیست۔ پر درجات قرب جي اعليٰ درجي تي پهچڻ محال آهي. ٽين معنيٰ هيءَ آهي ته پنهنجي احوال جي شروعات کي ڏسي ان تي راضي رهي ۽ پسند ڪري، پوءِ ان جي انجامن کي ڏسي، انهن حالتن مان هر هڪ کي ڳجهي غلطيءَ ۾ وجهندڙ سمجهي نيچ ڄاڻي ۽ هي امر جيڪڏهن خدا تعاليٰ جل شانه جي طرف کان ڄاڻي قضا ۽ قدر جي شڪايت تي خيال ڪندو ته ڪفر ۾ داخل ٿيندو. جهڙيءَ طرح اسان مٿي لکيو آهي ۽ ڪو ئي بيت اهڙو نه آهي، جنهن جي معنيٰ ڌار ڌار صورتن ۾وزن نه وٺي. هي امر ٻڌڻ واري جي ڪثرت عمل ۽ دل جي صفائي تي موقوف آهي. حالت چوٿين: هيءَ آهي ته راڳ ٻڌڻ وارو احوالن ۽ مقامن کي طئي ڪري ويو هجي (خدا تعاليٰ جل شانه کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻي ) ۽ پنهنجي نفس، احوال ۽ معاملي ۾ سڀ کان اهڙو مدهوش ۽ بي خبر هجي، ڄڻ عين مشهود جي درياءَ ۾ مستغرق آهي ۽ ان جو حال انهن عورتن جهڙو هجي، جن حضرت يوسف + جي حسن ۽ جمال جي ڏسڻ وقت پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا ۽ اهڙيون ته مدهوش هيون، جو هٿن جي وڍجڻ جو به معلوم نه ٿين. اهڙيءَ حالت کي صوفي ’فنا في النفس‘ يعني پاڻ کان نڪري وڃڻ چوندا آهن ۽ سالڪ صوفي جڏهن پنهنجي نفس کان فنا ٿي ويندو آهي، تڏهن اُهو بلڪل ذات واحد مشهود جي ٻين سڀني چيزن کان ۽ پڻ مشاهدي ڪرڻ کان به فنا ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن سندس دل مشاهدي جي طرف مائل ٿيندي يا نفس جي طرف متوجهه ٿيندي ته مان مشاهدو ڪري رهيو آهيان، تڏهن يقين ڄاڻو ته مشهود کان غافل رهندو. هن حالت کي ’پاڻ ڀانئڻ‘ چئبو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته مشهود جي عاشقن کي مشاهدي سان ڪجهه به لاڳاپو نه آهي، جهڙيءَ طرح ڪو ئي مئل چيز جو حريص جڏهن ان مئل چيز جي ڏسڻ ۾ زياده مستغرق ٿيندو آهي ته ان کي نه پنهنجي طرف ڏسڻ جو ميلاپ رهندو آهي نه اک جي طرف ڇنڀڻ کان رويت ٿيندي آهي ۽ نه ڪي دل جي طرف (جنهن کان لذت معلوم ٿيندي آهي) خيال رهندو آهي. اهڙيءَ طرح چرئي کي پنهنجي نشي جي خبر نه هوندي آهي ۽ نڪي لذت وٺڻ واري کي لذت وٺڻ جي طرف توجهه هوندو آهي. پر جنهن چيز کان لذت ٿيندي آهي، فقط ان جو حال ڄاڻندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به چيز جو ڄاڻڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ ان جي ڄاڻڻ جو علم وري ٻي ڳالهه آهي. مثال لاءِ جو شخص هڪ چيز جو عالم آهي ۽ جڏهن کيس ڪنهن چيز جي عالم هجڻ جو علم هوندو ته اُهو ان کان رؤگرداني ڪندو، هيءَ حالت ’فنا في النفس‘ جي ڪڏهن ته مخلوق جي حق ۾ اوچتي ظاهر ٿيندي آهي، مگر گهڻو ڪري هيءَ حالت بجليءَ وانگر فقط چمڪو ڏيندي آهي. بلڪه ثابت ۽ سدائين نه رهندي آهي. پر جيڪڏهن ثابت رهي ته ان جي بردباريءَ جو تاب انساني قوت ۾ بلڪل نه آهي. بعض وقتن ۾ ان جو تاب اهڙو هلاڪ ڪندو آهي، جو ان کان انساني نفس ڏاڍو هلاڪ ٿي ويندو آهي. جيئن جو ابو الحسن نوري جو قصو آهي ته هو هڪ راڳ جي مجلس ۾ حاضر هو، جتي هن مضمون جو شعر ٻڌايو: پہنچتا ہوں تیری الفت سے دائم ایسی منزل میں اترتے وقت جس میں ہوتی ہے عقلوں کو حیرانی (ترجمو) سي سخن ٻڌڻ سان کين وجد آيو ۽ وجد جي حالت ۾ اٿيو، جنهن طرف سندس منهن هو، هليو ويو. اتفاقاً هڪ اهڙي جهنگ ۾ وڃي پهتو، جتان ماڻهو بانس وڍي ويا هئا. باقي ان جون پاڙون يعني ناڙ تيز ڌارن وارا بيٺا هئا. پوءِ ته انهيءَ جهنگ ۾ برابر ٻئي صبح تائين هيڏانهن جو هيڏانهن ڊوڙندو رهيو ۽ مٿيون شعر وري وري ورجائيندو رهيو. آخر ته پيرن مان رت وهڻ لڳس، تان جو ٻئي پير پنين تائين ڳري ويس، جنهن کان پوءِ پاڻ تمام ٿورا ڏينهن جيئرو رهيو ۽ آخر واصل بحق ٿيو. اهڙيءَ طرح جي سمجهه ۽ وجد صديقن جو درجو آهي، هي درجو سڀني درجن کان اعليٰ آهي، جنهن ۾ نه نفس جي يادگيري رهي، نه احوال جي يادگيري رهي ۽ نڪي ان جي طرف ميلاپ ئي رهيو. جهڙيءَ طرح مصر جي عورتن جو هٿن ۽ ڇريءَ تي ميلاپ نه رهيو هو، جو شخص راڳ لله (خدا جي واسطي)، بالله (خدا سان)، في الله (خدا ۾)، من الله (خدا کان) ٻڌي، ته هي مرتبو به اهڙي ئي شخص جو آهي، جيڪو سمنڊ احوال ۽ اعمال جي کان پار ٿي بحر حقيقت ۾ ٽٻيون هڻندڙ آهي ۽ صفا توحيد ۾ محض اخلاص ۾ رلي ملي ويو آهي ۽ خوديءَ جو نشان ان ۾ ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ سندس انسانيت يا صفات بشريءَ کان يڪ قلم نفي ڪيل هجي. اسان جو مطلب فنا کان فنا جسم جي ناهي. بلڪه فنا دل مراد آهي. دل کان مراد گوشت ۽ رت جي نه آهي، بلڪه اُهو سرِ لطيف مراد آهي، جنهن جو قلب ظاهريءَ سان هڪ ڳجهو علائقو آهي. ان جي بعد ۾ سرِ روح آهي، جو خدا عزوجل جي حڪم سان آهي. ان کي جيڪو ڄاڻندو سو ئي سڃاڻيندو، جاهل ان جي ڄاڻڻ کان محروم آهي. ان سر جي واسطي هڪ وجود آهي، جا ان وجود جي اصل صورت آهي، سا ان ۾ موجود آهي. جڏهن ان جي اندر غير چيز موجود هوندي ته سواءِ حاضر چيز جي ٻي جو وجود نه رهندو. هن جو مثال روشن آئيني وانگر آهي، جو ان جي ذات کانسواءِ ان ۾ ٻيو ڪو ئي رنگ نه هوندو آهي، بلڪ جا چيز ان ۾ حاضر ٿيندي آهي، ته ان جي رنگ جهڙو آئيني جو رنگ ٿي ويندو آهي. ساڳيو ئي مثال شيشي جو به آهي جو خاص ان ۾ ڪو ئي رنگ نه هوندو آهي. بلڪ جا چيز ان جي اندر قرار وٺندي آهي، تنهن جي ئي رنگ سان رنگين ٿي ويندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ان شيشي جو رنگ اهڙو آهي، جو سڀني رنگن کي قبول ڪرڻ جو مادو منجهس موجود آهي، جيئن جو ڪنهن شاعر هن مضمون جو شعر چيو آهي: صہبا اور آبگینۂ مئے دونوں ہیں رقیق ہے ایک شکل دونوں کی اور ایک ہی آب و تاب گویا کہ ہے شراب نہیں جام کا وجود یا یہ کہو کہ جام ہے واں نہیں شراب۔ هي امر علم مڪاشفه جو آهي، جنهن مقامات تي بعض درويشن حلول ۽ اتحاد، ذات حق جي دعويٰ ڪري، انا الحق چيو، جهڙيءَ طرح مرشد نا و مولانا حضرت فقير قادر بخش قدس سره حلول ۽ اتحاد جي حال ۾ فرمايو آهي: مئن نون چاڪ نه ڄاڻين، شاهه هزارا به مئن هون. ويس چاڪان دا پرتئون پهريم، ساڏا سر سڃاڻين. نور نيارا به مئن هون! جنهن منصور نون بي سر ڪيتا، جي تون ويسهه آڻين، سو سر سارا مئن هون! من خدايم موج ۾ آکين، ٻي ڪنهن طرف نه تاڻين، حق اظهار به مئن هون! بيدل بيشڪ ظاهر باطن، ذات ۾ ذات سڃاڻين، سج چمڪارا مئن هون! هن سخن جي برخلاف انصاري فرقي وارا، جي عالم لاهوت ۽ ناسوت جي اتحاد جي دعويٰ ڪندا آهن، سي ڪجهه ٻيو پيا سمجهندا آهن، جهڙيءَ طرح انهن جي عبارت ۾ اختلاف آهي، پر هيءَ انهن جي غلطي آهي. انهن عاشقن جو ڪلام اهڙو آهي، جهڙيءَ طرح ڪوئي آئيني جي اندران واري سرخي ڏسي، سرخ رنگ چوي ۽ ايتري خبر نه رکي ته هي رنگ آئيني جو نه آهي، بلڪه ان چيز جو آهي، جا ان جي سامهون آهي، جنهن جو پرتؤ ان جي اندر پيل آهي. هن باري ۾ هڪ درويش جو سخن آهي: من نمي گويم انا الحق يار مي گويد بگو ورنه مي گويم مرا دلدار مي گويد بگو. ڳالهين لکندي اسان ٻين ڳالهين جو به بيان لکي ويا آهيون. هاڻي اصل مراد ڏانهن به رجوع ٿجي ٿو.   مقام ٻيو وجد بابت ٻيو مقام وجد آهي. جو سمجهڻ ۽ خيال ڪرڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. صوفي صاحب ۽ ٻيا حڪماءَ راڳ جي روحن سان هڪجهڙائي بنسبت سدائين تقريرون ڪندا آهن. ٻنهي فرقن جي وجد واري ماهيت بابت گهڻائي قول آهن. پهريائين اُهي قول نقل ڪجن ٿا، پوءِ جيڪي امر محقق آهن، انهن جو بيان ڪنداسين. صوفين جا قول هن باري ۾ هي آهن ته ذوالنون مصري سماع جي واسطي فرمائين ٿا ته: ”اهو حق جو وارد آهي ۽ انهيءَ ڪري آيل آهي ته دلين جي چرپر حق جي طرف ڪري“. ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو راڳ حق جي طرف يا سبب کان ٻڌبو، سو ”محقق“ آهي، جيڪڏهن ڪو ئي نفس جي سبب کان ٻڌندو ته اِهو ”زنديق“ ۽ ”ڪافر“ آهي. يعني وجد، راڳ ۾ دلين جو ميل حق جي طرف هجي ۽ جڏهن راڳ ٿئي ته حق موجود پائي ته پوءِ ان جو نالو وارد حق آهي. ابوالحسن دراج سماع ۾ وجد جو حال هن طرح فرمائين ٿا ته: ”وجد ان حالت جو نالو آهي، جا سماع جي وقت ٿئي“. ۽ پڻ فرمائن ٿا ته: ”سماع مون کي رونق جي ميدانن مان ڀڄائي وٺي ويو ۽ عطا جي وقت حق وارد هجڻ تي مون کي وجد ۾ وڌو، جنهن کان پوءِ جام صفا مان ڀري مون کي پياريو. ان جي پيئڻ جي سبب کان مون کي رضا جو درجو حاصل ٿيو ۽ رياض نزاهت ۽ فضا ۾ مون کي سير ڪرايو“. شبلي فرمائين ٿا ته: ”راڳ ظاهر ۾ فتنو آهي، پر باطن ۾ عبرت آهي، جيڪو ان اشاري کي سڃاڻيندو، ان کي اهو عبرت وارو راڳ ٻڌڻ حلال آهي، نه ته اُهو شخص طلب ڪندڙ فتني جو آهي، جو نيٺ بلا (مصيبت) ۾ پوندو“. بعضي اڪابرن جو فرمان آهي ته: ”معرفت وارن لاءِ راڳ روح جي غذا آهي“. جيئن جو چوندا آهن ته: ”ڳائڻ وارو بورچي آهي، نوش جان ڪندڙ ان طعام جو اهلِ معرفت جو درويش آهي ۽ ٻيا ماڻهو ٻڌندڙ ائين آهن، جهڙيءَ طرح سڪڻا يا بکيا ماڻهو فقط طعام جي خوشبوءِ کان فرحت وٺن“. ياد رکڻ گهرجي ته راڳ صاحبِ معرفت کانسواءِ ٻئي جي لاءِ روح جي غذا نٿو ٿي سگهي، انهيءَ سبب ڪري هيءَ وصف سڀني اعمالن کان باريڪ آهي، جنهن جي باريڪ هجڻ جو سبب طبيعت جي ئي رِقت کان حاصل ٿيندو آهي، تنهنڪري هي صاف ظاهر آهي ته سواءِ سرِ قلبي جي ٻي ڪنهن ڳالهه سان معلوم نه ٿيندو آهي. عمرو بن عثمان مڪي فرمائين ٿا ته: ”وجد جي ڪيفيت جي ڪو ئي به عبارت ادا ڪري نه سگهندو، ڇاکؤن جو هي ايماندار يقين وارن جي عبادات جي وقت جو الاهي راز آهي“. ۽ بعضي فرمائين ٿا ته: ”وجد حق جي طرف وارن مڪاشفات جو نالو آهي“. ابو سعيد بن اعرابي فرمائين ٿا ته: ”وجد اُهو آهي، جنهن ۾ حجاب دور ٿي وڃي ۽ دوست جو مشاهدو ٿئي، فهم موجود ٿئي، غيب ڏسڻ ۾ اچي، رازِ قلبي سان گفتگو ڪئي وڃي ۽ گم ٿيل حال پنهنجي خوديءَ جي زائل ڪرڻ سان حاصل ٿي وڃي“. ۽ هي به سندن قول آهي ته: ”وجد گهڻن ئي درجن جي درجات کان اول آهي. جڏهن سالڪ وجد جو مزو چاهيندا آهن ۽ انهن جي دلين تي الاهي نور چمڪندو آهي ته انهن کي باقي ڪو شڪ شبهه نه رهندو آهي“. هي به سندن قول آهي ته: ”ڀانئڻ ۽ ٻيا تعلقات يا اسبابن جو تعلق وجد کان منع ڪندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو نفس پنهنجي اسبابن جي سبب کان محبوب آهي. پوءِ جڏهن ان جا اسباب منقطع ٿي وڃن ۽ ذڪر خالص ٿي وڃي، دل هوشيار، رقيق يعني باريڪ ۽ صاف ٿي وڃي، نصيحت ان تي اثر ڪري، يا مناجات جي اجنبي مقام تي پهچي وڃي ۽ ان طرف کان خطاب ٿيڻ لڳي، خطاب گوش، هوش ۽ دل حاضر، سر ظاهر سان ٻڌي ۽ جا ڳالهه پاڻ ۾ موجود نه هئس، ان جو به مشاهدو ڪري، ان جو نالو وجد آهي، يا جا ڳالهه معدوم هئي، اُها موجود پاتي وڃي“. هي به سندن قول آهي ته: ”وجد اُهو آهي، جو هيٺين وقتن تي هجي: 1. ذڪر محرڪ جي وقت. 2. خوف قلق (پريشاني) وقت. 3. ڪنهن لطيفي چوڻ يا ڪنهن فائدي جي طرف اشاري ڪرڻ يا غائب جي طرف مشتاق هجڻ جي وقت. 4. گم شده تي افسوس ڪرڻ وقت. 5. گزشته تي نادم ٿيڻ وقت. 6. ڪنهن حال جي طرف ڇڪجي وڃڻ وقت يا ڪنهن واجب جي طرف مائل هجڻ وقت. 7. سر قلبي سان سرگوشي ڪرڻ وقت ٿئي.يا وجد جي حقيقت هي آهي ته ظاهر کي ظاهر جي مقابل ڪرڻ، يا باطن کي باطن جي طرف، غيب کي غيب جي طرف ۽ سر کي سر جي طرف مقابل ڪيو وڃي“. هاڻي معلوم ٿيندو ته علم وجد جو اِهو ئي آهي، جو بيان ڪيو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت صوفين جا قول پڻ وجد جي باري ۾ اهڙي قسم جا گهڻائي آهن. هاڻي حڪماء جا قول به ٻڌو، جو بعضي هيئن به چوندا آهن ته: ”دل ۾ هڪ عمدي فضيلت موجود هئي، جنهن کي قوت نطق (ڳالهائڻ واري قوت). لفظن جي صورت ۾ چئي نه سگهي، جنهن کان پوءِ نفس ان کي راڳ جي وسيلي ٻاهر ڪڍيو. جڏهن اها حالت ظاهر ٿي ته نفس خوش ٿيو، جنهنڪري ظاهري مناجات کي ترڪ ڪريو“. بعضي چوندا آهن ته: ”راڳ جي سبب کان جو طالب ڀرپور ٿي ويندو آهي. يعني جو فڪر کان خالي هجي، ان کي فڪر حاصل ٿئي ۽ جو ڪند فهم هجي، ان جي سمجهه تيز ٿي وڃي، جا ڳالهه صفا گم ٿي وئي هجي، اُها وري واپس حاصل ٿئي ۽ جيڪو ٿڪجي پيو هجي، سو چست ٿي وڃي، جو ميرو هجي، سو صاف ٿي وڃي، سڀ ڪنهن راءِ ۽ نيت ۾ جولاني ڪري درست چوي، خطا نه ڪري ۽ ڪم ڪري، مگر تاخير نه ڪري“. ٻئي به هڪ حڪيم چيو آهي ته: ”جهڙيءَ طرح فڪر، علم کي معلوميت جي راهه بتائي ٿو، اهڙيءَ طرح راڳ دل کي عالم روحانيءَ جي راهه بتائي ٿو“. ڪنهن شخص حڪيم کان پڇيو ته: ”سازن جي وزن ۽ گت تي هٿن پيرن جو بالطبع هلي وڃڻ ڪهڙي سبب کان آهي.“ جنهن تي هن چيو ته: ”هي عشق عقلي آهي. جڏهن ته عاشق عقلي پنهنجي معشوق سان، زباني گفتگو ڪرڻ کان محتاج آهي. اهڙو انسان ڪلام سرگوشي، تبسم، ابرو ۽ اکين جي لطيف اشاري سان ڪندو آهي. جيڪي سڀ چيزون ڳالهائيندڙ آهن. مگر روحاني زبان ۾ آهن، جيڪو سواءِ عقل جي سمجهه ۾ نه ايندا. جيڪي عاشق فقط ڍورن جهڙا آهن. اُهي پنهنجي زبان سان ئي گفتگو ڪندا آهن، پنهنجي ضعيف شوق ۽ کوٽي عشق جي تقرير زباني طور ڪندا آهن“. هڪ ٻئي حڪيم جو قول آهي ته: ”جو شخص غمگين هجي، ان کي نغمات ٻڌڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جڏهن نفس تي غم غالب ٿئي ٿو، تڏهن ان جو نور وسامي وڃي ٿو ۽ جڏهن خوش ٿيندو آهي، تڏهن ان جو نور جرڪندو ۽ چمڪندو آهي. جنهن جي رونق کان جڳ مڳ ٿيندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ جيتري قدر آدميءَ کي طاقت علميءَ جو مادو هوندو آهي ۽ ناپاڪائيءَ کان صفائي هوندي، اوتري قدر زياده اشتياق پيدا ٿيندو آهي“. معلوم هجي ته سماع ۽ وجد جي باري ۾ گهڻائي قول آهن. انهن سڀني جي بيان ڪرڻ جو ايترو گهڻو ضرور نه ٿو ڏسجي، ان ڪري اسان امر حق لکون ٿا، جنهن کي وجد چوڻ گهرجي. هاڻي واضح هجي ته وجد سماع جو ثمر يعني ڦر آهي. جا هڪ نئين حالت آهي، جا راڳ ٻڌڻ وارو، راڳ ٻڌڻ کان پوءِ پائي ٿو. هيءَ حالت ٻن قسمن کان خالي نه آهي، يا ته ان جو انجام اُهي مشاهدا ۽ مڪاشفا آهن، جي منجمله علوم ۽ تنبيهات ۾ ڳڻيا وڃن يا تغيرات ۽ احوال ۾ ڳڻيا وڃن، جيڪي قبيل علوم کان نه هجن. بلڪ مثال طور شوق، خوف، ڏک، بيقراري، خوشي، افسوس، شرمندگي، آزادي ۽ گرفتاريءَ جي سبب کان هجن، سماع هن حالت کي جوش ۾ آڻي ٿو يعني زياده ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن راڳ اهڙو ضعيف آهي، جو نڪي ظاهري بدن کي چرپر يا ماٺ بخشي يا ڪنهن ٻڌڻ واري جي حالت بدلائي (جو خلاف عادت هلڻ لڳي) گردن جهڪائي يا ڏسڻ ڳالهائڻ کان بس ٿي وڃي، ته اهڙي حالت کي ’وجد‘ نه چئبو، جيڪڏهن ظاهري بدن جو حال مٽجي ويندو ته ان کي وجد چئبو. جيتري قدر ظاهر بدن جو حال بدلبو، اوترو ئي وجد ذڪر ڪيل ضعيف يا قوي ٿيندو ۽ وجد جي چرپر به ايتري قدر زور واري ٿيندي. جيتري قدر قوت سان اُها حالت ايندي. ظاهر ۽ تغير کان محفوظ رهڻ بقدر وجد واري جي، زوراور هٿن پيرن جي قابو ۾ رکڻ کان ٿيندي آهي. اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته وجد باطن ۾ قوي ٿيندو آهي، مگر ظاهر تغير نه ٿيندو. ان جو سبب هي آهي ته وجد وٺڻ وارو قوي ٿي ويندو آهي. بعضي وقتن تي وجد ان حالت جديد جي ضعيف هجڻ کان به ظاهر ۾ اثر نه ڪندو آهي، ڇو جو اها حالت چرپر ڪرڻ ۾ ضبط ٿيل عقده کولڻ کان قاصر ٿيندي آهي. ابو سعيد بن اعرابي ان باري ۾ وجد جي تعريف ڪن ٿا ته: ”غيب جو مشاهدو، حضور فهم ۽ غيب جو ملاخطو ٿيندو آهي، جهڙي طرح مٿي بيان ڪيل آهي. بعيد نه آهي ته راڳ اهڙي چيز جي منڪشف هجڻ جو سبب هجي، جو پهريون مڪشوف نه هجي. ڇو ته ڪشف ڪيترن ئي سببن کان ٿيندو آهي. اول ته: تنبيهه کان به ٿيندو، ڪنهن حالت ۾ راڳ به تنبيهه ڪندڙ آهي. ٻيو ته: احوال بدلجڻ ۽ ان جي مشاهدي ۽ دريافت ڪرڻ کان به آهي، ڇو جو ان جي دريافت ڪرڻ ۾ به هڪ علم آهي. هي اهڙيون ته ڳالهيون واضح ڪري ٿو، جي اڳ معلوم نه هيون. ٽيون ته: دل جي صفائيءَ کان آهي، ڇاڪاڻ ته راڳ به دل جي صفائيءَ جو سبب آهي. چوٿون ته: دل جي قوي ٿيڻ کان آهي، سماع جي قوت کان دل جي خوشي ايتري قدر اڀري ٿي، جو ان جي شدت ۾ اُهي مشاهدا ڪري سگهجن ٿا، جن جي مشاهدي کان اڳ ۾ عاجز هيو. جهڙي طرح اٺ راڳ جي سبب ايڏو بوجهه کڻي سگهي ٿو جنهن جي کڻڻ جي طاقت اڳ ۾ ان ۾ نه هئي. جيئن جو دل کي عمل ڪشف هجڻ کان اسرار ملڪوت جو ملاحظو ٿيندو آهي، جنهن جو سبب هي آهي ته جڏهن دل قوي ٿيندي آهي ته ان جو عمل به زياده ٿيندو آهي، جهڙيءَ طرح اُٺ جي دل قوي هجڻ کان ان جو عمل زياده ٿيندو آهي. واضح هجي ته انهيءَ اسباب جي وسيلي کان به سماع ”ڪشف“ جو سبب ٿيندو آهي، بلڪ دل جڏهن صاف ٿيندي آهي ته بعضي وقت امر حق ان جي اڳيان صورت وٺي سوجهڻ لڳندو آهي، يا لفظ منظوم جي صورت ۾ اچي ان جي من ۾ پوندا آهن. اِنهيءَ آواز ۾ جيڪڏهن بيداري هوندي آهي ته آواز کي ”هاتفي آواز“ چئبو آهي، ننڊ جي حالت ۾ کيس ”خواب“ چئبو آهي. هيءَ حالت ”نبوت“ جي ڇائيتاليهن حصن مان هڪ حصو آهي، امر حق به اهڙيءَ آدميءَ تي واضح ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ علم معامله کان ان علم جي سچائي خارج آهي، مگر تجربو شاهد آهي ته صلحاء (هدايت بخشيل ٻانهن) کي اهڙيءَ طرح جا معاملا پيش ايندا آهن. جهڙيءَ طرح محمد بن مسروق بغدادي چون ٿا ته: ”جن ڏينهن ۾ مان جاهل هوس، ته هڪ رات نشي جي حالت ۾ هي شعر چوندو ٻاهر ميدان ۾ گهمڻ لاءِ ويس. گزرتا ہوں جس دم باغِ زر پر طور سینا کے عجب کرتا ہوں ان لوگوں پر جو پیتے ہیں پانی کو۔(ترجمو) ان دم پريان ائين ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ته ڄڻ ڪو چوي ٿو ته: جہنم میں وہ پانی ہے اگر کوئی پیئے اس کو تو اک دم میں گلا ڈالے وہ معمارِ نہانے کو (ترجمو) اهو آواز منهنجي لاءِ توبهه ڪرڻ ۽ علم عبادت ۾ مشغول هجڻ جو سبب ٿيو.“ هاڻي ڏسو ته راڳ ان جي دل جي صفائيءَ ۾ ڪهڙو اثر ڪيو، جو حقي ڳالهه جي حقيقت جهنم جي وصف ۾ صورت ڌاري ۽ موزون الفاظ بڻجي، ان جي گوش هوش ۾ داخل ٿيا. ”مسلم عباداني “ چوي ٿو ته: ”مون وٽ هڪڙي ڀيري عتبه غلام، صالح مري، عبدالواحد بن زيد ۽ مسلم اسواري تشريف فرما ٿيا. جنهن کان پوءِ درياهه ڀر تي وڃي آسڻ ڪيو سون، مان هڪ رات انهن جي لاءِ ماني تيار ڪرائي ۽ دعوت ڪئي، جڏهن طعام آيو ته ان دم غيب مان هڪ آواز آيو: یاد تم کو نہیں کھانوں کے مزے میں عقبیٰ کچھ نہ کام آئے گی یہ لذتِ نفس آخر کار۔(ترجمو) اهو ٻڌندي ئي عتبه غلام هڪ دانهن ڪئي ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو ۽ سندس ٻيا دوست به روئڻ لڳا، طعام جيئن جو تيئن پيو رهيو، ڪنهن هڪ گرهه به نه کاڌو“. جهڙيءَ طرح قلب جي صفائيءَ وقت هاتف جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، اهڙيءَ طرح اکين سان صورت حضرت خضر + جي به سوجهڻ ۾ ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهل دل وارن اڳيان مختلف صورتن ۾ شڪل ڌاريندو آهي. يا پڻ اهڙين حالتن ۾ فرشتا انبياء j جي اڳيان صورت ڌاريندا آهن. پنهنجي حقيقي صورت ۾ يا اهڙي شڪل ۾ جو ڪجهه قدر ان جي اصلي صورت سان مشابهت رکندي آهي. آنحضرت ﷺ جن جبرئيل +کي ٻه ڀيرا سندن اصلي صورت ۾ ڏٺو ۽ ارشاد فرمايو ته: ”اِنهيءَ افق آسماني کي روڪي ڇڏيو“. هيٺين آيتن شريفن مان به اهائي مراد آهي: عَلَّمَهُ شَدِيْدُ الْقُوٰى؀ ذُوْ مِرَّةٍ فَاسْتَوٰى ؀ وَهُوَ بِالْأُفُقِ الْأَعْلٰي؀ (1) (ان کي سيکاريو سخت قوتن واري زور آور، پوءِ سڌو ويٺو ۽ اُهو هيو اوچي ڪناري آسمان جي) ۽ اهڙي حالت ۾ آدميءَ کي دلين جو حال معلوم ٿي ويندو آهي. جنهن کي تفرس (ڏسڻ شرط سڃاڻي وٺڻ) چوندا آهن. انهيءَ سبب ڪري آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته: اِتَّقُوْا فِرَاسَةَ الْمُؤْمِنِ فَاِنَّهُ يَنْظُرُ بِنُوْرِاللهِ(2) (ڊڄ مومن جي دانائيءَ ۽ عقلمنديءَ کان جو، اُهو ڏسي ٿو الله تعاليٰ جي نور سان). چوندا آهن ته ڪوئي يهودي مسلمان وٽ ويندو هو ۽ سدائين هن حديث جي معنيٰ پڇندو هو، ماڻهو جيڪا معنيٰ بيان ڪندا هئا، ان مان کيس تسلي نه ٿيندي هئي. هڪڙي ڀيري اُهو يهودي ڪنهن صوفي صاحب باطن واري وٽ ويو، جنهن کان هن اُهو ئي سوال ڪيو. جنهن فرمايس ته: ”جو زنار تنهنجي ڪپڙن جي اندر چيلهه سان ٻڌل آهي، ان کي تون ڇني ڇڏ“. يهوديءَ چيو ته: ”توهان سچ ٿا چئو، انهيءَ حديث شريف جي تحقيق اِها معنيٰ آهي“.۽ مسلمان ٿيو، جنهن کان پوءِ چيائين ته: ”هاڻي مون ڄاتو ته توهان ايماندار آهيو ۽ توهان جو ايمان سچو آهي“. اهڙيءَ طرح ابراهيم خواص فرمائين ٿا ته: ”مان جامع مسجد بغداد ۾ ڪيترن ئي درويشن سان گڏ ويٺو هوس، ته ايتري ۾ هڪ جوان ظريف خوبصورت آيو. مون پنهنجي يارن کي چيو ته مون کي معلوم ٿو ٿئي ته هي شخص يهودي آهي. منهنجي سڀني دوستن کي اِها ڳالهه نه وڻي. آخر مان اٿي ٻاهر ويس ۽ اهو شخص به هليو ويو، وري موٽي اچي، منهنجي دوستن کان پڇڻ لڳو ته شيخ منهنجي باري ۾ ڇا ٿي فرمايو، اِنهن سچي ڳالهه ٻڌائڻ کان نٽايو ٿي، مگر ان زور ڀريو ته سچي ڳالهه ڪريو، تڏهن انهن چيو ته شيخ تنهنجي لاءِ پئي چيو ته يهودي آهي. پوءِ اهو يهودي مون وٽ آيو ۽ منهنجا هٿ وٺي، نوڙي منهنجي مٿي تي چمي ڏنائين ۽ مسلمان ٿيو. چوڻ لڳو ته مان پنهنجن ڪتابن ۾ هي مضمون ڏٺو آهي ته صديق يعني سچي جي دانائي خطا نه ٿيندي آهي. تڏهن مون چيو ته اڄ مسلمانن جو امتحان وٺجي ۽ جيڪڏهن مسلمانن ۾ صديق هوندا ته درويشن جي فرقي مان هوندا، ڇاڪاڻ جو اِهي خدا تعاليٰ جل شانه جو ذڪر ڪندا آهن. انهيءَ سبب ڪري مان توهان جي مجلس ۾ صورت بدلائي آيس ۽ جڏهن شيخ منهنجو احوال دريافت ڪيو، تڏهن مان ڄاتو ته اِهو ئي صديق آهي“. معلوم هجي ته اُهو يهودي شخص بعد ۾ وڏو درويش، صوفي صاحب، واصل بالله ٿيو. هن قسم جي ڪشف بابت هيٺئين حديث شريف ۾ اشارو آهي: لَوْلَا اِنَّ الشَّيَاطِيْنَ يَحُوْمُوْنَ عَليٰ قُلُوْبِ بَنِيْ آدَمَ لَنَظَرُوْا اِليٰ مَلَکُوْتِ السَّمَاءِ(1) (شيطان به جيڪڏهن بني آدم جي دلين جي چوڌاري نه گهمي ته بني آدم آسمان جي ملڪوت جو نظارو ڪري) شيطانن جو دورو به انهي وقت ٿيندو آهي، جڏهن انسان صفات بد سان ڀريل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته شيطانن جو اِهو ئي تماشي گاهه آهي. جو شخص انهيءَ صفات کان پنهنجي دل کي صاف ڪندو ته شيطان ان جي دل جي چوڌاري نه ڦرندو، جيئن جو الله تعالي جل شانه فرمائي ٿو: إِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِيْنَ(2) (مگر جي تنهنجا چونڊيل بندا آهن) ۽ فرمايو آهي ته: إِنَّ عِبَادِيْ لَيْسَ لَكَ عَلَيْهِمْ سُلْطَانٌ(3) (جي منهنجا بندا آهن، تنهنجو انهن تي ڪجهه زور نه آهي) معلوم هجي ته راڳ دل جي صفائيءَ جو سبب آهي ۽ صفائيءَ جي سبب کان حق جي باري چوڻ ۾ ايندو آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ حق کانسواءِ ٻيو ڪجهه به سمايل نه آهي. هن ڳالهه تي هي قصو نقل ڪجي ٿو ته: ”حضرت ذوالنون مصري بغداد ۾ جڏهن آيا ته انهن وٽ ڪجهه صوفي ملڻ آيا، جن سان هڪ قوال به ساڻ هيو، جنهن لاءِ کانئن اجازت گهريائون ته هي قوال ڪجهه ڳائي؟ پاڻ اجازت ڏنائون، جنهن تي اُن قوال هن مضمون جو شعر چيو: تیری چھوٹی سی الفت نے ستایا بڑی ہوگئی تو وہ ہوگی کس غضب کی اکٹھی کردی تو نے دل میں میرے محبت جو کہ باہم مشترکہ تھی نہ آیا ترس تجھ کو اس حزیں پر ہنسی بے غم تو وہ کرتا ہے زاری۔ (ترجمو) حضرت ذوالنون مصري اهو ڪلام ٻڌندي ئي اٿي کڙا ٿيا ۽ منهن ڀر ڪري پيا، پوءِ هڪ ٻيو شخص مجلس مان اُٿيو، جنهن تي پاڻ فرمايائون: اَلَّذِيْ يَـرَاكَ حِيْنَ تَقُومُ(1) (جو ڏسي ٿو توکي، جڏهن تون اٿين ٿو) پوءِ اهو شخص ويهي رهيو، جيئن جو کين ان جي دل جو حال معلوم ٿيو، ته هي تڪليف سان وجد ڪري ٿو. تنهنڪري ان کي منع ڪيائون ته جيڪڏهن الله تعاليٰ جي محبت کانسواءِ اٿندين ته اُهو ئي تنهنجو مدعي ٿيندو، جو اٿڻ وقت توکي ڏسي ٿو. جيڪڏهن اُهو مرد سچو هجي ها ته هرگز نه ويهي ها. مطلب ڳالهه جو ته وجد يا مڪاشفه جو بيان، جو واجبي ۽ حقي هو، سو لکيوسون، هاڻي معلوم هجي ته انهي حالت مان هر هڪ حالت جا ٻه قسم آهن: هڪ اُها حالت آهي: جنهن جو فرحت ۾ اچڻ کان پوءِ بيان ڪري سگهجي. ٻي اُها حالت آهي: جنهن جو بيان ڪري نه سگهجي. شايد اوهان هي امر بعيد ڄاڻو ته اهڙي حالت ۽ علم ڪيئن هوندو، جنهن جو بيان ئي نه ڪري سگهجي. تنهن جو جواب هيءَ آهي ته اِها حقيقت اوهان کي پنهنجي حالات مان به ملي سگهندي. علم جو مثال هي آهي ۽ اڪثر ائين هوندو آهي ته ڪنهن قاضيءَ وٽ ٻه مسئلا هڪ ئي نوعيت جا پيش ٿيندا آهن ۽ اهو پنهنجي ذهن ۾ انهن ٻنهي جو فرق حڪم ۾ ڄاڻي ٿو. مگر جيڪڏهن ان کان ڪو ئي فرق پڇندو ته زبان چيو نه ڪندي اٿس، جو فرق بيان ڪري سگهي. پوءِ توڙي ڪيترو به فصيح هجي، پر فرق معلوم ڪرڻ جو به هڪ علم آهي، جو ذوق سان دريافت صرف دل ڪندي آهي. ان ۾ به شڪ ڪري نٿو سگهجي ته دل ۾ اهڙي فرق پوڻ جو ڪو ئي سبب آهي. خدا تعاليٰ جل شانه جي نزديڪ ان جي ڪا ئي حقيقت ضرور آهي، مگر ٻڌائي نٿو سگهجي، نه انهيءَ ڪري ته ان جي زبان ۾ ڪجهه قصور آهي. بلڪه انهيءَ سبب کان ته خود اِها معنيٰ دقيق آهي، جا لفظن ۾ اچي نه ٿي سگهي. جي ماڻهو هميشه ڏکيا ۽ مشڪلات جهڙا بحث ڪندا آهن، انهن کي هيءَ ڳالهه معلوم آهي ته ائين برابر ٿيندو آهي. ”حال“ جو مثال هي آهي ته اڪثر ماڻهن کي ڪنهن خاص وقت تي دل جي گرفتاري يا آزادي هوندي ئي معلوم ٿي ويندو آهي. مگر ان جو سبب نه ڄاڻندا آهن ۽ بعضي وقتن آدمي ڪنهن چيز جو فڪر ڪندو آهي ۽ ان کان سندس دل تي اثر ٿيندو آهي. پوءِ انهيءَ سبب کان ڀلجي ويندو آهي ۽ فقط اثر دل ۾ محسوس ڪندو آهي. ڪڏهن ته هيءَ خوش حالت ٿيندي آهي، جو ڪنهن اهڙي سبب جي سوچڻ کان (جو باعث خوشي هجي) دل کي قرار اچي ويندو آهي. يا ڏک جي حالت ۾ ڪنهن غم جي ڳالهه ڪرڻ سان پيدا ٿيندي آهي ۽ جنهن ڳالهه جو ذڪر ٿيو ٿي اُها يادگيريءَ کان لهي ويندي آهي. مگر ان کانپوءِ به ان جو اثر باقي رهندو آهي. هيءَ حالت ڪڏهن ته اهڙي عجيب ۽ غريب ٿيندي آهي، جو ان کي نه ڪي خوشي نه ڪي ڏک چئبو آهي ۽ نه وري ڪو ئي ٻيو اهڙو لفظ ملندو آهي، جو ان جي پوري معنيٰ بتائي ۽ نيت ظاهر ڪري، بلڪ ذوق وزن واري شعر جو وزن واري ۽ بي وزن ۾ تميز ڪري ته اهڙو آهي. جو ڪنهن ۾ هوندو آهي ته ڪنهن ۾ نه هوندو آهي ۽ هيءَ به هڪ حالت آهي جا ذوق وارا معلوم ڪندا آهن ته هي وزن واري آهي ۽ هيءَ بي وزن آهي. مگر جنهن کي ذوق نه آهي، ان جي اڳيان اهڙيءَ طرح بيان ڪري نه سگهبو، جنهن کان مراد روشن ٿي پوي. نفس ۾ جيڪي عجيب ۽ غريب احوال آهن، انهن سڀني جي به اِهائي حقيقت آهي، بلڪ خاص حالتون، خوف ۽ خوشيءَ جون ته راڳ کان ٿينديون آهن. اهي جيڪر سمجهه ۾ اچن، پر تارن جا باجا ۽ تمام ساز جي سمجهه ۾ نه ٿا اچن، انهن کان به نفس ۾ عجب تاثير ٿئي ٿو ۽ ان عجيب اثر جو بيان لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن نه آهي. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اِن کي شوق سان تعبير ڪندا آهن. پر جيڪڏهن تحفه- شوق آهي ته ان جو حال مشتاق کي به معلوم نه آهي. مثال طور جنهن جي دل تارن جي باجي، شاهين ۽ اهڙين چيزن جي ٻڌڻ سان بيقرار ٿيندي آهي، پر هُو اِهو نه ڄاڻندو آهي ته آخر ڪار دل ڪهڙي چيز جي مشتاق آهي يا جنهن لاءِ بيقرار آهي. دل ۾ وري اهڙي حالت پائي ٿو، ڄڻ ڪنهن ڳالهه جي گهر ڪندڙ آهي. مگر هي معلوم نه اٿس ته اُها ڇا آهي؟ جيتوڻيڪ هيءَ حقيقت انهن عام ماڻهن جي به آهي، جن جي دل تي نه آدميءَ جي محبت غالب ٿيندي آهي، نه ڪي الله تعاليٰ جل شانه جي محبت غالب ٿيندي آهي. هن ڳالهه ۾ هڪ ڀيد آهي، اُهو هي آهي ته سڀ ڪنهن قسم جي شوق جا ٻه پهلو آهن: هڪ ”صفت مشتاق“ جي يعني مشتاق کي رنگ- مناسبت واري طرف اشتياق هجي، ٻيو ”مشتاق اليه“ جي صورت جو سڃاڻڻ ۽ ان جي طرف پهچڻ جي صورت معلوم هجي. پوءِ جيڪڏهن آدميءَ ۾ شوق جا ٻئي رڪن پاتا وڃن، تڏهن ظاهر آهي ته شوق ۾ بيقرار هجڻ بعيد نه آهي، جيڪڏهن صرف اِها صفت هجي، جنهن سان شوق آهي، مگر مشتاق اليه جو علم نه آهي، ته پوءِ جنهن وقت اُها صفت (شوق بخشڻ واري) چرپر ڪندي ۽ ان جي باهه ڀڙڪو ڏئي اٿندي ته دهشت ۽ حيرت جي مثال ٿيندي. مثال طور ڪو ماڻهو اهڙيءَ طرح پلجي ۽ نپجي، جو عورتن جي صورت نه ڏسي ۽ نه جماع جي صورت کان واقف هجي، پوءِ جڏهن اُهو بالغ ٿيندو ته ان تي شهوت جي باهه اثر ڪندي، تڏهن پنهنجي نفس ۾ شهوت جي باهه محسوس ڪندو، مگر اِهو نه ڄاڻندو ته هي اشتياق جماع جو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ان ڳالهه کان واقف نه آهي ۽ نڪي عورت جي صورت ڏٺي اٿس. اهڙيءَ طرح آدميءَ ۾ صفت شوق ڏيارڻ واري موجود آهي. يعني ان جي ملاء اعليٰ سان مناسبت آهي ۽ جن لذتن جو وعدو ان سان ”سدرة المنتهيٰ“ ۽ ”بهشت برين“ ۾ ٿيل آهي، اُهو ان جو ”مشتاق اليه“ آهي، مگر ان جي خيالن ۾ انهن ڳالهين جو علم سواءِ صفات ۽ نالن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. جهڙيءَ طرح ڪوئي لفظ جماع ۽ عورتن بابت ٻڌي يا ڪڏهن ڪنهن عورت يا مرد جي صورت نه ڏٺي هجي ۽ نه ڪا پنهنجي صورت آئيني ۾ ڏٺي هجي، جو ان تي قياس ڪري ڄاڻي سگهي. هاڻي جيڪڏهن راڳ ٻڌڻ سان ڪنهن جو شوق چرپر ڪري ٿو. مگر جيئن جو جِهل جي زيادتي ۽ دنيا ۾ مشغول هجڻ سبب اهو پنهنجي نفس ۽ پروردگار کان ڀلجي ويو آهي ۽ پنهنجو اهو ٽڪاڻو به ياد اٿس، جنهن جي طرف ان جو شوق آهي. انهيءَ لاءِ هن جي دل ۾ اهڙي ڳالهه جي به طلب ٿيندي آهي، جا ڄاڻي نه سگهندو آهي ته اِها ڇا آهي، تنهنڪري پوءِ مدهوش، حيران ۽ بيقرار ٿيندو آهي، جنهنڪري اُهو گهٽن گهُٽي ماڻهوءَ وانگر ٿي ويندو آهي. جنهن کي ان درد جي نجات جي حقيقت معلوم نه هجي، مطلب ته اهڙيءَ طرح جي حالتن جي حقيقت پوريءَ طرح معلوم ٿي نه سگهندي آهي، نڪي حال وارو ئي ان بابت تقرير بيان ڪري سگهندو آهي. انهيءَ تقرير مان معلوم ٿيندو ته وجد ٻن قسمن جو آهي. هڪڙو اُهو: جنهن جو بيان لفظن ۾ ٿي سگهي. ٻيو اُهو: جو بيان ٿي نه سگهي. ان مان معلوم ڪرڻ گهرجي ته وجد جا ٻه قسم آهن: هڪڙو اُهو: جو خود بخود دل تي انبوهه ڪري. ٻيو اُهو: جو تڪليف سان وجد ڪيو وڃي. ان ٻيءَ طرح جي صورت کي حال وٺڻ چوندا آهن. جيڪڏهن حال وٺڻ ۾ نيت، دل جي مراد جي برخلاف (ريا) هجي، يا پاڻ ۾ شريف احوال ظاهر ڪرڻ بابت هجي. توڙي اڳ ۾ ان کان مفلس آهي، تڏهن به خراب آهي، پر جيڪڏهن احوال شريف پنهنجي اندر اصل ڪرڻ ۽ ان جي ڪسب ڪرڻ جي تدبير سان ڇڪي وٺڻ گهري ٿو ته چڱو آهي. انهيءَ نظر سان ته آخر ڪسب کي احوال شريف جي ڇڪي وٺڻ ۾ دخل آهي. آنحضرت ﷺ جن پڻ فرمايو آهي ته: ”قرآن شريف جي تلاوت ۾ جنهن کي روئڻ نه اچي ته هو روئڻ جهڙي صورت ڪري“ (1). ۽ تڪليف وٺي ڏک ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ڇو جو هي احوال شروع ۾ ڪيترو به تڪلف سان ڪيو وڃي ٿو، مگر پڇاڙيءَ ۾ محڪم، ثابت ۽ محقق ٿيندو آهي، جنهن جو انڪار ٿي نٿو سگهي. ڇو ته جو شخص قرآن مجيد گهڻي تڪليف سان ياد ڪندو آهي، يا تڪلف سان ڏاڍو سوچي سوچي ڌيان ڏئي پڙهندو آهي. مگر ياد ٿيڻ کان پوءِ زبان تي اهڙو چڙهي ويندو آهي. ايتري قدر جو نماز وغيره يا غفلت جي حالت ۾ پڻ صحيح سورت پڙهي ويندي آهي ۽ ختم ڪرڻ بعد جڏهن هوشيار ٿيندو آهي، تڏهن وڃي خبر پوندي اٿس ته غفلت جي حالت ۾ پڙهيم. اهڙيءَ طرح ڪاتب به اول ۾ لکڻ جي ڏاڍي محنت ڪندو آهي. پوءِ جڏهن مشق پچي ويندي اٿس ته لکڻ ۾ تڪڙو ۽ خوش خط ٿي ويندو آهي. ايتري قدر جو ورقن جا ورق لکندو ۽ نقل ڪندو ويندو آهي، توڙي جو دل ڪنهن ٻئي فڪر ۾ پئجي ويندي اٿس. مطلب ته جنهن صفت کي نفس ۽ عضوا قبول ڪن، ان ڪم اختيار ڪرڻ يا پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ هن طرح ٿيندو آهي، جو تڪليف ۽ بناوٽ ڪرڻي پوندي آهي. پڇاڙي ۾ ڪثرت سبب وحدت ٿي ويندي آهي. انهيءَ قول مان اهو ئي مطلب آهي ته هيءَ عادت پنجين آهي. هتي طبع کان مراد عناصر جي آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن شخص جي اندر احوال شريف گم ٿيل هجي ته ان کي نااميد ٿيڻ نه گهرجي، بلڪ ان کي تڪليف وٺي راڳ سان يا ڪنهن ٻئي حيلي سان حاصل ڪرڻ گهرجي. اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي، ته جنهن شخص ڪنهن ٻئي شخص تي عاشق ٿيڻ گهريو آهي ۽ پهريائين ان تي عاشق نه هو، پوءِ هن اِهو حيلو ڪيو، جو پنهنجي اڳيان سدائين ان جو ذڪر ٻڌڻ ۽ جي ڳالهيون ان ۾ عمديون يا سهڻا لڇڻ هيا، انهن جي تقرير ڪرڻ ۽ هميشه ان جي طرف ڏسڻ شروع ڪيو. آخر ته ان تي عاشق ٿي پيو، تنهنڪري هن جي دل ۾ عشق اهڙو ته ڄمي ويو، جو حد اختيار کان ٻاهر نڪري ويو، جنهن کانپوءِ هن جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ڇڏائي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جل شانه جي محبت ۽ ان جي ديدار جو شوق يا ان جي رنج ٿيڻ جو خوف ۽ ٻيو احوال شريف جيڪڏهن آدميءَ ۾ نه هجي ته ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس حيلو ڪرڻ گهرجي يا جيڪي ماڻهو انهن حالتن سان موصوف آهن، انهن وٽ ويهي ۽ انهن جو احوال ڏسي، انهن جي صفات جو دل ۾ چڱو خيال رکي ۽ راڳ ٻڌڻ ۾ انهن جو شريڪ ٿئي، خدا تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعا ۽ زاري ڪري ته اهڙي حالت مون کي به عنايت ڪر، ان جو سامان منهنجي واسطي موجود فرماءِ. هن باري ۾ دل کي يقين بخشيندڙ مرشدنا، مولانا حضرت فقير بيدل صاحب جو سڳورو سخن نقل ڪجي ٿو:  سدا رکن سبحان جو، نظارو نيهي، وٽئون تن ويهي، سور پرائي آءُ تون!  سدا رکن سبحان جي، واڍوڙا واکاڻ، من احبّ شيءِ اڪثر ذڪرہ، عشق اِهو اهڃاڻ، رندي رمز رهاڻ، سڻي سوز پراءِ تون!  سدا رکن سبحان جو، ذڪر منجهارون ذوق،  'من اراد ان يّجلس مع الله فليجلس مع اهل تصوف'، پڇج انهن جي جهوڪ لڪي منجهان لوڪ، ڪا لَنءُ لائيج اُن سين! سدا رکن سبحان جي منجهان پرت پچار،  مـا يـنـطـق عـن الـهــويٰ، عـارف ان آچـار، تـنـيـن جـي تـنـوار، جـڏا روح جـيـاريـا!  سدا رکن سبحان جي، وسوڙيل وائي، تنين کؤن جائي، راحت رسي روح کي،  راحت رسي روح کي، ان جي پسي جوءِ، ’تعرف في وجوههم نضرة النعيم، سندن روشن روءِ‘ خاصن جي خوشبوءِ، مون من مستان ڪيو. ياد رکڻ گهرجي ته جو شخص ٻئي وٽ ويهندو آهي ته ان جي صفات هن جي اندر ائين گهڙي ويندي آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾، جنهن جي هن کي خبر به نه رهندي آهي. جهڙيءَ طرح سنڌيءَ ۾ عام پهاڪو آهي: ’ڪارو ٻڌ ڪٻري سان رنگ نه مٽي ته عادت ضرور مٽي‘، اهڙيءَ طرح سچن درويشن جي صحبت ۾ جو ڪجهه راز رهندو، تنهنجو بيان ويچاري زبان کي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. جهڙيءَ طرح هڪ درويش جو سخن آهي. پارس اور سنت میں بڑا ہی انترہ جان یہ لوہے کو سونا کرے، وہ کرے آپ سمان محبت وغيره جي احوال حاصل هجڻ تي پڻ آنحضرت ﷺ جن جو هيءُ ارشاد واضح دليل آهي، جو پاڻ دعا ۾ فرمايائون: اَللّٰهُمَّ ارْزُقْنِيْ حُبَّکَ وَحُبَّ مَنْ يُّحِبُّکَ وَ حُبَّ مَنْ يُّقَرِّبُنِيْ اِليٰ حُبِّکَ (1) (الله مون کي بخش ڪر پنهنجي محبت ۽ ان شخص جي محبت، جو تو سان محبت رکي ۽ ان شخص جي محبت، جو تنهنجي محبت سبب قريب ڪري) هاڻي ڏسو ته انهيءَ دعا ۾ پاڻ محبت جي طلب فرمايائون، جيڪڏهن هيءَ امر سرشت هجي ها ته ان جي درخواست ڪيئن ڪن ها. هن بيان مان معلوم ٿيو ته وجد جا ٻه قسم آهن: پهريون مڪاشفي جي حالت ۾، جنهن جا وري ٻه قسم آهن: هڪ اُهو، جنهن جو اظهار ڪرڻ ممڪن هجي، ٻيو اُهو جنهن جو اظهار ڪرڻ ممڪن نه هجي. اهڙيءَ طرح وجد جا ٻيا به ٻه قسم آهن: هڪ اهو جو تڪليف سان هجي. ٻيو اُهو جو طبعي هجي. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئو ته ڪهڙي ڳالهه آهي، جو صوفين کي قرآن شريف ٻڌڻ سان وجد نٿو ٿئي ۽ راڳ تي وجد ظاهر ٿيندو آهي، جو فقط شاعرن جو ڪلام آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته راڳ شايد قرآن مجيد کان وڌيڪ آهي (نعوذبالله) ان جو جواب هي آهي ته جيڪو وجد سچو ٿيندو آهي ۽ الله تعاليٰ جل شانه جي زيادتي محبت سچي ارادي ۽ ان جي شوق ديدار سان پيدا ٿيندو آهي، ته اهڙيءَ طرح جو وجد قرآن شريف جي ٻڌڻ سان به جوش ڪندو آهي، پر جو وجد خلق جي محبت ۽ مخلوق جي عشق کان ٿيندو آهي، اُهو البته قرآن شريف جي ٻڌڻ سان به جوش ۾ نه ايندو آهي. قرآن شريف ٻڌڻ کان وجد ٿيڻ تي خود قرآن شريف گواهه آهي، جو الله تعاليٰ جل شانه فرمايو آهي ته: أَلَا بِذِكْرِ اللهِ تَطْمَئِنُّ الْقُلُوْبُ(1) (الله تعاليٰ جي ياد ڪرڻ سان ئي دل آرام پائي ٿي) مزيد فرمايو آهي: تَقْشَعِرُّ مِنْهُ جُلُودُ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ ثُمَّ تَلِيْنُ جُلُودُهُمْ وَقُلُوبُهُمْ إِليٰ ذِكْرِ اللهِ(2) (ڪتاب پڙهندي) وار کڙا ٿي ويندا آهن. ان کان انهن ماڻهن جا، جي ڊڄندا آهن پنهنجي رب کان، پوءِ نرم ٿينديون آهن انهن جون کلون ۽ دليون الله تعاليٰ جي ياد تي) معلوم ٿيندو ته تسلي ۽ بدن تي رونءَ کڙي ٿيڻ، خوف ۽ دل جي نرمي جو، انهن آيتن ۾ جن جو ذڪر آهي، وجد ئي آهي. انهيءَ سبب ڪري وجد اهو هوندو آهي جو ٻڌڻ کان پوءِ هڪ حالت نفس ۾ پاتي وڃي، جنهن لاءِ ٻئي هنڌ ارشاد آهي: إِنَّمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ إِذَا ذُكِرَ اللهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ(3) (ايمان وارا اُهي آهن، جڏهن نالو الله جو اچي ته دل انهن جي ڊڄي وڃي) پڻ فرمايو آهي: لَوْ أَنْزَلْنَا هٰذَا الْقُرْآنَ عَلٰى جَبَلٍ لَّرَأَيْتَهُ خَاشِعًا مُّتَصَدِّعًا مِّنْ خَشْيَةِ اللهِ(4) (جيڪڏهن مان نازل ڪريان هي قرآن ڪنهن جبل تي، ته تون ڏسين ته اِهو پيهي وڃي ۽ ڦاٽي وڃي الله جي خوف کان) انهن آيتن ۾ ڀؤ، عاجزي ۽ خوف، وجد آهي. ليڪن وجد ڪڏهن ڪڏهن ”مڪاشفات ۽ تنبيهات“ جو سبب بڻجندو آهي. آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته: ” زَيِّنُوا الْقُرْآنَ بِأَصْوَاتِكُمْ“(5) (قرآن شريف کي پنهنجي آواز سان زينت ڏيو) ۽ آنحضرت ﷺ جن حضرت ابو موسى اشعري ﷦جي باري ۾ فرمايو ته: ”لَقَدْ أُوْتِيَ هٰذَا مِنْ مَزَامِيرِ آلِ دَاوٗدَ+ “ (6) (هن کي حضرت دائود + جي آل، مزامير مان هڪ مزامير ڏنو ويو آهي) هن فصل مان معلوم ٿو ٿئي ته اهل دل وارن کي قرآن ٻڌڻ وقت وجد ٿيو آهي، جن جا مثال تمام گهڻا آهن. جيئن جو آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي: شَيَّبَتْنِيْ هُوْدُ (1) (مون کي سوره هود ٻڍو ڪري ڇڏيو) هيءَ خبر به وجد جي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻڍاپڻ ڏک ۽ خوف کان حاصل ٿيندو آهي. ڏک ۽ خوف وجد ۾ داخل آهي. روايت آهي ته حضرت ابن مسعود ، آنحضرت ﷺ جن جي اڳيان سورة النساءِ پڙهي ٿي، جڏهن هن آيت تي آيا: فَكَيْفَ إِذَا جِئْنَا مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهِيْدٍ وَّجِئْنَا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلَآءِ شَهِيْدًا(2) (پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن مان سڏائيندس هر هڪ ٽولي مان احوال چوڻ وارا ۽ سڏائيندس توهان کي انهن ماڻهن تي احوال ٻڌائڻ وارو) پاڻ هي ٻڌندي ئي فرمايائون ته بس ڪريو! ۽ سندن ٻنهي اکين مبارڪ مان ڳوڙها وهڻ لڳا. (3) هڪ روايت ۾ ذڪر آهي ته آنحضرت ﷺ جن خود پڙهيو يا ڪنهن اصحاب سندن روبرو هيءَ آيت شريف پڙهي: إِنَّ لَدَيْنَا أَنْكَالًا وَّجَحِيْمًا ؀ وَطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَعَذَابًا أَلِـــيْمًا؀(4) (البت مون وٽ هٿ ڪڙيون آهن ۽ باهه جو ڍير ۽ کاڌو گلي ۾ اٽڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ مار) هي آيت شريف ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويا. هڪ روايت ۾ ذڪر آهي ته آنحضرت ﷺ جن هيءَ آيت شريف پڙهي رنا: إِنْ تُعَذِّبْهُمْ فَإِنَّهُمْ عِبَادُكَ وَإِنْ تَغْفِرْ لَهُمْ فَإِنَّكَ أَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ (5) (جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڪرين ته اُهي تنهنجا بندا آهن، جيڪڏهن انهن کي معاف ڪرين ته تون ئي زبردست حڪمت وارو آهين). سندن هيءَ به دستور هوندو هو ته جيڪڏهن آيت شريف رحمت جي باري ۾ هوندي هئي ته دعا گهرندا هئا ۽ بشارت جي درخواست ڪندا هئا. (6) معلوم هجي ته بشارت جي التجا وجد آهي. جيڪي شخص قرآن شريف ٻڌڻ سان وجد ۾ ايندا آهن، انهن جي خدا تعاليٰ جلشانھ تعريف ڪئي آهي. جيئن جو فرمايو ويو آهي: وَإِذَا سَمِعُوْآ مَآ أُنْزِلَ إِلَى الرَّسُوْلِ تَرٰى أَعْيُنَهُمْ تَفِيْضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُوْا مِنَ الْحَقِّ(1) (جڏهن ٻڌن جو نازل ٿيو رسول تي، ته ڏسندين ته انهن جون اکيون ڇلن ٿيون ڳوڙهن ۾ جيڪي سڃاڻن ٿا سچي ڳالهه). روايت آهي ته آنحضرت ﷺ جن کي نماز پڙهڻ وقت سيني مبارڪ ۾ اهڙو جوش هوندو هو، جهڙو ٽهڪندڙ ديڳ جي ٽهڪڻ جي آواز ۾ هوندو آهي. (2) تابعين ۽ اصحابن به قرآن شريف تي وجد ڪيو آهي، جن بابت گهڻائي نقل آهن. اُنهن مان ڪي رنا، ڪي بيهوش ٿيا ۽ بعضي غشيءَ جي حالت ۾ مري به ويا. جيئن جو چوندا آهن ته زراره بن اوفيٰ، ’رقه‘ ۾ ماڻهن کي نماز پڙهائيندا هئا. ڪنهن رڪعت ۾ هيءَ آيت شريف پڙهيائون: فَإِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُورِ؀ فَذَلِكَ يَوْمَئِذٍ يَوْمٌ عَسِيْرٌ؀(3) (انهي وقت جو ڦوڪيو ويندو منجهه صور جي، پوءِ اهو ڏهاڙو ڏينهن سخت آهي) اهو پڙهندي ئي بيهوش ٿي ڪري پيا ۽ محراب ۾ ئي جان بحق ٿي ويا. هي بزرگ تابعين مان هو. حضرت عمر ﷦هڪ شخص کان هيءَ آيت شريف پڙهندي ٻڌي: إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ ؀ مَّا لَهُ مِنْ دَافِعٍ ؀(4) (تحقيق عذاب تنهنجي رب جو ٿيندو، جنهن کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي) هي ٻڌندي ئي دانهن ڪري بيهوش ٿي ڪري پيا. پوءِ ماڻهو حضرت عمر ﷦کي کڻائي جاءِ تي آيا، جنهنڪري برابر هڪ مهيني تائين بيمار رهيا. ابوجرير، جيڪو مشهور تابعين مان آهي، قرآن شريف مان ڪجهه پڙهيو، پوءِ دانهن ڪيائين ۽ مري ويو. امام شافعي جن ڪنهن قاريءَ (حافظ قرآن) کان هيءَ آيت شريف ٻڌي: هَذَا يَوْمُ لَا يَنْطِقُوْنَ ؀ وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُوْنَ؀(5) (هي اُهو ڏينهن آهي جو نه ڳالهائيندا ۽ نه انهن کي حڪم آهي ته عذر ڪن) هي ٻڌندئي غش ٿي ويا. علي بن فضيل ڪنهن قاريءَ کان پڙهندي ٻڌو: يَوْمَ يَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ؀(6) (جنهن ڏينهن بيٺا هوندا ماڻهو، رستو ڏسندڙ جهان جي صاحب جو) هي ٻڌندي ئي غش ۾ اچي ڪري پيا. اهڙيءَ طرح گهڻن ئي شخصن جون اهڙيون ڳالهيون ۽ نقل آهن ۽ پڻ ساڳي حال حقيقت صوفين جي پڻ آهي، جيئن چوندا آهن ته شبلي رمضان شريف جي مهيني ۾ هڪ رات جو پنهنجي مسجد ۾ امام جي پويان نماز ٿي پڙهي، جنهن هيءَ آيت شريف: وَلَئِنْ شِئْنَا لَنَذْهَبَنَّ بِالَّذِيْ أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ(1) (جيڪڏهن مان گهران، جا چيز اوهان کي وحي موڪلي) حضرت شبلي هڪ اهڙي دانهن ڪئي، جنهن مان ماڻهن کي گمان ٿيو ته سندس روح جو پکي عنصري پڃري مان پرواز ڪري ويو، جنهن کان پوءِ سندن رنگ زرد ٿي ويو ۽ ڪلها ٿڙ ٿڙ ڪرڻ لڳا. حضرت جنيد بغدادي ، حضرت سري سقطي جن وٽ ويا ۽ چون ٿا ته مان اُتي هڪ شخص غشيءَ ۾ پيل ڏٺو، حضرت سري سقطي فرمايو ته هي شخص قرآن شريف جي آيت ٻڌي غشيءَ ۾ پئجي ويو آهي. مون چيو ته اِها آيت هن کي وري پڙهي ٻڌايو. جڏهن ساڳي آيت شريف وري پڙهي وئي ته ان کي فرحت اچي ويئي. حضرت سري سقطي جن پڇيو ته هي علاج توهان ڪٿي ڏٺو آهي؟ مون چيو ته هي ظاهر آهي ته حضرت يعقوب + جي نابينائي مخلوق جي سبب کان هئي ۽ وري به مخلوق جي ئي سبب کان روشن چشم ٿيا. جيڪڏهن سندس نابينائي حق جي واسطي هجي ها، ته مخلوق جي سبب کان روشن چشم نه ٿين ها. حضرت سري سقطي هي جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ان باري ۾ هيٺين مضمون جو شعر چيائون: میں نے اول تو پی جام مزوں میں آکر دورِ ثانی ہے بد یہ وجہ کہ دورِ خمار هڪڙو صوفي ”ابو علي مغازلي“، چوي ٿو ته مان رات جي وقت هي آيت پڙهي رهيو هوس: ”كُلُّ نَفْسٍ ذَائِقَةُ الْمَوْتِ“(2) (هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي) ابو مغازلي، حضرت شبلي جن کي چيو ته بعضي وقتن تي منهنجي ڪن تي ڪائي آيت شريف پوندي آهي ته مون کي دنيا کان منهن مٽڻ تي ڪشش ڪندي آهي، وري جو پنهنجي ڪاروبار ۽ ماڻهن جي طرف رجوع ٿيان ٿو ته ذڪر ڪيل حقيقت تي قبضو نٿو رهي. حضرت شبليءَ فرمايو ته جيڪڏهن قرآن شريف ٻڌندي ئي تنهنجي دل الله تعاليٰ جي طرف مائل ۽ متوجه ٿي ٿئي ته هي به خدا تعاليٰ جي عنايت آهي ۽ جيڪڏهن توکي وري نفس جي طرف رجوع ٿو ڪري ته هي به سندس شفقت آهي، ڇو جو متان توهان پنهنجي ضعيف قوت ۽ هيڻي حيلي سبب بيزار نه ٿي وڃو. ڪنهن صوفي صاحب هڪ قاريء کان هي پڙهندو ٻڌو: يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ ؀ ارْجِعِيْ إِليٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً؀(1) (سڀ ڪنهن ساهه آرام ورتو، پوءِ هل پنهنجي رب جي طرف، تون ان کان راضي اُهو توکان راضي) وري ٻيو دفعو قاريء کان پڙهائي ٻڌي، چيائين ته نفس کي ڪيستائين چوندو رهندس ته رجوع ٿي، مگر هي رجوع نٿو ٿئي، پوءِ ته وجد ۾ اچي اهڙي دانهن ڪيائين جو ساهه به نڪري ويس. بڪر بن معاذ ڪنهن کان هيءَ آيت شريف ٻڌي: وَأَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ (2) (ٻي ڳالهه ٻڌاءِ انهن کي، ڏينهن نزديڪ واري جي) هي ٻڌنديئي بيقرار ٿيڻ لڳا، پوءِ دانهن ڪري چوڻ لڳا: ”رحم ڪر تون انهن تي، جن کي تو ڊيڄاريو ۽ ڊڄڻ کان پوءِ به تنهنجي اطاعت تي متوجه نه ٿيا“. ائين چوندي غشيءَ ۾ اچي ويا. ابراهيم بن ادهم جڏهن ڪنهن کان إِذَا السَّمَاءُ انْشَقَّتْ؀(3) (آسمان ڦاٽي پوي) پڙهندو ٻڌندا هئا ته سندن بدن اهڙو بيقرار ٿيندو هو، جو ٿڙ ٿڙ ڪندو هو. محمد بن صبيح چون ٿا ته هڪ شخص فرات نديءَ ۾ غسل ڪيو ٿي. ايتري ۾ ٻيو هڪ شخص ڀر تي آيت پڙهندو ظاهر ٿيو: وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أَيُّهَا الْمُجْرِمُوْنَ؀(4) (توهان الڳ ٿي وڃو، اي گنهگارو) هي ٻڌڻ شرط تڙ ڪرڻ وارو ڦٿڪڻ لڳو ۽ آخر ٻڏي ويو. چون ٿا ته حضرت سلمان فارسي ﷦جن ڪنهن جوان کي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي ڏٺو ته ان جي لونءَ هر هر کڙي ٿي وئي ٿي. تنهنڪري حضرت سلمان ﷦جي ان نينگر سان ڏاڍي محبت ٿي وئي. چند روز بعد جوان کي نه ڏٺائون ته ماڻهن کان احوال دريافت ڪيائون، جنهن مان معلوم ٿين ته اُهو نينگر بيمار آهي. پوءِ پاڻ ان وٽ احوال پڇڻ لاءِ ويا. ڏٺائون ته اُهو نزع جي حال ۾ آهي ۽ ان نينگر حضرت سلمان ﷦کي چيو ته جيڪا لونءَ اوهان منهنجي بدن تي ملاحظه فرمائي هئي، اها تمام سهڻي صورت جو ويس پهري، مون وٽ آئي ۽ مون کي چيائين ته خدا تعاليٰ تنهنجا سڀ گناهه بخشيا آهن. مطلب ڳالهه جو ته اهل دل وارا صاحب قرآن شريف ٻڌڻ وقت به وجد کان خالي نه آهن ۽ جيڪڏهن قرآن شريف ٻڌڻ کان انهن جي دلين ۾ ڪجهه اثر نه ٿئي ته انهن کي هن آيت شريف جي حڪم مقابل سمجهڻ گهرجي. كَمَثَلِ الَّذِيْ يَنْعِقُ بِمَا لَا يَسْمَعُ إِلَّا دُعَاءً وَنِدَاءً صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُمْ لَا يَعْقِلُونَ؀(1) (ان شخص جي مثال وانگر جو هلائي ٿو هڪ چيز کي جا ٻڌي نه ٿي، مگر ان کي پڪارڻ ۽ هلائڻ وارا گونگا، انڌا ۽ ٻوڙا آهن، جو انهن کي عقل نه آهي) بلڪ اهل دل وارن صاحبن کي ته حڪمت واري سخن ٻڌڻ سان به وجد اچي ويندو آهي. جيئن جو جعفر خلدي چون ٿا ته هڪ شخص خراساني، حضرت جنيد جي خدمت ۾ آيو. ان وقت ٻيا ڪيترائي ماڻهو سندن مجلس ۾ ويٺا هئا، پاڻ انهن کان پڇيائون ته آدميءَ جي نظر ۾ سندس تعريف ڪندڙ ۽ گلا ڪندڙ ٻئي هڪ جهڙا ڪڏهن ٿيندا آهن. انهن مان ڪنهن درويش جواب ڏنو ته جڏهن آدمي شفا خاني ۾ وڃي ٿو يا ڪنهن قيد ۾ گرفتار ٿئي ٿو. حضرت جنيد فرمايو ته هي جواب توهان جي لياقت وٽان نه آهي. پوءِ پاڻ ان خراساني شخص جي طرف منهن ڪري فرمائڻ لڳا ته هيءَ نوبت ان وقت ٿيندي آهي، جنهن وقت انسان يقين ڪري ته مان مخلوق آهيان، اهو شخص خراساني هي ڪلام ٻڌندي ئي هڪ دردناڪ دانهن ڪئي، پوءِ ڪري پيو ۽ مري ويو. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئو ته جيڪڏهن قرآن شريف جو ٻڌڻ وجد پيدا ڪري ٿو، ته صوفي صاحب قوالن جي راڳ ٻڌڻ لاءِ ڇو گڏ ٿيندا آهن. جي قاري آهن به ته پوءِ انهن کان قرآن شريف يڪجا ٿي ڇو نه ٿا ٻڌن. مناسب ته ائين آهي، جو اهي حال وٺڻ واسطي قارين جي مجلس ۾ گڏ ٿين ۽ قوالن جي تماشي ۽ مجلس ۾ نه اچن. اهڙن صوفين کي واجب آهي ته هر هڪ مجلس ۾ گڏ ٿيڻ وقت ڪو ئي قاري سڏائين ۽ نه قوال گهرائين. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو ڪلام پاڪ راڳ کان بلاشبه افضل آهي. ان جو جواب هي آهي ته توڙي جو قرآن شريف وجد جو سبب آهي، مگر راڳ سان وجد جو جوش زياده ٿيندو آهي، جنهن جون ست حالتون آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو: اول هيءَ آهي ته: قرآن شريف جون سڀ آيتون ٻڌڻ واري جي مناسب حال نه آهن ۽ نه ان جي قابل آهي، جو سڀ سمجهي ۽ جنهن حال ۾ اُهو مبتلا آهي ان تي خيال ڪري. مثلاً جنهن شخص تي ڏک شوق يا شرمندگي غالب آهي، تنهن جي حال جي مناسب هيءَ آيت شريف ڪهڙو ڪم ڪندي: يُوْصِيْكُمُ اللهُ فِيْ أَوْلَادِكُمْ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْأُنْثَيَيْنِ (1) (الله بتلائي ٿو، توهان کي، توهان جي اولاد ۾ مرد جو حصو برابر ٻن عورتن جي) ۽ آيت شريف: وَالَّذِينَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنَاتِ (2) (جي ماڻهو عيب لائين ٿا پاڪدامن زالن کي) اهڙيءَ طرح جن آيتن ۾ احڪام ميراث، طلاق يا حد شرع وغيره آهن. ياد رکڻ گهرجي ته دل جي ڳالهه جي چرپر ڪندڙ اُهائي چيز ٿيندي آهي، جا ان جي مناسب هوندي آهي. شعرن کي جو شاعرن نظم ڪيو آهي، سو دل جي حالتن ظاهر ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو آهي. انهن شعرن جي حال سمجهڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪرڻي نه پوندي آهي. ڀلا جنهن شخص تي زبردست حالت غالب هجي، جو هڪ جي هوندي ٻي حالت جي گنجائش ئي نه هجي، ۽ جنهن جي تيز طبع ۽ ذهني ٽڪاءُ اهڙو هجي، جو لفظن مان وڏيون ۽ پري پري جون معنائون سمجهي ته اهڙو شخص البت ٻئي ڪنهن قسم جي قول ٻڌڻ سان وجد ڪري ٿو سگهي. مثلاً جيڪڏهن ڪو ئي شخص يُوْصِيْكُمُ اللهُ فِيْ أَوْلَادِكُمْ کان موت جي حالت سمجهي جنهن سبب وصيت جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ته سڀ ڪنهن انسان کي ضروري آهي ته پنهنجي مال ۽ اولاد، جو دنيا جي اندر، سندس محبوب يعني پياريون چيزون آهن، انهن مان هر هڪ پياري چيز ٻئي جي ملڻ لاءِ ڇڏي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ مفارقت ڪري وڃي، جنهنڪري ان تي خوف ۽ گهٻرائڻ غالب ٿئي يا يُوْصِيْكُمُ اللهُ ۾ فقط اسم ذات ٻڌي مدهوش ٿي وڃي ۽ ان جي اڳ پوءِ جي حڪم ۽ معنيٰ جي خبر نه رکي، يا دل ۾ هي خيال رکي ته الله تعاليٰ جي رحمت ۽ شفقت کي ڏسڻ گهرجي ته بندن جي تقسيم جو متولي به پاڻ آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ ۽ موت جي ٻنهي حالت ۾ ٻانهي تي عنايت ڪري ٿو ۽ ان مان هي خيال ڪري ته جڏهن الله تعاليٰ اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي اولاد تي مهرباني فرمائي آهي ته بيشڪ اسان تي نظر به رحمت جي فرمائيندو. اهڙي خيال ڪرڻ سان اميد واري حالت جوش ۾ ايندي ۽ خوشي به ان جي موافق ٿيندي. يا لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْأُنْثَيَيْنِ کان دل ۾ هي خيال ڪري ته مرد کي مرد هجڻ سبب، عورت تي فضيلت آهي، پر آخرت ۾ فضيلت انهن مردن کي آهي، جن جي شان ۾ رِجَالٌ لَّا تُلْهِيْهِمْ تِجَارَةٌ وَّلَا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللهِ(1) (اُهي مرد جيڪي غافل نه ٿا ٿين، سوداگري ڪرڻ ۾ ۽ ان جي وڪڻڻ ۾، الله جي ذڪر کان) آهي، پڻ خيال ڪري ته جنهن شخص کي غير الله، خدا تعاليٰ جي يادگيريءَ کان ڀلائي اهو حقيقت ۾ مرد نه آهي. ان خيال کان خوف ڪري ته متان مان به ائين نه ٿي وڃان. جيئن عورت احوال- دنيا ۾ پوئتي رهجي وئي. اهڙيءَ طرح آخرت جي نعمتن کان پوئتي نه رهجي وڃان. اهڙي خيالن ڪرڻ کان البت بعضي وقتن وجد جي چرپر ٿيندي آهي، ليڪن جنهن شخص ۾ اِهي ٻئي وصفون هجن. هڪ ته استغراق غالب هجيس، ٻيو نيڪ دانائي ۽ پورو ذڪاءُ هجيس، ۽ ويجهڙين ڳالهين کي تنبيهه ڪرڻ سان پري پري جي ڳالهين کان واقف ٿي وڃي. مگر افسوس جو اهڙا شخص اڻلڀ آهن. انهيءَ ڪري راڳ جي طرف زور ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ان ۾ جيڪي لفظ هوندا آهن، سي بلڪل احوال جي مناسب هوندا آهن. جي ٻڌڻ شرط ئي جهٽ پٽ وجد جي حالت جو سبب ٿيندا آهن. نقل آهي ته حضرت ابوالحسين نوري ڪنهن مجلس دعوت ۾ هڪ جماعت سان ويٺا هئا. انهن ماڻهن جي وچ ۾، علمي ذڪر هلڻ لڳو. ابوالحسين ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. پر هڪ وقت مٿو مٿي ڪري هن مضمون جو شعر پڙهڻ لڳو: چاشت کو فاختہ دل باختہ ہر شاخ پہ بیٹھ نغمہ کوُ کوُ سے کرتی تھی دل اپنا فگار۔ دلبر و موسوم خوش یاد وہ کر رونے لگی اس کے رونے سے ہوا دل میں میرے غم کا ابھار۔ اپنی زاری سے کبھی اس کو جگاتا ہوں میں کچھ مجھے کرتی ہے اپنی فغاں ہی بیدار میں جو دکھ کہتا ہوں اسکو نہیں سمجھا سکتا نہ سمجھتا ہوں جو کچھ کہتی ہے اپنا آزار سوزشِ دل سے ہے لیکن ہمیں آپس کی شناخت میں اسے جانتا ہوں اور وہ مجھے عاشق زار۔ ڪلام ٻڌندي ئي ساري مجلس وجد ۾ اچي ويئي. پر هي وجد سندن انهيءَ علم کان به هو، جنهن جو بحث ڪري رهيا هئا، جيتوڻيڪ اُهو علم به يقيني ۽ حق وارو هو. ٻيو سبب هي آهي ته: قرآن شريف گهڻو ڪري ماڻهن کي ياد هوندو آهي. ڪنن ۽ دلين تي ڪثرت سان ايندو آهي، جا ڳالهه پهريان ٻڌي ويندي آهي، ان جو اثر دلين تي گهڻو ٿيندو آهي ۽ ٻئي دفعي ٻڌڻ سان اثر ڪجهه گهٽ ٿيندو آهي. ٽئين دفعي ته اثر ئي نه رهندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وجد واري کي چئجي ته هميشه هڪ ئي شعر ٿورو ٿورو عرصو، هڪ ڏينهن يا هفتي اندر حال وٺندو رهه ته ان کان ائين ڪڏهن به ٿي نه سگهندو. پر جي شعر بدلايو ويندو ته البت دل ۾ نئون اثر پيدا ٿيندو. توڙي جو مضمون ساڳيو ئي پهرين شعر جهڙو هجي. مگر وزن، لفظ ۽ قافيو، ٻئي نموني وارو، نفس کي حرڪت بخشي ٿو. پوءِ کڻي قوال به ساڳيو هجي، مگر قاريءَ کان ممڪن نه آهي ته هر وقت نئون قرآن پڙهي ۽ هر ڪنهن دعوت ۾ نئين تلاوت ڪري، ڇاڪاڻ ته قرآن شريف کي قلعو حفاظت جو آهي. جنهن ۾ نه ڪجهه وڌي سگهي ٿو، نڪي الفاظ ئي بدلجي سگهن ٿا. هي سمورو محفوظ آهي ۽ پڻ انيڪ دفعا ٻڌو ويو آهي، جيئن جو هيٺين سبب مان معلوم ٿيندو: حضرت صديق اڪبر ﷦جن اعرابين کي قرآن شريف پڙهندي ڏٺو، جي ٻڌي رنا ٿي. پاڻ فرمايائون ته مان به ڪڏهن ائين هوس، جيئن توهان آهيو. مگر هاڻي منهنجي دل مضبوط ٿي وئي آهي. هن مان هي گمان هرگز نه ڪجو ته حضرت صديق اڪبر ﷦جن جي دل انهن اعرابين جي دلين کان به سخت هئي. يا ڪلام پاڪ سان ايتري محبت نه هئي، جيتري انهن ماڻهن کي هئي. مگر حقيقت هيئن آهي ته دل تي هميشه ڪثرت ٻڌڻ سبب مضبوط ٿي ويا هئا. ڪثرت سان ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جي سبب ايترو ئي انس هيو، جو اثر گهٽ ٿي معلوم ٿين. ڇو جو هيءَ عادت محال آهي ته ڪو ئي ٻڌڻ وارو هڪ آيت شريف ٻڌي جا پهريون هن نه ٻڌي هجي ۽ ان تي گريه ڪري. پوءِ ويهن سالن تائين هميشه اُها آيت شريف پڙهندو رهي ۽ روئندو رهي. ڇاڪاڻ ته آيت شريف ساڳي ئي آهي ۽ نئين ڳالهه نه آهي. انهيءَ سبب ڪري ڪجهه اثر نٿو ٿئي، جنهن لاءِ هي مثال مشهور آهي ته: ”کُلُّ جَدِيْدٌ لَذِيْذٌ“ (هر نئين چيز مزيدار آهي) هر نئين ڳالهه جو هڪ صدمو ٿيندو آهي، هر ڪنهن دوست سان انس ٿيندو آهي، جو صدمي جي مخالف آهي. انهيءَ سبب ڪري حضرت عمر ﷦جن قصد ڪيو ته ماڻهن کي ڪعبةالله جو طواف ڪثرت سان ڪرڻ نه ڏجي ۽ فرمايائون ته مون کي خوف آهي ته متان ماڻهو ائين ڪندي ڪندي پاڪ گهر جا مانوس يعني انس ڪيل نه ٿي وڃن، جنهن ڪري دل جو اثر گهٽجي وڃي. مثال طور جو شخص حج تي وڃي ٿو ۽ پريان ئي سندس نظر ڪعبة الله تي پوي ٿي ته يڪدم روئندو ۽ تڪڙو هلندو آهي ۽ بعضي وقتن تي ڏسڻ سان ئي غشيءَ ۾ اچي ويندو آهي. وري جيڪڏهن اتفاق سان مڪي معظمه ۾ مهينو کن رهي پوندو آهي ته اُها ڳالهه پهريان جهڙي دل ۾ معلوم نه ڪندو آهي. مطلب ڳالهه جو ته اجنبي قوال، نوان شعر هر وقت پڙهي سگهندو آهي ۽ آيت شريف ۾ حافظ ۽ قاريءَ کان ائين ٿي نه سگهندو. ٽيون سبب هي آهي ته: موزون ڪلام هجڻ سبب شعر جو مزو به انوکو ٿي ويندو آهي ۽ دل ۾ اثر به هڪ نئين ۽ عجيب قسم جو پيدا ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته چڱا آواز وزن وارا ٿيندا آهن. ڪلام طيّب ۾ وزن نه ٿيندو آهي. وزن فقط شعرن ۾ ٿيندو آهي. شعر ۾ وزن جو ايترو دخل آهي، جو جيڪڏهن قوال زحاف ڪري يا غلطي ڪري يا لئي (راڳ جي وزن) کان غافل ٿي وڃي، ته ٻڌڻ واري جي دل گهٻرائجي ويندي آهي ۽ ان جو راڳ وجد- باطل ٿي ويندو آهي. ان مان معلوم ٿيندو ته وزن کي ڏاڍو اثر آهي. ان سبب به راڳ جي طرف التجا ڪئي وئي آهي. چوٿون سبب هي آهي ته: وزن واري شعر جو تاثير دل ۾ سازن جي سبب کان نرالو ٿيندو آهي، جي ڳالهيون فقط دل جي مراد وڌائڻ لاءِ آهن، جهڙي طرح سر، لئي ۾ ممدود يعني وڌايل اکرن جي گهٽائڻ ۽ وقف ڪرڻ يعني ٿورو بيهڻ ۽ منقطع يعني ڪاٽي ڇڏڻ ۽ موصول يعني وصول ڪرڻ سان ٿينديون آهن. هي دخل شعر ۾ درست آهي. مگر قرآن شريف ۾ جائز نه آهي ڇاڪاڻ ته قرآن شريف جي تلاوت اهڙي طرح ڪرڻ گهرجي، جهڙي طرح رب تعاليٰ جل شانه نازل فرمايو آهي، جيڪڏهن زبر جي جاءِ تي زير يا وقف، وصل ۽ قطع ٿيندو ته حرام ۽ مڪروهه ڄاڻبو. جيڪڏهن قرآن شريف ساديءَ طرح جيئن نازل ٿيو آهي، تيئن پڙهيو ويندو ته ان ۾ اُهو لطف نه هوندو، جو سازن جي سرن کان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ تاثير جي لحاظ کان سڀ مضبوط آهن. جهڙي طرح تارن جا باجا، نفيل، شاهين ۽ اُهي سڀ ساز جن جو آواز حالانڪه سمجهه ۾ به نه ايندو آهي، تڏهن به انهن ۾ اثر ڏٺو ويو آهي. پنجون سبب هي آهي ته: وزن وارن سازن جي تاڪيد ۾ موزون آواز سان به اثر ٿيندو، جيڪو خلق جي حلق مان نٿو نڪري، مثال طور ڪاٺيءَ سان گت لڳائڻ يا ڍولڪ جي تار وغيره سان اثر ٻيڻو ٿي ويندو آهي. معلوم هجي ته ضعيف وجد تڏهن اڀرندو آهي، جڏهن ان جي اڀارڻ جو سبب ڪم قوي يعني وڏو هوندو آهي، ڪڏهن انهن سڀني ڳالهين جي يڪجا هجڻ سان به سبب قوي ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن مان هر هڪ کي پنهنجي تاثير ۾ دخل آهي. واجب آهي ته قرآن شريف اهڙين حالتن کان بچائڻ گهري ٿو، انهيءَ سبب ڪري جو اهڙيون حالتون عام ماڻهن جي نظر ۾ تماشي وانگر آهن. قرآن شريف ساري مخلوق اڳيان (نعوذ بالله)تماشو نه آهي، خبردار! محض حق ۾ اهڙي چيز هرگز نه ملائڻ گهرجي، جا عام ماڻهن جي اڳيان تماشو هجي، يا خاص ماڻهن جي نظر ۾ تماشي جهڙي هجي. قرآن شريف جي تعظيم ڪرڻ گهرجي، جو عام رستن تي، غسل جي شڪي حالت ۾ ۽ سواءِ وضوءَ جي پڙهڻ نه گهرجي، مگر اهڙي مجلس ۾ پڙهجي، جتي قرار ۽ ماٺ هجي ۽ ظاهر آهي ته جيڪي پنهنجي حال ۾ نگران آهن، انهن کانسواءِ تحقيق قرآن شريف جي پوري عزت ادا ٿي نه سگهندي. انهيءَ لحاظ سان راڳ جي طرف ميلاپ ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ نگراني ۽ لحاظ جي ضرورت نه آهي. معلوم هجي ته شاديءَ رات قرآن شريف جي تلاوت هلندي، دف وڄائڻ جائز نه آهي، حالانڪ آنحضرت ﷺ جن شاديءَ جي موقعي تي دف وڄائڻ جو حڪم ڏنو آهي. فرمايو اٿائون ته: ”أَظْهِرُوا النِّكَاحَ وَاضْرِبُوْا عَلَيْهِ بِالْغِرْبَالِ“ (1) (نڪاح کي ظاهر ڪريو دف وڄائڻ سان ئي ڇو نه هجي). شعر سان گڏ دف وڄائڻ جائز آهي، پر قرآن پاڪ سان جائز نه آهي. جهڙي طرح آنحضرت ﷺ جڏهن ربيع بنت معُوذ جي گهر ان شاديءَ رات تشريف فرما ٿيا ته ڪن ٻانهين گهر ۾ ڳاتو ٿي، جن مان هڪ جو آواز ٻڌائون جنهن هيءُ بيت چيو ٿي: وَفِيْنَا نَبِيٌّ يَعْلَمُ مَا فِيْ غَدٍ ترجمو: خدا تعاليٰ اسان ڏي اُهو سيد الرّسول موڪليو آهي، ته جو معاملو حياتيءَ جو ٿيندو، سو سڀ ان کي معلوم آهي. هي ٻڌندي ئي پاڻ فرمايائون ته: ”انهيءَ پوئين سٽ کي ترڪ ڪيو ۽ جا پهرين سٽ آهي. فقط اُها چئو“. (1) جنهن جو سبب هي هو ته نبوت جي ثابتي پهرين سٽ ۾ هئي راڳ تماشو آهي، پر شهادت نبوت جي، تماشو يا کيل نه آهي. تنهنڪري ان کي اهڙي چيز سان ملائڻ نه گهرجي، جا تماشي جي صورت جهڙي هجي. انهيءَ صورت ۾ انهيءَ سبب جي تقويت ڏکي ٿيندي، جنهن کان راڳ دل ۾ چرپر پيدا ڪري ٿو. بهرحال ان سخن کان منع فرمايائون ۽ راڳ جي اجازت ڏنائون، ڇاڪاڻ ته پهرين حصي لاءِ ڪا به منع نه ڪيائون، جيڪو راڳ جي صورت ۾ چيو ٿي ويو. هن مان معلوم ٿيو ته جهڙي طرح ان ٻانهي تي شهادت نبوت کان راڳ جي طرف انحراف واجب هو، اهڙي طرح ئي عزت، قرآن شريف جي خواهش ڪيل آهي. ڇهون سبب هيءُ آهي ته: قوال جڏهن ڪو ئي اهڙو شعر چوندو آهي، جو ٻڌڻ وارن جي دل جي حال موافق نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري هُو ان کي خراب ڄاڻندو آهي ۽ قوال کي منع ڪندو آهي ته اِهو نه چئه، پر ٻيو غزل چؤ. معلوم هجي ته سڀڪو ڪلام سڀ ڪنهن جي حال موافق نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن مجلس دعوت ۾ قاريءَ کان ڪجهه پڙهايو وڃي ته عجب نه آهي ته اُهو اهڙي آيت پڙهندو، جا ان جي ئي حال موافق نه هوندي!. قرآن شريف ته سڀني ماڻهن لاءِ شفا آهي، مگر با اعتبار حالت تي، مثال طور رحمت جون آيتون خوف واري جي حق ۾ شفا آهن، اهڙيءَ طرح عذاب واريون آيتون بيخوف ۽ غلطيءَ ۾ پيل ماڻهوءَ واسطي شفا آهن. هن لاءِ تفصيل وار لکڻ ۾ گهڻو ميدان گهرجي. هاڻي معلوم ٿيو ته قرآن شريف پڙهڻ ۾ هي انديشو آهي ته متان ائين نه ٿئي، جو ڪائي آيت شريف حاضر مجلس جي موافق نه ٿئي ۽ ان جو نفس هن کي خراب سمجهي ۽ پاڪ ڪلام جي خراب سمجهڻ جي خطري ۾ مبتلا نه ٿي وڃي. جنهن کان جان بچائڻ جي سبيل ئي نه ملي. هن خطري کان پرهيز ڪرڻ نهايت واجب ۽ ضروري آهي. هن کان آزاد ٿيڻ جي تدبير اهائي آهي ته ڪلام کي پنهنجي حال تي خيال ڪجي. الله تعاليٰ جل شانه جي ڪلام پاڪ کي فقط انهيءَ صورت تي خيال ڪري، جو الله تعاليٰ جل شانه کي مقصود آهي، ٻي صورت تي خيال ڪرڻ جائز نه آهي. شاعرن جي شعر لاءِ جائز آهي ته انهن جي مراد کانسواءِ ٻي ڪنهن مراد يا مطلب تي خيال ڪيو وڃي. مطلب ڳالهه جو ته قرآن شريف کي ان خطري کان محفوظ رکجي، سندس توقير عزت ڪرڻ واجب آهي. ستون سبب هيءُ آهي: جنهن جو ذڪر ابونصر سراج طوسي ڪيو آهي: ”قرآن شريف الله تعاليٰ جل شانه جو پاڪ ڪلام آهي. سندس صفات مان هڪ صفات حق آهي جا غير مخلوق آهي“. معلوم هجي ته انسانيت مخلوق آهي، جنهن کي ان جي تاب سهڻ جي طاقت نه آهي، جيڪڏهن هڪ ذرڙو قرآن شريف جي معنيٰ جو معلوم ٿي وڃي ته بشريت جي صفات جا پردا ڦاٽي پون ۽ انسان مدهوش ۽ متحير ٿي وڃي. مگر عمدن سازن جي طبيعتن سان هم آهنگي آهي ۽ انهن لذتن سان لاڳاپو آهي ۽ نه حق جي حڪمن سان دلين جي مناسبت آهي. معلوم هجي ته شعرن جو لاڳاپو به لذتن سان آهي، جڏهن شعرن جا الفاظ ۽ اشارا سازن ۽ آوازن سان ملندا آهن، تڏهن سڀني جي هڪ شڪل ٿي ويندي آهي ۽ لذت جي سبب تمام ويجهڙا ۽ دلين تي هلڪا معلوم ٿيندا آهن. معلوم هجي ته جيستائين بشريت رهندي، تيسين مخلوق جو جوڙ مخلوق سان چڱو ٿيندو آهي، جنهن حالت ۾ پنهنجي صفات ۽ لذتن ۾ آهيون. ان ڪري اسان کي راحت به وڻندڙ سازن ۽ خوش آوازن کان ايندي آهي. ابو الحسن دراج چوي ٿو ته: ”مان بغداد کان يوسف بن حسين رازيءَ جي زيارت لاءِ سفر ڪيو، جڏهن شهر ۾ داخل ٿيس، پوءِ جنهن کان ان جو پتو ۽ نشان پڇيم ٿي، تنهن جواب ۾ چيو ٿي ته ان ڪافر سان تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي. مان هي سخن هر هڪ ماڻهوءَ کان ٻڌي دل ۾ ڏاڍو تنگ ۽ حيران ٿيس ۽ واپس وطن وڃڻ جو ارادو ڪيم، آخر دل ۾ ويچار ڪيم ته ايترو وڏو سفر به ڪيم، هاڻي جي ٻيو ڪجهه نه ڪجي ته ان کي فقط پريان ئي ڏسجي ته سهين. پوءِ پڇائيندو مطلب ته ان وٽ ويس. ڏسان ته هڪ مسجد جي محراب ۾ بيٺو آهي ۽ سندس اڳيان هڪ ٻيو به شخص بيٺو آهي، پاڻ قرآن شريف هٿ ۾ جهليو تلاوت ٿي ڪيائون. مون کين نهايت خوبصورت ۽ خوش پوشاڪ ڏٺو. مون السلام عليڪم چيو، پاڻ منهنجي طرف منهن ورائي فرمايائون ته توهان ڪٿان ٿا اچو؟ مون چيو ته بغداد کان آيو آهيان، وري پڇيائون ته ڇا جي لاءِ آيو آهين؟ مون چيو ته توهان سان سلام ڪرڻ آيو آهيان، وري فرمايائون ته هيڏانهن ايندي جن شهرن مان تنهنجو گذر ٿيو آهي، اتي ڪو ئي شخص جيڪڏهن توکي چوي ها ته تون مون وٽ ٽڪي پئُه مان توکي گهر ۽ زال وٺي ٿو ڏيان ته پوءِ جيڪر هيڏانهن اچين ها، يا اُتي ئي رهي پوين ها؟ مون چيو ته اڄ ڏينهن تائين الله تعاليٰ منهنجو امتحان ڪنهن به ڳالهه سان نه ورتو آهي، جيڪڏهن اهڙي طرح منهنجو امتحان وٺي ها ته معلوم نه آهي ته ان وقت مان ڪيئن هجان ها. پوءِ پاڻ چيائون ته چڱو ڀلا توکي ڪجهه ڳائڻ ايندو آهي. مون چيو ته هائو، وري ان چيو ته ڪجهه ٻڌاءِ پوءِ مون هي بيت پڙهيو: رأيتك تَبْنِي دَائِمًا فِيْ قَطِيْعَتِيْ ولو كنتَ ذا حَزْم لهدّمتَ ما تَبْني كاني بكم والليت أفضل قولكم ألا ليتنا كنا إذ الليت لا يغني (جاءِ جدائيءَ جي ڪرين ٿو، مان ڏسان ٿو هميشه- جيڪڏهن هوش هجي ها توکي ته ڪرين ها، اها جاءِ ويران، پيو آهي منهنجو ڪم توسان انهي ساعت ۾، جنهن وقت جو لفظ ليت (دلاسي) کان تنهنجي گفتگو زياده نه آهي- جيڪڏهن پوي ها گهارڻ منهنجو اهڙي گهڙيءَ ۾ ۽ بهانو ڳولڻ جو توکي نه هجي ها ڪو ڪم) پوءِ ته انهن قرآن شريف کڻي ٺپيو ۽ ايترو رنا، جو ڳوڙهن سان آلوده ٿي ويا ۽ سندن روئڻ تي مون کي به رحم اچي ويو. پوءِ فرمايائون ته هن شهر جا ماڻهو مون کي ملامت ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته يوسف ڪافر آهي ۽ منهنجي اِها حالت آهي جو صبح جو نماز کان وٺي قرآن شريف پڙهندو رهيو آهيان. مگر منهنجي اکين مان هڪ به ڳوڙهو نه وهيو آهي، مگر هنن بيتن ٻڌڻ سان مون تي قيامت ٽٽي پئي آهي“. مطلب ڳالهه جو ته دل ڪيترو به خدا تعاليٰ جل شانه جي محبت سان ڀريل هجي، تڏهن به ڌاريو شعر ايڏو ته جوش پيدا ڪندو آهي، جيترو تلاوت سان نه ٿيندو آهي، هيءَ ڳالهه شعر جي وزن کان طبيعتن سان ان جي هم آهنگيءَ کان ٿيندي آهي. معلوم هجي ته شعر انساني طبيعت جي مناسب ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري ئي آدمي شعر ٺاهڻ تي قادر آهي. مگر قرآن شريف انساني دستور ۽ طريقي کان نرالو آهي ۽ نه وري انسان ۾ ايتري طاقت آهي جو اهڙو ڪلام چئي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان جي طبيعت جي هم شڪل نه آهي. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ شخص ذوالنون مصريءَ جي استاد اسرافيل وٽ آيو، جنهن کي ڏٺائين ته پنهنجي آڱر سان زمين به کوٽيائين ٿي ۽ هڪ بيت به پڙهيائين ٿي. پوءِ ان شخص کان پڇيائون ته توکي ڪو غزل ڳائڻ ايندو آهي؟ پوءِ پاڻ غزل چيائون ۽ فرمايائون ته تون دل وارو ماڻهو نه آهين، جنهن ۾ هي اشارو هيو ته جو شخص دل وارو آهي، سو پنهنجي طبيعت کي ڄاڻي ٿو ۽ ان کي معلوم آهي ته دل کي شعرن ۽ سازن سان اُها چرپر ٿيندي آهي، جو ٻيءَ ڪنهن به چيز مان نه ٿيندي آهي. هيستائين اسان ٻن مقامن جا حڪم يعني سماع جي سمجهڻ ۽ خيال ڪرڻ جو ۽ وجد جو حال لکي چڪا آهيون. هاڻي اسان کي وجد جو ظاهري اثر، رڙيون ڪرڻ، روئڻ، ٽپڻ ۽ ڪپڙن ڦاڙڻ وغيره جي باري ۾ بيان ڪرڻو آهي. مقام ٽيون: سماع جي ادبن، ظاهري ۽ باطنيءَ جي ذڪر ۾، جن مان ظاهر ٿيندو ته وجد جو اثر ڪهڙو چڱو ۽ ڪهڙو خراب آهي. سماع جا پنج آداب آهن. ادب پهريون: ادب پهريون هيءُ آهي ته وقت جڳهه ۽ مجلس جي يارن جو لحاظ ڪرڻ گهرجي. جيئن جو حضرت جنيد بغداديءَ فرمائين ٿا ته: ”راڳ ۾ ٽن ڳالهين: پهريون زمان ٻيو مڪان ۽ ٽيون اخوان جي ضرورت آهي، نه ته راڳ ٻڌڻ نه گهرجي“. زمان، مڪان ۽ اخوان جي معنيٰ هيٺ ڏجي ٿي: اول ته زمان يعني وقت جنهن جي مراد طعام موجود هجڻ ۽ کائڻ جو وقت، نماز پڙهڻ جو وقت يا ٻئي ڪنهن ڪم جي پيش ٿيڻ جو وقت نه هجي، جنهنڪري منع جو امر پيش ٿئي ۽ راڳ سان دل لڳڻ نه ڏئي، ته اهڙي راڳ ٻڌڻ مان ڪجهه به فائدو نه آهي. ٻيو مڪان يعني جڳهه انهيءَ لفظ مان هيءَ مراد آهي ته عام رستو، يا خراب صورت جو مڪان نه هجي يا ان ۾ اهڙو سبب نه هجي، جنهن کان دل انهيءَ طرف تاڻي ۽ راڳ ٻڌڻ کان خيال ڦيرائي ڇڏي ته اهڙي مڪان کان پرهيز ۽ پاسو ڪرڻ گهرجي. ٽيون اخوان: هن مان مجلس جي يارن جي مراد آهي، يعني ته ڪو ئي ٻيو ڌاريو غير جنس، راڳ جو منڪر، ملان، زاهد خشڪ دل، لطائفن کان بي بهره مجلس ۾ نه هجي، ڇو جو اهڙي شخص جو راڳ ۾ موجود هجڻ، دل کي تڪليف جو سبب آهي ۽ دل ان جي طرف مشغول ٿيندي، اها ئي حالت ته جيڪڏهن ڪو ئي مغرور، دنيادار، حاضر هوندو ته ان کان به لحاظ ڪرڻو پوندو، يا ڪوئي جڙتو صوفي يعني ٻين صوفين تي ٺٺول ڪندڙ، يا انهن جي وجد، نچڻ ۽ ٽپڻ يا ڪپڙن ڦاڙڻ جو نمونو ڪري ڏيکاريندو ته صوفي صاحب هن طرح پنهنجو حال ڪندا آهن، ته انهن کان پاسو ۽ پرهيز ڪرڻ گهرجي. ادب ٻيو: ادب ٻيو هي آهي ته پير طريقت کي حاضر مجلس جي ماڻهن جو حال ڏسڻ گهرجي، يعني جيڪڏهن ان جي مريدن کي راڳ مان نقصان پهچڻ جو امڪان آهي ته انهن جي روبرو راڳ نه ٻڌي ۽ جيڪڏهن ٻڌي ته انهن ماڻهن کي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مشغول ڪري ڇڏي، جن مريدن کي راڳ کان نقصان پهچي ٿو، تن جا ٽي قسم آهن: هڪڙو اهو جو نيچ درجي جو آهي، جنهن طريقهء سلوڪ ۾ سواءِ ظاهري اعمالن جي ٻيو ڪجهه به نه معلوم ڪيو آهي، تنهن کي راڳ مان مزو نه ايندو آهي. اهڙي طالب کي راڳ ۾ مشغول ۽ شامل ٿيڻ اجايو آهي. اهڙي شخص کي ڪنهن ديني، دنيوي ڪم يا ذڪر ۾ مشغول ٿيڻ گهرجي، نه ته راڳ ۾ سندس قيمتي وقت برباد ٿي ويندو. ٻيو اُهو آهي: جنهن کي راڳ سان ذوق نه آهي، مگر ان ۾ ڪجهه لذت نفس، شهوت ۽ انساني صفات جي طرف محبت ۽ اڃا تائين انساني صفات ۽ شهوت جي آفتن کان امن ۾ نه آيو آهي، عجب نه آهي ته ڪنهن نه ڪنهن وقت راڳ ان جي حق ۾ بيهودائي ۽ شهوت جي طلب ڪندڙ ٿئي ۽ جنهن طريقي ۾ اُهو مصروف آهي، متان هن کي باز رکي ڪامل ٿيڻ کان روڪي. ٽيون طالب اُهو آهي: جنهن کان شهوت به ڇڏائي وئي آهي ۽ ان جي آفت کان به محفوظ آهي، سندس بصيرت به منفتح آهي، دل تي محبت الاهي غالب اٿس، مگر ان علم ظاهريءَ جي تحصيل پوري نه ڪئي آهي، نڪي الله تعاليٰ جي اسمن ۽ صفات کان واقف آهي ۽ نڪي هي معلوم ڪيو اٿس ته خدا تعاليٰ تي ڪهڙي چيز جو خيال ڪرڻ گهرجي، انهن مان ڪهڙو جائز ۽ ڪهڙو محال آهي. اهڙو شخص جيڪڏهن ڪو به راڳ ٻڌندو ته اُهو سڀ خدا تعاليٰ جي حق ۾ خيال ڪندو، توڙي جو اِهو خيال جائز يا ناجائز هوندو. انهيءَ صورت ۾ راڳ ٻڌڻ مان جو کيس فائدو ٿيندو، ان جي عيوض نقصان گهڻو رسندس. ڇو جو جيڪي ڳالهيون جناب ڪبريا پاڪ جي لائق نه آهن، انهن ڳالهين جو ان تي خيال ڪرڻ سان ماڻهو ڪافر ٿي ويندو. سهل تستري فرمائين ٿا ته جنهن وجد جو شاهد قرآن ۽ حديث نه هجي ته اُهو باطل آهي. اهڙا شخص راڳ ٻڌڻ جي لائق نه آهن، جن جي دل، دنيا جي محبت ۽ ماڻهن جي تعريف يا ثنا جي اشتياق ۾ ڀريل آهي، نڪي اُهي شخص راڳ ٻڌڻ جي لائق آهن، جي فقط سريلي آواز کي پسند ڪندا آهن، يا راڳ ٻڌڻ جن جي عبادت ٿي ويندي آهي، اهڙن ماڻهن کي راڳ، عبادت الاهي ۽ دل جي نگراني کان روڪي ڇڏيندو آهي، ۽ جنهن رستي سان منزل مقصود تي پهچڻ لاءِ پنڌ ڪندو رهي ٿو، سو ان کان ڇڏائجي ويندو آهي. مطلب ته ضعيف طبع ۽ ضعيف خيال وارن ماڻهن کي راڳ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ کين پاسي رهڻ جي صلاح ڏجي. حضرت جنيد بغدادي فرمائين ٿا ته مان خواب ۾ شيطان کي ڏٺو ۽ ان کان پڇيم ته تنهنجو منهنجي دوستن تي زور هلي سگهندو آهي يا نه، شيطان چيو ته هائو ٻن وقتن تي منهنجو زور انهن مٿان هلندو آهي، هڪ راڳ وقت ۽ ٻيو نظر بازيءَ وقت. انهن ٻنهي وقتن تي مون کي انهن تي زور هلائڻ جو سولو وجهه ملندو آهي. حضرت جنيد بغدادي فرمائين ٿا ته مون اِهو قصو پنهنجن دوستن سان صبح جي مجلس ۾ ڪيو. انهن مان هڪ چيو ته جيڪڏهن مان شيطان کي ڏسان ها ته کيس چوان ها ته تون وڏو احمق آهين. ڀلا جيڪڏهن ڪو ئي شخص راڳ ٻڌڻ وقت خدا تعاليٰ کان ٻڌي ۽ ڏسڻ جي وقت ان جي طرف ڏسي ته ان تي تنهنجو ڪهڙو زور هلندو. هي سخن پنهنجي دوست جو ٻڌي حضرت جنيد بغدادي فرمايو ته تون سچ ٿو چوين. ادب ٽيون: ٽيون ادب هي آهي ته قوال جو ڪجهه چوي، ان کي چڱيءَ طرح دل ڏئي ٻڌجي، هيڏي هوڏي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ بند ڪري، ٻين راڳ ٻڌندڙن کي نه ڏسي ۽ جا ڪجهه وجد جي حقيقت انهن تي ظاهر ٿئي ته ان حالت کي نه ڏسي، بلڪ پنهنجي طرف ڌيان ڪري، ڇاتيءَ ۾ منهن وجهي ڏسي ته خدا تعاليٰ جل شانه منهنجي باطن ۾ پنهنجي رحمت سان ڪهڙي چيز مرحت فرمائي ٿو. هوريان هوريان ڳالهائڻ جي حرڪت بند رکي، ڇاڪاڻ ته اِها ڳالهه مجلس جي يارن کي حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي. مجلس ۾ اهڙيءَ طرح ويهڻ گهرجي، جو ظاهر عضون ۾ به ڪا چرپر نه ٿئي، کنگهڻ، نڪ سڻڪڻ، ٻئي کان پاڻي گهرڻ وغيره کان پاڻ کي روڪي، ڪنڌ نوڙائي ويهي ۽ فڪر جي درياءَ جي موجن مان لذت وٺي، هن امر ۾ ريا ڪرڻ نه گهرجي. صدق دل سان سچو ٿي ويهڻ گهرجي، تاڙي وڄائڻ، نچڻ ۽ تمام حرڪتون بناوٽي ماڻهن کي ڏيارڻ لاءِ نه ڪري. راڳ هلندي اها ڳالهه بند رکجي، جنهن جي ضرورت نه هجي. جيڪڏهن وجد غالب ٿئي ۽ بي اختيار بيخود ٿي وڃي ته پوءِ لاچار آهي ۽ ڪنهن به ملامت جي قابل نه آهي. مگر جڏهن آرام ۾ اچي ته ان وقت ماٺ ۽ قرار ڪري ويهي ۽ ائين نه ڪجي ته انهيءَ حالت جي آرام اچڻ کانپوءِ به قائم رهي. انهيءَ شرم کان ته متان ماڻهو هيئن چون ته واهه جو وجد هيو، جو ٿورڙي ئي دير ۾ پورو ٿي ويو، تنهنڪري هروڀرو وجد ظاهر ڪرڻ نه گهرجي، جنهن لاءِ ماڻهو چون ته مار!! هي ته ڏاڍو ڪو سخت دل آهي، جو صفائي ۽ وقت کان بي بهره آهي. چوندا آهن ته هڪ جوان حضرت جنيد بغدادي جن وٽ سدائين مجلس ۾ رهندو هو، جڏهن ڪجهه ذڪر ٻڌندو هو ته يڪدم ٿڌا شوڪارا ڀريندو هو ۽ دانهون به ڪندو هو، هڪ ڏينهن حضرت جنيد ان جوان کي فرمايو ته جيڪڏهن تو ٻئي دفعي ائين ڪيو ته مون وٽان هليو وڃج ۽ هت نه رهج. انهيءَ کان پوءِ ان شخص پنهنجي نفس کي اهڙو ته زور روڪيو جو ذڪر هلندي، سندس هڪ هڪ وار مان پاڻيءَ جا قطرا نڪرندا هئا ۽ سارو پگهرجي ويندو هو، مگر نه دانهن ڪندو هو ۽ نه ڪي شوڪارو ڀريندو هو. هڪ ڏينهن ذڪر هلندي ان کي ڏاڍو جوش ٿيو ۽ پنهنجي نفس کي ڏاڍو روڪيائين ايتري قدر جو سندس ڳلو گهٽجي ويا. آخر هڪ اهڙي دانهن ڪيائين، جو سندس دل ڦاٽي پئي ۽ مري ويو. روايت آهي ته حضرت موسيٰ عليھ السلام جن بني اسرائيل کي وعظ ڪري ٻڌايو ته انهيءَ مجلس ۾ هڪ شخص جوش ۾ اچي ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو، الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليھ السلام جن تي وحي موڪلي فرمايو ته ”ان شخص کي چئو ته منهنجي يعني الله تعاليٰ جي واسطي دل پنهنجي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري“. ابو قاسم نصر آباديءَ جن ابو عمرو بن عبيد کي چيو ته مان هيئن چوان ٿو ته ڪجهه ماڻهو گڏ ٿين ۽ انهن ۾ ڪو قوال ڳائي ته اُهو بهتر آهي، گڏجي ويهي ماڻهن جي گلا ڪرڻ کان. راڳ ۾ ڏيکاءُ ڪرڻ جي حالت بابت ابو عمرو چيو آهي ته اِها ٽيهن ورهين سانده گلا ڪرڻ کان به وڌيڪ آهي. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئو ته وڌيڪ چڱو اُهو شخص آهي، جو پنهنجي طبع ۽ نفس کي ضبط ڪيو ويٺو هجي ۽ ظاهر راڳ ان تي ڪجهه به اثر نه ڪري، يا اُهو افضل آهي، جنهن تي اثر ظاهر ٿئي. ان جو جواب هي آهي ته ڪيترن ئي قسمن کان اثر ظاهر نه ٿيندو آهي، ڪڏهن گهٽ جوش واري وجد کان به ظاهر نه ٿيندو آهي، ڪڏهن ته وجد باطل ۾ گهڻو ٿيندو آهي، مگر مضمون روڪڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي طاقت سالڪ ۾ تمام گهڻي هوندي آهي. انهيءَ ڪري به ظاهر ٿيندو آهي. هي پويون درجو نهايت اعليٰ آهي ۽ ان ۾ نقصان نه آهي ۽ ڪڏهن هن سبب ڪري ظاهر ٿيندو آهي، جو حالت وجد جي سالڪ کي هر وقت ۽ هر حال ۾ هڪ جهڙي هوندي آهي. تنهنڪري راڳ مان ڪجهه زياده اثر معلوم نه ٿيندو آهي. هي درجو سالڪ جو اڳئين درجي کان به تمام اعليٰ آهي، ڇو ته وجد ڪندڙ سالڪن جو وجد هميشه رات ڏينهن ڳنڍيل ۽ هلندڙ نه آهي، پر جو شخص دائمي وجد ۾ هجي، اهو حق سان مليل يعني واصل بالله ۽ عين مشهود جو هميشه نظارو ڪندڙ هجي. ان کي عارضي يعني لاحقي احوال بدلائي نه سگهندا، جهڙي طرح جو صديق اڪبر ﷦جن، جو اعربين کي فرمايو ته ”مان به ڪڏهن ائين هوس، جيئن هينئر اوهان آهيو. مگر هاڻي منهنجي دل سخت ٿي وئي آهي“. ان قول مان دائمي وجد جو اشارو آهي. يعني منهنجي دل اهڙي قوي ۽ مضبوط ٿي وئي آهي، جو هر حال ۾ هميشه وجد ۾ رهڻ جي طاقت رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان قرآن شريف جي معنيٰ هميشه ٻڌندا رهون ٿا ۽ اسان جي لاءِ قرآن شريف ڪا نئين ڳالهه نه آهي، جنهن کان اسان تي اثر پوي. مطلب ڳالهه جو ته وجد جي قوت جڏهن چرپر ظاهر ڪري ٿي، جنهن کي عقل ۽ روڪڻ واري طاقت ضبط ڪري ٿي. بعضي وقتن تي ته ٻنهي مان هڪ قوت ٻئي تي غالب پئجي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته اها پاڻ ۾ تمام وڏي درجي جي قوي طاقت رکندڙ آهي. مقابل طرف جيترو ڪمزور ۽ طاقت وارو هوندو آهي ته نقصان خواه فائدو به ان موجب ٿيندو آهي. توهان کي هي گمان نه ڪرڻ گهرجي ته جو شخص خود زمين تي وجد جي سبب کان ڦٿڪي ۽ ليٽي، اهو وجد ۾ ڪامل آهي، جنهن پنهنجي بيقراريءَ کي ضبط ڪيو آهي، سو ناقص آهي. ياد رکڻ گهرجي ته بيقراريءَ کي روڪڻ واري سالڪ جو وجد، ڦٿڪڻ ۽ ليٽڻ واري جي وجد کان افضل ۽ ڪامل ٿيندو آهي. جيئن حضرت جنيد شروع راڳ ۾ ڪجهه چرپر ڪندا هئا، باقي آخر ۾ ڪا به جنبش نه ڪندا هئا. ڪنهن شخص کانئن انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ هيءَ آيت شريف پڙهيائون: وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَّهِيَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحَابِ صُنْعَ اللهِ الَّذِي أَتْقَنَ كُلَّ شَيْءٍ(1) (۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انهن کي (زمين ۾) ڄميل ڀانئين ٿو. حالانڪه اهي ڪڪرن جي هلڻ وانگر هلندا، اها (انهيءَ) الله جي ڪاريگري آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي پڪو ڪري جوڙيو آهي) هن ۾ هي اشارو آهي ته دل ڦٿڪي رهي آهي ۽ عالم ملڪوت ۾ جوش ٿيو آهي، مگر عضوا ماٺ ۾ آهن. ابوالحسن محمد بن احمد جو بصري جو ويٺل هو، چوي ٿو ته مان سٺ سال سهل تستري جن جي خدمت ۾ رهيس، جنهن کي مون ڪڏهن به ڪنهن ذڪر يا قرآن شريف جي آيت شريف پڙهندي طبع ۾ ڦير گهير نه ڏٺي. جڏهن اُهي پيرسن ٿيا ته ان وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ شخص سندس روبرو هيءَ آيت شريف پڙهي: فَالْيَوْمَ لَا يُـــؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْيَةٌ(2) (ٻڌو اڄ توهان کان ناهي قبول جان ڇڏائڻ) هي ٻڌنديئي سارا ڏڪي ويا ۽ اٿيا، وري ڪرڻ لڳا، جڏهن پهرين حالت ۾ آيا، ته مون سبب پڇيو ته هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي، پاڻ فرمايائون ته اي دوست، هاڻي اسان ڏٻرا ٿي ويا آهيون. اهڙيءَ طرح هڪ دفعي هيءَ آيت شريف ٻڌايائون: اَلْمُلْكُ يَوْمَئِذِ نِ الْحَقُّ لِلرَّحْمٰنِ(3) (راڄ انهيءَ ڏينهن سچو آهي رحمان جو) ته به سارا ڏڪڻ لڳا هئا. ابن سالم جو سندن مريد هو، تنهن ان ڳالهه جو سبب پڇيو، پاڻ فرمايائون ته ادا مان ضعيف ٿي ويو آهيان، ابن سالم عرض ڪيو ته قبلا جيڪڏهن هي ڳالهه ضعيف هجڻ کان ٿئي ٿي، ته حال جي قوت ڪهڙي آهي، پاڻ فرمايائون ته قوي الحال اُهو آهي ته جنهن تي زور وارد ٿئي، ته به پنهنجي حال جي زور مان نه نڪري وڃي. ڪائي به واردات ڪهڙي به زبردست هجي ته به ان کي بدلائي سگهي، جيتوڻيڪ ظاهري وجد جي روڪڻ تي قدر جو سبب هي ٿيندو آهي، پر هر وقت جي مشاهدي سبب حالتون هڪجهڙيون ٿي وينديون آهن، جيئن جو سهل تستري جو قول آهي، ته منهنجي حالت نماز کان اول ۽ ان کان پوءِ هڪ جهڙي آهي. خوش وتن سامي سدا، جهڙا ڪتيءَ تهڙا چيٽ سانوڻ سرءُ ويساک ڇا، جهڙا ڪتيءَ تهڙا چيٽ (1) انهيءَ سبب ڪري جو پاڻ سدائين دل ۾ نگران خدا تعاليٰ سان حاضر ذڪر هئا. معلوم هجي ته تحقيق اهڙو شخص راڳ کان اول ۽ پوءِ هڪ جهڙي حال ۾ رهندو. ڇو جو اُن جو وجد دائمي هوندو آهي. جنهن کي اشتياق برابر ۽ ذوق هميشه لڳو رهندو آهي. تنهن جي راڳ کان به ترقي نه ٿيندي آهي، جيئن جو نقل آهي ته ممشاد دينوري هڪ جماعت ڏٺي ته ان ۾ ڪنهن قوال ڪجهه ڳاتو ٿي. انهن ماڻهن کين ڏسي کڻي چپ ڪئي. پاڻ فرمايائون ته توهان پنهنجو ڪم ڪريو، منهنجي ڪنن ۾ توهان جيڪڏهن ساري دنيا جا ساز گڏ ڪري آواز پهچايو به ته منهنجي همت کي روڪي نه سگهندا ۽ نڪي منهنجي حالت ۾ ترقي ٿيندي. حضرت جنيد فرمائين ٿا ته فضيلت علم جي هجڻ ڪري، وجد جو نقصان نٿو ٿئي ۽ علم جي فضيلت وجد جي فضيلت کان زياده ڪامل آهي. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئو ته اهڙو شخص راڳ جي مجلس ۾ ڇو ٿو اَچي، ته اِن جو جواب هي آهي ته انهن شخصن مان ته راڳ پيريءَ ۾ اچي ڇڏي ڏنو، تنهنڪري تمام ٿورا راڳ جي مجلس ۾ ايندا هئا. بعضي ڪنهن دوست يا ڀاءُ جي دل خوش ڪرڻ خاطر ايندا هئا ۽ ڪڏهن ته ان خيال سان شريڪ ٿيندا هئا ته ماڻهو سندن قوت ڪمال ڏسن ۽ سمجهن ته ظاهر جو وجد ڪا وڏي ڳالهه نه آهي يا ظاهر وجد تي ضبط ڪرڻ سکن، جيڪڏهن اتفاق سان پنهنجي سر وارن کانسواءِ ٻي ڪنهن راڳ جي مجلس ۾ ويندا آهن ته سندن جسمن جي شراڪت ته انهن سان هوندي آهي، پر دلين ۾ انهن کان دور رهندا آهن. جهڙيءَ طرح راڳ کانسواءِ غير جنسن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ضروري سبب کان ويهندا آهن ته اتي به هي حال هوندو، جو ظاهر انهن ۾ هوندا ۽ باطن ملڪوت ۾ ٻيو ڪجهه هوندو ۽ ماڻهن کي سندن راڳ ترڪ ڪرڻ ۾ گمان ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي راڳ جي ضرورت نه رهي ۽ سدائين وجد ۾ رهيا، بعضي ماڻهو انهيءَ سبب جي ڪري زاهد به ٿي رهيا، ٻئي طرف ماڻهن کي غلط فهمي ٿي ته انهن راڳ کي خراب سمجهيو، حالانڪ هي سدائين وجد ۾ ٿي رهيا، تنهنڪري راڳ جي کين مزيد ضرورت نه رهي ۽ کين راڳ مان لذت روحاني ميسر نه ٿي ۽ نڪي صاحب تماشي ڏسڻ جا هئا، ان ڪري ترڪ ڪري ڇڏيائون ته ڇو بي فائده ڳالهين ۾ مشغول رهجي. بعض گهڻن شخصن انهن سببن ڪري به ترڪ ڪيو، جو انهن کي اهڙي مجلس جا يار ميسّر نه ٿيا، جيئن جو ڪنهن درويش کان پڇيو ويو ته ميان تون هاڻي راڳ ڇو نه ٿو ٻڌين، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن کان ٻڌان ۽ ڪنهن سان گڏجي ٻڌان؟ ادب چوٿون: چوٿون ادب هي آهي ته جڏهن ڪو پنهنجي نفس کي روڪي سگهي ٿو. تڏهن نڪي اُٿي بيهي، نڪي بلند آواز سان روئي. مگر جيڪڏهن نچي يا روئڻ جهڙي صورت ڪري ته به مباح آهي. بشرطيڪه باطن جي مخالف يعني ريا نه هجي، ڇو جو روئڻ جهڙي شڪل ڪرڻ سان ڏک پيدا ٿيندو آهي ۽ خوشي خواهه عيش جي چرپر ڪرڻ سبب رقص ٿيندو آهي. تنهنڪري مباح خوشيءَ جي چرپر پيدا ڪرڻ جائز آهي. جيڪڏهن نچڻ حرام هجي ها ته حضرت عائشه i کي آنحضرت ﷺ جن گڏجي حبشين جو ناچ نه ڏيکارين ها.(1) جيئن جو پاڻ روايت فرمائين ٿا. اصحابين # مان به بعضي اڪابر جو نچڻ خوشيءَ جي وقت مباح رهيو آهي ۽ ساڳي ئي خوشي هن نقل موجب آهي. جيئن جو حضرت امير حمزه ﷦جي نياڻيءَ جي باري ۾ نقل آهي ته جڏهن حضرت علي المرتضيٰ ﷦۽ حضرت جعفر ﷦ سندن ڀاءُ ۽ زيد بن حارث ﷦جن جي وچ ۾ گفتگو ٿي ته هن نينگر جي پرورش ڪير ڪري، تڏهن آنحضرت ﷺ جن حضرت علي ﷦جن کي فرمايو ته تون مون سان آهين ۽ مان توسان آهيان. اِهو ٻڌي حضرت علي ﷦خوش ٿيا، وري حضرت جعفر ﷦کي فرمايائون ته تون منهنجي عمل ۽ عادتن جهڙو آهين. اِهو ٻڌي حضرت جعفر ﷦، حضر علي ﷦جن کان به زياده خوش ٿيا ۽ حضرت زيد بن حارث ﷦کي فرمايائون ته تون منهنجو ڀاءُ ۽ آزاد آهين، ته حضرت زيد ﷦، حضرت جعفر ﷦کان به زياده خوش ٿيو. پوءِ چيائون ته هي نينگر جعفر ﷦جن وٽ رهي ٿو. ڇو جو اُن نينگر جي ماسي حضرت جعفر جن جي نڪاح ۾ آهي ۽ ماسي به گويا ماءُ جي مثال آهي. (2) هڪ جاءِ حديث شريف ۾ آيل آهي ته آنحضرت ﷺ جن حضرت عائشه i جن کي فرمايو ته ”توهان کي حبشين جو ناچ پسند آهي“.مطلب ته نچڻ، ٽپا ڏيڻ ته خوشيءَ جي سبب کان ٿيندو آهي ۽ اِن جو حڪم به خوشي تي ئي قائم آهي. يعني جنهن صورت ۾ خوشي ڪرڻ چڱي هجي ۽ ناچ سان ان جي ترقي ۽ تاڪيد ٿيندو هجي ته اُهو ناچ سڳورو ۽ چڱو آهي. جيڪڏهن خوشي مباح هوندي ته ناچ به مباح ٿيندو، جيڪڏهن خوشي خراب آهي ته ناچ به خراب ٿيندو. هي روش اڪابرن ۽ مقتدا جي شان وٽان نه آهي، ڇو جو هي امر اڪثر کيڏڻ، ڪڏڻ ۽ تماشي وانگر آهي، جا ڳالهه عام ماڻهوءَ جي نظر ۾ تماشي وانگر آهي. ان کان مقتدا ۽ پيشوا کي پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن کان ماڻهن جي نظر ۾ حقير نه ٿين ۽ ماڻهو به سندن پيروي ڪرڻ کان گريز ڪن. باقي رهيو ڪپڙن جو ڦاڙڻ، جنهن جي اجازت نه آهي، مگر جو آدمي پنهنجي اختيار ۾ نه رهي ۽ بيخود ٿي وڃي ته پوءِ لاچار آهي ۽ هي ڪجهه بعيد نه آهي ته دل تي اهڙو وجد غلبو ٿيو هجي. جنهن کان هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏي، وجد جي نشي ۾ ان کي معلوم نه هجي يا معلوم به هجي، مگر سواءِ ڪپڙڻ ڦاڙڻ جي نفس کي روڪي نٿو سگهي. اهڙي شخص جو حال اهڙو آهي، جهڙو زوريءَ ڪنهن کان ڪم ئي ڪم ورتو وڃي، ڇو ته هن ڦٿڪڻ ۽ ڪپڙڻ ڦاڙڻ ۾ ئي بچاءَ جي صورت ڏسي لاچار اهو به ڪم اختيار ڪيو آهي. جهڙيءَ طرح بيمار ماڻهو لاچاريءَ کان آهه ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو ئي ان کي اُن آهه ڪرڻ کان روڪي ته ڪڏهن به ان کان صبر نه ٿيندو. جيتوڻيڪ هي فعل اختياري آهي ۽ هن ڳالهه جو ضرور نه آهي ته جن فعلن جي حاصلات ارادي سان هجي، جن کي ترڪ ڪرڻ جو قادر به انسان هجي. مثال طور ساهه کڻڻ به ارادي سان ٿيندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي چئجي ته هڪ ساعت ساهه کڻڻ بند ڪر ته اُهو شخص گهٻرائجي اندر کان ساهه کڻڻ اختيار ڪندو. اهو ئي حال رڙين ڪرڻ ۽ ڪپڙن ڦاڙڻ جو آهي. جيڪڏهن اِهو به اهڙيءَ طرح ٿيندو آهي ته اِن کي به حرام چئي نه سگهبو آهي. جيئن جو سري سقطي جن جي اڳيان، تيز وجد ۽ غالب وجد جو ذڪر نڪتو، جنهن بابت پاڻ فرمايائون ته هائو وجد غالب اُهو ٿيندو آهي، جو ڪڏهن وجد واري جي منهن تي تلوار به لڳي ته به هن کي خبر نه پوي. ماڻهن وري پڇيو ۽ گمان ڪيو ته ان حد جو وجد ڪيئن ٿيندو آهي. ان کان علاوه گهڻائي سوال پڇيائون، مگر پاڻ ڪجهه به جواب نه ڏنائون، جنهن جي معنيٰ هيءَ آهي ته بعض وقتن ۾ ڪن شخصن تي اهڙو وجد غالب ٿيندو آهي، جو ڪيترو به انهن کي ايذاءُ ڏنو وڃي ته خبر ڪا نه پوندي اٿن. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئون ته راڳ کانپوءِ ۽ وجد کان فارغ ٿيڻ بعد صوفي صاحب نوان ڪپڙا يا انهن جا ٽڪر ٽڪر ماڻهن کي ڏيندا آهن. جن کي خرقو يعني فقيرن جو لباس به چيو ويندو آهي، انهيءَ باري ۾ توهان جو ڇا چوڻ آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته هي امر مباح آهي، بشرطيڪه ڦاٽل ڪپڙو هم چورس، چتيءَ لڳائڻ يا جاءِ نماز لائق هجي. جنهنڪري ڦاڙڻ ۾ ڪجهه منع نه آهي، توڙي جو ٿان ڦاڙي ڪم آڻي، سڀ ڪجهه مالڪ جي اختيار آهي، ڀلي ٿانَ جون سؤ ٽڪريون ڪري سؤ فقيرن کي ڏي، مگر هي ضرور آهي ته اِهي ٽڪريون ٻيو ڪين، ته به چتين هڻڻ جيتريون ته هجن. هاڻي راڳ ۾ اسان ڪپڙن ڦاڙڻ کان منع ڪئي آهي، تنهن جو سبب هي آهي ته ڪپڙو خراب ۽ ضايع نه ٿي پوي، جنهنڪري پوءِ ڪنهن به ڪم نه اچي، ڇو جو هي فقط نقصان ڪرڻ آهي، جيڪو اختيار سان ائين ڪرڻ جائز نه آهي، مگر بي اختياريءَ جي حالت ۾ لاچار آهي. ادب پنجون: پنجون ادب هي آهي ته اٿي بيهڻ ۽ ماڻهن سان هڪجهڙائي ڪرڻ گهرجي. يعني ڪوئي شخص سچي وجد ۾ اچي. سواءِ ڏيکاءَ ۽ بناوت جي اٿي بيهي. يا سواءِ وجد ظاهر ڪرڻ جي پنهنجي اختيار سان اٿي بيهي ۽ ٻيا ماڻهو انهيءَ جي لاءِ اٿي بيهن ته انهن سان گڏ پاڻ کي به اٿي بيهڻ گهرجي. جو اها عادت مجلس جي يارن جي هڪجهڙائي ۽ محفل جو ادب آهي. جيڪڏهن ماڻهن جي هيءَ عادت ٿي ويئي هجي ته جيڪڏهن ڪنهن وجد واري جي پڳڙي ڪري پوي ته اُهي به پنهنجون پڳڙيون ان جي هڪجهڙائيءَ جي خيال ۾ لاهي ڇڏين، يا ان جي چادر لهي وڃي ته پنهنجون چادرون به لاهي ڇڏين. اهڙين ڳالهين ۾ سڀني جي موافق ڪم ڪرڻ خوبي، آداب صحبت ۽ عشرت ۾ دخل آهي، ڇاڪاڻ ته سنگت جي مخالفت ڪرڻ وحشت آهي. سڀ ڪنهن قوم جي رسم جدا آهي، تنهنڪري جهڙو ديس، تهڙو ويس ڪرڻ گهرجي. آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي: خَالِقُوا النَّاسَ بِاَخْلَاقِهِمْ(1) (ماڻهن سان سندن عادتن جي موافق ملو) خاص ڪري اهڙيون عادتون، جن ۾ حسن، عشرت، دلين جو جوش ڪرڻ ۽ هڪجهڙائي ڪرڻ پاتو وڃي، ته ان جو استعمال ضروري آهي. جيڪڏهن ڪو ئي اعتراض ڪندڙ چوي ته هي امر بدعت آهي ۽ اصحابن جن جي وقت ۾ نه هو، جن کي اسين برابر هڪ سچ جي صورت ۾ ڄاڻنداسون، پر جيترا مباح آهن، سي سڀ اصحابن کان نقل ڪيل هجن، پر ان لاءِ ڪا به پابندي نه آهي ته امر اصحابن # جن کان نقل ڪيل هجن ۽ منع ڪيل بدعت آهي. پر اها، جا سنت جي ابتڙ هجي، ڪن قسمن جي امر ۾ ڪنهن طرح جي منع نقل ٿيل نه آهي، جيئن اچڻ واري جي لاءِ اچڻ وقت اٿي بيهڻ عربن جي عادت ۾ نه هو، جيئن جو اصحابه #، آنحضرت ﷺ جن لاءِ به اٿي نه بيهندا هئا. جهڙيءَ طرح حضرت انس ﷦روايت ڪئي آهي (2)، مگر جيئن جو اُن ۾ ڪا به منع صفا ثابت نه ٿي ٿئي ته جن شهرن ۾ اچڻ واري جي تعظيم اٿي بيهڻ جي طريقي سان ڪئي ويندي آهي، اُتي ڪنهن جي لاءِ اٿي بيهڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. انهيءَ سبب ڪري، جو نيت انهن جي عزت، تعظيم ۽ دل خوش ڪرڻ جي آهي، جنهن ڳالهه ۾ هڪ جهڙائي ڪرڻ سان ٻئي جي دل خوش ڪرڻ جي نيت هجي ۽ ماڻهن ان کي دل خوش ڪرڻ جو قوي اتفاق ٺهرايو هجي ته اهڙي ڳالهه ۾ ان جي هڪجهڙائي ڪرڻ ڪجهه وهم نه آهي. بلڪ چڱو ائين آهي ته هڪجهڙائي ڪري، بشرطيڪه منع وارد نه هجي ۽ هڪ ادب هي به آهي ته ماڻهن سان گڏجي نچڻ لاءِ نه اُٿي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ان جو نچڻ برو ڄاڻندا هجن ته پوءِ کيس لائق آهي ته ماٺ ڪري ويهي ۽ نچي انهن ماڻهن جي حال ۾ بکيڙو نه وجهي. مطلب ڳالهه جو ته حاضر مجلس وارا، جيڪڏهن باطن جا صاحب آهن ته انهن جي دل سچائي ۽ تڪليف جي ڪسوٽي ٿيندي آهي، جنهن جي جواب ۾ چيو ويو ته صحي وجد اهو آهي، جنهن کي وجد وارا قبول ڪن. هاڻي جيڪڏهن ڪوئي شخص هيئن چوي ته ڪهڙي ڳالهه آهي جو طبيعتون ناچ کان نفرت ڪن ٿيون ۽ ظاهر هي گمان ڪيو ويندو آهي ته ناچ ڪوڙو، بيهودو ۽ دين جي برخلاف آهي ۽ جڏهن ڪوئي دين ۾ ڪوشش ڪندڙ ناچ ڏسندو آهي ته ان کان انڪار ڪندو آهي. ان جو جواب هي آهي ته ڪيترو به کڻي ڪو شخص زاهد هجي، ان جي حد آنحضرت ﷺ جن کان مٿي نه ٿيندي. جيئن جو پاڻ حبشين کي نچندو ڏٺائون ۽ انڪار نه فرمايائون، ڇو جو اهو وقت به ان جي لائق هو ۽ اهي ماڻهو به ان جي لائق هئا، ڇاڪاڻ ته عيد جا ڏينهن هئا، جنهنڪري ئي حبشي نچيا ٿي. جيڪڏهن طبيعتون ناچ کان انهيءَ لحاظ کان نفرت ڪندڙ آهن ته گهڻو ڪري ناچ مان کيڏڻ ۽ ڪڏڻ پيدا ٿيندو آهي ۽ کيڏڻ يا ڪڏڻ ڪيترو مباح آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ جهڙيءَ طرح زنگي ۽ حبشي آهن ۽ منصب وارن جي لاءِ مڪروه آهي، ڇاڪاڻ جو انهن جي شان جي لائق نه آهي، جا چيز منصب وارن جي لائق وٽان نه هجڻ سبب مڪروهه يا حرام چئي نه ٿو سگهجي. مثال طور: جيڪڏهن ڪوئي سائل ڪنهن فقير کان ڪجهه گهري ۽ اهو فقير ان کي هڪ ماني ڏي ته اها خيرات سندس عمدي عبادت آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي سائل بادشاهه کان سوال ڪري ۽ بادشاهه به ان کي هڪ ماني ڏي ته ساري خلق جي نظر ۾ خراب سمجهيو ويندو ۽ تاريخن ۾ لکيو ويندو ته فلاڻي بادشاهه، بخيل طبع ۽ خراب عادتن وانگر هيءَ هڪ حرڪت ڪئي هئي، جنهنڪري ان جي اولاد کي به ماڻهو ان سبب کان تنگ ڪندا، مگر هيئن نه ٿو چئي سگهجي ته فلاڻي بادشاهه، جيڪا اها حرڪت ڪئي، سا حرام هئي. بادشاهه، جيڪا خيرات سائل کي ڏني سو ته چڱو ڪم ڪيو آهي، مگر سندس شان وٽان هڪ ماني ڏيڻ، نه ڏيڻ جي برابر آهي ۽ خراب آهي. اهڙيءَ طرح نچڻ ۽ ٻين مباح چيزن جو حال آهي، جي عام ماڻهن جي حق ۾ مباح آهن ۽ نيڪ بندن جي حق ۾ برايون آهن، پر هي حڪم انهيءَ صورت ۾ آهي، جنهن صورت ۾ ان کي منصب جي لحاظ سان ڏسجي. جيڪڏهن بنا لحاظ ڪنهن منصب وغيره جي ڏسبو ته هي حڪم ڪرڻ واجب ٿيندو ته بذات خود اُن ۾ ڪا حرام هجڻ جي حالت نه آهي. هن گذريل تفصيل مان هي ثابت ٿيو ته راڳ جا چار قسم آهن: (1) حرام. (2) مباح. (3) مڪروه. (4) مستحب. راڳ حرام انهن ماڻهن جي حق ۾ آهي: جي جوان آهن يا جن تي دنيا جي شهوت غالب آهي، ڇاڪاڻ ته راڳ انهن جي دلين ۾ خراب صفتن جي چرپر ڪندو ۽ سندن دلين تي جي غالب آهن، ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن قسم جي نيڪ چرپر پيدا نه ڪندو. راڳ مڪروه انهن ماڻهن جي حق ۾ آهي: جي راڳ کي جيتوڻيڪ مخلوق جي صورت تي ڪم نه ٿا آڻين، مگر گهڻو وقت ان جي ٻڌڻ جي عادت ڪري ڇڏي اٿن، بيهودائپ وانگر. راڳ مباح انهن ماڻهن جي حق ۾ آهي: جن کي راڳ مان ٻيو ڪو ئي بهرو، سواءِ آواز جي مزي پائڻ جو نه آهي. راڳ مستحب، انهن ماڻهن جي حق ۾ آهي: جن تي خدا تعاليٰ جي محبت غالب آهي ۽ راڳ انهن جي دلين ۾ سواءِ تعريف ڪيل صفات جي ٻي ڪنهن به چيز جي چرپر پيدا نه ٿو ڪري.   دعاءِ خير اي ابر خدايا به بخشائي و بر روئي اقتراح طالبان فتح باب، حقائق ابواب مڪالمه و معاضره و مشاهده بڪشائي و بحرمت اهدناالصراط المستقيم گم شدگان باديه ضلالت و حيرت زدگان، وادي غوايت را طريقه استقامه ابدي و سبيل استعانت سرمدي، بنامائي و زنگار افگار نفساني و ڪدورت پندار جسماني را، بصيقل محبت جاوداني و تصفيه مودت بي نشاني از مرات قلوب مقتسبان اسرار عرفاني، بزدائي اللهم ارزقن ثبوت الحال و سڪوت المقال بحرمت النبي صاحب الڪمال، برحمتڪ يا ارحم الراحمين .. آمين. ۞ تاريخ ختم ڪتاب لکين شڪر پاڪ پرور سندا، ختم خير سان ٿيو هي بيان. نئين سال جو هيءُ تحفو نئون، رکان ٿو نذر آءٌ عجيبن اڳيان. مطالعي کانپوءِ مهرون وري، ڪجو ياد يار دعا خير سان. سن تيرهن سئو چوئيتاليهه هجري، اٺين ماه محرم جي اظهر چوان. بروز ڇنڇر بوقت ظهر، ڪيم هيءُ لکي پرت مان. ڏسو جي اوهين ڪٿي چڪ ڪا، ڪجو معاف لله ان ڀل کان. سدائين دعاڳو سڀن دوستن جو، ”مسرور“ نالي نماڻو اَهيان. ۞