سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت

ڪتاب جو نالو سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت
ليکڪ حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي
سنڌيڪار / ترتيب ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-56-7
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (421) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13117   ڀيرا پڙهيو ويو

سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت  


اَلْحَمْدُ لِلهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ وَالصَّلوٰةُ وَالسَّلَامُ عَليٰ رَسُوْلِهٖ مُحَمَّدٍ وَآلِهٖ وَاَصْحَابِهٖ اَجْمَعِيْنَ شڪرانو آهي، خالق حقيقي معبود جو، جيڪو جهانن جو خلقيندڙ، رحمان ۽ رحيم آهي، جنهن جي قدرت بي پايان ۽ بي انت آهي، جنهن جي بيان ڪرڻ کان زبان قاصر، قلم لَنگ آهي، جيڪڏهن ساري جهان جا وهندڙ درياء سياهي هجن ۽ ڌرتيءَ جي ميدان جيڏا ڪاغذ هجن، ته به سندس صفت- قدرت جو بيان تمام ٿيڻ جو نه آهي. انسان ويچاري کي ڪهڙي طاقت آهي، جو سندس ساراهه ڪري سگهي، بعد ۾ درود ۽ سلام پياري حبيب حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ، اصحابن ۽ ان جي تمام اولاد تي پڙهڻ بعد، حبيب حقيقيءَ جي بي انت امرن ۽ اشارن مان هيءُ هڪ امر راڳ جي باري ۾ نقل ڪجي ٿو. اسرار دل جو سارو ڪري راڳ ٿو آگاهه، آهي راڳ غذا روح جي اهو ادا ڪر ويساهه، شرطن جي موافق نه آهي ته پوءِ تحقيق آهي ڏاڍو راڳ سو گناهه. معلوم هجي ته جيئن لوهه ۽ پٿر ۾ باهه لڪل رهي ٿي، يا جيئن پاڻيءَ جي هيٺان مٽي ڍڪيل آهي، اهڙيءَ طرح باطن جا جواهر ۽ اسرار دلين ۾ لڪل آهن، انهن جي ظاهر ڪرڻ جو رستو راڳ کان وڌيڪ ٻيو ڪو نه آهي. دلين جي طرف وڃڻ جو رستو، ڪَن جي طرف کان سواءِ ٻيو ڪو نه آهي. راڳ موزون ۽ لذيذ، ان جي اندر جا راز ظاهر ڪري ٿو، پوءِ اهي توڙي چڱا يا خراب آهن، ڇو ته دل جو حال ڀريل ٿانءَ وانگر آهي، جڏهن کيس لوڏبو تڏهن منجهانئس اهو ئي نڪرندو، جنهن سان اهو ٿانءُ ڀريل آهي. اهڙيءَ طرح راڳ به دلين واسطي سچي ڪسوٽي آهي. جڏهن انهيءَ مان دل کي مزو ايندو ته منجهانئس اُهي ئي ڳالهيون ظاهر ٿينديون، جي ان تي غالب هونديون. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته دليون راڳ جون مطيع آهن، جو ان جي سبب کان پنهنجي برائي ۽ ڀلائي سڀ ظاهر ڪيو ڇڏين. انهيءَ سبب ضرور ٿيو ته سماع، راڳ ۽ وجد جو ذڪر تشريح سان لکيو وڃي ۽ اِنهن ٻنهي جا فائدا، نقصان، ادب ۽ حالتون، عالمن سڳورن جا اختلاف، منع ۽ مباح جي باري ۾ تفصيلوار بيان ڪجن، هي ذڪر ٻن فصلن ۾ بيان ڪجي ٿو.