سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت

ڪتاب جو نالو سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت
ليکڪ حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي
سنڌيڪار / ترتيب ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-56-7
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (421) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13113   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل پهريون


سماع ۽ راڳ جي مباح هجڻ ۾- ۽ عالمن سڳورن جا اختلاف، جنهن ۾ چار بيان آهن. واضح هجي ته اول راڳ ٿيندو آهي ۽ انهيءَ کان دل تي هڪ عجب حالت ٿيندي آهي، جنهن کي وجد چوڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ وجد جي سبب کان سڀني عضون ۾ چرپر يا ڏڪڻي پيدا ٿيندي آهي. اها ڏڪڻي يا چرپر جيڪڏهن بي وزن ٿيندي آهي ته ان کي بيقراري چئبو آهي ۽ جڏهن موزون يعني وزن واري هوندي آهي ته تال ۽ ناچ سڏيو ويندو آهي. هاڻي اول راڳ جو احوال لکجي ٿو ۽ جيترا قول مختلف هن باب ۾ آهن سي درج ڪجن ٿا، جنهن کانپوءِ راڳ کان انڪار ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويندو ۽ سڀ کان پوءِ انهن جي حجت جا جواب ڏبا، جي ان جي حرام هجڻ جا قائل آهن. بيان پهريون عالمن ۽ صوفين جا قول- راڳ جي حلال ۽ حرام هجڻ بابت قاضي ابو طيب طبري، جنهن امام شافعي ، امام مالڪ ، امام اعظم ۽ سفيان ثوري پڻ ٻين ڪيترن عالمن علمائن کان اِهي لفظ نقل ڪيا آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته اهي سڀ راڳ جي حرام هجڻ جا قائل هئا. امام شافعي ڪتاب ’آداب القضا‘ ۾ فرمايو آهي ته ڳائڻ هڪ وڏو تماشو ۽ ڪوڙ جي مثال وانگر آهي، جو شخص ان کي گهڻو اختيار ڪندو، اهو بيوقوف آهي، ان جي شاهدي به قبول نه ڪئي ويندي، يعني ان جي شاهدي معتبر ۽ اعتبار جهڙي نه آهي ۽ جا عورت مرد سان محرم نه هجي، توڙي اُها پرده دار يا منهن اگهاڙي گهمندڙ هجي، خواه ٻانهي خريد ٿيل يا آزاد هجي. ان جو راڳ ٻڌڻ ڪنهن حال ۾ درست نه آهي. حضرت امام شافعي فرمائين ٿا ته ”جيڪڏهن انهيءَ ٻانهيءَ خريد ٿيل جو مالڪ ماڻهن کي ان جي راڳ ٻڌڻ واسطي گڏ ڪري يا سڏي ته اُهو ڪمينو ۽ نالائق آهي. ان جي شاهدي به قبول نه ڪئي ويندي.“ هي به انهن کان منقول آهي ته پاڻ ڪاٺي وغيره سان گَتَ ڏيڻ خراب ڄاڻندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ”هيءَ بي دين ڪافر بي ايمانن جي ايجاد آهي ته اهي ان جي سبب کان عبادت الاهي ۽ قرآن شريف جي تلاوت کان غافل رهن.“ ۽ امام شافعي هي به فرمائين ٿا ته ”ڳوٽ سان کيڏڻ زياده مڪرهه آهي.“ جيئن جو اِها ڳالهه حديث شريف مان معلوم ٿئي ٿي ته ”مان شطرنج راند پسند نٿو ڪريان ۽ جن شين سان ماڻهو راند کيڏن ٿا، مان انهن سڀني کي مڪروه ڄاڻان ٿو، ڇو جو کيڏڻ ديندار ۽ مروت وارن ماڻهن جو ڪم نه آهي.“ امام مالڪ راڳ ٻڌڻ کان منع فرمائي آهي ۽ فتويٰ ڏني آهي ته ”جيڪڏهن ڪو شخص ٻانهي خريد ڪري، پوءِ کيس معلوم ٿئي ته ڳائڻ واري آهي، تڏهن خريدار کي واجب آهي ته ان کي يڪدم واپس ڪري.“ ۽ اهو ئي مذهب سواءِ هڪ شخص اڪيلي ابراهيم بن سعد جي، سڄي مدينه منوره جي رهاڪن جو آهي. امام ابو حنيفه راند کيڏڻ ۽ کيڏڻ جي رانديڪن کي خراب ڄاڻندا هئا ۽ هنن خاص طرح راڳ ٻڌڻ گناهه فرمايو آهي. ساڳيو حال ڪوفي جي سڀني رهاڪن جو آهي، يعني سفيان ثوري ، حماد ، ابراهيم ۽ شعبي وغيره جو آهي. هي سڀ اقوال ابو طيب طبري نقل ڪيا آهن. ابو طالب مڪي گهڻن ماڻهن کي راڳ جي منع فرمائي آهي ۽ پڻ فرمايو آهي ته اصحابن اڪرامن مان عبدالله بن جعفر !، ابن زبير !، مغيره بن شعبه ! ، معاويه! ۽ ٻين پڻ راڳ ٻڌو آهي ۽ گهڻن ئي صحابه صالحين ۽ تابعين به راڳ ٻڌو آهي، ۽ هن ريت پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ”اسان جي ڏينهن ۾ مڪي جي اندر حجاز وارا سال جي وڏن ڏينهن تي راڳ ٻڌندا آيا آهن ۽ اُهي ڪي ٿورا ڏينهن آهن، جهڙيءَ طرح تشريق جا ڏينهن ذوالحج مهيني ۾ آهن. جن ۾ الله تعاليٰ جلّ شانه پنهنجي ٻانهن کي ذڪر جو حڪم فرمايو آهي.“ ۽ فرمائين ٿا ته ”مڪي معظمه وارن وانگر مديني منوره جا ماڻهو به اسان جي وقت تائين راڳ ٻڌندا هئا.“ جيئن جو فرمائين ٿا ته ”اسان ابو مردان قاضيءَ کي ڏٺو ته ان وٽ ٻه چار ٻانهيون ڳائڻ واريون هيون، جي صوفين واسطي رکيون هئائين ۽ اهي ماڻهن کي راڳ ٻڌائينديون هيون.“ ۽ حضرت عطاء جن وٽ ٻه ٻانهيون ڳائڻ واريون هيون، جو سندن دوست انهن جو راڳ ٻڌندا هئا ۽ هي به ابو طالب جن جو قول آهي ته ابوالحسن بن سالم کان ڪنهن شخص پڇيو ته ”توهان راڳ جو ڇاکؤن انڪار ڪريو ٿا؟ حالانڪه حضرت جنيد ۽ سري سقطي ۽ ذوالنون راڳ ٻڌندا هئا.“ پاڻ چيائون ته ”مان ان جو ڇاکؤن انڪار ڪريان! جيئن جو عبدالله بن جعفر طيار راڳ ٻڌندا هئا ۽ چوندا هئا ته مان فقط کيڏڻ ڪڏڻ يعني دل وندرائڻ لاءِ راڳ ٻڌندو آهيان.“ ۽ يحيٰ بن معاذ کان روايت آهي جو پاڻ فرمايو اٿن ته ”ٽي چيزون مون کان وينديون رهيون ۽ اُهي هاڻي مون کي هميشھ گهٽ ئي نظر اچن ٿيون. (1) خوبصورت ٿيڻ ۽ سالم رهڻ. (2) خوبي گفتار ايمانداريءَ واري. (3) ڀائي بندي وفائيءَ واري. ۽ فرمائين ٿا ته مان هي قول پنهنجين اکين سان بعضي ڪتابن ۾ ”حارث محاسبي “ کان ڏٺا آهن ۽ انهن مان هيءُ معلوم ٿيو ته ”حارث محاسبي “ جيتوڻيڪ زهد عبادت ۽ دين جي حفاظت ۾ تمام سعيو ڪندا هئا، تڏهن به راڳ کي جائز سمجهندا هئا ۽ ابن مجاهد جن جو دستور هوندو هو ته دعوت تڏهن منظور ڪندا هئا، جڏهن راڳ به ان مجلس دعوت ۾ هوندو هو. هڪ بزرگوار درويش کان نقل آهي ته هڪ دفعي مان هڪ دعوت تي ويس جنهن ۾ ابوالقاسم منيع جو ڏوهٽو ۽ ابوبڪر بن ابي دائود، ابن مجاهد ۽ ٻيا ان جا دوست شريڪ هئا، ايتري ۾ مجلس راڳ جي تيار ٿي، ابن مجاهد منيع جي ڏوهٽي کي اشارو ڏنو ته ابن دائود کي راڳ ٻڌڻ واسطي چؤ. ابن دائود چيو ته مان پنهنجي پيءُ کان ٻڌو آهي ته حضرت امام احمد بن حنبل راڳ کي خراب ڄاڻندا هئا، پڻ ابو القاسم چيو ته منهنجي ناني احمد بن منيع مون کي راڳ ٻڌڻ کان منع فرمائي آهي. ابن مجاهد ، ابن ابي دائود کي چيو ته تون مون کي پنهنجي پيءُ جي قول کان معافي ڏي ۽ ابوالقاسم کي چئو ته تون مون کي پنهنجي ناني جي قول کان معاف رک. پوءِ ابوبڪر جي طرف منهن ڦيرائي چيائين ته جيڪڏهن ڪو ئي شخص تنهنجي اڳيان هڪ شعر پڙهي ته اهو تو اڳيان حرام آهي ڇا؟ ابن دائود چيو ’نه‘، وري پڇيائون ته اُهو شخص پڙهڻ وارو جيڪڏهن خوش آواز هجي ته ان کي شعر چوڻ حرام ٿي ويو ڇا؟ ابن دائود چيو ’نه‘. وري پڇيائون ته شعر کي جيڪڏهن اهڙيءَ طرح پڙهي، جو دراز يعني وڌايل اکر گهٽيل ٿي وڃن ۽ گهٽيل اکر دراز ٿي وڃن ته پوءِ ان ۾ شعر حرام ٿي ويو ڇا؟ تنهن تي ابوبڪر چيو ته ”مان هڪ شيطان تي ئي غالب نه ٿيو آهيان، سو هاڻي ٻين تي غالب پئجي سگهندس! ابوالحسن عسقلاني الاسود ، جيڪي ولي زماني جا هئا، سي به راڳ ٻڌندا هئا ۽ راڳ ۾ بيهوش ٿي ويندا هئا. انهن راڳ جي باري ۾ هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. ان ۾ راڳ کان انڪار ڪندڙن کي ناجائز ڪيو آهي ۽ پڻ ڪيترن ئي عشاقن اهڙن انڪار ڪندڙن جي رد ۾ ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. هڪ بزرگوار درويش کان نقل آهي ته مان حضرت خضر عليھ السّلام جن کي ڏٺو ۽ کين عرض ڪيو ته توهان جو راڳ جي باري ۾ ڪهڙو ارشاد آهي؟ جنهن لاءِ اسان جا دوست اختلاف ڪن ٿا. حضرت خضر عليھ السّلام فرمايو ته اهو صفا ظاهري ته سواءِ عالمن جي قدم جي، ٻئي جو پير اِتي بيهي نه سگهندو. ابن جريج کان نقل آهي ته حضرت جنيد راڳ ٻڌڻ جي اجازت ڏيندا هئا، ڪنهن شخص کانئن پڇيو ته ”قيامت جي ڏينهن راڳ توهان جي نيڪين مان ٿيندو يا گناهن مان“ فرمايائون ته نه ثوابن ۾ هوندو، نه گناهن ۾. ڇاکؤن جي بيهودائپ وانگي آهي ۽ الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمائي ٿو. لَا يُــؤَاخِذُكُمُ اللّٰهُ بِاللَّغْوِ فِيْٓ اَيْمَانِكُمْ(1) (يعني نٿو پڪڙي توهان کي الله توهان جي بيهودن قسمن تي). قياس جو (يعني جو بلڪل چيري ڦاڙي تحقيق ڪيو وڃي) ضروري خيال ڪجي، نهايت تائين وڃڻ ۾. منهنجي فقط هيءَ مراد آهي ته جنهن کي آنحضرت ﷺ جن پنهنجي قول يا فعل سان ظاهر ڪرڻ فرمايو ۽ قياس جي مراد هيءَ آهي ته جا ڳالهه پنهنجي ڳالهائڻ ۽ فعلن سان سمجهه ۾ اچي. هي قول راڳ جي باري ۾ نقل آهي، جو شخص هن جي پيرويءَ ۾ حق جو طالب ٿيندو آهي، سو جڏهن هي قول ڏسندو آهي ته بعضي وقتن تي هڪ ٻئي جا اعتراض ٻڌي حيران ٿي ويندو آهي، يا جنهن پاسي طبع جي رغبت ڏسندو آهي، انهيءَ طرف مائل ٿي ويندو آهي. پر هي خيال نقصان ۾ داخل آهي. گهرجي ته حق کي حق جي وسيلي لهجي، يعني جيتريون ڳالهيون راڳ جي منع ۽ مباح بابت معلوم آهن، تن سڀني جو حال دريافت ڪري ته پوءِ سچو اسرار ظاهر ٿئي، جنهن جو اڳتي ذڪر ڪجي ٿو.   بيان ٻيو سماع ۽ راڳ جي مباح هجڻ جي دليلن ۾ معلوم هجي ته جو شخص سماع ۽ راڳ کي حرام چوي ٿو، انهيءَ جي هيءَ مراد آهي ته ”خدا تعاليٰ جل شانه سماع ۽ راڳ ٻڌڻ ۽ چوڻ واري تي عذاب ڪندو.“ پر هيءَ ڳالهه اهڙي نه آهي، جو فقط عقل سان معلوم ڪجي، مگر ان واسطي ڪي وڏا دليل گهرجن، پڻ شريعت جو لحاظ به واجب آهي، ان ۾ ٻن ڳالهين جو بلڪل ضرور آهي. قياس جو (يعني جو بلڪل چيري ڦاڙي تحقيق ڪيو وڃي) ضرور خيال ڪجي، نهايت تائين وڃڻ ۾ منهنجي فقط هيءَ مراد آهي ته جنهن کي آنحضرت صلي الله عليهه وسلم جن پنهنجي قول يا فعل سان ظاهر ڪرڻ فرمايو ۽ قياس جي مراد هيءَ آهي ته ڳالهه آنحضرت ﷺ جن جي ڳالهائڻ ۽ فعل سان سمجهه ۾ اچي. هڪ ته: ان جي نهايت يعني آخرين مراد تائين وڃڻ گهرجي. ٻيو ته: هاڻي سماع ۽ راڳ جو اسان ڏسون ٿا ته ان جي حرام هجڻ تي نه ته ڪو ئي نهايت تائين وڃڻ جو دليل ڪري ٿو، نه ڪو ئي قياس ئي ڪري ٿو. جيئن جو هيءُ امر بيان چوٿين ۾ پورو ڪيو ويندو، جنهن ۾ اسان سماع ۽ راڳ جي حرام هجڻ جي قائل شخصن جي دليلن جا جواب لکيا آهن ۽ جڏهن انهن جي دليلن جا جواب پورا ٿي ويندا ته مباح لاءِ اهو طريقو ڪافي ٿيندو. مگر هاڻي هي ٻيو رستو ظاهر ڪريون ٿا. ”نهايت تائين وڃڻ“ ۽ ”قياس“، انهن ٻنهي جي سماع ۽ راڳ جي مباح هجڻ تي دلالت ڪجي ٿي: قياس هن طرح آهي ته راڳ ۾ ڪيئي ڳالهيون ڪٺيون ٿين. ٽيون ته؛ اول انهن ڳالهين کي جدا جدا ڏسڻ گهرجي ۽ پوءِ سڄي مجموعي جو لحاظ رکجي ته راڳ ڇا آهي؟ راڳ هڪ خوش آواز جو ٻڌڻ آهي، جو وزن وارو هجي. جنهن جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ۽ دل ۾ چرپر پيدا ڪري. اها تعريف ۽ وصف عام خوش آواز جي آهي، پر انهيءَ جا به ٻه قسم آهن؛ (1) موزون (2) غير موزون. موزون به ٻن قسمن جو آهي، هڪ اُهو جو سمجهه ۾ اچي، جهڙي طرح شعر (غزل- بيت) ٿيندا آهن، ٻيو اهو جو سمجهه ۾ نه اچي، جهڙي طرح بي جان ۽ حيوانن جا آواز آهن. خوش آواز جو ٻڌڻ اهڙي شيءِ نه آهي، جو حرام ٿي ويو، پر ان جي آخرين مراد تائين وڃڻ ۽ قياس ڪرڻ بعد حلال آهي. قياس ته هي آهي ته ان جي ٻڌڻ سان ڪنن جي پردن کي لذت لڳي، ڇاڪاڻ ته انهن (ڪنن) کي اها چيز حاصل ٿي رهي آهي، جا انهن جي وڻڻ ۽ برداشت لاءِ مخصوص آهي. انسان جي واسطي هڪ عقل ۽ پنج حواس آهن ۽ هر هڪ قوت سامعه جو هڪ بازو دريافت ڪرڻ وارو آهي، جنهن کي محسوس ڪرڻ جي هڪ قوت عطا ڪيل آهي، جنهن سان هو شين جو ادراڪ ڪندو آهي، جن سان انهن کي لذت حاصل ٿيندي آهي، ۽ جيڪي چيزون انهيءَ سان سمجهه واريون هونديون آهن، انهن مان بعضي ته انهن کي چڱو معلوم ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن خراب. جيئن مثال لاءِ اکين کي ساوڪ ۽ وهندڙ پاڻي، سفيد يا سهڻو چهرو ۽ تمام خوبصورت رنگين تصويرون ڏسڻ سان مزو ايندو آهي، ميرن رنگن ۽ بڇڙين صورتن وغيره ڏسڻ سان ڪراهت ايندي آهي ۽ سنگهڻ جي قوت (حس) کي خوشبوءِ کان فرحت ۽ بدبوءِ کان نفرت ايندي آهي ۽ ذائقي کي لذيذ چيزون، گيهه واريون ۽ مٺيون، چٽڻي دار چڱيون معلوم ٿينديون آهن ۽ ڪوڙيون بي مزي ۽ ڪساريون خراب معلوم ٿينديون آهن. ڇهڻ جي حس کي نرم، روغني شيون لذت ڏينديون آهن ۽ کهريون ۽ هيٺاهيون مٿانهيون سٺيون نه لڳنديون آهن. عقل کي علم ۽ معرفت مان لذت ايندي آهي، جهالت ۽ ڪند فهميءَ کان نفرت ايندي آهي، اهو ئي حال انهن شين جو آهي، جي قوت سامعه (يعني ٻُڌڻ واري طاقت) سان معلوم ٿين ٿيون، جي بعضي لذيذ هونديون آهن، جهڙيءَ طرح بلبلن جي چهه چهه ۽ عمدن باجن جو آواز ۽ بعضي خراب هونديون آهن. جهڙيءَ طرح گڏهه جو آواز (هينگ) آهي. هاڻي انهيءَ قوت سامعه جي لذت تي قياس ڪرڻ تمام ظاهر آهي ۽ نص يعني ان ۾ نهايت تائين وڃڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته خوش آواز ٻڌڻ مباح آهي. جيئن جو الله تعاليٰ جلشانھ پنهنجن ٻانهن تي خوش آواز سان احسان فرمايو آهي: يَــزِيْدُ فِي الْخَلْقِ مَا يَشَاۗءُط (1) (وڌائي ٿو پيدائش ۾ جو چاهي)، جنهن مان خوش آواز مراد آهي. حديث شريف ۾ آيل آهي ته مَا بَعَثَ اللهُ نَبِيًّا اِلَّا حَسَنَ الْوَجْهِ حَسَنَ الصَّوْتِ (2) يعني نه موڪليو الله تعاليٰ جلشانھ ڪو ئي نبي مگر خوش صورت ۽ خوش آوازُ. هڪ جاءِ حديث شريف ۾ ارشاد آهي ته: ”لَلَّهُ أَشَدُّ أَذَنًا لِلرَّجُلِ الْحَسَنِ الصَّوْتِ بِالْقُرْآنِ مِنْ صَاحِبِ الْقَيْنَةِ إِليٰ قَيْنَتِهِ“(3) (جو شخص قرآن شريف خوش آواز سان پڙهي ٿو، الله تعاليٰ جلشانھ ان جي تلاوت کي زياده ٻڌي ٿو بنسبت مالڪ جي پنهنجي لونڊيءَ کان راڳ ٻُڌڻ جي) ۽ هڪ جاءِ حديث شريف ۾ حضرت دائود + جي باري ۾ ارشاد آهي ته: ”هو پنهنجي نفس تي روئندا هئا ۽ زبور جي تلاوت ۾ اهڙا ته خوش آواز هئا، جو سندن خوش آواز ٻڌڻ لاءِ انسان، جن، حيوان ۽ پکي اچي مٿئون ميڙ ڪندا هئا ۽ سندن مجلس مان ڪيترن ئي وقتن تي چار سؤ لاشا کڄندا هئا“.(4) آنحضرت ﷺ جن حضرت ابو موسيٰ اشعريءَ جي تعريف ۾ فرمايو آهي: ”لَقَدْ اُعْطِيَ مِزْمَارًا مِّنْ مَزَامِيْرِ آلِ دَاؤُدَ (5) (ڏنو ويو ابو موسيٰ کي هڪ نغمي وارو ساز يعني دائود جي خوش آوازن مان). ۽ الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمايو آهي. اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْحَمِيْرِ(1) (بيشڪ بري ۾ برو آواز گڏهه جو آهي) جنهن مان ثابت آهي ته پاڪ پروردگار جل شانه خوش آواز جي تعريف ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪوئي شخص هيئن چوي ته آواز خوش انهيءَ حالت ۾ مباح آهي ته اُهو فقط قرآن شريف جي تلاوت ۾ هجي. انهيءَ لاءِ هي جواب آهي ته پوءِ آواز بلبل جو ٻڌڻ به حرام آهي، ڇو جو اِهو به قرآن پڙهڻ نه آهي! جيڪڏهن بي معنيٰ آواز بلبل وارو ٻڌڻ درست آهي ته پوءِ جنهن خوش آواز مان حڪمت ۽ صحيح معنيٰ پاتي وڃي ان جو ٻڌڻ ڪيئن ناجائز ٿيو! ۽ ظاهر آهي ته بعض شعر حڪمت هوندا آهن. اهو بحث ته خوش آواز بابت ٿيو. هاڻي وري ٻي ڳالهه جو بحث ڪيو وڃي ٿو. يعني خوش آواز سان وزن به هجي، ڇو جو وزن وري ٻي چيز آهي ۽ حسن ٻي چيز آهي. گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته آواز سٺو هوندو آهي پر وزن نه هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن موزون هوندو آهي ته آواز سٺو نه هوندو آهي. موزون آواز به ٽن قسمن جا آهن: پهريون اُهو: جو بي جان مان نڪري، جهڙيءَ طرح بانسري، نڙ، باجو ۽ ستار يا تارن جو آواز ۽ ڪاٺيءَ سان گت ڏيڻ جو آواز ۽ ڍولڪ جو آواز آهي. ٻيو اهو: جو انسان جي گلي مان نڪري. ٽيون اهو: جو حيوانن جي گلي مان نڪري، جهڙيءَ طرح بلبلن، قمرين ۽ ٻين خوش الحان وارن جانورن جو آواز آهي. جيئن جو اِنهيءَ قسم جا آواز چڱا ۽ موزون ٿيندا آهن ۽ انهن جي شروعات ۽ پڇاڙي هڪجهڙي ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري انهن جو آواز ٻڌڻ چڱو معلوم ٿيندو آهي. آوازن ۾ اصل حيوانن جو گلو آهي. جيئن جو نڙ به انهن سان مشابهه بڻايل آهي ۽ جيتريون به چيزون ڪاريگرن ايجاد ڪيون آهن، تن مان ڪائي به اهڙي ڪا نه آهي، جنهن جو مثال خدا تعاليٰ جل شانه جي مخلوق ۾ نه آهي، جهان جي جوڙيندڙ احسان سان بني آدم کي نئين چيز ايجاد ڪرڻ جو علم بتايو آهي، پوءِ جنهن کان ڪاريگرن سکي، خالق حقيقيءَ جي پيروي ڪئي، جنهن جي تشريح تمام ڊگهي آهي. حاصل الڪلام ته انهن آوازن جو ٻڌڻ حرام نه آهي، انهيءَ سبب ڪري ته چڱا يا موزون آهن، ڇو جو اِهو ڪنهن جو به مذهب نه آهي ته بلبل جو يا ڪنهن ٻئي پکيءَ جو آواز ٻڌڻ حرام آهي، مگر ياد رکڻ گهرجي ته سڀني پرندن جو گلو هڪ جهڙو آهي، تنهنڪري هڪ جو حرام ۽ ٻئي جو حلال، سو ايئن ٿي نٿو سگهي ۽ نڪي بي جان ۽ حيوانن ۾ ڪجهه فرق آهي. جيڪڏهن ڪو ئي شخص چوي ته حيوان جو آواز ٻڌڻ درست آهي ۽ بي جان جو نادرست آهي، تنهن کي گهرجي ته جيترا آواز تمام انسانن جي جسم مان سندن اختيار سان نڪرن ٿا، انهن جو بلبل جي آواز سان قياس ڪري ڏسي (جيئن مثال لاءِ آدميءَ جي حلق جو آواز، يا لڪڙيءَ سان گت وٺجي يا ڍولڪ يا دف وڄائجي) ته سڀ جائز ٿي ويندا، پر اول ۾ انهن آوازن مان انهن سازن کي الڳ ڪيو وڃي، جن جي شريعت ۾ ئي منع ڪئي وئي آهي. يعني رانديڪا کيڏڻ جا ۽ تارن وارا باجا (1) ڇو ته انهن جي حرام هجڻ ۾ فقط لذت جو سبب نه آهي. (2) هاڻي جيڪڏهن لذت جي سبب کان هي چيزون حرام ٿيون ٿين ته ڀلا جن ٻين چيزن سان آدمي لذت حاصل ڪري ٿو، سي به حرام ٿيون ٿين! مگر ائين نه آهي. ان جي حرام هجڻ جو هي سبب آهي ته اوائل ۾ ماڻهن کي شراب جو گهڻو حرص هو ۽ ان ڪري ان جي منع ايتري قدر سخت هئي جو انهن مٽڪن کي به ٽوڙڻ جو حڪم ڪيو ويو هو ڇاڪاڻ ته شراب سخت حرام آهي. اوائل ۾ شراب جي مٽن ڀري رکڻ ۽ پيئڻ جو رواج هوندو هو ۽ نشي ۾ شراب جي اثر جي لحاظ کان جي ڳالهيون شرابي پنهنجن بيتن ۾ سازن تي مثال طور نڙ ۽ بانسري وغيره تي ڳائيندا هئا، سي ساز به حرام ٿي ويا، ڇو جو اهي چيزون ان جون تابع آهن، جهڙي طرح ڌاري عورت سان خلوت ڪرڻ حرام آهي ۽ ران اگهاڙي ڏسڻ حرام آهي، ڇاڪاڻ جو پيشاب ۽ پائخاني واري جاءِ سان لاڳاپو رکندڙ آهي ۽ شراب جو ٿورڙو قطرو يعني هڪ ڦڙو به حرام آهي، توڙي نشو نه به ڪري، معلوم هجي ته ٿورڙي جو عادي وڏي نوبت کي وڃي پهچندو آهي ۽ جيتريون چيزون حرام آهن، انهن سڀني جي چوڌاري حد احاطو يعني ديوار نڪتل آهي، جا گهڻي ٿيڻ لاءِ تاڻيندي رهندي آهي. حد ان ڪري لڳائي ويئي آهي ته جيئن حرام چيز کان حفاظت ٿي سگهي ۽ ماڻهو ان جي اڳيان پويان کان بچندو رهي، جيئن آنحضرت ﷺ جن جو ارشاد گرامي آهي: ”لِكُلِّ مَلِكٍ حِمًى وَإِنَّ حِمَى اللهِ مَحَارِمُهُ“ (1) (هر بادشاه جو هڪ محفوظ چراگاهه هوندو آهي ۽ الله تعاليٰ جو محفوظ چراگاهه، ان جا حرام ڪيل ڪم آهن). مزامير بابت منع، شراب جي عادت ۾ ٽن سببن جي ڪري آهي: هڪ اهو ته: انهن سازن جي ڪري شراب نوشيءَ جي دعوت ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڄڻ سان جيڪا لذت حاصل ٿيندي آهي اها شراب نوشيءَ جي ذريعي مڪمل ٿيندي آهي، ان علت جي ڪري شراب جي چڪي پيئڻ به حرام آهي، ڇو جو گهڻي جي عادت ڪري ڇڏيندي آهي. ٻيو سبب هيءُ آهي ته: جنهن کي شراب ڇڏي ڪي ٿورا ڏينهن ٿيا هوندا، ان کي اِهي اسباب، اُهي گذريل جلسا، شراب جي پيئڻ جي ڏينهن وارا ياد ڏياريندا، ڇو جو اِهي ياد ڏيارڻ جا سبب آهن. اِنهي ياد جي سبب شوق پيدا ٿئي ٿو، شوق جڏهن زياده ٿئي ٿو، تڏهن انهيءَ ڪم ڪرڻ جي طاقت اڀرندي آهي. انهيءَ عادت جي سبب ئي اوائل ۾، جي رنگين خوبصورت ٿانوَ خاص شراب پيئڻ لاءِ هئا، سي استعمال ۾ آڻڻ کان منع ڪيا ويا(2)، ڇاڪاڻ ته انهن ٿانون ۽ پيالن جي ڏسڻ سان شراب پيئڻ ياد آيو ٿي. هيءَ عادت پهرين عادت کان نرالي آهي، ڇو جو پهرينءَ ۾ ذڪر لذت جو معتبر نه هو، پر هن ۾ معتبر آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو ئي شخص شراب پيئڻ سان راڳ ٻڌڻ جو عادي هجي ۽ راڳ ٻڌڻ سبب انهيءَ کي شراب جو پيئڻ ياد ڏياري ته اهڙي شخص کي ان سبب ڪري راڳ ٻڌڻ کان منع ڪئي ويندي. ٽيون سبب هيءُ آهي ته: انهن اسبابن ۽ سازن کي ڪٺو ڪرڻ فاسقن جي عادت آهي. انهيءَ ئي مشابهت ڪري منع ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته جو شخص ڪنهن قوم سان مشابهت يعني هڪجهڙائي رکي ٿو، اهو انهن مان ئي ٿيندو آهي ۽ ان عمل سبب اسان چوندا آهيون ته ڪنهن سنت کي اهلِ بدعت شعار ٺاهي ڇڏيو آهي ته انهن جي مشابهت جي خوف کان ان سنت کي ترڪ ڪرڻ جائز آهي، ۽ ان علت جي سبب کان ڍولڪيون وڄائڻ حرام آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي باندرن (ڀولن) وارا وڄائيندا آهن. ان لاءِ حديث شريف ۾ هن ريت روشن آهي: مَنْ تَشَبَّهَ بِقَوْمٍ فَهُوَ مِنْہُ(3) پڻ انهيءَ عادت جي سبب کان نڙ وڄائڻ حرام آهي، جو بندر ۽ درياءَ جي ڀروارا وڄائيندا آهن. جيڪي اول ۾ کدڙا وڄائيندا هئا، جيڪڏهن انهن ۾ هڪجهڙائي نه هوندي ته اُهي حاجين جي شاهين يا جنگي دهل (نغارن) وانگر هجن ها. انهيءَ عادت تي هيءُ مثال آهي ته هڪ مجلس ڪئي وڃي ۽ ان ۾ صراحيون ۽ پيالا وٺندا ۽ پيئندا وڃن ۽ پنهنجيون لاتيون شراب نوشيءَ بابت ڪندا رهن ته اهڙو فعل حرام ٿيندو. جيتوڻيڪ شڪنجبين پيئڻ مباح آهي، مگر انهن، فساد ڪندڙن جي صورت تي شراب پيتو، جنهن سبب ڪري ئي حرام ٿيو. انهيءَ طرح پوشاڪ پهرڻ ۽ مٿي جي وارن جي پٽي رکائڻ، جتي هي دستور فساد ڪندڙن جو هجي، اتي بلڪل منع ڪئي وڃي. ڇو ته هي دستور اهلِ اصلاح جو ئي منع ڪرڻ جي باري ۾ سچو آهي. حاصل ڪلام ته انهن ٽنهي عادتن جي سبب کان نڙ ۽ تارن وارا باجا مثال طور چنگ، رباب ۽ سارنگي وغيره حرام آهن. انهن کانسواءِ ٻيا باجا ۽ ساز پنهنجي اصل تي قياس ڪيا ويا آهن. جهڙيءَ طرح ناد جنگي ۽ ڌنارن جي بانسري ۽ حاجين جي شاهين ۽ جن سازن مان پاڻيهي موزون آواز نڪري، ڇو جو شرابين ۽ موالين جي عادت انهن سازن جي وڄائڻ جي نه آهي. انهيءَ سبب ڪري مباح آهي، ڇاڪاڻ ته نه ڪي شراب سان تعلق رکندڙ آهن، نه ان جي يادگيري ڏياريندا آهن ۽ نڪي ان جي شوق ڪرڻ وارن کي شراب خوريءَ جي عادت هوندي آهي ۽ نڪي انهيءَ فرقي جهڙا آهن، انهيءَ ڪري اباحت ٿي. هاڻي مثال پرندن جي آواز جو اچي رهيو آهي. پڻ مان چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪو ئي شخص تارن واري باجي کي بي وزن وڄائي، جو ان مان لذت به نه اچي ته اهو حرام ئي آهي. ان مان هي ظاهر آهي ته ان ۾ فقط لذت نه آهي، جنهن سبب ئي حرام آهي ۽ نه ڪي خوش مزاجي آهي، پڻ قياس مقابل ته سڀ خوش مزاج تحفا حلال آهن، سواءِ انهن جي جن جي حلال هجڻ ۾ ڪجهه فساد هجي. الله تعاليٰ جل جلالھ عم نوالھ قرآن مجيد فرقان حميد ۾ فرمائين ٿا ته: قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِيْنَةَ اللّٰهِ الَّتِيْٓ اَخْرَجَ لِعِبَادِهٖ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِ ۭ (1) (تون چؤ ڪنهن حرام ڪيو آهي، رونق الله جي کي، جو پيدا ڪئي انهي بندن جي واسطي ۽ چڱيون چيزون کائڻ جي واسطي) هاڻي جي آواز موزون آهن، انهيءَ سبب حرام نه آهن، بلڪ انهن جو حلال هجڻ ابر بخشش جي سبب آهي، ۽ ٻيا حڪم بخشش جا، جن جي سبب راڳ حرام نٿو ٿئي، سي به پوءِ بيان ڪنداسون. ٽين ڳالهه راڳ ۾ هيءَ آهي، جا سمجهه ۾ اچي ٿي، يعني شعر آهي ۽ انسان جي گلي مان نڪري ٿو، تنهنڪري بلڪل مباح آهي. انهيءَ سبب ڪري هاڻي فقط ايتري زيادتي ڪئي وئي ته ڪلام سمجهيل آهي ۽ جو ڪلام سمجهه ۾ اچي، سو حرام نه آهي، تنهنڪري آواز خوش مزاج ۽ موزون به حرام نه آهي. پوءِ جڏهن اهي الڳ اڪيلي سر حرام نه ٿيا ته مجموعي طور ڪهڙيءَ طرح حرام ٿيندا! (مگر هن ڳالهه جو ويچار ڪرڻ گهرجي ته شعر مان ڪهڙو مطلب سمجهيو وڃي ٿو، جيڪڏهن انهيءَ جي سمجهه وارو حڪم منع ڪري ٿو ته ان جو نثر توڙي نظم ٻئي حرام آهن ۽ ان جو زبان تي آڻڻ يا ٻاهر ڪڍڻ به حرام آهي، توڙي آلاپ سان هجي يا نه هجي. انهيءَ باري ۾ حضرت امام شافعي جن حق فرمايو آهي ته: ”شعر هڪ ڪلام آهي، جيڪڏهن چڱو آهي ته چڱو آهي ۽ جيڪڏهن خراب آهي ته خراب آهي“. هاڻي جڏهن شعر پڙهڻ سواءِ آواز ۽ خوش آلاپ، جيڪڏهن درست آهي ته آلاپ سان به درست آهي. انهيءَ سبب ڪري ته جڏهن اڪيلي سر مباح آهي ته مجموعي طور تي به مباح ٿيندو ۽ هڪ مباح کي جيڪڏهن ٻئي مباح سان ملائجي ته ڪل حرام نه ٿيندو. بشرطيڪه مجموعي طور شامل ڪنهن امر منع واري مان نه هوندو، جو اڪيلي سر مباح نه پاتو ويو آهي. هاڻي جڏهن راڳ ۾ ڪائي به منع واري ڳالهه پاتي نه ٿي وڃي ته پوءِ شعر پڙهڻ بابت ڪهڙو انڪار ٿي سگهي ٿو. جيئن جو آنحضرت ﷺ جن جي روبرو ڪنهن اصحاب شعر پڙهيو هو(1) ته پاڻ فرمايائون: ”اِنَّ مِنَ الشِّعْرِ لَحِکْمَةٌ“ (2) (هي حڪمت واري شعر مان آهي) ۽ حضرت عائشهiپڻ هن مضمون جو شعر چيو آهي: ذَهَبَ الَّذِينَ يُعَاشُ فِي أَكْنَافِهِمْ وَبَقِيْتُ فِي خَلْفٍ كَجِلْدِ الأَجْرَبِ (3) ويا اهي شخص مون کي عيش هو جن جي حمايت ۾ مگر مان اٺ گر ڳل وانگي پوئتي ئي پئجي ويس صحيح حديث ۾ حضرت عائشه i کان روايت آهي ته ”جڏهن آنحضرت ﷺ جن مدينه منوره تشريف فرما ٿيا ته اُتي حضرت ابوبڪر صديق ! ۽ حضرت بلال !کي تپ ٿي پيو. ان وقت مديني منوره ۾ وبا جو به اثر هو. مون حضرت صديق ! جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته: ”اي مهربان بابا سائين ڇا حال آهي؟“ ۽ حضرت بلال ! کان پڻ پڇيم ته: ”ڇا حال آهي؟“، پوءِ جڏهن حضرت صديق اڪبر ! جن کي بخار ٿيندو هو ته هن مضمون جو شعر پڙهندا هئا: كُلُّ امْرِىءٍ مُصَبَّحٌ فِيْ أَهْلهِ والمَوْتُ أَدْنَى مِنْ شِرَاكِ نَعْلِهٖ (1) سڀ ڪنهن کي آهي سانجهي صبح گهر پر ٻيڻي جتيءَ وانگر جان سان موت اٿس شامل. ۽ جڏهن حضرت بلال ! کي بخار لهندو هو ته بلند آواز سان هن مضمون جو شعر چوندا هئا: أَلاَ لَيْتَ شِعْرِى هَلْ أَبِيتَنَّ لَيْلَةً بِوَادٍ وَحَوْلِى إِذْخِرٌ وَجَلِيلُ وَهَلْ أَرِدَنْ يَوْمًا مِيَاهَ مَجَنَّةٍ وَهَلْ يَبْدُوَنْ لِىْ شَامَةٌ وَطَفِيْلُ نٿو ڄاڻان ڪڏهن ويندس وري ان وطن پنهنجي ڏي اذخر* هڪ طرف ڏسندس ۽ طرف ٻئي کان جليل يا مجنه جي تلاون ڏنهن ڪڏهن ٿيندو گذر منهنجو يا ايندو نظر خدايا شامه ٻيو طفيل. حضرت عائشه صديقه i جن فرمائين ٿيون ته: ”اها سڄي ڳالهه مون آنحضرت ﷺ جن جي خدمت ۾ بيان ڪئي. هيءَ ڳالهه ٻڌي پاڻ هڪ دعا گهريائون ته: ”اَللّٰهُمَّ حَبِّبْ إِلَيْنَا الْمَدِينَةَ كَحُبِّنَا مَكَّةَ أَوْ أَشَدَّ“ يا الاهي مدينو اسان کي اهڙو محبوب ڪري ڏي، جهڙي طرح اسان مڪي سان محبت رکندا هئاسين ۽ اڃا ان کان به وڌيڪ محبوب ڪري ڏي“. آنحضرت ﷺجن مسجد نبوي جي جوڙڻ ۾ ٻين ماڻهن اصحابن سان گڏجي سرون ڍوئيندا هئا ۽ هن مضمون جو شعر پڙهندا هئا: هَذَا الْحِمَالُ لَا حِمَالَ خَيْبَرْ هَذَا أَبَرُّ رَبَّنَا اَطْـہرَ هي مزدور اهِڙا آهن جو نه هوندا مزدور خيبر جا، هي ته بلڪل چڱا آهن نه هوندا ڪي اطهر ٻيا. هڪ دفعي هن طرح به پاڻ فرمايو اٿن، جو صحيحين ۾ موجود آهي. اَللّٰـهُمَّ لاَ عَيْشَ إِلاَّ عَيْشُ الآخِرَةْ فَارْحَمِ الأَنْصَارَ وَالْمُهَاجِرَةْ عيش آهي جي الاهي ته بس عيش آهي آخرت، اهل هجرت ۽ منهنجي انصار تي ڪر مرحمت. مٿيان ڏيکاريل مضمون پڻ صحيحين ۾ آهن. آنحضرت ﷺ جن حسان بن ثابت ! جن جي واسطي مسجد شريف ۾ منبر رکائيندا هئا ته هو ان منبر تي چڙهي آنحضرت ﷺ جن جي فخر جو بيان ڪن ۽ ڪافرن سان بيتن ۾ مباحثو ۽ دين مذهب وارو دشمنو رکن. آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته ”الله تعاليٰ جلشانھ، حسان !کي روح القدس يعني جبرئيل +کان مدد ڪري ٿو، جيئن جو هو فخريت رسول الله ﷺ جن جي طرف کان ڪري ٿو“.(1) ۽ جڏهن قيس بن عبدالله پنهنجو شعر آنحضرت ﷺ جن جي روبرو پڙهيو ته پاڻ دعا خير جي سان فرمايائون ته: ”الله تعاليٰ جلشانھ تنهنجا شل ڏند نه ڀڃندو“. (2) حضرت عائشهi جن فرمائين ٿيون ته ”اصحاب رضه جن جڏهن آنحضرت ﷺ جن جي اڳيؤن شعر پڙهندا هئا ته پاڻ ٿورو مشڪندا هئا“. (3) عمرو بن شريد! پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا ته: ”مان آنحضرت ﷺ جن جي روبرو شعر اميه بن ابي الصلت جي شعرن مان پڙهيو ته هر بار حضرت جن چيو ته: ”وري پڙهو“. پوءِ پاڻ فرمايائون ته هي شاعر ته پنهنجي شعر موجب ڄڻ مسلمان آهي“. (1) حضرت انس ! جن کان روايت آهي ته: ”سفر ۾ آنحضرت ﷺ جن جي واسطي ’حدي خواني‘ ڪئي ويندي هئي. ”انجشه“ سندن غلام عورتن جي واسطي حدي خواني ڪندو هو ۽ ”براء بن مالڪ“ مردن جي واسطي. آنحضرت ﷺ جن انجشه کي ارشاد فرمايو ته: ”اٺن هڪلڻ ۾ نرمي ڪر، ڇو جو انهن تي سوار شيشي جا برتن (عورتون) آهن“. (2) ’حدي خواني‘ بيت ٿيندا آهن، جي خوش آواز ۽ موزون سرن سان پڙهيا ويندا آهن. اصحابن سڳورن مان ڪنهن به ان جو انڪار نه ڪيو آهي، بلڪه بعضي وقتن اٺن کي چيڙائڻ ۽ تماشي ڏسڻ واسطي يا پنهنجي مزي وٺڻ واسطي التجا ڪندا هئا. راڳ انهيءَ سبب کان به حرام ٿي نٿو سگهي، ڇو جو اهو ڪلام لذيذ، سمجهه وارو آهي ۽ خوش الحان ۽ موزون آواز يعني آلاپ سان ادا ڪيو وڃي ٿو. چوٿين ڳالهه راڳ ۾ هيءَ آهي ته دل ۾ چرپر پيدا ڪري ٿو ۽ جا چيز دل تي غالب ٿئي ٿي ۽ ان کي اڀاري ٿي، انهيءَ ۾ اسان به هيئن چئون ٿا ته: ”الله تعاليٰ جلشانھ جو هڪ ڀيد آهي، جو موزون سرن جي روحن سان مناسبت رکي آهي، ڇا لاءِ ته اِهي روح ۾ عجيب تاثر پيدا ڪن ٿا“. مثال بعضي ڪنهن آلاپ سان خوشي ۽ ڪنهن سان غم ٿئي ٿو، ڪنهن سان ننڊ ٿي اچي وڃي ۽ ڪنهن سان کل ٿي اچي. يعني هٿن پيرن ۾ سر وغيره يعني سڀني عضون ۾ وزن واري چرپر پيدا ڪري ٿو. هي گمان نه ڪرڻ گهرجي ته هيءَ ڳالهه فقط شعر جي معنيٰ ۾ سمجهڻ سان ٿئي ٿي. بلڪه تارُن جي آلاپ سان به هي حال ٿئي ٿو، جيئن جو چوندا آهن ته جنهن کي بهار ۽ ان جو شگوفو، ستار ۽ ان جي آلاپ جي چرپر، خوشي نه بخشي ته اُهو شخص مزاج جو خراب آهي. انهيءَ جي ٻي ڪا ئي تدبير نه آهي. پوءِ ڀلا فقط معنيٰ جي سمجهڻ سان ڪيئن چئي سگهندو؟ هي امر ته ٻارن ۾ به موجود آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻار کي خوش الحان سان لولي ڏني ويندي آهي ته روئڻ ڇڏي چپ ڪري اِهو آواز ٻڌندا آهن ۽ پوءِ ننڊ به وٺي ويندي اٿن. اُٺ جيتوڻيڪ غبي طبع جو حيوان آهي تڏهن به حدي خوانيءَ جي اثر کان تمام ڀاري بار به هلڪو ڄاڻندو آهي...... ۽ ان شدت عيش جي ۾ وڏي وڏي مسافريءَ کي به ٿورو ڄاڻندو آهي ۽ حدي خوانيءَ جو نشو ان تي اهڙو چڙهي ويندو آهي، جو وڏن بيابانن ۾ جڏهن بار ۽ بوجهه کان ٿڪبو آهي، ته جنهن طرف کان، آواز حدي خوانيءَ جو ٻڌندو آهي، ان طرف ڳاٽ اوچو کڻي گيت کي ڪن لائي ٻڌندو آهي ۽ پوءِ اهڙو ته تڪڙو هلندو آهي جو ڪجاوا ۽ بار ۽ رسا لوڏن ۾ ڍرا ٿي ويندا آهن. بعضي وقتن بار جي گهڻائي ۽ تڪڙي هلڻ کان هلاڪ به ٿيندو آهي. مگر ان وقت حدي خوانيءَ جي خوشيءَ ۽ نشي ۾ ان کي ڪجهه به خيال نه ٿيندو آهي. جيئن جو ابوبڪر محمد بن دائود دينوري جو ”رقي“ جي نالي سان مشهور آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ’هڪ دفعي جهنگل ۾ هئس ته هڪ قافلو عرب جو مون کي مليو. انهن مان هڪڙو شخص مون کي دعوت ڪري پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. مان تنبوءَ ۾ ويندي شرط ڏٺو ته هڪ ڪارو غلام گرفتار ويٺو آهي ۽ ڪيترائي اٺ تنبوءَ جي دروازي جي ٻاهران مئا پيا آهن ۽ انهن مان جو باقي هڪڙو جيئرو نظر آيو ٿي، سو به قريب المرگ پيو هو. ان غلام مون کي چيو ته: ”تون مهمان آهين ۽ توکي حق آهي ته منهنجي سفارش منهنجي آقا کي ڪر. هو مهمان نواز ۽ مهمانن جي خاطرداري ڪندو آهي. تنهنجي سفارش ٿورڙي ڳالهه جي واسطي رد نه ڪندو ۽ ضرور مون کي قيد جي معافي ڏيندو“. پوءِ اُهو شخص مهمان نواز، کائڻ جي واسطي ڪجهه طعام کڻي آيو. مگر مون کائڻ کان صفا انڪار ڪيو ۽ ان کي چيم ته: ”جيسين تون هن غلام جي باري ۾ منهنجي سفارش قبول نه ڪندين، تيسين هي طعام مان بلڪل نه کائيندس“. ان تي مهمان نواز چيو ته: ”اي جوان. هن غلام مون کي محتاج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ منهنجو سارو مال ماري ڇڏيو آهي“. مون کانئس پڇيو ته: ”هن ڇا ڪيو آهي؟“ ان وراڻيو ته: ”منهنجو گذران اٺن جي ڀاڙي ڪمائڻ تي آهي. هن غلام هڪ ته اٺن تي تمام گهڻو بار لڏيو ۽ ٻيو ته هن جو آواز يعني آلاپ ڏاڍو مزيدار ۽ چڱو آهي ۽ جڏهن هن حدي خواني ڪئي ته ٽن ڏينهن جو پنڌ هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪري اچي هت منزل ڪيائون ۽ جڏهن اٺن تان ڪجاوا ۽ بار لاٿو ويو ته سڀ مرندا ويا. فقط هي هڪ اُٺ بچيو آهي، جو پڻ قريب المرگ آهي. تون منهنجو مهمان آهين ۽ تنهنجي خاطر مان هن غلام کي بخشيو“. مون کي به دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيو ته جيڪر هن غلام جو آواز ٻڌان. صبح جو مون اُن مهمان نواز کي غلام جي آواز ٻڌڻ جو خيال ڏيکاريو. منهنجي خاطر ان شخص غلام کي چيو ته حدي (گيت) پڙهه. ان وقت اِهو غلام کوهه تان پاڻيءَ جو اُٺُ ڀري ٿي آيو. جڏهن ان خوش الحان سان گيت ڳاتو ته اهو اُٺ هيڏي هوڏي ڀڄڻ ۽ ٽپڻ لڳو ۽ سڀ رسيون ڇنائي ڇڏيائين ۽ مان به منهن ڀر ڪري پيس، جو اهڙو آواز مون ساري ڄمار ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو هو.‘ انهيءَ مان معلوم ٿيو ته راڳ جو اثر دلين ۾ آهي. جنهن شخص تي راڳ مان دل تي چرپر پيدا نه ٿئي، اهو ناقص ۽ صحيح ڄاڻ ۾ گهٽ آهي، روحانيت جي درجي کان دور آهي. اٺن ۽ پکين بلڪ تمام ساهوارن کان به طبيعت ۾ نيچ ۽ غليظ آهي. اهو ان ڪري جو موزون آلاپ سڀ تي اثر ڪري ٿو، جيئن جو شيخ سعدي فرمايو آهي: اشتر بشعر عرب درحالتست وطرب گر ذوق نيست تو را کز طبع جانوري معلوم هجي ته انهيءَ سبب ڪري پکي به حضرت داؤد +جي آواز ٻڌڻ واسطي هوا ۾ بيهجي ويندا هئا ۽ هن صورت ۾ راڳ جو دل ۾ تاثير ڪرڻ جي لحاظ سان خيال ڪجي ۽ ان تي مطلق انڪار ڪرڻ يا مطلق حرام هجڻ جو حڪم ڪرڻ درست نه آهي. بلڪ هي امر احوال ٻين شخصن جي اعتبار کان ۽ طريقي نغمات جي لحاظ کان مختلف ٿيندو آهي ۽ ان جو حڪم اهو ئي آهي، جو دل جي اندر واري چيز جو حڪم آهي. ابو سليمان فرمائين ٿا ته: ”راڳ دل ۾ اُها ڳالهه پيدا نه ٿو ڪري، جا ان ۾ موجود نه هجي، بلڪ جا ڳالهه دل جي اندر هوندي آهي، ان کي حرڪت بخشي ٿو“. مطلب ته ڪلمات موزون ۽ مقفه گهڻن موقعن تي خاص غرضن جي واسطي هجڻ جي دستور آهي، جنهن کان دل تي اثر ٿيندو آهي. اهي ست جايون آهن: اول حاجين جو ڳائڻ: جن جي منزل تي نقاره يا شاهين وڄائيندا آهن ۽ راڳ ڳائيندا ڦرندا آهن. هيءَ ڳالهه انهن کي مباح آهي، ڇاڪاڻ ته انهن شعرن ۾ تعريف ڪعبه ۽ مقام ابراهيم، زمزم، حطيم ۽ ٻين مقامن متبرڪن ۽ ٻيلن، جهنگن وغيره جو ذڪر هوندو آهي. ۽ ان جو اثر هي هوندو آهي ته جيڪو شوق اول هوندو آهي، سو ان جي ٻڌڻ سان ٻيڻو ٿيندو آهي. جهڙيءَ طرح حج ڪرڻ ثواب آهي ۽ ان جو شوق رکڻ به چڱو آهي ۽ شوق جو پيدا ڪرڻ خواهه ڪنهن چيز سان هجي ته چڱو ئي آهي. جهڙيءَ طرح واعظ ڪرڻ واري کي جائز آهي ته واعظ ۾ ڪلام منظوم پڙهي، ڪعبه ۽ حج ڪرڻ جو ثواب بيان ڪري ماڻهن ۾ حج جو اشتياق وڌائي ته ٻڌندڙن کي به جائز ٿيندو ته وڻندڙ بيتن جي ٻڌڻ سان ان طرف وڃڻ جو شوق اڀاري. انهيءَ سبب ڪري ته وزن ۽ قافيو جنهن ڪلام ۾ هوندو آهي ته ان ڪلام جو تاثير دل ۾ زياده ٿيندو آهي ۽ جڏهن وري ان ۾ خوش الحان ۽ وڻندڙ سر زياده هوندو آهي ته تاثير ٽيڻو ٿي پوندو آهي. هي سڀ امر جائز آهن، بشرطيڪه انهن ۾ نڙ يا تار وارو باجو، جو شراب خورن جي وڄائڻ جي عادت آهي، داخل نه هجي. مگر جيڪڏهن راڳ سان ان شخص جو شوق وڌائڻ منظور هجي، جنهن کي حج تي وڃڻ جائز نه هجي، مثلاً هڪ شخص حج جو فرض ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي ان کي ماءُ پيءُ وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين ته ان کي حج تي وڃڻ حرام آهي ۽ پڻ راڳ سان ان جو شوق، حج جو وڌائڻ به حرام آهي. انهيءَ سبب ڪري ته حرام ڳالهه جو شوق وڌائڻ به حرام آهي. پوءِ اهو توڙي جو راڳ کان هجي يا ڪنهن ٻي چيز کان هجي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن رستو خوف وارو آهي، تڏهن به تحريڪ ۽ تشويق جائز نه آهي. ٻيو اهي بيت: جن جا غازي عادتي آهن ۽ ماڻهن کي لڙائيءَ لاءِ اڀارڻ واسطي چون ته اِهي به مباح آهن. مگر ڄاڻڻ گهرجي ته غازين جا شعر ۽ انهن جي ڳائڻ جو طريقو حاجين جي طريقي کان نرالو هجي. ڇو جو لڙائيءَ جي شوق جو بيان بهادري ۽ ڪافرن تي ڪاوڙ ۽ غضب جي تحريڪ (نفس ۽ مال کي لڙائي جي اڳيون نيچ ڄاڻڻ کان) ۽ بهادريءَ جي بيتن سان هوندو آهي. جهڙي طرح هڪ شاعر هن مضمون جو شعر چيو آهي. نامرد بزدلی کو سمجھتے ہیں احتیاط پر اصل میں دھوکا ہے طبع لئیم کا۔ ٻئي هڪ شاعر جو شعر پڻ هن مضمون جو آهي: اے برادر تو حدیثِ نبوی کو سن لے باغ فردوس بھی ہے تلواروں کے سایہ تلے غرض ته بهادريءَ وارن بيتن جو طريقو جدا نموني آهي ۽ شوق وارن بيتن جو طريقو ۽ مضمون به ٻئي نموني آهي. بهادر بڻجڻ ۽ بنائڻ امر مباح آهي. پر جنهن وقت لڙائي مباح آهي، تنهن وقت وڌيڪ مستحب آهي ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته هي امر انهن ماڻهن جي حق ۾ آهي جن کي لڙائي ۾ وڃڻ جائز هجي. ٽيون اهي بيت: جي بهادر، دشمن سان مقابلي وقت چوندا آهن، جن جي مضمون جي هيءَ مراد آهي ته ”نفس بهادريءَ سبب لڙڻ ۾ ان کي جوش واري خوشي بخشي“. انهن بيتن ۾ بهادري ۽ فتح جي تعريف هوندي آهي، جيڪڏهن لفظ عمدا ۽ آواز چڱو هوندو آهي ته دل تي ڏاڍو اثر ٿيندو آهي. اِهي مباح بيت لڙائي ۾ چوڻ مباح آهن ۽ مستحب لڙائي ۾ مستحب آهن. مگر ياد رکڻ گهرجي ته اسلام وارن سان جنگ ڪرڻ منع آهي ۽ اهڙيءَ طرح اهل ڪتاب وارا، جن کي اسلام جي بادشاهيءَ ۾ پناهه ڏني ويئي هجي، انهن سان ۽ ٻين لڙاين جي منع ڪيل آهن، تن ۾ انهن بيتن جو پڙهڻ منع آهي. ڇاڪاڻ ته منع ڪيل ڳالهين جو شوق وڌائڻ به منع آهي ۽ جائز لڙائيءَ ۾ انهن بيتن جو پڙهڻ اصحابه ڪرام ۽ بهادرن کان منقول آهي. جهڙيءَ طرح حضرت امام الاشجعين علي بن ابي طالب ! ۽ حضرت سيف الله المسلول خالد بن وليد ! ۽ پڻ ٻيا ائين ڪندا هئا. ساڳئي وقت ان باري ۾ سندن فرمودو آهي ته: ”غازين جي لشڪر ۾ شاهين وڄائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جو آواز دل کي نرم ڪندڙ، رنج بخشيندڙ آهي ۽ اداس ڪندڙ آهي. عقد بهادريءَ جو ان جي ٻڌڻ کان ڍرو ٿي ويندو آهي ۽ نفس جي چستي، سستيءَ سان مبدل ٿي ويندي آهي. جنهن کان اهل عيال ۽ وطن جو شوق پيدا ٿيندو آهي ۽ جنگ ۾ رنڊڪ پئجي ويندي آهي. انهيءَ طرح جيترا به آواز ۽ سر يا ساز، جي دل کي نرم ڪن ۽ ڏک ۾ مبتلا ڪن ۽ بهادر ٿيڻ وارن بيتن جي مخالف هجن، ته جيڪو شخص اِهي راڳ جنگ ۾ فتور وجهڻ ۽ بهادرن جي دلين کي ڦيرائڻ جي نيت سان پڙهندو ته اهو گنهگار ۽ نافرمان آهي. مگر جيڪڏهن قتل منع ڪيل آهي ۽ ان کان سندن دل هٽائڻ جي نيت سان ڪندو ته فرمانبردار آهي“. چوٿون روئڻ جا آواز ۽ راڳ آهن: انهن جو هي تاثير آهي ته ڏک وڌائيندا آهن ۽ روئارڻ ۽ دل اداس ڪرڻ انهن جو خاص اثر آهي. اِهو ڏک ٻن قسمن جو آهي: هڪ چڱو ۽ ٻيو خراب آهي. خدا تعاليٰ جل شانه انهيءَ قسم جي غم نه ڪرڻ لاءِ ارشاد فرمايو آهي ته: لِكَيْلَا تَأْسَوْا عَلىٰ مَا فَاتَكُمْ (1) (ته توهان غم نه ڪريو ان تي جو هٿ نه آيو) مئل عزيزن لاءِ غم ڪرڻ به انهيءَ ۾ داخل آهي، جيئن جو ڄڻ حڪم الاهيءَ تي ناراض ٿيڻو آهي، ۽ اهڙيءَ چيز لاءِ افسوس ڪرڻ آهي، جنهن جي واسطي ڪجهه به بدلو نه آهي. هاڻي معلوم ٿيو ته اهڙيءَ طرح جو ڏک ڪرڻ خراب آهي، انهيءَ طرح روئڻ سان اهڙو ڏک، اڀارڻ به خراب آهي. ”نبي ڪريم ﷺ جن عورتن کان ان ڳالهه تي به بيعت ورتي هئي ته اهي روڄ راڙو نه ڪنديون“. (2) چڱو ڏک اُهو آهي، جو آدمي امر دين جي ۾ قاصر هجڻ سبب ۽ پنهنجي خطائن کي ياد ڪري ان تي ڏک ڪري ۽ ان جي واسطي روئي ۽ روئڻ جهڙي صورت بڻائي ته اهڙيءَ طرح جو غم ڪرڻ ۽ غم جهڙي صورت ڪرڻ چڱي آهي. جيئن جو اهڙيءَ طرح حضرت آدم + روئندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح جي غم ڪرڻ جو تحرڪ وٺڻ چڱو آهي، ڇو جو انهيءَ مان بدلي ملڻ جي اميد آهي. پڻ انهيءَ سبب ڪري حضرت دائود + جو روئڻ چڱو هو، ڇاڪاڻ ته سندن ڏک ڪرڻ ۽ روئڻ خطائن ۽ گناهن جي سبب کان هو، جيئن جو پاڻ غم ڪندا هئا ته ٻين کي به غمگين ڪندا هئا. پاڻ به روئيندا هئا ته ٻين کي به روئاريندا هئا. سندن روڄ جي مجلس مان پڻ ڪيئي جنازه کڄندا هئا. اِهو روڄ لفظن ۽ آلاپن سان ڪندا هئا. هاڻي ڄاڻڻ گهرجي ته سچ پچ اهڙيءَ طرح جو روئڻ، جو چڱي ڳالهه جي طرح پهچائي، اُهو چڱو آهي. اِنهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو ئي واعظ ڪندڙ خوش الحان، منبر تي چڙهي سُر سان ڪجهه بيت غم ۾ وجهندڙ ۽ دل کي نرم ڪندڙ پڙهي روئي يا روئارڻ جهڙي صورت ڪري، انهيءَ نيت سان ته جيئن ٻيا ماڻهو پنهنجي خطائن ۽ گناهن کي ياد ڪري روئن ته اِهو فعل هرگز حرام نه آهي. پنجون خوشيءَ جي وقتن ۾ خوشي ملهائڻ لاءِ ڳائڻ مباح آهي: بشرطيڪه اها خوشي ڪرڻ مباح هجي. جهڙيءَ طرح عيد جا ڏينهن، شاديءَ جي ويجهڙائيءَ جا ڏينهن ۽ ڪو ماڻهو گم ٿي ويو هجي، ان جي لڀڻ جي خبر ٻڌڻ يا اچڻ وقت. شاديءَ جي دعوت وقت، عقيقي وقت، پٽ ڄمڻ وقت يا طهر وقت ۽ قرآن شريف جي حفظ مڪمل ڪرڻ وقت، خوشيءَ جي سبب ڳائڻ مباح آهي ته سبب هن راڳ جي جائز هجڻ جو هي آهي ته خوش الحان بيتن مان بعضي اهڙا بيت به آهن، جن جي ٻڌڻ سان خوشيءَ جا خيال اڀرن ٿا. هاڻي ڄاڻڻ گهرجي ته جن موقعن تي خوشي ڪرڻ جائز آهي ته پوءِ ان خوشيءَ جو اڀارڻ به بلڪل درست آهي. هن ڳالهه جي درست هجڻ جي تصديق هن طرح آهي ته جڏهن آنحضرت ﷺ جن پنهنجا قدم مبارڪ مدينه منوره منجهه تشريف فرمايا ته مديني منوره جي عورتن ڪوٺن تي چڙهي دف تي هن طرح جا گيت ٿي ڳايا. طَلَعَ البَدْرُ عَلَيْنَا مِنْ ثَنيَّاتِ الوَدَاعِ وَجَبَ الشُّكْـرُ عَلَيْنَا مَا دَعَا لِلهِ داعِ (1) ثِنَيه الوداع جي پهاڙين جي پاسي کان اسان جي لاءِ چنڊ اڀريو، جيسين الله تعالى جي طرف ڏسڻ وارو موجود آهي، اسان تي شڪر ادا ڪرڻ واجب آهي بدر طالع گشت برما از ثنيات و وداع شڪر واجب هست برما تا دعا داعي ڪند. جيئن جو هي بيت آنحضرت ﷺ جن جي تشريف آوريءَ جي خوشيءَ ۾ هئا ۽ خوشي ڪرڻ ضروري ۽ مباح هئي، ته ان جو ظاهر ڪرڻ، بيت توڙي سر يا ڪنهن ٻئي حيلي سان پڻ چڱو هو. بعضي ته ان بابت اصحابه کان اِها به روايت آهي ته اُهي هڪ ڄنگهه خوشيءَ کان مٿي کڻي ٽپندا ۽ نچندا به هئا. ان مان ڄاڻڻ گهرجي ته انهن عورتن جو هي حال حڪم رقص جي ۾ اچي ويندو ۽ اها ئي ڳالهه گم ٿيل ماڻهوءَ جي موٽي اچڻ جي باري ۾ به جائز آهي، جنهن جي اچڻ تي خوشي ڪرڻ درست هجي ۽ اسباب خوشيءَ وارن مان جهڙو سبب مباح هجي، ان ۾ به درست آهي. ان تي اها روايت دلالت ڪجي ٿي، جا صحيحين ۾ حضرت عائشه صديقه i جن کان روايت ڪيل آهي، جن پاڻ فرمايو آهي ته: ”مون آنحضرت ﷺ جن کي ڏٺو آهي ته مون کي چادر هيٺان لڪائي ڇڏيندا هئا، مان حبشين کي ڏسندي رهندي هيس، جي مسجد ۾ کيل ڪندا هئا. اُهي ايڏو وقت ته کيل ڪندا رهندا هئا جو مان بلڪل ٿڪجي پوندي هيس“. (1) هاڻي حضرت عائشه صديقه i جي ننڍي عمر جي لحاظ تي (جو انهيءَ اوستا ۾ عورتون کيل، کيڏڻ ۽ ڪڏڻ جون حريص ٿينديون آهن) خيال ڪري ڏسبو ته ڪيتري ئي دير تائين بيٺي هوندي، جو ٿڪجي به پوندي هوندي! بخاري ۽ مسلم ۾ هيءَ حديث شريف عقيل، زهريءَ کان ۽ انهن عروه کان ۽ انهن حضرت عائشه صديقه i جن کان روايت ڪئي آهي ته حضرت ابوبڪر صديق ! جن حضرت عائشه i جن وٽ تشريف فرما ٿيا، ڏٺائون ته انهن جي اڳيان ٻن ڇوڪرين، قربانيءَ وارن ڏينهن ۾ دف وڄايو ٿي ۽ نچيون به پئي. آنحضرت ﷺ پنهنجو سارو بدن مبارڪ چادر سان ڍڪيو لڪيو ويٺا هئا. انهن ڇوڪرين کي حضرت صديق ! جن جهڻڪيو ته ايتري ۾ آنحضرت ﷺ جن پنهنجو چهرو مبارڪ ظاهر ڪري فرمايو ته: ”اي ابوبڪر ! هنن کي ڪجهه نه چئو! ڇو جو هي عيد جا ڏينهن آهن“. (2) حضرت عائشه i جن فرمايو ته: ”مان آنحضرت ﷺ جن کي به ڏٺو هو، جڏهن مون کي چادر هيٺان لڪائي ڇڏيو هئائون ۽ مون حبشين جو تماشو ڏٺو ٿي، جن مسجد شريف ۾ کيل ڪيو ٿي. ان تي حضرت عمر ! جن انهن کي جهڻڪيو. آنحضرت ﷺ جن حبشين کي فرمايو ته ”اي حبشيو! بي خوف رهو!“ (3) عمرو بن حارث، جنهن ابن شهاب کان روايت ڪئي آهي، ان ۾ به هن طرح جو ذڪر آهي ته: ”ٻن ڇوڪرين ڳايو ۽ وڄايو ٿي“. (4) حديث ابو طاهر ۽ ابن وهب کان حضرت عائشه صديقه i جن جو اهو قول آهي ته: ”مون کي خدا جو قسم آهي ته مون رسول الله ﷺ جن کي ڏٺو، جو منهنجي حجري جي دروازي تي بيٺا هئا ۽ حبشي مسجد نبويءَ ۾ پنهنجي هٿيارن جو تماشو ڪري رهيا هئا ۽ مون کي پنهنجي چادر سان ڍڪي ڇڏيو هئائون ۽ مان تماشو ڏسندي رهندي هيس، پوءِ منهنجي خاطر ايتري تائين بيٺا رهيا، جيسين مان پاڻ ٿڪجي هلي نه ويس“. (1) حضرت عائشه صديقه i جن کان روايت آهي ته: ”مان آنحضرت ﷺ جن جي روبرو گُڏين راند کيڏندي هيس ۽ منهنجيون ساهيڙيون مون وٽ اينديون هيون ۽ اُهي گهڻو ڪري آنحضرت ﷺ جن کان حياءَ سبب ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪنديون هيون. آنحضرت ﷺ جن انهن کي مون سان کيڏڻ لاءِ مون ڏانهن روانو ڪندا هئا“. هڪ روايت ۾ ذڪر آهي ته: ”حضرت نبي ڪريم ﷺ جن هڪ ڏينهن حضرت عائشه i جن کان پڇيو ته: ”هي ڇا آهن؟“ حضرت عائشه i جن عرض ڪيو ته: ”منهنجيون گُڏيون آهن“. حضرت جن فرمايو ته: ”انهن جي وچ ۾ جو نظر اچي ٿو، سو ڇا آهي؟“ انهن عرض ڪيو ته: ”گهوڙو آهي“. حضرت جن فرمايو ته: ”گهوڙي جي هيڏانهن ۽ هوڏانهن ڇا آهي؟“ بيبي صاحبه عرض ڪيو ته ”اڏرڻ جا پر آهن“. حضرت جن فرمايو ته: ”گهوڙي کي ٻه پر آهن!“ جنهن تي حضرت عائشه i جن عرض ڪيو ته: ”توهان ٻڌو نه آهي ته حضرت سليمان + جي گهوڙي کي پر به هئا‘.“ حضرت عائشه i جن فرمايو ته ’آنحضرت ﷺ جن اِهو سخن ٻڌي ايترو ته خوش ٿيا ۽ کليا جو سندن ڪڇون (ڏاٺون) مبارڪ به ظاهر پئي ٿيون‘. (2) هيءَ حديث ڇوڪرين جي عادت تي دليل ڪيل آهي. جيئن جو اِهي تصوير مٽيءَ يا ڪپڙي جي اڻپوري صورت ۾ بڻائينديون آهن. جيئن جو بعضي روايتن ۾ آيل آهي ته ان گهوڙي کي ٻه پر ڪپڙي جا ٺهيل هئا. حضرت عائشه i جن کان روايت آهي ته ”مون وٽ آنحضرت ﷺ جن تشريف فرما ٿيا. ان وقت ٻن ڇوڪرين روز بعاث (جنگ جي ڏينهن) جو ذڪر ڳاتو ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ ايندي شرط بستري تي آرامي ٿيا ۽ پنهنجو منهن مبارڪ ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيائون، ايتري ۾ حضرت ابو بڪر صديق ! جن آيا ۽ انهن مون کي جهڻڪيو ته ”شيطان جو نڙ...! آنحضرت ﷺ جن جي روبرو روا رکو ٿا“. انهيءَ تي آنحضرت ﷺ، حضرت ابوبڪر صديق ! جن جي طرف متوجه ٿي فرمايو ته: ”هنن کي نه چئو“ جڏهن حضرت صديق اڪبر ! انهن ڇوڪرين کان بي خبر ٿيا ته مون انهن کي اشارو ڪيو ۽ اِهي ٻاهر هليون ويون“. ٻي جاءِ تي ذڪر آهي ته عيد جو ڏينهن هيو ۽ انهيءَ ڏينهن حبشين تماشو ڪيو ٿي. مون کي گمان آهي ته مون آنحضرت ﷺ جن کي اول درخواست ڪئي هئي يا پاڻ فرمايو هئائون: ”ته توهان ڏسڻ گهرو ٿا ڇا؟“ مون عرض ڪيو ته: ”هائو“. پوءِ مون کي پٺيءَ جي پوئتان ڪري بيهاريائون. ان وقت، منهنجو رخسار سندن رخسار مبارڪ سان هيو ۽ پاڻ حبشين کي فرمايائون ته: ”تماشو ڪريو“ انهن ايتري ته دير تائين تماشو، ڪيو جو مان ٿڪجي پيس، تنهن تي پاڻ مون کان پڇيائون ته:”بس“ . مون عرض ڪيو ته: ”مون کي هاڻي بس آهي“. جنهن تي پاڻ فرمايائون: ”ته چڱو توهان هاڻي وڃو“. صحيح مسلم ۾ هن طرح آهي ته ’مون پنهنجو مٿو سندن شاني مبارڪ تي رکي حبشين جو تماشو ڏٺو ٿي، ايتري تائين جو مان ٿڪجي پوئتي هٽي ويس‘. (1) هي سڀ روايتون صحيحين ۾ آهن، جن مان صاف ظاهر آهي ته راڳ ۽ تماشو حرام نه آهي ۽ انهن حديثن مان ڪيترن قسمن جي اجازت به پاتي وڃي ٿي. الف: کيڏڻ جي اجازت (جيئن جو حبشين جي عادت آهي ته نچندا ۽ کيڏندا آهن) ب: ‎ان تماشي جو مسجد ۾ هجڻ. ٻ: آنحضرت ﷺ جن جو حبشين کي اهڙيءَ طرح فرمائڻ ته ”تماشو ڪريو“ (جنهن ۾ اجازت تماشي جي ۽ تماشي ڪرڻ جو حڪم آهي). پوءِ ان کي حرام ڪهڙي طرح ڪري سگهجي ٿو؟ ڀ: حضرت ابوبڪر صديق !۽ حضرت عمر !جن کي روڪڻ سبب منع فرمائڻ ۽ ساڳئي وقت ان جو سبب به بيان فرمائڻ ته ”عيد جو ڏينهن آهي“ ۽ ”هي خوشيءَ جو وقت آهي“ ۽ ڳائڻ وڄائڻ خوشيءَ جي اسبابن منجهان آهي. ت: گهڻي دير تائين حضرت عائشه صديقه i جن جي خاطرداريءَ لاءِ تماشي جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ بيهي رهڻ ۽ ان مان هيءَ به اجازت پاتي وڃي ٿي ته عورتن ۽ ڇوڪرين يا ٻارن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ خوش خلقي ڪرڻ يا تماشو ڏسڻ بهتر آهي. ٿ: آنحضرت ﷺ جن جو شروع ۾ ئي، حضرت عائشه صديقه i جن کي هي فرمائڻ ته: ”توهان ڏسڻ گهرو ٿا ڇا؟“ هي گفتگو ڪجهه اهل خانه جي مجبوريءَ کان نه هئي، اهل خانه جي اڪيلائي ۽ غضي جي خوف کان به نه هئي. انهيءَ سبب ڪري جيڪڏهن اول انهن جي درخواست هجي ها ۽ پاڻ منظور نه فرمائن ها ته عجب نه هو، جو سبب اڪيلائي ۽ خفگيءَ جو ٿئي ها، مگر ابتدا ۾ سوال ڪرڻ ته ڪو ئي خدشو ئي ڪو نه هو. ٽ: ڳائڻ ۽ دف وڄائڻ به ٻنهي ڇوڪرين جو جائز ٿيو، جيتوڻيڪ ”شيطان جي نڙ“ سان تشبيهه ڏني ويئي هئي. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته ڳائڻ وڄائڻ وارا حرام ساز (مزامير) ڪا ٻي چيز آهي. پ: ٻنهي ڇوڪرين جو آواز آنحضرت ﷺ جن جي ڪنن مبارڪن تي پيو ٿي ۽ پاڻ سمهيا پيا هئا. حالانڪ ڪنهن جڳهه تي تارن جا باجا وڄندا هئا ته پاڻ اتي ويهڻ ۽ ڪنن ۾ اُن جو آواز اچڻ هرگز روا نه رکندا هئا. انهيءَ مان هي به معلوم ٿيو ته عورتن جي آواز جي حرام هجڻ جي حالت، نڙ جي آواز جي حرام هجڻ جي حالت وانگر نه آهي. بلڪ عورتن جو آواز انهيءَ جاءِ تي حرام آهي جتي فتني جو خوف هجي، مطلب ڳالهه جو هي آهي ته هي قياس ۽ تصديق دلالت ڪري ٿو ته راڳ، ناچ ۽ دف وڄائڻ، ڍال ۽ هٿيار سان کيڏڻ، حبشين ۽ زنگين جو ناچ ڏسڻ، سڀني خوشين جي وقتن ۾ مباح آهي، بقياس عيد جي ڏينهن جي. جيئن جو اهو به خوشيءَ جو ڏينهن آهي. اهڙيءَ طرح جيئن شادي ۽ شادي جي دعوت، عقيقه، طهر، ڪنهن عزيز مسافر جو گهر ۾ اچڻ وارو ڏينهن ۽ تمام اسباب خوشيءَ جا يعني جن لاءِ خوشي ڪرڻ درست آهي. انهن جو به ساڳيو ئي مثال آهي ۽ پڻ يارن جو ڪنهن جاءِ تي گڏجي ملاقات ڪرڻ يا گڏجي کائڻ ۽ گفتگو ڪرڻ وقت به خوشي ڪرڻ جائز آهي ۽ موقعو راڳ ٻڌڻ جو به آهي. ڇهون عاشقن جو راڳ، شوق جي چرپر: عشق جي ٻيڻي ٿيڻ ۽ نفس جي دلاليءَ لاءِ آهي، جيڪڏهن معشوق جي سامهون هوندو آهي، تڏهن به لذت جي زياده هجڻ کان چرپر ٿيندي آهي، جيڪڏهن معشوق جي جدائيءَ ۾ هوندو آهي ته نيت شوق اڀارڻ جي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ شوق ۾ ڪيترو به رنج آهي، مگر ان ۾ وصال جي اميد ملندڙ آهي. توڙي جو لذت نه به ڏيندو آهي. مگر اميد خود لذيذ ٿيندي آهي. نااميدي ڏک ڏيندڙ آهي. پر لذت اميد جي ايتري ٿيندي آهي، جيترو شوق زياده هوندو آهي. مطلب ته هن راڳ ۾ عشق وڌائڻ ۽ شوق کي ٻيڻو ڪرڻ يا اميد وصال جي لذت جو حاصل ڪرڻ آهي. ان ۾ محبوب جي حسن جو بيان به ڪيو ويندو آهي. ان طرح جو راڳ به حلال آهي، بشرطيڪ معشوق به انهن شخصن مان هجي، جن جو وصال مباح آهي. مثلاً ڪوئي شخص پنهنجي حرم تي عاشق ٿئي ۽ ان جي راڳ تي ڪن ڏئي ته اکين کي ان جي ديدار ۽ ڪنن کي ان جي آواز کان لذت اچي ۽ معنيٰ وصال ۽ فراق جي دل سمجهي وڃي ۽ پوءِ هن لذت جا اسباب هڪ ٻئي پويان ٿيندا رهندا ۽ هي قسم لذت دنيا جي جائز حڪمن ۽ متاع کان فائدو وٺندڙ آهن، مگر متاع دنيا جا بيهودا به آهن. هي حڪم اهڙيءَ طرح آهن، جهڙيءَ طرح ڪنهن کان زال کسجي وڃي يا ڪنهن ٻئي سبب کان جدائي درپيش اچي ته ان کي جائز آهي ته پنهنجي شوق جو تحرڪ راڳ سان ڪري ۽ سماع کان لذت اميد وصال جي اڀاري. مگر جيڪڏهن زال کي وڪڻي يا ان کي طلاق ڏئي ڇڏي ته انهيءَ صورت ۾ راڳ سان شوق اڀارڻ جو تحرڪ ڪرڻ ان تي حرام آهي، ڇو جو جنهن جاءِ تي وصال ۽ ديدار جائز ناهي، اتي تحرڪ شوق جو اڀارڻ به جائز نه آهي. جو شخص پنهنجي دل ۾ ڪنهن عورت يا ڇوڪريءَ جي صورت جو خيال ڪري، جنهن جي طرف ڏسڻ ان کي حلال نه آهي، جيڪڏهن هو ڪجهه راڳ ٻڌي ان جي صورت تي ڪم آڻي ته اِهو به حرام آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان فڪر وارو افعال منع ڪيل پيدا ٿئي ٿو. اڪثر عشاق اڄوڪا ۽ بي وقوف جوان غلبي شهوت ۾ هن خيال کان خالي نه آهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه مڙئي دل ۾ رکندا آهن، هي امر انهن جي باري ۾ بلڪل منع ڪيل آهي. انهيءَ ڪري ته انهن ۾ هڪ ٻيو راڳ مخفي آهي ۽ انهيءَ سبب ڪري به ته خود راڳ ۾ ڪائي ڳالهه نه آهي. انهيءَ قسم جي راڳ ٻڌڻ ۽ خيال ڪرڻ ۾ طالب کي ڏاڍو نقصان ۽ گناهه آهي. ان بابت جڏهن ڪنهن حڪيم کان پڇيو ويو ته: ”عشق ڪهڙي چيز آهي؟“ تنهن جواب ۾ چيو ته: ”عشق هڪ دونهون آهي، جو آدميءَ جي دماغ ۾ چڙهي ويندو آهي ۽ جماع سان لهي ويندو آهي، پر راڳ سان وري اڀرندو آهي“. پڻ ان باري ۾ مرشدنا مولانا هادي مهدي حضرت قادر بخش فقير روهڙي شريف جن کان منقول آهي، فرمائين ٿا: حَرالطّـَالب عَليٰ وَجْہِ حُبِّ الشَّهَوَاتِ. يعني منهن ڀر ڪرڻ طالب جو شهوت جي دوستيءَ جي سبب کان آهي. (1) ستون، انهن شخصن جو راڳ: جيڪي الله تعاليٰ جا عاشق ۽ ان جي ديدار جا مشتاق آهن. جيڪي جنهن به چيز تي نظر ڪن، ان مان ان جو نور پاڪ پسن ۽ جو آواز ٻڌن، اُهو انهيءَ مان يا ان جي حق ۾ سمجهن. اهڙن ماڻهن جي حق ۾ راڳ، انهن جي شوق کي اڀاري ٿو ۽ سندن عشق محبت کي پختو ڪري ٿو. انهن جي دلين تي چقمق پهڻ جهڙو اثر ڪري ٿو. انهن جي دلين مان اُهي اسرار ۽ لطيفه ظاهر ڪري ٿو، جي خراب حالتن جي حد ۽ احاطي کان ٻاهر آهن ۽ جو شخص اِن رزق جو مزو چکي ٿو، اهو ئي ان کي ڄاڻي ٿو. ڀلا جنهن جي قوت ان ذوق جي چکڻ کان خراب ٿي ويئي آهي. اُهو اِن کي ڇا ڄاڻندو! هاڻي معلوم هجي ته انهن حالتن جو نالو اربابِ تصوف وارن لاءِ وجد آهي، جو وجود کان ورتو ويو آهي. يعني پنهنجي نفس ۾ اهو احوال موجود پائن ٿا، جو راڳ کان اڳ معلوم نٿي ٿيو ۽ راڳ جي سبب کان وجد جا خيال اهڙا ته جوش وارا پيدا ٿيندا آهن، جو سندن دلين کي پنهنجي باهه سان ڀرپور ڪري، اونداهيءَ کان ڪڍي اهڙو ته صاف ڪري ڇڏيندا آهن، جهڙيءَ طرح سوني ۽ چانديءَ جو باهه ۾ وجهڻ سان مَٺُ نڪري ويندو آهي. ان صفائيءَ کان پوءِ مشاهدو ۽ مڪاشفو ٿيندو آهي، جنهن مان خدا جي عاشقن جو فائدو ۽ سندن سڀني عبادتن جو ڦرَ، يعني ميوو آهي. هن مان معلوم ٿيندو آهي ته انهن چيزن جو ذريعو به عبادتن سان آهي، جنهن ۾ گناهه نه آهي. دل کي راڳ کان اِهي حالتون حاصل ٿين ٿيون، تن جو سبب هي آهي ته موزون سرن ۽ روحن ۾ مناسبت جو خدا تعاليٰ هڪ راز رکيو آهي ۽ روحن کي الله تعاليٰ سرن تي عاشق ڪيو آهي، جنهن جي اثر کان شوق، خوشي، غم، کيڏڻ ۽ ڪڏڻ ۽ وجد واري چرپر روح ۾ پيدا ٿيندي آهي ۽ آواز کان روحن تي تاثير هجڻ جو سبب علم اسرار جي اصطلاح ۾ آهي. غبي آدمي پٿر طبيعت جو تڙيل راڳ جي لذت کان محروم آهي ۽ شخص ٻڌڻ واري کي جا لذت محسوس ٿيندي آهي، تنهن کان وجد جي حالت ۾ ان جو حال دگرگون ٿي ويندو آهي. ان جو رنگ بدلجي ويندو آهي، جنهن کي ڏسي تعجب لڳندو آهي. مگر اهو تعجب ڪرڻ اهڙو آهي، جهڙوڪ چوپايو جانور بادامن جي تيار ٿيل طعام جي لذت کان عجب ڪري، يا نامرد لذت جماع جي کان ۽ ڳڀرو ڇوڪرو عيش جي سامانن ۾ ڏوڪڙن جي داشت کان تعجب ڪري. يا جاهل آدمي لذت معرفت الاهي ۽ ان جي جلالِ عظمت ۽ عجائب صنعت جي دريافت ڪرڻ جي لذت کان تعجب ڪري، انهن سڀني جو سبب هڪڙو ئي آهي يعني لذت هڪ قسم جي دريافت ڪرڻ آهي، جا قوت سمجهڻ واري کي گهڻو چاهيندي آهي. پوءِ جنهن جي قوت دريافت ڪرڻ واري پوري نه آهي ته ان کي لذت ڪهڙي طرح معلوم ٿيندي. مثلاً جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ قوت ذائقي جي نه آهي، اُهو ڪهڙيءَ طرح طعام جو مزو معلوم ڪري سگهندو. جيڪو ٻوڙو هوندو آهي، ان کي آواز جي لذت ڪيئن معلوم ٿيندي ۽ جنهن کي عقل نه هوندو، اُهو عقلي چيزن جي ڪيئن دريافت ڪندو. اهڙيءَ طرح ڪن ۾ آواز پهچڻ کان راڳ جو حظ دل جي اندر واريءَ باطني طاقت سان معلوم ٿيندو آهي، پر جنهن کي اها معلوم ڪرڻ واري اندرين طاقت ميسر نه آهي، ان کي راڳ جي لذت نه ايندي. هاڻي شايد توهان هيئن چوندا ته ”جو راڳ تحريڪ ڪرڻ وارو آهي، سو خدا تعاليٰ جل شانه جي حق ۾ ڪيئن ٿي سگهندو؟“ ان جو جواب هي آهي ته: ”جو شخص الله تعاليٰ جل شانه کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو، سو انسان بالضرور محبت رکي ٿو ۽ جنهن جي معرفت پختي ٿي ويندي آهي ان جي محبت به پختي ٿي ويندي آهي، جڏهن محبت زياده پختي ٿي ويندي آهي ته ان کي ”عشق“ چوندا آهن، ڇو جو عشق جي معنيٰ زيادتي محبت ۽ ان کي تاڪيد ڪرڻ جي آهي“. انهيءَ سبب کان جڏهن عرب جي ماڻهن آنحضرت ﷺ جن کي ڏٺو ته غار حرا ۾ عبادت الاهيءَ جي واسطي اڪيلا رهن ٿا، تڏهن چوڻ لڳا ته ”محمد ﷺ جن پنهنجي رب تي عاشق ٿي پيا آهن“. هي پڻ ڄاڻڻ گهرجي ته جمال جنهن دريافت ڪرڻ واري قوت سان معلوم ٿيندو آهي، ان جي ويجهڙو محبوب ٿيندو آهي. هي پرتوو خالق جل شانه جو آهي، جو خود جميل آهي ۽ جمال کي محبوب رکي ٿو. جيئن جو حديث شريف ۾ آنحضرت ﷺ جن فرمائن ٿا ته: اِنَّ اللهَ جَمِيْلٌ وَّ يُحِبُّ الجَمَالَ (1). جيڪڏهن جمال ظاهري آهي، يعني آدمي ڊولائتو آهي ۽ رنگ وغيره صاف سهڻو اٿس ته اهو اک جي دريافت ڪرڻ واري قوت سان معلوم ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن جمال باطني آهي يعني جلال، عظمت ۽ مرتبو يا صفات ۽ اخلاق چڱا آهن ۽ ساري خلق سان نيت خير جي ۽ هميشه مخلوق تي خيرات جاري رکڻ جي آهي ته اهو دل جي دريافت ڪرڻ واري قوت سان معلوم ٿيندو آهي. لفظ جمال ڪڏهن ڪڏهن صفات باطنيءَ جي خوبيءَ کي به چوندا آهن. جيئن جو ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻو شخص جميل آهي. جيتوڻيڪ ان جي صورت هن مطلب واري نه هوندي آهي. بلڪ هي غرض هوندو آهي ته جميل اخلاق، محمودالصفات ۽ سيرت جو چڱو آهي. جيئن جو بعضي وقتن تي هڪ شخص جي ٻئي سان انهيءَ صفات، باطنيءَ جي سبب کان محبت ٿي ويندي آهي، جهڙيءَ طرح ظاهر جي خوبصورتيءَ جي سبب کان محبت ٿيندي آهي. هيءَ محبت وڌندي وڌندي پاڻ کي عشق چورائڻ جي حقدار ٿي ويندي آهي. جيئن جو امام شافعي ، امام مالڪ ۽ امام اعظم جن جي محبت ۾ گهڻائي ماڻهو آهن، جن پنهنجي جان ۽ مال سندن طرفداريءَ ۽ ياريءَ ۾ لٽائي ڇڏيو ۽ انهن جهڙي محبت ۽ تعريف ڪرڻ جو شوق ڪنهن به عاشق ۾ نه هوندو، تڏهن ته وڏي تعجب جي ڳالهه آهي، جو اهڙن ماڻهن تي عاشق ٿيڻ، جن جي صورت ڪڏهن به نه ڏٺي ويئي ته خوبصورت هئا يا بدصورت ۽ جيڪي انتقال به ڪري ويا آهن، فقط سندن جمال باطني، سهڻين خصلتن ۽ ديني علم جي خيرات جاري ڏسڻ مان سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ممڪن به آهي. پوءِ جنهن ذات پاڪ جو هيءَ حال آهي جو دنيا ۾ جيتريون خيراتون، جمال ۽ محبوب آهن، اُهي سڀ ان جي خوبيءَ جو پرتوو آهن ۽ ان جي ڪرم واري اثر جي علامت جو درياهه ۽ درياههِ جود جو قطرو بلڪه تمام حسن ۽ جمال جو عالم ۽ عقل سان خواهه حواس ظاهريءَ اک ۽ ڪن وغيره سان، شروع پئدائش دنيا جي کان آخر تائين ۽ ستارن کان وٺي ڌرتيءَ تائين معلوم ٿيندو آهي. سو ان جي خزاني جو هڪ قطرو ۽ ان جي انوار حبيب ﷺ جو هڪ چمڪارو آهي. جنهن ذات پاڪ جي هيءَ وصف آهي ته پوءِ مون کي معلوم نه ٿو ٿئي ته ان جي محبت ڪيئن سمجهه ۾ نٿي اچي، پر جي شخص ان ذات پاڪ جي وصفن ۽ صفتن کان واقف آهي، تن جي دلين ۾ تحقيق هيءَ محبت ايتري زياده ٿي ويندي آهي، جو ان کي عشق چوڻ به خطا آهي، يعني لفظ عشق به ان تمام زياده محبت هجڻ واري سمجهه کان قاصر ٿي ويندو آهي. سبحان الله! عجب ذات پاڪ آهي، جو شدت ظهور ئي ان جي ظاهر ٿيڻ جو حجاب آهي. اُها ذات پاڪ جيڪڏهن نور جي ستر پردن ۾ پوشيده نه هجي ها ته سندس چهري مبارڪ جو انوار ان جي جمال پاڪ جي ڏسڻ وارن جون اکيون اُڏائي ڇڏي ها ۽ جيڪڏهن ان جو ظاهر ٿيڻ، سندس مخفي هجڻ جو سبب نه هجي ها ته عقل حيران، دل پريشان، قوت ابتر ۽ عضوا ڍرا ٿي وڃن ها، پوءِ توڙي کڻي دل پٿر ۽ لوهه جي هجي ها ته به ان جي حيثيت انوار تجلي جي اڳيان چڪنا چور ٿي وڃي ها؛ ڇو جو سج جهڙي نور جي تاب سهڻ جي طاقت ويچاري ٽانڊاڻي ۾ ڪا ٿي سگهندي آهي؟ هاڻي معلوم ٿيندو ته محبت سواءِ الله جل شانه جي گناهه ۽ جهالت آهي، پر معرفت جو حقدار، پڪ ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته سواءِ خدا تعاليٰ جل شانه جي ٻي ڪنهن کي نه سڃاڻندو آهي. ڇو جو حقيقت ۾ سواءِ الله تعاليٰ جل شانه ۽ ان جي افعال جي ٻي ڪائي چيز موجود نه آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪو ئي افعال جي معنيٰ، هن نظر سان ڏسندو ته: ”هي افعال آهن ۽ افعال جي معرفت فاعل کان اڳتي نه وڌندي ۽ ٻئي طرف نه ويندي“. ان جو جواب هي آهي ته: ”مثال طور جو شخص امام شافعي يا امام ابوحنيفه جن ۽ انهن جي علم ۽ تصنيف کي هن لحاظ سان سمجهندو ته هي سندن تصنيفات آهن ۽ انهيءَ قطع نظر سان ڏسندو ته هي ڪاغذ مجلد ۽ سياهي، ڪلام سچو ۽ صحيح آهي ۽ زبان عربي آهي ته ان جي معرفت امام شافعي يا امام ابوحنيفه جن کان ٻئي جي طرف نه ويندي ۽ انهن کانسواءِ ٻئي جي محبت دل ۾ نه ايندي“. هاڻي دنيا جي موجودات کي جو ڏسجي ٿو ته ڪل موجودات الله تعاليٰ جل شانه جي تصنيف ۽ ان جو فعل آهي. جيڪڏهن ڪوئي هن اعتبار سان خيال ڪندو ته اها الله تعاليٰ جل شانه جي ڪاريگري آهي ته ان ڪاريگريءَ ۾ فقط ڪاريگر جي صفات ڏسندو. جهڙيءَ طرح خوبي تصنيف جي کان مصنف جي فضيلت ۽ ان جي بزرگيءَ جو قدر معلوم ٿيندو آهي، جنهن جي معرفت ۽ محبت به خدا تعاليٰ جل شانه تي ئي منحصر آهي. جا ٻئي طرف حد کان لنگهي نه ويندي. هن عشق جي تعريف هيءَ آهي جو شراڪت قبول نٿو ڪري ۽ ان کانسواءِ ٻيا جيترا به عشق آهن، اُهي شراڪت قبول ڪندا آهن. ڇو جو خدا تعاليٰ جل شانه کان سواءِ جو محبوب آهي، ان جهڙو نظير وجود توڙي امڪان ۾ ممڪن آهي، مگر خدا تعاليٰ جل شانه جو ثاني وجود امڪان ۾ نه ٿي سگهندو. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته ٻئي جي محبت جو ”عشق“ چوڻ ”مجازي“ آهي، نه ”حقيقي“. پر جو شخص ڪم عقل حيوانن سان رهي ٿو، اهو لفظ عشق مان مراد وصال جي سمجهي ٿو، جنهن جي معنيٰ ظاهري جسمن جي ملڻ ۽ شهوت جماع جي پوري ڪرڻ جي آهي. انهن گڏهن جهڙن ماڻهن اڳيان لفظ عشق، شوق، وصال ۽ انس چوڻ نه گهرجي، بلڪه انهن لفظن جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، جهڙيءَ طرح چوپائي جي اڳيان نرگس ۽ ريحان نه ٿي رکجي، مگر فقط گاهه، بوسو ۽ وڻن جا پن رکي ڇڏيندا آهن. انهي ڪري الله تعاليٰ جل شانه جي حق ۾ انهن لفظن جو چوڻ جائز آهي. جنهن کان ٻڌڻ وارن کي انهن ڳالهين جو وهم نه ٿئي، جنهن کان الله تعاليٰ جل شانه جو پاڪ چوڻ واجب آهي. اسان ماڻهن منجهان جيڪڏهن ڪو ئي ان سمجهه جي برعڪس اختلاف ڪري ته اهڙن ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ وقت هي بيت ياد رکڻ گهرجي. باهيچ نفسهم لاف معني چه زني طفلانه بطفل گفتگو بايد ڪرد پر عجب نه آهي ته صفات الاهيءَ جي ٻڌڻ سان ئي دل تي اُهو وجد غالب ٿئي، جنهن جي سبب کان دل ڦاٽي پوي. جيئن جو ابوهريره !، آنحضرت ﷺ جن کان روايت ڪن ٿا ته: ”بني اسرائيلن مان هڪڙو ڇوڪرو پنهنجي ماءُ سان ڪنهن پهاڙيءَ تي بيٺو هو، ان پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته: ”امان! آسمان ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟“ ماڻس چيو ته: ”الله تعاليٰ جل شانه پيدا ڪيو آهي.“ وري ان پڇيو ته: ”اي امان! زمين ڪنهن پيدا ڪئي آهي؟“ ماڻس چيو ته: ”زمين کي به الله تعاليٰ جل شانه پيدا ڪيو آهي“. وري پڇيائينس ته: ”امان! هي پهاڙ ۽ جبل ڪنهن بڻايا آهن؟“ ماڻس چيو ته: ”الله تعاليٰ جل شانه پيدا ڪيا آهن.“ وري ان ڇوڪر پڇيو ته: ”امان اهي جُهڙ، ڪڪر ڪنهن پيدا ڪيا آهن؟“ سندس ماءُ چيو ته: ”الله تعاليٰ جل شانه پيدا ڪيا آهن“. ان ڇوڪر چيو ته: ”مار! الله تعاليٰ جل شانه جو هي شان!“ ائين چئي پاڻ کي پهاڙ تان کڻي ڇڏيائين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ان جو سبب هي معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ان ڇوڪر اِهي ڳالهيون ٻڌيون جي الله تعاليٰ جل شانه جي جلال ۽ ڪامل قدرت جون دليل هيون ته ان کي خوشيءَ ۾ وجد ٿيو ۽ وجد جي حالت ۾ ان پنهنجو پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيو. ڪتاب آسماني سڀ انهيءَ سبب لاءِ لٿا آهن ته الله تعاليٰ جل شانه جي ذڪر کان ماڻهو خوشي ڪن. بعضي اڪابر فرمائن ٿا ته: ”اسان انجيل ۾ لکيل ڏٺو آهي ته مان توهان جي اڳيان ڳاتو، مگر توهان خوشي نه ڪئي. مان توهان جي واسطي نڙ وڄايو، مگر توهان نه نچيو، يعني مان الله تعاليٰ جل شانه جي ذڪر جو شوق توهان کي ڏيکاريو، مگر توهان مشتاق نه ٿِيَئو.“ اسان راڳ جا قسم ۽ اسباب ۽ جن جي مطلبن جو ذڪر ڪرڻ گهرون ٿا. تن جو بيان ڪيوسين، جنهن مان يقين سان معلوم ٿي ويو ته بعضي راڳ مباح آهي ۽ بعضي مستحب آهي، هاڻي اسان اُهي علامتون لکون ٿا، جن کان راڳ حرام ٿي ويندو آهي. _________   بيان ٽيون انهن علامتن جي ذڪر ۾، جن کان راڳ حرام ٿي ويندو آهي. اُهي پنج آهن اول هي آهي ته: ڳائڻ واري عورت هجي، جنهن جي طرف ڏسڻ حلال نه هجي ۽ ان جي راڳ ٻڌڻ مان فتني جو خوف هجي. هي حالت حرام هجڻ، راڳ جي سبب کان نه آهي، مگر فتني جي خوف هجڻ سبب حرام آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ ۾ ۽ ان جي آواز ڪرڻ مان فتني جو خوف هجي ته ان جو ڳالهائڻ به درست نه آهي. نڪي تلاوت ۾ ان جو آواز ٻڌڻ جائز آهي. اِهو ساڳيو حال ان ڇوڪري جو به آهي، بشرطيڪه فتني جو خوف هجي. هاڻي جيڪڏهن هيئن چئو ته: ”توهان ان کي هر حال ۾ حرام چئو ٿا؟ يا حرام ان جاءِ تي چئو ٿا، جتي فتني جو خوف هجي، يا جنهن شخص جي حق ۾ فتني جو خوف هجي؟“ ان جو جواب هي آهي ته: ”فقه جي حڪمن موجب هيءُ مسئلو ٻن ڳالهين جي سمجهڻ لائق آهي: هڪ هي آهي ته ڌاري عورت سان خلوت ڪرڻ ۽ ان جي صورت ڏسڻ حرام آهي، توڙي فتني جو خوف هجي يا نه هجي. انهيءَ سبب ڪري ته هن مان هرگز فتني جو خوف آهي ۽ شريعت پڻ ان ڳالهه جي بند ڪرڻ لاءِ حڪم فرمايو آهي ۽ عورتن جي طرف متوجه ٿيڻ کان منع ڪئي آهي ۽ اصول هي آهي ته ڇوڪرن جي طرف ڏسڻ مباح آهي، مگر فتني جو خوف نه هجي. هاڻي ان مان معلوم ٿيندو ته ڇوڪرن جو حال عورتن جي حال وانگر نه آهي. بلڪ ان جي باري ۾ خوف ۽ فتني جي پيروي ڪئي ويندي آهي ۽ عورت جو آواز به انهن ٻنهي اصولن تي منحصر ٿي سگهندو آهي، پر جيڪڏهن انهن جي ڏسڻ جي مراد هجي ته ان جو آواز ٻڌڻ ئي نه گهرجي. مگر ڏسڻ ۽ آواز ٻڌڻ ۾ به فرق آهي. انهيءَ ڪري جو شهوت اول ئي ڏسڻ جي خواهشمند ٿيندي آهي ۽ آواز ٻڌڻ جي طلب ڪندڙ نه ٿيندي آهي. انهيءَ کانسواءِ ڏسڻ سان شهوت چنبڙڻ جي چرپر پيدا ڪندي آهي. آواز جي ٻڌڻ بنسبت عورت جي راڳ کانسواءِ آواز چڱو به نه آهي. ان مان معلوم ٿيندو ته سواءِ راڳ جي عورت جو آواز ٻڌڻ چڱو آهي، ڇو جو عورتون اصحابن U جن جي وقت ۾ مردن سان ڳالهائينديون هيون، يعني السلام عليڪم، سوال ۽ مشورا وغيره ڪنديون هيون. مگر راڳ کي شهوت جي چرپر ڪرڻ ۾ زياده اثر آهي ته آواز ٻڌڻ جي قياس موجب ڇوڪرن جو ڏسڻ به بهتر آهي. انهيءَ سبب ڪري، جو جهڙيءَ طرح عورتن کي آواز مخفي رکڻ جو حڪم نه آهي، تهڙيءَ طرح مردن کي به پردي جو حڪم نه آهي. هاڻي انهيءَ صورت ۾ فقط خوف فتني تي حرام هجڻ منحصر هئڻ گهرجي. منهنجي نزديڪ ته قرين قياس اهو ئي آهي ۽ حديث ٻنهي ڇوڪرين جي، جن حضرت عائشه صديقه i جن جي گهر ۾ ڳاتو ٿي، ان باري ۾ مدد ڏيندڙ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته آنحضرت ﷺ جن انهن جو آواز ٻڌو ٿي ۽ آواز کان پرهيز نه ڪئي، ڇاڪاڻ فتني جو خوف کين ڪو نه هو. مطلب ڳالهه جو ته ان جو حال عورت ۽ مرد جي احوال جي لحاظ کان مختلف ٿيندو، يعني جوان لاءِ ٻيو حڪم ٿيندو ۽ ٻڍي لاءِ ٻيو حڪم ٿيندو. هن طرح جي ڳالهين ۾ حڪمن جو مختلف هجڻ ڪجهه بعيد نه آهي. مثال لاءِ اسان چئون ٿا ته جيڪڏهن روزو رکندڙ ٻڍو شخص هجي ۽ اهو پنهنجي بيويءَ کان بوسو وٺي ته ان کي جائز آهي ۽ جوان کي ناجائز آهي. انهيءَ سبب ڪري جو چمي روزي جي حالت ۾ جماع جي طلب ڪندڙ ٿيندي ۽ اهو فعل منع ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح راڳ به طلب ڪندڙ ڏسڻ ۽ ويجهڙائيءَ جو ٿيندو آهي. هاڻي ياد رکڻ گهرجي ته راڳ به هر شخص جي حق ۾ جدا جدا حڪم رکندڙ آهي. ٻيو سبب هي آهي ته: راڳ جا ساز چڱا نه آهن، مثال لاءِ شرابين ۽ کدڙن جي پيشي وارا هجن، جهڙيءَ طرح نڙ، کنجري ۽ باجا. ٽيون سبب هي آهي ته: نظم ۾ خرابي هجي، يعني شعر ۾ جيڪڏهن اگهاڙپ، بيهودگي، ٺٺول ۽ جي ڳالهيون الله تعاليٰ جل شانه ۽ ان جي رسول ﷺ تي ڪوڙيون آهن (جهڙيءَ طرح رافضي اصحابن # جي شان ۾ ٺاهيندا هئا) ته اهڙين ڳالهين جو ٻڌڻ هر طرح، گيت جي صورت ۾ يا ٻي ڪنهن حالت ۾ حرام آهي. هي ياد رکڻ گهرجي ته ٻڌڻ وارو چوڻ واري جو شريڪ آهي. اهڙيءَ طرح اُهي شعر، جن ۾ ڪنهن خاص عورت جي وصف هجي (ڇو جو عورتن جو ذڪر مردن جي اڳيان جائز نه آهي، جنهن مان ان جي بدن ۽ عضون جو حال معلوم ٿئي) بلڪل چوڻ يا ٻڌڻ خواهه زبان تي آڻڻ نه گهرجن. ليڪن ڪافرن ۽ بدعتين تي هجو ڪرڻ جائز آهي. جهڙي طرح حسان !، آنحضرت ﷺ جن جي طرف کان ڪافرن سان خصومت رکندا هئا ۽ ڪافرن جي هِجو بيان ڪندا هئا ۽ آنحضرت ﷺجن ان کي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. شعر مشابهت ڏيندڙ يعني احوال خط، حال ۽ قد وغيره بابت نظم ۾ آواز سان، يا بنا آواز ٻڌڻ حرام نه آهي، پر ٻڌڻ واري کي گهرجي ته اُهي اوصاف ڪنهن حَسين (حسن واري) عورت تي نه اڇلائي. جيڪڏهن اڇلائي به ته اهڙي عورت تي اڇلائي، جا ان کي حلال هجي. مثال لاءِ پنهنجي مڱينديءَ يا گهر واريءَ تي، جيڪڏهن ڌاري عورت تي اڇلائيندو ته انهيءَ اڇلائڻ ۽ ان باري ۾ فڪر ڊوڙائڻ کان گنهگار ٿيندو. جنهن شخص جي سڀ ڪنهن شعر جي مضمون کي ڌاري عورت تي اڇلائڻ جي عادت هجي. ان کي لائق آهي ته بلڪل راڳ نه ٻڌي، ڇو جو اهڙو شخص، جو ڪجهه ٻڌندو آهي، سو پنهنجي معشوق تي اڇلائيندو آهي. پوءِ اُهي لفظ توڙي مناسب يا نامناسب هوندا آهن ۽ پڻ ڪوئي لفظ اهڙو نه آهي، جنهن جي معنيٰ پري پري جي احوالن جي گهر ڪندڙ نه آهي. مثال طور جنهن جي دل تي عشق الاهي غالب ٿيندو آهي، اُهو زلفن جي سياهيءَ کان ڪفر جي اونداهيءَ جو خيال وٺندو آهي. سفيد ۽ چلڪندڙ تازي رخسار مان نور، ايمان ۽ وصال جي مراد سمجهندو آهي. فراق جي مضمون مان مردودن جي جماعت ۾ لڪل هجڻ جي معنيٰ سمجهندو آهي ۽ رقيب يعني وصال جي خلل وجهندڙ کان دنيا جون آفتون (جي الله تعاليٰ جل شانه سان دائمي محبت ۾ خلل وجهندڙ آهن) ڄاڻندو آهي، ۽ انهن لفظن جو مٿينءَ مراد تي اڇلائڻ يا خيال ڪرڻ ۾ ان کي ڪجهه صبر، فڪر يا مهلت جي ضرورت نه ٿيندي آهي.بلڪ جي ڳالهيون ان جي دل تي غالب هونديون آهن، اِهي لفظن ٻڌڻ سان ئي جهٽ پٽ سمجهه ۾ اينديون آهن، جيئن جو ڪنهن بزرگ جو ذڪر آهي ته بازار مان لنگهيا ٿي ۽ ڪنهن کان هي هوڪو ٻڌائون ته ”خيار پئسي جا ڏهه“ اِهو ٻڌندي ئي وجد ۾ اچي ويا، بعد ۾ ڪنهن شخص کانئن حال پڇيو. جنهن جي جواب ۾ فرمايائون ته جڏهن ’خيار‘ پئسي جا ڏهه آهن، تڏهن ”اشرار“ يعني شرن ۽ فسادن جي ڇا قيمت هوندي! ’خيار‘ عربي لفظ آهي، جو ونگيءَ کي سڏيو ويندو آهي. مگر هن درويش ”خيار“ جو لفظ جمع ’خير‘ جو سمجهي، چڱي معنيٰ خير جي ڄاتي. هڪ ٻئي بزرگوار جو بازار ۾ وڃڻ ٿيو، ڪنهن پڙيءَ کان هي هوڪو ٻڌائون، ”سعتربري“ (ڦودنو) اهي لفظ ٻڌي، کين وجد آيو. ماڻهن کانئس دريافت ڪئي، جنهن تي چيائون ته مان ائين سمجهيو ته هي شايد ”اسع تربري“ ٿو چوي يعني تون ڪوشش ڪر ۽ منهنجي سلوڪ جو مزو ڏسندين. اڃا تائين فارس وارن کي عربن جي اشعارن کان ڪڏهن ڪڏهن وجد اچي ويندو آهي، انهيءَ سبب ڪري جو بعضي عربي لفظ فارسي لفظن جهڙا هوندا آهن. مگر انهن لفظن کي پنهنجي ٻوليءَ موجب ٻي معنى سمجهندا آهن، جيئن جو ڪنهن شخص هي شعر پڙهيو: ”وما زارني في اليل الا خياله“ (نه آيو رات ۾ منهنجي اڳيان سواءِ خيالِ يار جي) اِن تي هڪ فارسي کي وجد آيو. بعد ۾ ماڻهن سندس وجد جو سبب پڇيو. تنهن تي ان فارسي چيو ته: ”هي چوي ٿو ”ما زاريم“ يعني لفظ ’زار‘ فارسي ۾ ضعيف ۽ قريب المرگ کي چوندا آهن ۽ ”ما“ نافيه کي فارسيءَ جو ضمير جمع متڪلم سمجهي هي خيال ڪيو آهي ته هي شخص چوي ٿو ته ”اسان سڀ آماده هلاڪ آهيون“ ۽ ان وقت منهنجي دل ۾ انديشه آخرت جي هلاڪيءَ بابت هو، جو باعث وجد جو ٿيو ۽ سچ پچ جو شخص باهه محبت الاهيءَ جي ۾ جلي رهيو آهي. ان جو وجد به ان سمجهه جي موافق آهي. اهو ضروري نه آهي ته ڪنهن جو خيال شاعر جي مراد جهڙو ٿئي يا شعر جي زبان سمجهي ته ان طرح جو وجد حق ۽ درست آهي. مطلب ته حقاني وجد وارن جي واسطي مشابهت ڏيندڙ لفظن جي ڦيرائڻ ۾ ڪجهه وڏو فائدو نه آهي. اُهي ته جهڙو لفظ جنهن ٻوليءَ جو ٻڌندا ان مان پنهنجو ئي مطلب ڪڍندا، جهڙيءَ طرح شيخ سعدي فرمائن ٿا: چو شوريدگان مي پرستي کنند بر آواز دولاب مستي کنند هاڻي ياد رکڻ گهرجي ته جنهن شخص تي مخلوق جو عشق غالب آهي، ان کي ڪو به راڳ جو لفظ ٻڌڻ نه گهرجي ۽ ان کان پرهيز ڪندو رهي. چوٿون سبب هي آهي ته: ٻڌڻ واري ۾ خرابي هجي، يعني ان تي شهوت غالب هجي، ۽ عين بهار جوانيءَ ۾ هجي ته ان کي راڳ ٻڌڻ حرام آهي، پوءِ توڙي جو ان جي دل تي ڪنهن به مدد ڪندڙ شخص جي محبت غالب هجي، يا نه هجي. ڇو جو جڏهن صفت زلف، رخسار، فراق ۽ وصال جي ٻڌندو ته ان جي شهوت جنبش ڪندي ۽ انهن لفظن کي ڪنهن اهڙي صورت تي اڇلائيندو جنهن جي شيطان ان جي دل ۾ اڳئي ڦوڪ ڏئي ڇڏي هوندي. انهيءَ صورت ۾ شهوت جي باهه ڀڙڪو ڏئي اٿندي ۽ شر کان اسباب تيز ٿي ويندا ۽ انهيءَ سبب کان شيطان جي لشڪر کي مدد ڏيڻ ۽ عقل (لشڪر الاهي) کي شڪست ڏيڻي آهي ۽ دل جي اندر شيطان جي لشڪر (شهوت) ۽ الله تعاليٰ جل شانه جي لشڪر (نور عقل) جي وچ ۾ سدائين لڙائي رهندي آهي. جيستائين جو هڪ لشڪر جي فتح ٿي وئي هجي ۽ ٻيو صفا جيتيو ويو هجي. هاڻ ته اڪثر اهڙيون دليون آهن، جن کي لشڪر شيطان جي جيتيو ويو هجي ۽ انهن تي اِهو ئي غالب آهي. انهيءَ صورت ۾ ضروري آهي ته منڍ کان وٺي ئي اهڙو جنگ جو سامان موجود ڪيو وڃي، جو دل تان شيطان جي لشڪر جا پير ڪڍي ڇڏجن، ۽ نه شيطان جا هٿيار گهڻا ڪجن ۽ ان کي تلوارون، ڀالا ۽ ڍالون وڙهڻ لاءِ گڏ ڪري ڏجن. انهيءَ قسم جي ماڻهن جي حق ۾ راڳ اهڙو ئي آهي، جهڙو شيطاني لشڪر کان هٿيار موجود ۽ تيز ڪري ڏجن، اهڙو آدمي راڳ جي مجلس مان نڪري وڃڻ گهرجي، نه ته راڳ مان ان کي وڏو نقصان پهچندو ۽ سخت گنهگار ٿي ويندو. پنجون سبب هي آهي ته: راڳ ٻڌڻ وارا عام ماڻهو هجن ۽ انهن تي نڪي محبت خدا تعاليٰ جل شانه جي غالب آهي، جو راڳ انهن کي چڱو معلوم ٿئي ۽ نڪي انهن تي شهوت ئي غالب آهي، جنهن سبب ڪري انهن جي حق ۾ راڳ ٻڌڻ منع آهي، ته پوءِ اهڙن شخصن جي واسطي راڳ ٻين مباح لذتن جهڙو آهي، پر جيڪڏهن عام شخص راڳ کي پنهنجي عادت ڪندو ۽ پنهنجو گهڻو وقت ان ۾ صرف ڪندو ته احمق آهي، جنهن جي شاهدي به قبول ۽ معتبر نه ٿيندي. انهيءَ ئي سبب ڪري ته تماشي لاءِ هميشه هڪ جهڙي چال رکڻ گناهه آهي ۽ جهڙيءَ طرح صغيرا گناهه ڪندي ڪبيرا گناهه ٿي ويندا آهن، اهڙيءَ طرح مباح تي اصرار يعني هميشه تاڪيد ڪرڻ کان گناهه ٿي ويندو آهي. مثلاً زنگين ۽ حبشين جي پوئتان پيو رهڻ ۽ انهن جو سدائين کيل تماشو پيو ڏسڻ منع آهي، جيتوڻيڪ اصل ان جي منع نه آهي، ڇاڪاڻ ته آنحضرت ﷺ جن تماشو ڏٺو آهي. اهڙيءَ طرح شطرنج کيڏڻ به مباح آهي، پر هميشه کيڏڻ سخت مڪروهه آهي ۽ مباح وري انهيءَ صورت ۾ آهي، جڏهن دل کي ان جي تماشي ۽ لذت کان آرام ڏيڻ جي مراد هجي. بعضي وقتن تي دلين کي راحت ڏيڻ ان جو علاج ٿيندو آهي ته ڪجهه وقت فرحت وٺي. باقي وقت دنيا جي ڪمن ۾ سعي ڪار رهي، مثلاً واپار جي ڪمن يا ديني ڪمن يا عبادتن ۾ مشغول رهي، يا گهڻي محنت ڪرڻ جي سبب کان ٿورڙو تماشو! ائين سمجهڻ گهرجي جيئن پيشانيءَ تي تِر ٿيندو آهي، جو ڪيترو به ڪارو هوندو آهي، مگر چڱو معلوم ٿيندو آهي. جيڪڏهن پيشانيءَ تي تمام گهڻا تر ٿي وڃن، جو ٻئي تر جي جاءِ ئي نه رهي، پوءِ ظاهر آهي ته منهن تمام بدصورت ٿي ويندو. ياد رکڻ گهرجي ته جا چيز حُسن واري آهي، ڪثرت جي سبب کان قباحت واري ٿي ويندي آهي، پوءِ هيءَ ڳالهه واجب نه آهي ته جا چيز چڱي هجي، اها گهڻي انداز هجڻ کان پوءِ به چڱي هجي يا جا چيز مباح آهي، اُها گهڻي به مباح رهي. بلڪه اڪثر هيئن ٿيندو آهي ته ڪثرت جي سببئون ڪراهت ۽ حرام هجڻ جي درجي کي به پهچي ويندي آهي. مثلاً ماني مباح آهي ۽ ڪثرت سان کائڻ حرام آهي ته راڳ به ٻين مباحن وانگر آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ٻڌجي ته وهم نه آهي، مگر روز مره ٻڌڻ مڪروهه ۽ حرام آهي. هاڻي جڏهن انڪار ڪرڻ جي حال جا دليل معلوم ٿي ويا ته پوءِ ان شخص جي بلڪل پرواهه نه آهي، جو دليل ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه خلاف چوي. امام شافعي جي مذهب ۾ ائين نه آهي، جو راڳ کي حرام چون، مگر انهن هي ظاهر ڪيو آهي ته، جو ڪوئي راڳ پنهنجو پيشو مقرر ڪندو، ان جي گواهي درست نه آهي. ان جو سبب هي آهي ته اِهو هڪ قسم جو مڪروهه آهي، جو ڪوڙ جي برابر آهي ۽ جو شخص راڳ کي پيشو مقرر ڪندو، اُهو ڄڻ ڪمينو ۽ بي مروت آهي. جيڪڏهن ڪوئي شخص پنهنجو پاڻ کي راڳ وارو نه سڏائيندو هجي. ان سبب کان نه ڪوئي وٽس ايندو هجي ۽ نه پاڻ ڪنهن جي خاطر ٻئي وٽ ويندو هجي. بلڪه هيئن مشهور هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳائي دل خوش ڪندو آهي ته هي امر مروت کي ساقط نٿو ڪري ۽ نڪي ان جي گواهي باطل آهي. ان باري ۾ دليل، امام شافعي جن جو اهائي حديث، ٻن ڇوڪرين جي آهي، جا مٿي بيان ڪيل آهي. يونس بن عبدالاعلى چوي ٿو ته: ”مان امام شافعي جن کان پڇيو ته مديني منوره جا ماڻهو راڳ مباح چوندا آهن، تنهنڪري ان حال کان ته ڪجهه آگاهه فرمايو“. پاڻ فرمايائون ته: ”حجاز جي عالمن مان مون کي ته اهڙو ڪو نه سجهي، جنهن راڳ کي مڪروهه چيو هجي. سواءِ انهيءَ راڳ جي جو اوصاف جي باب ۾ آهي. حدي خواني ۽ منزلن ۾ ڳائڻ، جو شعر ۾ سرن وانگر آهي، ان جي مباح هجڻ ۾ ڪو به رد نه آهي“. امام شافعي جن هيئن جو فرمايو آهي ته: ”راڳ هڪ تماشو، ڪوڙ جي مثال وانگر آهي، سو پڻ چوڻ درست آهي، مگر تماشو (جهڙي طرح حبشين جو تماشو ۽ نچڻ به هڪ تماشو آهي، جنهن کي آنحضرت ﷺ جن ڏٺو ۽ خراب نه ڄاتو) پڻ حرام نه آهي، تحقيق تماشي جي هيءَ معنيٰ سمجهڻ گهرجي ته تماشو، اُهو ڪم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ ڪجهه فائدو نه آهي، ته ان تي خدا تعاليٰ جل شانه به حساب جو حڪم نه فرمائيندو. مثلاً ڪو ئي آدمي ساري ڏينهن ۾ سؤ دفع پنهنجو هٿ پنهنجي مٿي تي پيو رکي، ته هيءَ حرڪت ان جي بيهودي ۽ بيفائدي آهي، مگر ان تي پڪڙ پڇاڙ نه آهي، جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جل شانه فرمايو آهي:”لَا يُــــؤَاخِذُكُمُ اللهُ بِاللَّغْوِ فِيْٓ اَيْمَانِكُمْ(1) (نٿو وٺي الله جل شانه ناڪار قسمن تي توهان جي) پوءِ جڏهن خدائي امر موجب ناڪار قسمن تي پڪڙ پڇاڙ نه آهي ته شعر ۽ ناچ تي ڪهڙي پڪڙ پڇاڙ آهي. انهيءَ سبب ڪري ته ڪوڙ وانگر آهي، جنهن مان ڪجهه فائدو نه آهي، مثلاً ڪوئي شخص پنهنجي بيويءَ کي چوي ته: ”مان پنهنجو پاڻ توکي وڪيو“. ۽ اِها جواب ڏئي ته ”مان خريد ڪيو“ ته هي معاملو ڪوڙو آهي، بشرطيڪه نيت دل لڳي لاءِ هجي ته ائين ڪرڻ حرام نه آهي. جيڪڏهن ان گفتگوءَ مان سچي مراد جي معنيٰ وٺندو ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻانهو بڻائيندو ته حرام ٿيندو، جنهن جي شريعت جي حڪمن موجب پڻ منع آهي. حضرت امام شافعي پڻ فرمايو آهي ته: ”راڳ مڪروهه آهي“. سو پڻ درست ۽ سندن ارشاد به درست آهي، مگر مڪروهه انهن ٿورين جاين تي آهي، جن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ۽ جهڙيءَ طرح پاڻ شطرنج راند کيڏڻ جي باري ۾ فرمايو اٿن ته مان هر هڪ تماشو مڪروهه ڄاڻان ٿو. جنهن لاءِ سبب ڪراهت جو فرمائين ٿا، ته هي امر ديندارن ۽ مروَت وارن ماڻهن جي لائق وٽان نه آهي. جنهن مان ڪراهت تنزيهي (حلال جي طرف لاڙو رکندڙ ڪراهت) معلوم ٿي ٿئي ۽ هميشه راڳ ٻڌڻ کان جو شاهدي نامنظور ڪرڻ جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي. تنهن مان به حرام هجڻ جي حالت پاتي نٿي وڃي. ڇو ته شاهدي بازار ۾ کائڻ واري ماڻهوءَ جي به معتبر ۽ قبول ڪرڻ جهڙي نه ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ ان کان مروت قطع نه ٿي ٿئي. مگر مروت وارن ماڻهن جي شان لائق هي نه آهي. اهڙيءَ طرح شاهدي ته ڪڏهن ڪڏهن خسيس (نيچ پيشي ڪرڻ وارن) کان به معتبر ۽ قبوليت جهڙي ڄاتي ويندي آهي. مطلب ڳالهه جو ته بيان علت مان هي معلوم ٿو ٿئي ته ڪراهت کان ڪراهت تنزيهي مراد آهي، ۽ هي گمان غالب آهي ته ٻين امامن سڳورن به هن مان مڪروهه تنزيهي مراد ورتي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ثابت ڪري ته حرام هجڻ جي مراد ورتي اٿن ته اسان جو ڪجهه لکيو آهي، اُهو ئي ان جو جواب آهي.   بيان چوٿون انهن ماڻهن جي دليلن جي ذڪر ۾، جي راڳ جي حرام هجڻ جا قائل آهن اول حجت هيءَ آهي ته: ”الله تعاليٰ جل شانه قرآن مجيد ۽ فرقان حميد ۾ فرمائن ٿا. ” وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْحَدِيْثِ“ (1) (ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جي خريدار آهن، کيل جي ڳالهين جا) حضرت ابن مسعود، حسن بصري کان علاوه نخعي# فرمايو آهي ته ”لهو الحديث“ راڳ آهي ۽ حضرت عائشه i فرمايو ته آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته: ” إِنَّ اللهَ تَعَاليٰ حَرَّمَ الْقِيْنَةَ وَ بَيْعِهَا وَثَمَنِهَا وَتَعْلِيْمِهَا“ (2) الله تعاليٰ جل شانه ڳائڻ واري عورت کي ۽ ان جي فروخت کي، ان جي دام ۽ تعليم کي حرام ڪيو آهي. جنهن جو جواب هي آهي ته انهيءَ حديث شريف ۾ ڳائڻ واري عورت اُها آهي، جا شراب جي مجلس ۾ مردن جي سامهون ڳائي، جيڪو اسان پهريون ئي بيان ڪري چڪا آهيون ته ڌاري عورت جو ڳائڻ فاسقن ۽ اهڙن ماڻهن جي اڳيان ڳائڻ، جنهن کان فتني جو خوف هجي بلڪل حرام آهي. جيڪڏهن مالڪ پنهنجي سامهون ڳائڻ لاءِ وٺي ته هن حديث کان ان جي حرام هجڻ جي حالت سمجهي نه ويندي. بلڪ غير مالڪ کي به ان جو راڳ ٻڌڻ درست آهي، بشرطيڪ فتني جو خوف نه هجي، ان جو به دليل اُهائي حديث ٻن ڇوڪرين واري آهي، جن حضرت عائشه i جن جي مڪان ۾ ڳايو ٿي، ۽ آيت شريف ۾ اهو ”لهو الحديث“ جي خريد ڪرڻ جو ذڪر آهي. ان جي اڳيان هي به آهي ته مبادا ان کي الله تعاليٰ جي راهه کان گمراهه نه ڪري، صرف انهيءَ سبب ڪري ئي اصل حرام ۽ خراب آهي. مگر سڀڪو سرود اهڙو نه آهي، جو دين ۽ الله تعاليٰ جل شانه جي راهه کان گمراهه ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو وڃي ٿو، مراد آيت شريف ۾ حرام هجڻ بابت راڳ جي آهي. بلڪ راڳ تي ڇا موقف آهي. پر جيڪڏهن ڪو شخص قرآن مجيد ۽ فرقان حميد هن نيت سان پڙهي ته ماڻهو گمراهه ٿين ته ان جو پڙهڻ به حرام ٿيندو، جيئن جو ڪنهن منافق جو ذڪر آهي ته اُهو ماڻهن جو پيش امام هو ۽ نماز ۾ سورة عبس کان سواءِ ٻيو نه پڙهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته انهيءَ آيت ۾ آنحضرت ﷺ جن تي عتاب آهي. انهيءَ ڪري حضرت عمر !جن ان جي اهڙي فعل ۽ نيت کي حرام ڄاتو ۽ ان جي قتل جو ارادو ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان جي نيت ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي هئي. هاڻي جيڪڏهن شعر ۽ راڳ مان مطلب گمراهه ڪرڻ جو آهي ته بطريق اوليٰ حرام آهي. ٻي حجت هيءَ آهي ته: الله تعاليٰ جل شانه فرمايو آهي ته: أَفَمِنْ هٰذَا الْحَدِيثِ تَعْجَبُوْنَ ۝ وَتَضْحَكُوْنَ وَلَا تَبْكُوْنَ ۝ وَأَنْتُمْ سَامِدُوْنَ ۝(1) (توهان هن ڳالهه کان تعجب ڪريو ٿا، ۽ کلو ٿا ۽ روئو نٿا ۽ توهان کيڏ ڪريو ٿا) حضرت ابن عباس t جن فرمائن ٿا ته حمير قبيلي جي زبان ۾ ’سمد‘ راڳ کي چوندا آهن، جنهن مان ’سامدون‘ نڪتو آهي. ان جو جواب هي آهي ته جيڪڏهن آيت شريف ۾ ان جو ذڪر هجڻ جي سبب کان حرام هجڻ جي حالت آهي ته پوءِ واجب آهي ته کلڻ ۽ روئڻ به حرام آهي، ڇو جو هي به ٻي آيت شريف ۾ ذڪر ڪيل آهي. جيڪڏهن هيئن چئو ته کلڻ مان کلڻ خاص ڪيل (مخصوص) مراد آهي، يعني مسلمان تي مسلمان هجڻ جي سبب کان کلڻ- ته اسين به هيئن چونداسين ته راڳ کان اشعار ۽ راڳ مخصوص مراد آهي. جو اسلام وارن کي تابع ۽ پنهنجي طرف ڪرڻ جي باري ۾ آهي. جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جل شانه فرمائي ٿو: وَالشُّعَرَآءُ يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوُوْنَ۝(2) (يعني شاعرن جي راهه اُهي هلندا، جي بي راهه آهن) جو ان ۾ شعراء، ڪفار جي مراد آهي، ۽ هي نٿو ملي ته شعر جو نظم ڪرڻ في نفسھٖ حرام آهي. ٽين حجت هيءَ آهي ته: حضرت جابر ! جن کان روايت آهي ته آنحضرت ﷺ فرمايو آهي ته: ” کَانَ اِبْلِيْسُ اَوَّلُ مَنْ نَاحَ وَ اَوَّلُ مَنْ تَغَنّٰي(1)“ يعني سڀ کان پهرين شيطان رنو ۽ ان ئي پهريون راڳ ڳاتو. هاڻي هن حديث ۾ راڳ ۽ روئڻ ڪٺو ڪيل آهي. ان جو جواب هي آهي ته ڪجهه وهم نه آهي، ڇاڪاڻ ته روئڻ جي قسم ۾ حضرت دائود + جو روئڻ ۽ گنهگار جو روئڻ الڳ ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح راڳ مان به اُهو راڳ الڳ ڪيل آهي، جنهن کان خوشي، مزي ۽ شوق جو واڌارو آهي ۽ مباح چيزن جي طرف مراد آهي. جيئن جو عيد جي ڏينهن آنحضرت ﷺ جن جي گهر ۾ ٻن ڇوڪرين ڳاتو ٿي (طَلَعَ البَدرُ عَلَيْنَا، مِنْ ثَنِيَّاتِ الْوَدَاعِ، اسان تي چوڏهينءَ جو چنڊ ”ثنيات الوداع“ پهاڙن مان اڀريو آهي) ۽ جنهن ڏينهن پاڻ مدينه منوره ۾ رونق افروز ٿيا ته انهن عورتن جو ان قسم جي مضمون جوڳائڻ به الڳ ڪيل آهي. چوٿين حجت هيءَ آهي جو: حضرت ابو امامه ! جن روايت ڪن ٿا ته آنحضرت ﷺ جن فرمايو ته: ”مَا رَفعَ اَحَدٌ صَوتَهٗ بِغَنَاءٍ اِلَّا بَعَثَ اللهُ لَهٗ شَيْطَانَيْنِ عَليٰ مَنْکَبَيْهِ يَضْرِبَانِ بِاَعْقَابِهِمَا عَليٰ صَدْرِهٖ حَتّٰي يُمْسِکَ“ (2) (جڏهن ڪو ئي شخص پنهنجو آواز راڳ ۾ بلند ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جل شانه ٻه شيطان اِن جي ٻنهي ڪلهن تي موڪلي ٿو. جيئن جو اُهي شيطان پنهنجيون کڙيون ان جي سيني تي زور سان هڻندا رهن ٿا، جيستائين چپ ڪري). ان جو جواب هيءُ آهي ته هن حديث شريف ۾ راڳ تي گمان ڪيل آهي. يعني جنهن راڳ مان شيطان جي مراد چرپر هجي. يعني شهوت ۽ مخلوق جو شوق وڌي. مگر جنهن راڳ مان شوق خدائي، عيد جي خوشي، پٽ ڄمڻ جي خوشي يا ڪنهن گم ٿيل جي اَچڻ جي خبر پاتي وڃي ته هي سڀ عمل شيطان جي مراد جي مخالف آهن، جنهن جو دليل انهن ٻن ڇوڪرين جو قصو ۽ حبشين جو کيل آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته جو ڪم ڪرڻ حرام آهي، سو فقط زبردستيءَ جي خيال کان حلال ٿيندو آهي ۽ جو ڪم ڪرڻ مباح آهي، اُهو گهڻي عارضي کان نيتن ۽ دلي مطلبن سبب حرام ٿي ويندو آهي. پنجين حجت هيءَ آهي جو: عقبه بن شبيب(1) جن کان روايت ڪئي وئي آهي ته آنحضرت ﷺ جن فرمايو آهي ته: ”جيترين چيزن سان ماڻهو کيڏندا آهن، سي سڀ باطل آهن، البت گهوڙن جي تربيت ڪرڻ، تيراندازي ڪرڻ ۽ پنهنجي گهر واريءَ سان خوش طبعي ڪرڻ“. (2) ان جو جواب هي آهي ته باطل جي فرمودي مان حرام هجڻ جي حالت پاتي نه ٿي وڃي، بلڪ بي فائدي آهي. جيڪڏهن تسليم به ڪيو وڃي ته حبشين جي طرف ڏسڻ جو تماشو انهيءَ ۾ داخل ٿيندو بلڪ حرام نه ٿيندو. پکين جو آواز ٻڌڻ ۽ ٻيا رانديڪا جن سان آدمي کيڏندا آهن، انهن مان ڪو ئي به حرام نه آهي. اگرچه انهن کي باطل به چئي سگهجي ٿو. ڇهين حجت هيءَ آهي جو: حضرت عثمان غني !جن فرمائن ٿا ته: ”جڏهن کان وٺي آنحضرت ﷺ جن جي بيعت ڪئي آهي، ان ڏينهن کان وٺي نه مان ڪڏهن گيت ڳايو آهي، نه ڪوڙ ڳالهايو آهي.....  ان جو جواب هيءُ آهي ته جيڪڏهن هي قول، دليل حرام هجڻ جو به آهي ته انهيءَ جاءِ کانسواءِ هي ڪٿان ثابت ٿيو ته حضرت عثمان !جن جنهن چيز کي حرام ڪيو ٿي. اُها حرام ئي هئي. ستين حجت هيءَ آهي جو: حضرت ابن مسعود t جن فرمايو آهي ته: ”راڳ دل ۾ نفاق پيدا ڪري ٿو ۽ بعضي ايترو زور زياده ڪري ٿو، جيئن پاڻي سائي ڀاڄي کي وڌائي ٿو“. (3) ڳالهه ڪندا آهن ته ڪي ماڻهو حضرت ابن عمر t جن جي اڳيان احرام ٻڌيو ٿي ويا. انهن مان هڪ شخص راڳ ٿي ڳاتو، پاڻ فرمايائون ته ”شل خدا تعاليٰ جل شانه توهان جي دعا نه ٻڌي“. نافع کان روايت آهي ته مان حضرت ابن عمر t جن سان گڏجي هڪ رستو ورتيو ويم پئي ته پاڻ هڪ ڌنار جي بانسريءَ جو آواز ٻڌي، ٻئي آڱريون ٻنهي ڪنن ۾ ڏئي اهو رستو ڇڏي، مون کي ٻئي رستي سان وٺي هليا ۽ مون کان پڇندا هليا ته ”اي نافع! اُهو آواز ٻڌين ٿو يا نه“، جڏهن مون چيو ته اِهو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، تڏهن آڱريون ڪنن مان ڪڍيائون ۽ فرمايائون ته ”مان آنحضرت ﷺ جن کي ڏٺو هو، جو پاڻ به ائين ڪندا هئا“. (1) فضيل بن عياض فرمايو آهي ته: ”راڳ زنا جو منتر آهي“. بعضي سياڻن فرمايو آهي ته: ”راڳ بدڪاريءَ جو ايلچي آهي“. يزيد بن وليد فرمايو آهي ته: ”راڳ کان پاسو ڪريو، ڇو جو اهو شهوت کي وڌائي ٿو ۽ مروت کي گهٽائي ٿو ۽ شراب جو قائم مقام آهي، نشي جهڙو اثر رکي ٿو. جيڪڏهن اوهان خواهه مخواهُه ٻڌو به کڻي ته عورتن جو نه ٻڌو، ڇو جو اِهو زنا جي طلب ڪندڙ آهي“. انهن سڀني قولن جو هي جواب آهي ته حضرت ابن مسعود t جو قول آهي ته: ”راڳ نفاق وڌائي ٿو“. ان مان هيءَ مراد آهي ته اهو ڳائڻ واري جي حق ۾ تاثير ڪري ٿو، ڇو جو ان جي خاص مراد هيءَ هوندي آهي ته پاڻ تي ٻين کي موهي ۽ پنهنجو آواز انهن کي ٻڌائي ۽ باطن سان ميل ميلاپ انهيءَ ڪري رکندو آهي ته ان جي راڳ ڏانهن راغب ٿين ۽ ريجهن. هيءَ نفاق جي ڳالهه آهي، مگر ان مان حرام هجڻ ثابت نٿو ٿئي. ڇو جو نفاق ۽ رياڪاري عمدي پوشاڪ پائڻ، خوب رفتار گهوڙن تي سوار ٿيڻ، سينگار جي قسمن، کيتي ۽ انعام وغيره جي فخر ڪرڻ کان به دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. مگر انهن سڀني شين کي مطلق حرام چيو نه ٿو وڃي. ياد رکڻ گهرجي ته مباح چيزون مخلوق جي ڏسڻ جي سبب کان باعث نفاق ٿي وينديون آهن. انهيءَ سبب کان حضرت عمر ! جن جي هيٺيان جڏهن گهوڙو پاڻ ڄمائي پڇ مٿي کڻي چڱي رفتار ناز نخري واري سان هليو ٿي، ته انهيءَ تان يڪدم پاڻ لهي سندس پڇ ڪپي ڇڏيائون، ڇو جو انهيءَ جي خوش رفتاريءَ کان پنهنجي دل ۾ تڪبر معلوم فرمايائون ته هي نفاق مباح کان به ٿيندو آهي، پر خاص ڪري حرام به نه آهي. ابن مسعود t جو قول آهي ته: ”راڳ حرام آهي“. ۽ حضرت ابن عمر t جو فرمودو آهي ”خدا توهان جي دعا قبول نه ڪري“، ان مان به حرام هجڻ جي حالت معلوم نٿي ٿئي. پر جيئن جو اِهي ماڻهو احرام ۾ هئا ۽ انهن کي عورتن جو ذڪر مناسب نه هو، جنهن مان کين معلوم ٿيو ته هي راڳ وجد ۽ زيارت بيت الله جي واسطي نه آهي، پر فقط کيل جي لاءِ آهي. انهيءَ سبب کان منع ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن جي احرام واري حال جي لحاظ موجب خراب هو. ظاهر آهي ته جيتريون حالتون زياده ٿينديون آهن، اوتريون ئي بار سهڻ جون صورتون به زياده ٿينديون آهن. پر ٻنهي ڪنن ۾ آڱريون ڏيڻ کان به حرام هجڻ ثابت نه ٿو ٿئي، ڇو جو انهيءَ ئي قصي ۾ ان جو جواب موجود آهي، ڇاڪاڻ ته نافع کي ارشاد نه ڪيائون ته تون به ڪن بند ڪر ۽ نه ٻڌ. پر پاڻ جو هي حڪم ڪيائون، جنهن جو سبب هي آهي ته پنهنجي دل کي هٿ ڏئي. اهڙيءَ آواز جي ٻڌڻ کان پاڪ رکيائون ته عجب نه آهي. جو متان کيڏڻ ۽ ڪڏڻ جي چرپر پيدا ڪندڙ هجي، يا جنهن فڪر ۾ پاڻ هئا، ان کان منع ڪندڙ هجي. اهڙي طرح آنحضرت ﷺ جن جو فعل آهي، جو پاڻ به حضرت ابن عمر t کي منع نه فرمايائون ته سندن ان فعل کان به حرام هجڻ جي حالت ثابت ٿي وڃي. بلڪ هي معلوم ٿو ٿئي ته ان جو ترڪ ڪرڻ اوليٰ آهي. منهنجي نظر ۾ به ان جو ترڪ گهڻين حالتن ۾ بهتر آهي. بلڪ دنيا جي اڪثر مباح شين جو به ترڪ بهتر آهي. بشرطيڪه گمان غالب هجي ته ان جو اثر دل ۾ ٿيندو، جهڙيءَ طرح آنحضرت ﷺ جن نماز کان فارغ ٿيڻ بعد ”ابي جهم“ جو موڪليل پهراڻ لاهي ڇڏيو، جو ان ۾ چٽسالي هئي، جنهن سان سندن دل مشغول ٿي وئي هئي. (1) هاڻي ڇا توهان ان مان ائين سمجهندا ته ڪپڙي تي نقش حرام آهن يا شايد آنحضرت ﷺ جن به اهڙي حالت ۾ هوندا، جو ڌنار جي بانسريءَ جو آواز سندن حالت کان روڪيل هوندو، جهڙي طرح چٽساليءَ نماز ۾ ڪامل حضور کان روڪيو. پر ياد رکڻ گهرجي ته جن شخصن کي هميشه حق جي حضوري حاصل آهي. انهن کي راڳ جي حيلي سان پنهنجي دلين ۾ شريف احوال پيدا ڪرڻ گناهه آهي. جيتوڻيڪ هيءَ تدبير ٻين جي واسطي چڱي آهي. انهيءَ سبب کان هڪ درويش حصري چيو آهي ته: ”مان ان راڳ کي ڇا ڪندس، جوڳائڻ وارو مري وڃي ته قصوئي موقوف ٿي وڃي“. انهيءَ ۾ هي اشارو آهي ته الله تعاليٰ جل شانه کان هميشه جو ٻڌڻ ڪافي آهي. جيئن جو انبياء j هميشه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي لذت ۾ رهندا هئا. جن کي ڪنهن به حيلي سان تحرڪ جي حاجت نه هئي. قول جو فضيل جن کان آهي ته: ”راڳ زنا جو منتر آهي“ ۽ اهڙي طرح ٻيا قول، جي مٿي لکيل آهن ته اِهو فاسقن ۽ شهوت پرستن جو حال آهي. پر جيڪڏهن سڀني راڳن جو هي حال هجي ته آنحضرت ﷺ جن جي خاندان اقدس ۾ انهن ٻن ڇوڪرين جو راڳ ڪيئن ٻڌو وڃي ها. هي ذڪر پاڪ ڪتاب ۽ سنتن جي دليلن جو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جو آخر مطلب هي هجي ته جيئن تار جا باجا حرام آهن، اهڙيءَ طرح راڳ به حرام آهي. تنهن لاءِ راڳ ۾ ۽ تارن جي باجن ۾ فرق بابت پهريائين ذڪر ڪيو آهي. يا هيئن چيو وڃي ته راڳ کيڏڻ ڪڏڻ آهي جيئن جو حضرت عمر ! جن پنهنجي اهليه کي فرمايو ته ”تون گهر جي ڪنڊ ۾ هڪ کيڏوڻو آهين“. اهڙيءَ طرح عورتن سان هر طرح جي خوش طبعي ڪرڻ کيل آهي. سواءِ قربت جي، جو پٽ ڄمڻ جو سبب هجي. اهڙيءَ طرح کلڻ جنهن ۾ اگهاڙپ نه هجي، حلال آهي. اهڙيءَ طرح آنحضرتﷺ ۽ اصحابن اڪرامن کان به فرمايل آهي. ڏٺو وڃي ته حبشين ۽ زنگين جي کيل کان وڌيڪ ڪهڙو کيل ٿي سگهي ٿو، جنهن جو انڪار به نص سان ثابت ٿي چڪو آهي. انهيءَ کانسواءِ، مان چوان ٿو ته تماشو دل کي راحت بخشي ٿو ۽ فڪر جو بار دل تان هلڪو ڪري ٿو. جيڪڏهن دلين کان زبردستيءَ ڪم ورتو ويندو، تڏهن به ڪم ته ڏينديون، پر راحت ڏيڻ سان کين ڄڻ وڌيڪ مدد ڏيڻي آهي، ته جيئن چڱيءَ طرح محنت سان ڪم ڏين. مثلاً جو شخص فقھ پڙهندڙ آهي. ان کي گهرجي ته جمع جي ڏينهن موڪل ڪري: انهيءَ ڪري ته هڪ ڏينهن جي موڪل، ٻين ڏينهن لاءِ فرحت جو سبب ٿيندي. ڇاڪاڻ ته تماشو محنت ۽ سعي ڪاري تي مدد ڪري ٿو ۽ محض سعي ڪاري ۽ تلخي امر حق تي سواءِ انبياء j جي نفس اقدس جي ٻيو ڪري نٿو سگهي ۽ جيئن جو تماشو دل جي ٿڪجڻ ۽ ماندائيءَ جو علاج آهي، انهيءَ ڪري مباح هئڻ گهرجي. مگر ان جي ڪثرت ڪرڻ نه گهرجي. جيئن دوا ڪثرت سان نه پيتي ويندي آهي. راڳ ان شخص جي حق ۾ مستحب آهي، جنهن کي سواءِ لذت ۽ فقط آرام وٺڻ جي ٻيو ڪجهه فائدو نه ڪري ۽ کيس جنهن صفت سڳوريءَ جي تحريڪ منظور هجي ته ڀل راڳ جي وسيلي سان منزل مقصود تي پهچي. مگر ان ۾ شڪ نه آهي ته هي امر رتبي ڪمال کان ناقص هجڻ تي دلالت ڪري ٿو. بلڪ ڪامل شخص اُهو آهي، جو پنهنجي نفس کي راحت ڏيڻ ۾ حق کانسواءِ ٻي چيز جو محتاج نه هجي. جيئن جو حَسَنَاتِ الْاَبْرَارِ سَيِّئَاتِ الْمُقَرِّ بِيْنَ (يعني نيڪ بندن جون نيڪيون، مقربن جي حق ۾ برايون آهن). ته راڳ به مقربن جي لحاظ ۾ خراب آهي، مگر ابرار يعني نيڪ بندن لاءِ ڪار آمد آهي. جو شخص دلين جي علاج جي علم ۾ ڪامل آهي ۽ ”لطائف الحليل“ يعني حلال لطيفن کان حق جي طرف دلين جو وٺي وڃڻ ڄاڻندڙ آهي ته اهو يقين سان ڄاڻندو آهي ته اهڙين ڳالهين سان دلين کي راحت ڏيڻ ڪيڏي نه مفيد ۽ مجرب دوا آهي. جو ان کانسواءِ جنهن جو ٻيو ڪو ئي چارو نه آهي.