ڪتاب جو نالو | سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت |
---|---|
ليکڪ | حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي |
سنڌيڪار / ترتيب | ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-56-7 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (445) PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 14057 ڀيرا پڙهيو ويو |
”فقير مسرور“ جتي عروضي صنفن ذريعي چيل ڪلام ۾ پنهنجي دور جي سماجي ذهني لاڙن تي تمام سير حاصل روشني وڌي آهي، سندس ان اصلاحي رويي سبب سندس دوست به مختلف موضوعن تي نظم ۽ نثر لکڻ جي فرمائش ڪندا هئا، جن مان ”مثنوي هير رانجهو“ سندس هڪ نهايت عظيم الشان تصنيف آهي. ان ڏس ۾ پاڻ ”قيامت نامو“ ۽ ٻيا به ڪجهه مقالا ۽ مسدس به لکيا هئائين. هي مضمون ”سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت“ به پنهنجي هڪ دوست جي فرمائش تي ترجمو ڪيو هئائين، جنهن جو ذڪر سندس مضمون جي ابتدائي اکرن ۾ به موجود آهي. هي رسالو به پاڻ پنهنجي ئي هٿ اکرن سان لکي، ان جون ڪاپيون تيار ڪري، پنهنجي هم زبان دوستن کي ڏنيون هئائين. جن جي خوبصورت خطاطيءَ سان گڏ ان جو سرورق به نهايت وڻندڙ ٺاهيو هئائين، هي رسالو بنيادي طور تي حضرت ابو حامد بن محمد الغزالي جي معروف ۽ معتبر تصنيف ”احياءُ علوم الدين“ جي جلد ٻئي جي اٺين باب ”وجد ۽ سماع“ جو ترجمو آهي. هي رسالو مرحوم ڪريم بخش خالد صاحب شايع ڪرائڻ لاءِ راقم الحروف کان ورتو هو، جنهن جو پاڻ ماهوار رسالي ”پيغام“ ڪراچيءَ جي سالنامي (مئي جون 1981ع) ۾ هٿ اکرن واري مسودي جو فوٽو به شايع ڪيو هئائين، جنهن جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”موجوده سماجي حالتن ۾ سماع ۽ وجد جي باري ۾ صحيح حقيقت ۽ ان جي شرعي حيثيت بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هن رسالي جي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، جيتوڻيڪ ”فقير مسرور“ ترجمو ڪندي، ڪي طويل عربي عبارتون ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اختصار کان به ڪم ورتو اٿس، حديثن ۽ ٻين صوفين جي اقوال کي، اصل ماخذن سان ڀيٽيو نه اٿس، عربي ۽ سنڌي صورتخطيءَ جون ڪي غلطيون به رهجي ويون اٿس، پر تنهن هوندي به سندس ترجمي جي رواني ۽ زبان جي سادگيءَ ۽ تاثير کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. فقير صاحب پنهنجي دور ۾، ڪن صوفي بزرگن بابت مشهور روايتون به نقل ڪيون آهن، جيڪي انهن بابت لکيل هاڻوڪن ڪتابن ۾ ڏنل ڪينهن. اهو ملفوظاتي ادب، ان وقت جي سماجي ماحول جي عڪاسي به ڪري ٿو ۽ مترجم کي پنهنجي موضوع جي وضاحت ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿو. فصل ٻئي کان ”مسرور“ جي طبعي جولانين جو ظهور ٿئي ٿو ۽ هو عربي شعرن جو اردوءَ ۾ منظوم مفهوم پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ”بيدل فقير“ جي ڪلام کي نهايت مناسب نموني ۾ دليل ۽ وضاحت طور پيش ڪيو اٿس ۽ پڻ ٻين درويشن جي ڪلام کي مضمون جي مالها جي موتين وانگر پرويو اٿس، جيڪو سندس وسيع مطالعي ۽ ديني توڙي صوفياڻي علوم جي ڳوڙهي اڀياس جو ثبوت آهي.“ ”فقير مسرور“ هن رسالي جو ترجمو 29 آگسٽ 1925ع تي پورو ڪيو هو، پر قلمي مسودي جي زبون حاليءَ کي ڏسندي معلوم ائين ٿي ٿيو ته ”فقير مسرور“ کي هن رسالي کي فيئر ڪرڻ جو وقت نه ملي سگهيو هو، جو ٻين تصنيفن جيان ڪٿي گم ٿي ويو هو، ترجمي جي اصل نسخي ۾ رهجي ويل يا ڪاٽي ڇڏيل لفظن سبب، فقير مسرور جي لائق فرزند جناب احمد بخش بدويءَ عرف مٺل سائينءَ بعد ۾ پنهنجي هٿ اکرن ۾ اتاري هڪ ٻيو قلمي نسخو تيار ڪري رکيو هو، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ پاڻ مهرباني ڪري منهنجي حوالي ڪيو هئائين، ان حوالي سان هن مقالي کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ هڪ ڀاڳ واري ڳالهه آهي، جو هن وقت جڏهن راڳ ويراڳ جي اصل حسن، طرب، روحاني جوش، جذب ۽ سڪون وارين خصلتن کي دقيانوسي سمجهي، تفريح جي جديد تقاضائن جي نالي ۾ فلمي گانن جي نقل شاعري نقل ڌنن ۾ ڳائجڻ واري ڪلام کي ترجيح ڏني ٿي وڃي، جنهن ۾ پاپ موسيقيءَ جي رنگينين کي ئي وڌيڪ پسنديده سمجهيو وڃي ٿو. ان حوالي سان ”فقير مسرور“ هن ڪتاب کي تيار ڪرڻ جو نهايت مفيد ۽ وقتائتو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي مطالعي سان اميد ته پڙهندڙن کي وڏو لاڀ حاصل ٿيندو. -بيدل مسرور