ڪتاب جو نالو | سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت |
---|---|
ليکڪ | حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي |
سنڌيڪار / ترتيب | ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-56-7 |
قيمت | 200 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (445) PDF E-Pub |
انگ اکر | 22 October 2019 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 14060 ڀيرا پڙهيو ويو |
يڪتار دل جو چائي، ممتا ۽ موهه مٽائي، ان پر چڱو جڳائي، ناتو نماز سان. فقير مسرور جا علمي ادبي ڪارناما: صوفين آڏو سمورين ظاهري توڙي باطني سرگرمين ۾ پاڻ سنوارڻ ۽ دين دنيا جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جاکوڙڻ ۽ آخرت جي ثمر گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي راغب ڪرڻ جا عنصر ڪارفرما رهيا آهن، ان حوالي سان ”فقير مسرور“ جي سموري ڄمار ”هٿ ڪار سان دل يار سان“ واري قول تي قائم هئي. سنڌي ادب ۾ ”فقير مسرور“ هڪ صوفي شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، سندس شاعري ۽ ڪجهه نثري تصنيفون جيئري ته ڪجهه سندس وصال کان پوءِ اشاعت هيٺ آيون آهن. سندس شاعري ناصحاڻي، اخلاقي، مدحيه، سماجي ۽ وطني موضوعن تي مشتمل آهي، ”پر پاڻ نثر ۾ به سٺي طبع آزمائي ڪئي اٿس، جن مان ڪي طبعزاد تصنيفون آهن ته ڪي ترجما ۽ تاليفون آهن. ”فقير مسرور“ جون اهي سموريون نثري تحريرون به سندس صوفياڻي مسلڪ جو نهايت دلپذير آئينو آهن، جنهن جي ذريعي پاڻ ساري عمر قرآن پاڪ، حديث شريف ۽ پنهنجي مرشد شهنشاهه ”فقير قادر بخش بيدل “ جي ڏسيل حڪمن ۽ هدايتن مطابق، پنهنجي قلم کي انساني غمخواريءَ سان گڏ اخلاقيات، حڪمت، دانش ۽ انساني روحاني ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ان حوالي سان سندس مسدس جو هڪ بند آهي ته: کڻي عملي قدم مان پس پيل قسمت مٽائيندس قلم تي پڻ رهي قابض، قوي قوت رکائيندس، مصيبت تي اکر عشرت لکي قدرت ڪمائيندس، سدائي ناد نصرت جو ڀليري ڀت وڄائيندس، محبت ميٺ ڌاران ڪونه آهي ڪم ٻيو پنهنجو، هلي عرش اتان آيس، هتي ڪو دم پيو پنهنجو. انگريز بهادر جي سماجي نظرين تحت، صوفين تي قنوطيت ۽ فراريت جي الزام کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ابتدائي ايام ۾ ئي فقير مسرور ملازمت (1912ع) سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به حصو ورتو. اٽڪل 1917ع واري پليگ جي بيماريءَ دوارن، خلقت جي ڀلي جا ڪم ڪيائين. گڏوگڏ سماج لاءِ تصوف جي ضرورت کي محسوس ڪندي، شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ راڳ سماع جون محفلون شروع ڪيائين، درگاهن ۽ خانقاهن تي پنهنجي فقرائي ٽولي سميت چونڪين ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيائين، حضرت قادر بخش بيدل ، حضرت محمد محسن بيڪس ، جناب صوفي قطب شاه ، حمل فقير ، محمد صديق فقير سومري ، فقير واليڏني ، انور شاهه ، دلبر شاه ، ميرڻ شاهه ، ۽ ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام گڏ ڪري ان وقت جي نوجوان تحقيق نگارن: پروفيسر لطف الله بدوي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه، بولچند وسومل راجپال، جي حوالي ڪيائين، اهڙن نوجوان شاعرن خاص طور پروفيسر لطف الله بدوي، احسان احمد بدوي، شفيع احمد اوج علوي، لعل محمد لعل، الله بخش انيس انصاري ۽ شيخ اياز جي ادبي رهنمائي ڪيائين. شڪارپور، لاڙڪاڻي، شهداد ڪوٽ، ٺٽي، دادو ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ سطح تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين، لاڙڪاڻي جي ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ سان وابستگي قائم رکيائين، سنڌي، هندي، اڙدو ۽ فارسي زبانن ۾ تصوف جي رمزن سان گڏوگڏ سماجي موضوعن تي شاعري ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو “ڪليات مسرور“ راقم الحروف ٻن حصن ۾ ترتيب ڏنو آهي جن مان پهريون حصو مسرور پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران مارچ 2000ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ٻيو حصو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيڻ وارو آهي. ”فقير مسرور جي ان ضخيم ڪلام کانسواءِ تصوف جي حوالي سان سندس ڪجهه ٻيون تصنيفون به آهن، جهڙوڪ: 1. سندس دعائيه مدح ”ستگرو سائينءَ جي سوکڙي.“ 2. پنهنجي وطني ڀائرن لاءِ نصيحت آموز طويل مسدس، ”مسدس مسرور عرف هيرن جو هار.“ 3. انبياءَ ڪرام کي مليل سماجي تڪليفن ۽ ڏکن بابت ”مسدس اسرار حسيني.“ 4. پنجاب جي مشهور عشقيه داستان ”هير رانجهو“ جو قصو مثنويءَ جي صنف ۾ تصنيف ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ادب جا نهايت انمول شاهڪار آهن. انهن سان گڏ، نثر ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿائين، جن مان ڪجهه طبعزاد ته ڪجهه ترجما آهن جن ۾: 1. ”سلطاني سهاڳ“: (حضرت ابو حامد بن محمد الغزالي جي معروف تصنيف ”احياءُ علوم الدين“ ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۽ بزرگن جي مقولن جي مدد سان لکيل). مڪمل ڪرڻ جي تاريخ: 22 ربيع الاول 1344هجري مطابق 11 آڪٽوبر 1925ع، بروز آچر. 2. ”من جي مستي“ (طبعزاد) مڪمل ٿيڻ جي تاريخ: 13 آڪٽوبر 1925ع اڱاري ڏينهن، ساڍي چئين وڳي منجهند. 3. ”دشمن“: (طبعزاد) مڪمل ڪرڻ جي تاريخ: 29 فيبروري 1944ع. 4. ”قيامت نامو“ (ترجمو) حضرت شاهه رفيع الدين دهلوي جي معتبر تصنيف ”قيامت نامه“ جو ترجمو 5. ناٽڪ ”واچوڙو مل“. اهڙي قسم جون لکڻيون، غريباڻي حال سبب، پريس مان شايع ڪرائي نه هئڻ سبب، گهڻو ڪري ”فقير صاحب“ پنهنجي هٿ اکرن سان سپر بانڊ جي اوچي پني تي اتاري، ان جون ڪاپيون تيار ڪري دوستن ۾ ورهائيندو هو، جن جي آخر ۾ يادگيريءَ طور تاريخ به لکي ڇڏيندو هو. تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جا محرڪ: ”فقير مسرور“ جنهن دور ۾ ۽ جنهن مقصد کي اڳيان رکي تصننيف ۽ تاليف يا ترجمن جو ادبي فرض نباهيو آهي، اهو هو پنهنجي فقيري طبع ۽ عرفان سان، ان دور جي سياسي اٿل پٿل ۽ سنڌ اندر رونما ٿيندڙ مذهبي ڀيد ڀاءُ، سماجي ۽ ثقافتي تبديليءَ سبب مستقبل جي خطرن کي محسوس ڪرڻ. خود سندس جنم ڀومي وارو شهر شڪارپور جتي فن، فنڪار ۽ هنرمند هئا، باغ باغيچا هئا، اوطاقون ۽ اوتارا هئا، مندرن ۽ مسجدن جو احترام هو، جنهن شهر جو سموري دنيا سان وڻج واپار هو، ان جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ راڳ جي روايتن ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليءَ ۽ پاڻ کان پوءِ جي دور بابت دورانديشي ۽ سنڌ جي اوائل کان هلندڙ صوفي راڳ جي تحريڪ، انساني آفاقي قدرن ۽ ثقافت جي پائدار اثرن ۾، جدت ۽ جديد جي نالي ۾ غير سماجي ۽ غير اخلاقي جذبن جي شامل ٿي وڃڻ جي الميي جي احساس کيس ان پيشقدميءَ تي اڀاريو ۽ سندس صوفي مسلڪ کيس سير سفر جي شوق، گهر ٻار جي خبرچار، ملازمت ۽ مرشد جي درگاهه تي چونڪين ڏيڻ سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ ترجمن ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. فقير مسرور جي انهيءَ علمي ادبي پورهيي تي ڪيترن حلقن طرفان واکاڻ ۽ سرهائيءَ جو اظهار به ڪيو ويو ته ساڻ ساڻ سندس ويجهن دوستن راڳ جي شغل بابت به ڪنهن مقالي لکڻ جي فرمائش به ڪئي، جنهن سبب پاڻ راڳ بابت حجة الاسلام ابو حامد محمد بن محمد الطوسي الغزالي جي تصنيف ”احياءُ علوم الدين“جي هڪ باب ”وجد ۽ سماع“ (رسم رواج جي حصي جي باب اٺين) جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ انمول اضافو ڪيو. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ کي پاڪستان جي صوبي بنائڻ لاءِ نئين قومي نظريي کي روشناس ڪرايو ٿي ويو ۽ سنڌ جي پنهنجي انسان دوستي ۽ تصوف واري روشن خيالي ۽ ثقافتي نياز نوڙت کي دقيانوسي قرار ڏنو ٿي ويو، حالانڪ ان دور ۾ راڳ سماع جي فقهي بحثن ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي هئي پر راڳ ويراڳ جي تصوف واري معنوي مقصد ۾، تفريح ۽ شغل جو عنصر وڌڻ لڳو هو، ان حوالي سان فقير مسرور، امام غزالي جي هن مذهبي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان فقهي ۽ شرعي موضوعن بابت نهايت مدلل ۽ باڪمال ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ ضروري ڄاتو، ۽ شڪارپور جي معروف عالم جناب ابو غلام بطول فقير، غلام رسول صاحب چشتي جي مشورن سان هي ترجمو 29 آگسٽ 1925ع تي لکي پورو ڪيو ۽ سندس عنوان ”راڳ جي شرعي حيثيت“ رکيو. ”فقير مسرور“ جي ئي هٿ اکرن ۾ لکيل هي رسالو محترم ڪريم بخش خالد صاحب مرحوم شايع ڪرائڻ لاءِ راقم الحروف کان ورتو هو، جنهن پاڻ ماهوار رسالي ”پيغام“ ڪراچي جي سالنامي (مئي، جون 1981) ۾ فقير مسرور جي هٿ اکرن واري مسودي جو فوٽو شايع ڪيو. امام غزالي جو مختصر سوانحي خاڪو: امام ابو حامد الغزالي (450- 505 هجري، عيسوي سن مطابق 1058- 1111) ٻارهين صديءَ جي قانون جي تمام وڏن ماهرن مان هڪ هو. هو الاهي حڪومت جو پرچارڪ ۽ روحاني فڪري سوچ جو عظيم پيشوا هو. هن فقه، اصول فقه، منطق، فلسفي، علم ڪلام، علم اخلاق ۽ تصوف جي موضوعن تي نهايت سنجيدگيءَ سان قلم کنيو ۽ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. نالو: سندس نالو محمد هو، جڏهن ته سندس والد ۽ ڏاڏي جو به نالو محمد هو. احمد غزالي نالي کيس هڪ ننڍو ڀاءُ به هو. سندس وڏن جو پيشو: سندس وڏا سٽ ڪتڻ (غزال) جو ڪم ڪندا هئا. سندس نانو نانوائي هو. جنم: 450 هجري مطابق 1058ع طوس ۾. دور: طغرل بيگ سلجوقي حڪومت. ابتدائي تعليم: پنهنجي ڳوٺ غزال (طوس) ۾ ورتائين. فقهه جو ابتدائي نصاب ”احمد بن محمد رازڪاني“ جي درسي سلسلي ۾ ختم ڪيائين. بعد ۾ طاهران ۾ استاد احمد بن محمد. بعد ۾ جرجان جي مدرسي ۾ ابو نصر اسماعيليءَ وٽ تعليم حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ شاگرد گهڻو ڪري پنهنجي استادن جون تقريرون لکندا هئا، جيڪي ”تعليقات“ جي نالي سان منسوب هونديون هيون. امام غزالي به امام ابو نصر جي تقريرن جو مجموعو تيار ڪو هو، پر اهو سفر دوران ڌاڙيلن کانئس ڦري ورتو، ان نقصان جي صدمي سبب پاڻ بي خوف ٿي ڌاڙيلن جي سردار وٽ ويو، جنهن کان رڳو ان مجموعي جي گهر ڪندي چيائين: ”توهان ڇا ڌوڙ سکيو آهي، جيڪڏهن ان جو هڪڙو ڪاغذ به نه بچندو ته سمجهو اوهان به اڻپڙهيل رهجي ويندا.“ ڌاڙيلن جو سردار سندس ان طعني کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس ڪتاب موٽائي ڏنائين، پر وطن واپس اچي امام صاحب اهو سڄو مجموعو برزبان ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽن سالن ۾ اهو واقعي ياد به ڪري ورتو. بعد ۾ نيشاپور جي مدرسي نظاميه ۾ امام الحرمين ابوالمعليٰ الجويني وٽ علم حاصل ڪيائين. (1). چون ٿا ته اسلام جو پهريون مدرسو”بهقيه“ هو، جنهن ۾ خود امام الحرمين علم حاصل ڪيو هو، جڏهن ته تاريخن ۾ پهريون مدرسو بغداد جو ”نظاميه“ ليکجي ٿو، پر اها به حقيقت آهي ته شهرت وري به نيشاپور جي مدرسي “نظاميه“ جي هئي. حالانڪ نيشاپور ۾ ٻيا به ڪيترا مدرسا هئا، جهڙوڪ: مدرسو سعديه ۽ نصريه، جيڪي سلطان محمود جي ڀاءُ نصر سبڪتگين جوڙايا هئا، 478 هجري، 1085ع امام الحرمين ابوالمعالي جويني جو انتقال ٿيو ته ان وقت جي نظام ملڪ کيس نهايت عزت ۽ احترام سان امام الحرمين جو جانشين مقرر ڪيو. 478 هجريءَ کان 484 هجريءَ تائين درٻاري مصروفيتن دوران تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به شروع ڪيائين. 484 ۾ بغداد جي نظامي مدرسي جي مدرس اعليٰ علامه حسن بن علي طبري جي وفات سبب ان جي جاءِ تي ”ناظم“ ۽ ”مفتيءِ اعظم“مقرر ڪيو ويو. جنهن تي پاڻ 487 هجريءَ تائين فائز رهيو. 484 هجري، 1091ع ۾ بغداد جي نظاميه مدرسي ۾ استاد رهيو. حالانڪ سلاطين خاندان سلجوقي سندس وڏي عزت ڪندو هو پر نظامي مدرسي جون ذميداريون سندس روحاني ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ لڳيون ته 488 هجريءَ ۾ مدرسه نظاميه کي خيرباد چئي حرمين شريفين جي زيارت تي ويو. 488 کان 498 هجريءَ تائين ڏهه سال سانده شام، بيت المقدس ۽ حجاز ۾ بسر ڪيائين ۽ زهد عبادت سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو شغل به جاري رکيائين. آهستي آهستي ماڻهن کي سندس علم ۽ فضل جي خبر پئي ته وقت جا وڏا وڏا عالم وٽس اچڻ لڳا. 498 هجري 1105 ع ۾ طوس موٽي آيو، جتي هن فقهه جو مشهور ڪتاب ”احياءُ العلوم“ تصنيف ڪيو. حڪومت جي وڏي اصرار تي ذيقعد 499 هجريءَ 1106ع ۾ نيشاپور جي نظاميه مدرسي ۾ تدريس جي ذميداري سنڀاليائين. هي عهد سلطان سنجر ولد ملڪ شاهه سلجوقيءَ جو هو، ۽ امام غزالي جي معروف سرپرست خواجا نظام الملڪ جو فرزند فخرالملڪ ان جو وزير هو. 500 هجريءَ ڌاري امام صاحب ”المنقذ من الضلال“ تصنيف ڪيو، جنهن ۾ سندس زندگيءَ جا اهم واقعا درج آهن. امام غزالي جيئن ته شافعي مسلڪ جو هو، پر حڪومت حنفي مسلڪ جي هئي ان ڪري حاسدن سندس خلاف سازشون ڪيون ته ان ڇڪتاڻ دوران پاڻ ”ڪيميائي سعادت“ مان ڪجهه حصا ڪڍي سلطان سنجر سلجوقيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ مدرسي کان علحدگي اختيار ڪري ورتائين. 14 جمادالآخر 505 هجري 1111 ع ۾ امام صاحب جو طوس ۾ انتقال ٿيو. سندس ڀاءُ شيخ احمد الغزاليءَ لکيو آهي ته: ”پاڻ سومر جي ڏينهن صبح جو وضو ڪري نماز فجر ادا ڪيائين، پوءِ پنهنجو ڪفن گهرايائين ۽ ان کي چمي ڏئي اکين سان لڳايائين ۽ ”سمعاَ و طاعةَ“ چئي قبلي جي پاسي منهن ڪري پير ڊگها ڪري ڇڏيائين“. سندس مزار طوس ۾ مشهور شاعر ”فردوسيءَ“ جي ڀرسان آهي. امام غزالي کي پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو، البت ڪجهه نياڻيون هئس. امام غزالي جي شاگردن جو تعداد اٽڪل هڪ هزار هو، جن مان ڪيترن ئي شهرت حاصل ڪئي، جن ۾ ”محمد بن تومرت“ (جنهن اسپين ۾ تاشقين خاندان کي مٽائي هڪ عظيم الشان سلطنت جو بنياد وڌو هو). ان کانسواءِ علامه ابوبڪر ، قاضي ابو ظفر ، ابوالفتح ، نصر بن محمد ، ابوطالب ، عبدالڪريم رازي ، ابوالحسن ، علي محمد جويني ، ابوالحسن علي بن مظهر دنيوري وغيره آهن. حڪيم سنائي جيڪو ابو شيخ يوسف همدانيءَ جو مريد هو، ابو يوسف همداني، شيخ ابو علي مارمدي جو مريد هو، جيڪو امام غزالي جو مرشد هو. 1269 هجري، 1853ع ۾ پهريون ڀيرو سندس تصنيف ”احياءُ العلوم الدين“ پريس جي ٽائيپ سان ٻن جلدن ۾ مصر ۾ شايع ٿي. 1864ع ۾ ”احياءُ العلوم الدين“ آفسيٽ تي چئن جلدن ۾ لکنوءَ، هندستان ۾ شايع ٿي. 2001ع (جون) کان سندس نالي جي ويب سائيٽ شروع ڪئي وئي آهي. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته امام غزالي پنهنجي عمر جي چونجاهه سالن جي عرصي (450_ 505 هجري، عيسوي سن مطابق 1058_ 1111) ۾ ڪهڙا نه عظيم ڪم ڪيا آهن. ويهن سالن جي عمر کان تصنيف ۽ تاليف شروع ڪيائين، ڏهه ٻارهن سال سير سفر ۾ گذاريائين، تعليم تدريس جو شغل قائم رکيائين، شاگردن جي ذهني فڪري تربيت ڪيائين، پري پري کان آيل فتوائن جا جواب ڏنائين، مناظرن ۽ مباحثن ۾ شرڪت ڪيائين، ان جي باوجود فقه، اصول فقه، منطق، فلسفي، علم ڪلام، علم اخلاق ۽ تصوف بابت سوين ڪتاب به لکيائين جن مان ڪيترا ته اسلامي ملڪن ۾ ناپيد آهن (2). راڳ جي شرعي حيثيت (ڪتاب) جي اهميت: تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته عقلي علمن جي ابتدا عباسين جي خلافت واري دور ۾ ٿي ۽ چوٿين صديءَ تائين مسلمانن ۾ وڏا وڏا حڪيم ۽ عالم پيدا ٿيا، پر عقلي علمن جي اصل ترقي پنجين صديءَ ۾ ٿي، ۽ ان صديءَ ۾ خاص طور امام غزالي ۽ امام رازي جن انهن علمن ذريعي غير معمولي شهرت حاصل ڪئي. هن صديءَ کان اڳ مسلمانن ۾ جيڪي مشاهير پيدا ٿيا هئا، انهن مان ڪجهه عالمن خالص فلسفي ۽ حڪمت ۾ نالو ڪڍيو هو، پر انهن جيڪي به ڪتاب لکيا اهي انتهائي پيچيده ۽ مبهم هئا ۽ انهن علمن جي متعلق سندن خيال ۽ نظريا نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ نامڪمل هئا. ان حوالي سان پهريون شخص امام غزالي هو جنهن انهن پيچيده معاملن کي کوليو ۽ انهن وکريل ۽ نامڪمل خيالن جي رد ۾ قلم کنيو، جنهن کانپوءِ امام رازي پيدا ٿيو جنهن به نهايت وضاحت ۽ تفصيل سان ڪم ڪيو ۽ فلسفي ۽ علم ڪلام جي مسئلن بابت جيڪي خيال ۽ نظريا ڦهليل هئا انهن تي تنقيدي نظر وڌي، اهو ئي سبب آهي جو جيڪا وضاحت ۽ جامعيت انهن جي تصنيفن ۾ ملي ٿي، اها انهن کان اڳ وارن فلسفين ۽ عالمن جي ڪتابن ۾ نه ٿي ملي. خاص طور مولانا شبلي جيڪا امام غزالي جي فلسفي ۽ نظريي متعلق تشريح ڪئي آهي، اها به پنهنجي جاءِ تي نهايت اهم آهي.“ (3). امام غزالي جي اٽڪل 96 تصنيفن مان ”احياءُ علوم الدين“ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ ديني ۽ دنيوي معاملن بابت نهايت حڪمت واريون ڳالهيون آندل آهن. شيخ ابو محمد گازروني جو چوڻ آهي ته: ”جيڪڏهن دنيا جا سمورا علم مٽجي وڃن ته احياءُ العلوم جي ذريعي ان کي زندهه ڪري سگهجي ٿو.“ امام غزالي جي هيءَ بيش بها تصنيف چئن جلدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرين جلد ۾ علم ۽ ان جي فضيلت، قاعدن ۽ عقيدن تي بحث، طهارت، نماز، زڪوات، روزي، حج، تلاوت جي آداب ۽ ذڪر ۽ دعائن جي اسرارن بابت مواد آندل آهي، اهڙيءَ ريت ٻئي جلد ۾ کائڻ جا آداب، نڪاح، معاشي ڪسب، حلال ۽ حرام، الفت ۽ ڀائيچارو، گوشي نشيني، سفر جا آداب، معشيت ۽ اخلاق ۽ سماع ۽ وجد بابت سير حاصل بحث آيل آهي. ٽيون جلد نفس، روح، قلب ۽ عقل جي تمام اهم عجائبن بابت مضمونن تي مشتمل آهي، ۽ چوٿون جلد توبه، صبر، شڪر، فقر، زهد، توحيد، توڪل، محبت، شوق، انس، رضا، نيت، اخلاص، مراقبي ۽ محاسبي، فڪر، عبرت، موت ۽ ان کان پوءِ جي معاملن تي مشتمل آهي. امام غزالي جي هن تاريخي تصنيف جي جلد ٻئي جو باب اٺون ”راڳ“ کي حرام قرار ڏيڻ جي سلسلي ۾ پيدا ٿيل فقهي فتوائن جي روشنيءَ ۾ تصنيف ٿيل آهي، جنهن ۾ امام غزالي تاريخي دليلن سان، شاعري ۽ راڳ ذريعي پيدا ٿيندڙ انهن منفي ۽ مثبت ڪيفيتن ۽ لاڙن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن جي ڪري شاعري، راڳ يا رقص، سماجي ۽ اخلاقي ڏيوالي جو سبب بڻجي ٿو. سماع ۽ وجد بابت امام غزالي جي تحرير ڪيل هن باب جي اهميت جو خاص سبب به اهو آهي جو هن ۾ ترتيبوار راڳ ۽ وجد جي تشريح ڪندي انهن ٻنهي موضوعن متعلق منع يا مباح جي باري ۾ عالمن جا اختلاف، راڳ ۽ وجد جا فائدا، نقصان، ادب ۽ حالتون تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ قاضي ابوطيب طبري، امام شافعي ، امام مالڪ ، امام اعظم ، سفيان ثوري ، ابو طالب مڪي ۽ ابو سليمان جي فتوائن، قولن، قرآني آيتن ۽ حديثن جا حوالا ڏنل آهن. جن ۾ انبياءَ ڪرام ۽ خاص طور سرڪار دو عالم ﷺ، صحابه ڪبائر ۽ ٻين اصحابين، صالحين ۽ تابعين سڳورن جا مثال ڏئي انتهائي مشڪل ۽ طويل تاريخ کي هڪ جاءِ تي قلمبند ڪيو ويو آهي. موجوده سماجي حالتن ۾ هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ ته اڄ جو انسان تيزي رفتاريءَ جي دور مان گذري رهيو آهي، اڄ اهو وقت نه رهيو آهي جو ڪبوتر جي ٽنگ ۾ چٺي ٻڌي محبوب ڏانهن اماڻجي، يا خط ذريعي مائٽن جو احوال وٺجي، هاڻي ته ٽپال کاتي واري تار جو نظام به متروڪ ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽيليفون جهڙي ڪارائتي ۽ بروقت ملاقات ۽ پيغام رسانيءَ جي ايجاد کان پوءِ هن وقت، انٽرنيٽ، ٽي وي چينل، ريڊيو ۽ اخبارن ذريعي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون خبرون گهر ويٺي ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي سگهجن ٿيون، ساڳيءَ ريت موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر تي تصوير ۽ آواز (Audio- video) به وقت ۽ وڇوٽيءَ کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. پر جتي تيز رفتاريءَ جا مثبت نتيجا انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿي رهيا آهن ته ساڳئي وقت انهن جديد ايجادن، انسان کي منفي ۽ غير سماجي ميدان هموار ڪري ڏيڻ جي آساني به فراهم ڪري ڏني آهي. انهن منفي لاڙن جي اثر سبب عام ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ته تمام گهڻو منفي ڦيرو اچي ويو آهي پر ان اثر کان پڙهيل لکيل يا دانشور به بچي نه سگهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ سماج هڪ عجب بيوسيءَ جي حالتن جو شڪار ٿي ويو آهي. اڳ تعليم پرائڻ جو مقصد سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ هوندو هو، نوجوان نسل، رول ماڊل استاد ٿيڻ لاءِ پڙهندو هو ته ڪو سٺو انجنيئر ته ڪو سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تعليم جي زيور سان سينگاريندو هو. اها تعليم، جنهن کي انسان جي ٽين اک ليکيو ويندو هو، جنهن جو سارو دارومدار سماجي ترقيءَ تي رکيل هوندو هو، اڄ انساني روشنيءَ جو اهو بنياد، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارش سان ملازمتن، ترقين، عهدن ۽ خطابن وٺڻ جي اونداهي ۽ انڌي کوهه ۾ اچي ڪريو آهي. اڳ سماج پنهنجي باڪردار شخصيتن جي اصولن جا مثال ڏئي، اخلاقيات کي قائم رکڻ ۾ رڌل هوندو هو، پر هن وقت اخلاقي فقدان ايترو وڌي ويو آهي جو تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ سماج به لاقانونيت جي شڪنجي ۾ ڦاسي پيو آهي. هي اهو دور آهي جنهن ۾ انساني زندگيءَ جي آسانين لاءِ وقت ۽ وڇوٽيءَ کي مختصر ڪندڙ تيز ترين ايجادون ڪيون ويو آهن، پر انهن ايجادن ۽ آسانين، اڄ جي انسان جي ذهني ۽ جسماني مدافعت به گهٽائي ڇڏي آهي، هاڻي هو زندگيءَ جي آسائشن لاءِ ڪيل ايجادن مان حياتياتي ڪارج حاصل ڪرڻ بجاءِ ان مان تفريح ۽ ذهني سڪون حاصل ڪري رهيو آهي، ۽ تفريح ۽ سڪون جي ان تلاش ۾ زندگيءَ جي منفي لاڙن کي پنهنجي جياپي جو بنياد بڻائي ورتو آهي. اخلاق سان پيش اچڻ بجاءِ بداخلاقيءَ جو رحجان پيدا ٿي ويو آهي، ننڍي وڏي جي عزت هڪ پراڻو قصو بڻجي ويو آهي، اڳي ور ۾ چاقو کڻي هلندڙ شخص، بدمعاش ليکبو هو پر هاڻي سرِ عام ڪلاشنڪوف کڻي هلندڙ کي هرڪو نوڙي سلام ٿو ڪري. چور، ڊاڪو يا ڌاڙيل جيڪو نياڻين ڏانهن هٿ وڌائڻ بجاءِ رئو کڻي انهن جي مٿي تي رکندو هو، انهن جا اهي ٻه چار اخلاقي اصول به هاڻي ختم ٿي ويا آهن. ساڳيو حال شاعريءَ، موسيقيءَ، ثقافت يا علم ادب جي ٻين شعبن جو به ٿي ويو آهي. اڳ دنيا جو هر ملڪ پنهنجي خاص تهذيب، تمدن يا ثقافت تائين محدود هوندو هو، پر هاڻي ان جي جاءِ تي اليڪٽرانڪ انقلاب، ريڊيو، ٽي وي، وي سي آر، ڪمپيوٽر، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ ساري دنيا جي وچ ۾ هڪ مضبوط رابطو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ٽي ويءَ جي نشريات دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي قومن جو پنهنجو ثقافتي مزاج تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ان جاءِ تي سموري دنيا هڪ نئين تهذيب جي محور تي گهمڻ شروع ڪيو آهي. اڳ واپرائڻ جي شين ۾ ملاوٽ جو رڳو تصور ڪرڻ به گناهه سمجهيو ويندو هو، پر هن دور ۾ هر شيءِ ۾ ملاوٽ جو رجحان اڄ جي انساني صحت لاءِ مفيد سمجهيو ٿو وڃي، جنهن ڪري انساني جسم جي اعصابي مدافعت ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ايندي ٿي وڃي. اڳ ٻين جو استحصال ڪري مال ملڪيت گڏ ڪرڻ، ۽ غلط طريقن سان وڏا عهدا ماڻڻ عيب ليکيو ويندو هو ۽ اهڙن ماڻهن جي عزت به ڪانه هوندي هئي، پر مال ملڪيت گڏ ڪرڻ، ٻين جو استحصال ڪرڻ ۽ پئسي ۽ سفارش جي زور تي وڏا عهدا ماڻڻ، اڄ جي دور جي اهم مجبوري بڻجي ويو آهي. اڳ بندوق، پستول يا چاقو شيل شڪار يا پنهنجي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندو هو، پر هاڻي بيگناهه انسانن کي مارڻ، چورين، ڌاڙن ۽ ڦرين لاءِ هٿيارن جو استعمال عام جام ٿي پيو آهي. اخبارون سياسي تعلق سبب پنهنجي خاص پارٽيءَ جي نظريي جي پرچار ۾ رڌل آهن، ۽ خبرن وسيلي به جانبداريءَ جي اظهار کي پنهنجو حق سمجهڻ لڳيون آهن. ڇپجندڙ رسالن ۾ علم ادب جو وڏو فقدان آهي، جن ۾ به گهڻو ڪري اشتهارن کي اهميت ڏني ٿي وڃي ۽ اشتهارن کي ئي رسالي جو معيار سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اشتهار وري، پڙهندڙن جي ذهني لذت لاءِ پيش ڪيل مواد ۽ تصويرن جي شرطن تي شايع ٿين ٿا، ۽ پڙهندڙ ان کي پنهنجي دور جو علم ادب ۽ ثقافت سمجهي قبول ڪري ويٺو آهي، نتيجي ۾ خالص علمي ادبي رسالن جي اشاعت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، هڪ ته اهڙا ڪتاب يا رسالا ڇپجن گهٽ ٿا مٿان پنجهاهه لک پڙهيل لکيل ماڻهن مان علمي ادبي رسالن يا ڪتابن خريد ڪري پڙهندڙن جو تعداد هڪ هزار به نه رهيو آهي. ريڊيو تان غير ملڪي گانن جي ڌنن تي راڳ پيش ٿيڻ عام ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خود صوفياڻو راڳ، جيڪو ماڻهوءَ جي روحاني ترقيءَ جي لحاظ کان مخصوص ڍار ۽ ديسي راڳن ۾ ڳائبو هو، اهو به نقلي ڌنن جي ور چڙهي ويو آهي. شاهه لطيف جو ميلو هجي يا ڪنهن ٻئي بزرگ جو، اتي به انهن بزرگن جي آفاقي ۽ انساني فڪري سوچ جي اڏام ۾ اضافو ڪندڙ ڪلامن بجاءِ فلمي گانن جي نقلي ڌنن تي، نهايت سطحي شاعريءَ وارا ڪلام پيش ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي عام اسٽيج پروگرامن ۽ نجي محفلن ۾ ور ور ڪري ڳائجڻ لڳا آهن، جن تي ماڻهو هنبوڇيون هڻي، جهمريون پائي يا ڪلاشڪوف جا برسٽ هلائي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن. ساڳيءَ ريت شادين مرادين ۾ جتي دهل ۽ شهنائي وڄڻ جو آواز ايندو هو اتي هاڻي ڪلاشنڪوف ۽ پمپ گن جا برسٽ ۽ ٽي ٽي پستولن جا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. اهڙي صورتحال لاءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ”پرڀاتي“ ۾ نهايت درست فرمايو آهي: اڄ نه سُڄي اڳهين، ڪا تنبيرن تنوار، مڙهيون مڱڻهار، پوري ڪنهن پار ويا. سينيما جي پردي تي، زندگيءَ سان ڀرپور ۽ سبق آموز فلمون نظر اينديون هيون، پر وقت گذرڻ سان سينيمائن تي هلندڙ غنده گرديءَ سبب ماڻهن وي سي آر خريد ڪري، سينيما گهرن تي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪن کائڻ بجاءِ، گهر ۾ فلم ڏسڻ کي ترجيح ڏني، گڏوگڏ فلمي موضوعن ۾ به سماجي ناسور کي پيش ڪرڻ جا طريقا تبديل ٿي ويا، هاڻي اها فلم هٽ ليکي وڃي ٿي جنهن ۾ رنگين روشنين ۾ نظر ايندڙ اگهاڙن جسمن ۽ انتهائي قيمتي لباس، بگڙيل ٻولي ۽ لهجي، ڪردارن جي شراب پيئڻ، نچڻ، وڙهڻ ۽ مڪالمن جو چشڪو وڌيڪ هجي ٿو. اڳ جڏهن سينيما هائوس ۾ فلم لڳندي هئي ته فلمن جو خاص شوق رکندڙ تماشبين، سينيما ۾ فلم ڏسڻ ويندا هئا، پر هاڻي جڏهن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا جو رواج پيو آهي ته گهر گهر ٽي وي هلي رهي آهي، جنهن جي اسڪرين تي هاڻي رڳو فلمي دنيا جون رنگينيون نه ٿيون ڏيکاريون وڃن، پر ان اسڪرين ذريعي، سماجي، اخلاقي، علمي معلومات بجاءِ بيهودي ناچ، جنسي رغبت پيدا ڪندڙ منظر، عياش طبقي کي هرکائڻ لاءِ اڌ اگهاڙين عورتن جا فيشن شو، محتاجيءَ ۽ درد کي اڀاريندڙ شاعري، رقص لاءِ اڀاريندڙ موسيقي ۽ غير اخلاقي مزاح ۽ هرڪنهن جو پٽڪو لاهڻ واري طنز جي پروگرامن جي ڀرمار ذريعي اڄ جي انسان کي تفريح مهيا ڪئي وڃي ٿي. هي ڪتاب ظاهري طور تي راڳ سماع يا وجد جي سلسلي بابت سمجهاڻين تي ٻڌل آهي پر هن ڪتاب جي مطالعي کي زندگيءَ جي ٻين شعبن سان به سلهاڙبو ته يقينن ان مان اسان جي نسل کي تمام وڏو لاڀ حاصل ٿيندو. ۽ بنيادي ڳالهه به اها ئي آهي، جا هن ڪتاب جي مطالعي سبب واضع ٿي سامهون اچي ٿي ۽ اسان هن ڪتاب جي مطالعي ذريعي انهن شرعي پابندين جي لاڳو ٿيڻ واري اصل حقيقتن کان آگاهه ٿيون ٿا ته: آخر شاعريءَ، راڳ يا رقص تي پابندي وجهڻ جو مقصد ڪهڙو هو؟ ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو ڪارنامو حضرت امام غزالي جي راڳ متعلق ڏنل ڪسوٽين (حرام، مڪروهه، مباح ۽ مستحب) سبب رونما ٿيو آهي، جو هڪ طرف فقهي پابندين جو جواز سامهون آيو ته ٻئي طرف علم ۽ فن جي حيثيت ۾ موسيقيءَ سان مسلمانن جي دلچسپيءَ جي اثر هيٺ صوفين کي پنهنجي سماع ۽ وجد واري عمل ذريعي، انساني شرف، سماجي ڀائيچاري ۽ امن سلامتيءَ جي ان سموري عمل جو جواز مليو، جنهن جي سمجهاڻيءَ لاءِ ”فقير مسرور“ جي غزل جي هيءَ هڪ سٽ نهايت مناسب آهي: ڏس ذريعي ضرب مضرب سان وڄي ٿو جيئن رباب. حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمائي ٿو ته: ”هڪ جماعت جي خيال ۾ راڳ ڪرڻ وارن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا کيل تماشي وارا ۽ ٻيا الله سان لاڳاپي رکڻ وارا. پهرئين قسم جا ماڻهو فتني وارا هوندا آهن ۽ خوف ۾ مبتلا رهندا آهن، الله پاڪ سان لاڳاپي رکڻ وارا پنهنجي مجاهدي، رياضت ۽ لاڳاپن لاهڻ جي ڪري فتنن کان بچيل هوندا آهن، کين ڪوبه خوف نه هوندو آهي. مٿين ٻنهي جماعتن مان پهرينءَ کي ”لاهي“ ۽ ٻيءَ کي ”الاهي“ چوندا آهن، اسان ”لاهي“ نه آهيون تنهن ڪري راڳ کي ترڪ ڪرڻ اسان لاءِ بهتر آهي ۽ اسان اهڙي شيءِ ۾ مشغول رهڻ چاهيون ٿا، جيڪا اسان جي وقت سان موافق هجي.“ هڪ ٻي جماعت جو خيال آهي ته جڏهن عام ماڻهو لاءِ راڳ ۾ فتنو آهي ۽ اسان جي راڳ جي ڪري ماڻهو بي دين ۽ محجوب ٿين ٿا ته اسان عام ماڻهن کي نصيحت ڪريون ٿا ۽ غيريَت جي ڪري ڪنارو ڪريون ٿا، اهو طريقو تمام سٺو آهي. هڪ ٻي جماعت جي عقيدي موجب حضور سرور ڪونين ﷺ جن فرمايو آهي ته: ”مِنْ حُسْنِ إِسْلامِ الْمَرْءِ تَرْكُهُ مَا لَا يَعْنِيْهِ“ يعني ماڻهوءَ جو سولو اسلام اهو آهي ته اهڙين ڳالهين کي ڇڏي ڏي، جن جي کيس ضرورت نه هجي،“ يعني ان شيءِ کان منهن موڙي ڇڏي، جنهن کان پري ٿيڻ لازم هجي، ڇو جو غير ضروري ۽ بي سود ڳالهين ۾ مشغول هجڻ وقت وڃائڻ آهي. پنهنجي ساٿين جو قيمتي وقت برباد نه ڪريو. ڪجهه خاص صوفين چيو آهي ته: ”راڳ جي حيثيت ”خبر“ واري آهي ۽ ان جي لذت حاصل ڪرڻ ”ٻاراڻو کيل“ آهي، مشاهدي ۾ خبر جي ڪا قيمت نه هوندي آهي. فقط مشاهدي سان واسطو رکڻ گهرجي.“ (4). صوفي سڳورن سماع کي نه رڳو روح جي غذا طور قائم رکيو پر انهن، وحدت ڪثرت جي سمجهاڻين کي به پنهنجي شعر جو موضوع بڻايو آهي. پر سنڌ جي ڪيترن ئي نامور شاعرن، ”سماع ۽ وجد“ جي ان معاملي جي وضاحت جي سلسلي ۾ شاعريءَ، راڳ ۽ سازن کي باطني فڪري پرواز جي علامت طور (رڳون ٿيون رباب. وڄن ويل سڀ ڪنهين) پيش ڪري انهن جي حرام ۽ حلال واري معاملي کي ئي مڪائي ڇڏيو آهي. خود فقير مسرور جي خيال جي پرواز ۽ قلبي وارداتن لاءِ سماع ۽ وجد کي ضروري ڄاڻيندي فرمايو آهي: مرغ لاهوتيءَ سندي لٽڪار ۽ للڪار ٻڌ، طبع کي جا تر ڪري، سا تال واري تال ٻڌ. ان سلسلي ۾ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو: جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين، وڃيو لنوَ لائين، پريان سندي پار ڏي. اهڙيءَ ريت ذڪر ۽ عبادت کي راڳن ۽ سازن جي علامت ڪري سر آسا ۾ لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته: تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن، تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن، وحدهُ لا شريڪ لہ، اهو راڳ رڳن، سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي. امام غزالي پنهنجي تصنيف ”مڪاشفة القلوب“ ۾ لکي ٿو ته: ”قاضي ابو طيب الطبري ؛ حضرت امام شافعي ، امام ابو حنيفه ، امام مالڪ ، حضرت سفيان ، حسنين ڪريمين ۽ عالمن سڳورن جي هڪ جماعت جا اهي قول نقل ڪيا آهن، جن مان واضح ٿئي ٿو ته اهي سماع جا قائل نه هئا: ”امام شافعي پنهنجي ڪتاب ”آداب القضاءِ“ ۾ لکي ٿو ته: ”غنا هڪ نامناسب ۽ مڪروهه چيز آهي، جيڪو ان ۾ مشغول هوندو اهو بي سمجهه آهي ۽ ان جي شاهدي قبول نه ڪئي ويندي.“ قاضي ابو طيب چيو ته: ”امام شافعي ۽ ان جي پوئلڳن چيو آهي ته غير محرم عورت کان راڳ ٻڌڻ، ڀلي ته اها پردي ۾ هجي يا سامهون، آزاد هجي يا ٻانهي، هر صورت ۾ ناجائز آهي.“ قاضي صاحب، امام شافعي جو قول نقل ڪيو آهي ته: ”ٻانهيءَ جو مالڪ جيڪڏهن ان جي راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪنهن کي گڏ ڪري ته اهو بيوقوف آهي، ان جي شاهدي مردود آهي.“ امام شافعي ڪاٺيءَ جي ٻن ڏوڪلن کي وڄائي آواز پيدا ڪرڻ کي مڪروهه قرار ڏنو آهي ۽ فرمايو آهي ته اها بي دينن جي ايجاد آهي، ته جيئن ماڻهن جو ڌيان قرآن حڪيم کان هٽائجي. امام شافعي وٽ ڳوٽن سان کيڏڻ؛ کيڏڻ جي سڀني راندين کان بري راند آهي. پاڻ فرمايائون ته مان شطرنج کي ته پسند نه ڪندو آهيان، پر جيڪي اها راند کيڏندا آهن مان انهن کي به پسند نه ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ ته اهو نه رڳو سٺن ماڻهن جو ڪم نه آهي پر اهو دين جي سلسلي ۾ به خراب آهي. امام مالڪ موسيقيءَ کان منع فرمايو آهي ۽ سندس قول آهي ته جڏهن ڪو شخص ڪا ٻانهي خريد ڪري ۽ کيس بعد ۾ خبر پوي ته اها ڳائڻي آهي ته ان کي واپس ڪرڻ جو حق آهي. حضرت ابراهيم بن سعد کان علاوه مديني جي سمورن رهاڪن جو اهو عقيدو آهي. امام ابو حنيفه به راڳ کي مڪروهه ڀائيندو هو، هن وٽ راڳ ٻڌڻ گناه ۾ شامل آهي ۽ تمام عالمن، ڪوفي جي رهاڪن، حضرت سفيان ثوري ، شيخ حماد ۽ ابراهيم جو اهو مسلڪ هو. سماع جي جواز جا دليل: حضرت ابو طالب مڪي هڪ جماعت جي سماع کي جائز قرار ڏيڻ جو جواز نقل ڪيو آهي. هن جي قول مطابق صحابه ڪرام رضي الله تعاليٰ عنهم اجمعين مان حضرت عبدالله بن جعفر ، عبدالله بن زبير مان عبدالله هادي ۽ مهدي حضرت معاويه کان راڳ جي جائز هجڻ جو نقل ڪيو آهي. حضرت ابوطالب مڪي به نقل ڪيو آهي ته: ”سلف صالحين منجهان اصحاب سڳورن ۽ تابعين جي وڏي جماعت سماع کي سٺو ڀائيندي هئي ۽ اسان وٽ حجاز وارا مڪي معظم ۾ سال جي وڏن ڏينهن تي سماع ٻڌندا هئا. وڏن ڏينهن مان مراد اهي ڏينهن جن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن لاءِ عبادت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ عبادت جو حڪم ڏنو آهي، جهڙوڪ: ايام تشريق وغيره، ۽ اسان جي زماني تائين مديني وارا به مڪي وارن جيان سدائين پابندي سان سماع ٻڌندا هئا. حضرت ابو طالب مڪي اهو قول نقل ڪيو آهي ته: ”ابوالحسن بن سالم کي چيو ته سماع کان ڪيئن ٿو انڪار ڪرين، ڇاڪاڻ ته حضرت جنيد بغدادي ، ذوالنون مصري ۽ سري سقطي راڳ ٻڌندا هئا ۽ انهن ان جي اجازت ڏني آهي. اها به حقيقت آهي ته حضرت عبدالله بن جعفر طيار سماع ٻڌندا هئا، ۽ سماع دوران فضول گفتگو جي به منع فرمائي هئي. حضرت يحيٰ بن معاذ کان روايت آهي، پاڻ فرمايائون ته: ”اسان ٽن شين کي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن کي اسان وري نه ڏٺو آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو اهي گم ٿينديون ويون. يعني اهي حسين چهرا جيڪي پاڪباز هجن، سچي ڳالهه، جنهن ۾ ديانت جي جهلڪ نمايان هجي، بهترن ڀائي چارو، جنهن ۾ وفا ئي وفا هجي.“ ڪيترن ڪتابن ۾ اهو قول بلڪل ان ريت ئي جناب حارث محاسبي سان به منسوب ڪري، نقل ڪيل به ملي ٿو ۽ ان ۾ اهڙي ڳالهه به نظر اچي ٿي، جا ان جي زهد، پاڪبازي ۽ ديني معاملن ۾ سندس جدوجهد ۽ اهتمام جي باوجود ان امر تي دلالت ڪري ٿي ته هو سماع لاءِ ڏنل جوازن جو قائل هو. حضرت جنيد بغدادي جو ارشاد آهي ته: ”ان گروهه تي خاص ٽن موقعن تي الله پاڪ جي رحمت نازل ٿيندي آهي، هڪ کاڌي کائڻ وقت، ڇاڪاڻ ته اهي بک کانسواءِ نه کائيندا آهن. ٻيو گفتگو ڪرڻ وقت، ڇاڪاڻ ته اهي صديقن جي مقامن ۽ حالتن کانسواءِ ٻي ڪا گفتگو نه ڪندا آهن. ٽيون سماع جي وقت، ڇاڪاڻ ته اهي جذب ۽ شوق سان ٻڌندا آهن ۽ حق جي گواهي ڏيندا آهن.“ (5). فقهه جي امامن کانسواءِ به راڳ جي باري ۾ وڏن وڏن مشائخن پنهنجا رايا ظاهر ڪيا آهن، جن مان ڪجهه اهم خيال حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري پنهنجي تصنيف ”ڪشف المحجوب“ ۾ به آندا آهن جيڪي هن ڏس ۾ نهايت اهميت رکن ٿا: ”حضرت ذوالنون مصري فرمايو آهي: ”(السماع وارد حق يزعج القلوب إلى الحقِّ فمن أصغى إليه بحق تحقق ومن أصغى إليه بنفس تزندق! ) راڳ الله جو انعام آهي، جيڪو دلين کي الله ڏانهن ڌيان ڏياريندو آهي. جنهن حقيقت کي نظر ۾ رکيو اهو الله ڏانهن هليو ۽ جنهن جي آڏو نفساني خواهش رهي اهو ڀٽڪي ويو.“ حضرت شبلي جو قول آهي: ”(السماع ظاهره فتنة وباطنه عبرة ، فمن عرف الإشارة حل له السماع وإلا فقد استدعى الفتنة وتعرض للبلية) راڳ ظاهر ۾ فتنو آهي ۽ باطن ۾ عبرت، جيڪو اشارو سمجهندڙ آهي ان لاءِ عبرت وٺڻ مباح آهي، ٻي حالت ۾ سموري طلب فتنو آهي ۽ مصيبت کي دعوت ڏيڻ آهي.“ حضرت ابو علي رودباري فرمايو آهي ته ” ليتنا تخلصنا راس براس“ يعني ڪاش اسان راڳ کان سراسر بچي نڪرون، ڇو جو انسان هر شيءِ جو حق ادا ڪري نه ٿو سگهي.“ (6). انهن حوالن جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته اصل ۾ شرعي پابنديون صوفي بزرگن جي سماع جي سلسلي يا حق ۽ حقيقت ڏانهن مائل ڪندڙ، پاڪيزه احساسن ۽ دلي سرور پيدا ڪرڻ وارن صوفي بزرگن لاءِ نه هيون، پر هڪ اهڙي طبقي جي غير سماجي عمل جي ڪري وجود ۾ آيون هيون، جن جي راڳ، رقص ۽ شراب جي استعمال سبب معاشري ۾ اخلاقي بگاڙ پيدا ٿي رهيو هو، ۽ ”انهن فقهي پابندين جو بنيادي مقصد به سماجي ۽ اخلاقي بگاڙي کان بچڻ هو.“ ايتري حد تائين جو جيڪي ساز سرود انهيءَ عياشيءَ دوران وڄايا ٿي ويا، يا شراب لاءِ استعمال ٿيندڙ جيڪي ٿانوَ هئا، انهن کي به حرام قرار ڏنو ويو هو، حالانڪ اهي ساز ۽ ٿانوَ پاڻ بي جان هئا پر جيئن ته اهي گناهه جي ارتڪاب ۾ استعمال پئي ٿيا، ان ڪري اها سختي انهن تي به لاڳو ڪئي وئي هئي. احياءُ علوم الدين جي هن ”سماع ۽ وجد“ واري باب ۾ به ان ڳالهه تي بحث ڪيل آهي ته اهي ساز شراب خوري ۽ زنا جي عمل ۾ لطف ۽ سرور پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ سبب حرام قرار ڏنا ويا هئا، ان سلسلي ۾ سيدنا حضرت شاهه محمد عبدالشڪور قادري چشتي جهانگيري جو فرمان آهي ته: ”جڏهن حضرت نبي ڪريم ﷺ جن تي شراب جي ممانعت بابت وحي نازل ٿي ته جيئن ته شراب خوريءَ وقت مزامير وڄايا ويندا هئا، ان ڪري انهن جو وڄائڻ به حرام قرار ڏنو ويو. مطلب ته شراب جي ياد ڏيارڻ لاءِ انهن جي وڄائڻ کي حرام قرار ڏنو ويو، نه ڪي اهي ساز پاڻ حرام آهن. پر جڏهن سبب ختم ٿي ويو ته اهي ئي دف، جهانجهه، لڙائين ۽ شادين ۾ وڄائڻ مباح ٿيا. اهڙيءَ ريت الله پاڪ جي قدرت ۽ فطرت جا مشاهدا ماڻڻ لاءِ مزامير، نفس جي ڪدورت کي صاف ڪرڻ وارا بڻايا ويا، انهن جي وڄائڻ کي اسفل کان اعليٰ جي طرف ترقي ڏياري وئي، آواز کي روح جي حسن ۽ قوت جو باعث بنايو ويو. (7). امام غزالي فرمائي ٿو ته: ” مزامير وڄائڻ کان منع جا ٽي سبب هئا، هڪ ته اسلام کان اڳ اهي شراب خوريءَ سبب وڄايا ويندا هئا، ٻيو ته انهن جي وڄڻ سان شراب خوريءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو هو، جنهن ڪري ماڻهو شراب خوري، ڪوڙ ۽ منافقيءَ جي ڄار ۾ جڪڙبا ٿي ويا ۽ ٽيون ته اجتماع ۽ اجماع دوران به انهن سازن جي وڄائڻ سان لطف اندوز ٿيندا هئا. پر اها منع رڳو مسلمانن کي ڪئي وئي هئي، ڪافرن کي نه (8). ساڳي صورتحال اڄوڪي دور جي جديد ايجادن سان به لاڳو آهي، ڇاڪاڻ ته اخبار، ريڊيو، ٽي وي، وي سي آر، ڪمپيوٽر يا موبائيل فون به جيڪڏهن، سماجي، ديني يا اخلاقي علم، فڪري مطالعي، ثقافتي ترقيءَ يا هڪ ٻئي سان فوري رابطي بجاءِ، جنسي عياشي، جبر ۽ ظلم يا سُستيءَ، واندڪائيءَ ۽ وندر جي رحجانن کي وڌائيندڙ آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن سائنسي ايجادن جو غلط استعمال، ذهني نشو ونما ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ انهن سمورن فني مهارت رکندڙ ماڻهن جي ان منفي عمل سان گڏ انهن مشيني اوزارن تي به اخلاقي ۽ سماجي پابندي لاڳو ٿئي ٿي. راڳ جي حرام قرار ڏيڻ بابت وڏن وڏن مشائخن فتوائون ڏنيون آهن، انهن اختلافي روايتن مان ڪجهه روايتون ”ڪشف المحجوب“ ۾ به آيل آهن، جهڙوڪ: ”جناب رسول الله ﷺ جن حسان بن ثابت جي ڪنيز کي ڳائڻ کان تنبيهه ڪئي هئي. حضرت عمر هڪ صحابيءَ کي درا هنيا هئا، ڇاڪاڻ ته هو ڳائي رهيو هو، حضرت علي ڪرم الله وجهه جو معاويه تي ان ڳالهه جي ڪري اعتراض هو ته هن ڳائڻ واريون لونڊيون ڇو رکيون هيون. پاڻ پنهنجي فرزند حضرت حسن کي هڪ حبشي عورت جي ڏسڻ کان منع فرمائي هئائون، جيڪا ڳائي رهي هئي ۽ جنهن لاءِ چيائون ته: ”شيطان جي سنگتياڻي آهي.“ اهڙيون ڪيتريون شيون آهن جيڪي شعرن ۽ قصيدن ڳائڻ جي منع تي گواهي ڏين ٿيون. اهو به چيو ويندو آهي ته ڳائڻ کي مڪروهه سمجهڻ لاءِ سڀ کان وڏو دليل امت جو اجماع آهي. هڪ جماعت ته هن کي بلڪل حرام سڏيو آهي. ان باري ۾ حضرت ابوالحارث کان روايت آهي ته: ”هو راڳ لاءِ گهڻو زور ڏيندو هو. هڪ رات ڪو ماڻهو سندس عبادت خاني ۾ آيو ۽ چيائين : ”الله وارن جي هڪ جماعت ڪٺي ٿي آهي، اهي سڀ اوهان جي ديدار جا مشتاق آهن، مهرباني ڪري هلندا ته ڪرم سمجهنداسون.“ شيخ چيو: ”مان اچان ٿو.“ ٻاهر نڪري هو ان جي پٺيان هليو، ٿورو اڳتي هليو ته ڪجهه ماڻهو مليس، جيڪي حلقو ٻڌيو ويٺا هئا. انهن جي وچ ۾ هڪ پوڙهو به موجود هو. انهن سندس وڏي تعظيم ڪئي. پوڙهي چيو: ”اجازت هجي ته ڪجهه شعر ٻڌايان.“ شيخ عرض قبول ڪيو، ماڻهو سٺي سر سان شعر پڙهڻ لڳا، اهي اهڙا شعر هئا جيڪي شاعر عام طور جدائيءَ ۾ لکندا آهن. سڀ ماڻهو وجد ۾ اچي بيهي رهيا ۽ نعرا هڻڻ ۽ اشارا ڪرڻ لڳا. حضرت ابوالحارث کي سندن حال تي تعجب ٿيو، مگر خوشيءَ جي محفل گرم رهي، ايتري تائين جو صبح ٿي ويو. ان وقت پوڙهي چيو: ”اي شيخ تو اهو به نه پڇيو آهي ته مان ڪير آهيان ۽ هيءَ جماعت ڪهڙن ماڻهن جي آهي؟“ شيخ چيو: مان تنهنجي رعب جي ڪري سوال ڪري نه سگهيو آهيان.“ هن چيو: ”مان عزازيل آهيان ۽ هي سڀ ماڻهو منهنجا فرزند آهن، اهڙيءَ طرح ويهڻ ۽ ڳائڻ ۾ مون کي ٻه فائدا آهن: هڪ ته مان پنهنجي جدائيءَ جي مصيبت ۾ رئان ٿو، ۽ پنهنجي عزت وارن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان ۽ ٻيو اهو ته عابد ماڻهن کي الله جي رستي کان دور ڪريان ٿو ۽ غلط رستي تي آڻيان ٿو.“ حضرت ابوالحارث چيو ته ان وقت ئي منهنجي دل مان راڳ جو شوق ختم ٿي ويو.“ مون (علي بن عثمان) شيخ ابوالعباس الشقاني کان ٻڌو. هن فرمايو: ”مان هڪ ڏينهن هڪ ميڙ ۾ هئس. ڪجهه ماڻهو راڳ ڳائي رهيا هئا. مون ڏٺو ته اگهاڙا جِنَ نچي رهيا هئا، ۽ سڀ ماڻهو انهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ جوش ڏيکاري رهيا هئا.“ هڪ ٻي جماعت ان لاءِ راڳ جي قائل نه آهي ته متان سندن مريد مصيبت ۽ بيڪاريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن، سندن پيرويءَ کان هٽي وڃن ۽ توبهه جو خيال ڇڏي گناهن ۾ مشغول ٿي وڃن يا نفساني خواهش سندن ارادن کي ٽوڙي ڇڏي. اهي ماڻهو راڳ (سماع) جا قائل نه آهن ۽ نه ئي وري راڳ وارن وٽ ويهندا آهن.“ (9). راڳ جي ان بحث جي سلسلي ۾ خود امام غزالي هڪ جاءِ تي سمجهائيندي نهايت سولو مثال ڏنو آهي ته: ”مثال طور هڪ شخص فرض حج ادا ڪيو آهي ۽ هاڻي ان کي ماءُ پيءُ وڃڻ جي اجازت نه ٿا ڏين ته ان کي حج تي وڃڻ حرام آهي، ۽ پڻ راڳ سان ان جو شوق، به حرام آهي. انهيءَ سبب ڪري ته حرام ڳالهه جو شوق وڌائڻ به حرام آهي.“ ان سموري صورتحال ۾ فقهه جي پابند، شرعي عالمن، صوفي عارفن ته پنهنجي پرهيزگاريءَ ۽ پارسائيءَ جو ثبوت هر دور ۾ پئي ڏنو آهي پر ڏٺو اهو ويو ته اسلام جي اچڻ کانپوءِ به، هيترين سارين سماجي، اخلاقي يا ديني پابندين جي باوجود، هڪ اهڙو طبقو سماج ۾ وري به موجود رهندو آيو آهي، جنهن جي غير سماجي عمل ۾ ڪابه گهٽتائي اچي ڪانه سگهي آهي. شرعي طور رقص سرود کي ناجاز قرار ڏيڻ به اصل ۾ شراب پيئڻ ۽ زنا ڪرڻ جي ارتڪاب سبب هو، پر ان خاص طبقي پنهنجي مال دولت جي فراوانيءَ سبب نه شراب پيئڻ ڇڏيو آهي، نه ئي پنهنجي انسان هجڻ واري حيثيت ۾ ڪڏهن معاشرتي پابندين جي پرواهه ڪئي آهي! اٽلو ان طبقي سماج کي پنهنجي عادتن تي هيرائڻ جو ڪم پئي ڪيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هو ان ڪم ۾ ڪاميابيون به ماڻيندو رهيو آهي، ۽ عوام کي ڀنگ، چرس، شراب، هيروئن، زناڪارين ۽ هٿيارن جون عياشيون ڪرائي انهن جو دين ايمان غارت ڪري رهيو آهي. نتيجي ۾ اڄ ڪلهه به رقص يا سنگيت کي ذهني ۽ جسماني عياشيءَ لاءِ استعمال ڪيو ٿو وڃي. زندگيءَ ۾ قباحت جي عنصرن کي سونهن جي نالي ۾ سماج تي اثرانداز ٿيڻ واري ان طبقي لاءِ ئي حضرت سچل سرمست فرمايو آهي ته: جو فرمودو فائق جو تاڏي ڪن نه ڪن، وَفِي اَنفُسِڪُم اَفَلَا تُبصِرُون، هن ويسهه نه وسهن، ٻين ٻين معنائن ۾ ڪاهت ڪيون ڪهن. پڙهيون سمجهيون علم تي، عمل نه آڻن، مَن تَعلَّم العِلم لِلمَنَاظِره وَالمَڪَابِره، اهي منافق مرن. ڪي دنيا جي طلب ۾، هنيا حرص هَڄن، طالب دنيا مُخَنِث، محبت ناهي تن، ڪي ڪوڏيا عقبى جا ٿيا، هنيا لاءِ حورن، طالب العقبيٰ مونث، مڙس نه سي چئجن، عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائين، لاَ مَوجوُد اِلا الله حاضر ڪيو وتن، طالب الموليٰ مذڪر، هن رسيا رمزن، اصلئون اختيار ڪيو، فقر فقيرن، الفَقَر خزينَة خَزَائن الله، بعضن کي بخشن، الفَقر لاَ يُحتَاجُ اِلا الله، ٻيو ڏنائون ٻَن، الفَقر فَخري الفَقر مِني، اي اتو عجيبن، راتيان ڏينهان روح ۾، چپ نه چورن، مَن عَرَفَ نفسہ فقد عرف رَبہ، ٻَڌي زبان انهن، حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمايو آهي ته: ”راڳ الله جو فيض آهي ۽ انساني نفس کي اجائي بڪواس ۽ راند روند کان پاڪ ڪندو آهي. طالبن کي راڳ پڇتائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، شوق وارن لاءِ ديدار جو سبب بڻجندو آهي، يقين وارن لاءِ يقين جي تائيد ڪندو آهي. اصل ۾ راڳ سج وانگر آهي ۽ سڀني شين تي چمڪندو آهي، مگر هرشيءِ تي سندس ظرف (ٿانوَ) مطابق گرمي، ذوق ۽ مشرب حاصل ٿيندو آهي. تحقيق جي لحاظ کان راڳ کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگهبو: هڪڙا سيکڙاٽ ٻيا وچولي درجي وارا ۽ ٽيان ڪامل. (10). انسان تي راڳ (موسيقيءَ) جي ان اثر بابت جديد تحقيق پڻ اهڙا انڪشاف ڪيا آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته قدرت انساني دماغ (ميڄالي) اندر هر شيءِ کي محسوس ڪرڻ وارو هڪ انتهائي اهم مادو تخليق ڪيو آهي، جنهن کي ”ڊوپامائين“ (DOPAMINE) سڏجي ٿو، جيڪو انسان جي داخلي توڙي خارجي درد ۽ خوشيءَ جي جذبن کي ساڃاهي، ردعمل طور دل جي چرپر ۽ خون جي گردش ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو ۽ جنهن سان ماڻهوءَ جو ظاهري توڙي باطني رويو اجاگر ٿئي ٿو. ڊوپامائين جي ان ڪيميائي عمل جي حوالي سان وڻندڙ موسيقيءَ جي ذريعي انساني جسم ۾ فرحت وارا احساس پيدا ٿين ٿا ته ان جي ابتڙ اڻوڻندڙ آوازن سان، جسم اندر گهٻراهٽ ۽ ڪاوڙ جا جذبا پيدا ٿين ٿا، (11). حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمايو آهي ته: ”روح هڪ لطيف شيءِ آهي، سريلي آواز ۾ به سوين دفعا وڌيڪ لطافت هوندي آهي، روح جڏهن سريلو آواز ٻڌندو آهي تڏهن جنسي لاڙو ظاهر ٿيندو آهي ... سُر ۽ سرود سڀني جان وارن تي اثر ڪندا آهن ... جيڪڏهن ڪو نغمي، سرود يا ساز جي دل تي اثر ڪرڻ جي ڳالهه کي نه ٿو مڃي ته پڪ سمجهو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ منافقي ڪري رهيو آهي، يا کيس ڪو احساس ئي ڪونهي، تنهن ڪري انسانيت ۽ تصوف کان ٻاهر آهي. ڪي ماڻهو الله جي حڪم جو خيال رکي راڳ کان منع ڪندا آهن، مگر گهڻا فقيهه هن ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن کيل تماشو مقصود نه هجي ۽ سُر فحش ڳالهين ۾ نه ڦاسائي ته ان جو ٻڌڻ روا آهي ... مشائخ سڳورن جو مقصود ٻيو آهي. فقيهن واري اجازت عام ماڻهن جو ڪم آهي. صوفين لاءِ اجازت آهي، جيڪا اعمالن لاءِ فائديمند هجي، هوش وارن لاءِ لازم آهي ته اهڙن ڪمن جو پيڇو ڪن، جن ۾ ڪو فائدو هجي ... جيڪڏهن راڳ جو دل تي اثر ٿيڻ روا آهي ته راڳ به روا آهي، جيڪڏهن راڳ جو اثر حرام آهي ته راڳ به حرام آهي. مطلب ته هر اها شيءِ جيڪا ظاهر ۾ فسق (بيحيائي) جهڙي آهي ۽ باطن ۾ ان جو اثر مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته اها هڪ قطعي فيصلي هيٺ اچي نه ٿي سگهي.“ (12). سماع جو تعلق به ٻڌڻ جي حس سان آهي ۽ ٻڌڻ جي فضيلت بابت حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمايو آهي ته: ”ٻڌڻ، ڏسڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇهڻ الله تعاليٰ جا عطا ڪيل پنج دروازا آهن، جن جي وسيلي هر قسم جو علم انساني باطن ۾ داخل ٿيندو آهي ... انهن پنجن حواسن مان چئن حواسن (ٻڌڻ، ڏسڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ) لاءِ پنهنجو پنهنجو خاص مقام آهي پر هڪڙو حواس (ڇهڻ) سڀني عضون تي پکڙيل آهي ... ٻڌڻ جي حواس کي ڇڏي، باقي حواسن ذريعي وري عقل جي رهنمائيءَ جا سبب پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن حواسن ذريعي عقل تي ظاهر ٿي ويندو آهي ته هيءَ ڪائنات فنا ٿيندڙ آهي ۽ تبديلي ۽ ڦير ڦار ان فنائيت جو دليل آهي. هن ڪائنات جو ڪو پيدا ڪندڙ آهي، جيڪو هن جو جزو ناهي ... ڪائنات جو جسم عالم آهي، الله جي ذات پاڪ آهي ۽ جسم جوڙيندڙ آهي، سدا قائم دائم آهي جڏهن ته ڪائنات فاني آهي ... هن پنهنجي سچين نشانين سان پيغمبر موڪليا آهن، انهن تي ايمان آڻڻ تڏهن لازم ٿيو جڏهن الله جي معرفت جا ڪلما ۽ دين ۽ شريعت جا باقي حڪم، انهن جي زبان کان ٻڌا ويا. اهو ئي سبب آهي جو اهل سنت و الجماعت ٻڌڻ کي ڏسڻ کان ڀلو سمجهندا آهن. شريعت جا حڪم ٻڌڻ سان واسطو رکن ٿا، اهي قائم ئي ٻڌڻ سان ٿيندا آهن، جيڪو ٻڌڻ جي فضيلت کان انڪار ڪندو، اهو يقين سان شريعت جو منڪر ٿيندو. (13). هن بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته صوفياڻو سماع انهن فقهي فتوائن جي گهيري کي ٽوڙڻ جي ڪوشش نه آهي، بقول فقير مسرور جي: هر هر مرن، هر هر جيئن، سوَ رنگ صاحب جا ڏسن آلاپ طبلي تال ۾ غوطا هڻي غازي غواص. ۽ جيئن ته ڏٺو اهو ويو آهي ته راڳ سماع يا حال ۽ وجد سندن روح جي غذا جيان ساهه پساهه ۾ توڙي سندن عارفاڻي نگاهه ۽ خيال ۾ هردم رچيل ۽ سدا برقرار رهي ٿو ۽ ان ڪري، فقهي اعتراضن جو اشارو به گهڻو ڪري انهن جي پاسي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي حوالي سان شريعت جي صاحبن کي اهو به اعتراض رهندو آيو آهي ته گانن ۽ قوالين ٻڌڻ کان ته بهتر آهي ته اهي صوفي سڳورا قرآن مجيد جي تلاوت ٻڌن ۽ انهيءَ تي وجد ڪن.“ حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمايو آهي ته: ”ٻڌڻ جهڙين سڀني ڳالهين مان زياده اهم، دل کي فائدو ڏيندڙ، ظاهر ۽ باطن لاءِ ترقيءَ جو سبب ۽ ڪنن کي لذت ڏيندڙ الله پاڪ جو ڪلام آهي. قرآن پاڪ جي معجزن مان هڪ اهو به معجزو آهي ته ان جي ٻڌڻ سان طبيعت ڪڪ نه ٿيندي آهي. انسانن ۽ جنن ٽولا ٽولا ٿي حضور پاڪ ﷺ جن کان قرآن ٻڌو ۽ چوڻ لڳا: ”اِنَّا سَمِعْنَا قُرْآنًا عَجَبًا“[اسان عجب ڪلام پڙهندي ٻڌو]. قرآن جي نصيحت ٻين نصيحتن کان بهتر آهي، ان جو حڪم هر حڪم کان وڌيڪ لطيف آهي، ان جو هر خوف سڀني خوفن کان وڌيڪ جان ڳاريندڙ آهي، ان جو هر قصو سڀني قصن کان وڌيڪ اثرائتو آهي، ان جو هر مثال سڀني مثالن کان فصيح آهي، هزارين دليون ان جو شڪار آهن، هزارين جانيون ان جي لطيف مضمونن جي اثر هيٺ پامال آهن.“ (14). اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته قرآن مجيد بهرحال گانن کان گهڻو مٿانهون ۽ عظيم آهي، ۽ ماڻهن جي ان اعتراض جي جواب ۾ حضرت امام غزالي پنهنجي معروف تصنيف ”ڪيمياءِ سعادت“ ۾ به بحث ڪيو آهي پر ان موضوع تي امام صاحب هن ڪتاب ۾ ”وجد“ وارين وضاحتن دوران قرآن پاڪ ۽ راڳ بابت خاص طور ستن دليلن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو پڙهندڙ لاءِ به دلچسپيءَ جو باعث ثابت ٿيندو. ۽ جيئن ته صوفي سڳورا گهڻو ڪري پنهنجي باطني ڪيفيت جي اجاگر ڪرڻ لاءِ راڳ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، ان ڪري اهو مقام، خاص طور صوفي سڳورن لاءِ به اهميت جو حامل آهي، ۽ اهو ئي هن ڪتاب جو مرڪزي نڪتو آهي، جنهن جي بنياد تي امام غزالي پنهنجي علم ۽ فضل جو اپٽار ڪيو آهي، فرمائي ٿو ته: جيڪو وجد سچو ٿيندو آهي ۽ الله تعاليٰ جل شانہ جي زيادتي محبت سچي ارادي ۽ ان جي شوق ديدار سان پيدا ٿيندو آهي، ته اهڙيءَ طرح جو وجد قرآن شريف جي ٻڌڻ سان به جوش ڪندو آهي، پر جو وجد خلق جي محبت ۽ مخلوق جي عشق کان ٿيندو آهي، اهو البت قرآن شريف جي ٻڌڻ سان به جوش ۾ نه ايندو آهي. جيڪي شخص قرآن شريف ٻڌڻ سان وجد ۾ ايندا آهن، اهڙن عظيم انسانن جي تعريف خدا تعاليٰ جل شانہ، سورة المائده آية 83 ۾ هن ريت ڪئي آهي: ”وَاِذَا سَمِعُوا مَآ اُنْزِلَ اِلَي الرَّسُوْلِ تَرَآي اَعْيُنَهُمْ تَفِيْضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُوْا مِنَ الحَقِّ“ [۽ جڏهن ٻڌن، جو نازل ٿيو رسول تي، ته ڏسندين انهن جون اکيون ڇلن ٿيون ڳوڙهن ۾، ان تي، جيڪي سڃاڻن ٿا سچي ڳالهه]. ان حوالي سان امام غزالي ”وجد ۽ سماع“ جي هن سلسلي ۾ ڪجهه مستند قصا ۽ نهايت مفيد نڪتا به بيان ڪيا آهن. جيئن ته تصوف جي سلسلي ۾ اهو موضوع نهايت اهم رهيو آهي، جنهن سبب حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري به پنهنجي مشهور تصنيف” ڪشف المحجوب“ ۾ اهڙا ڪافي واقعا بيان ڪيا آهن، خاص طور باب پنجٽيهون: ”راڳ ۾ صوفين جي مقامن“ بابت آهي، جيڪو عشق ۾ اضافي جي طالبن، ۽ وصل جو ذوق رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجن، جيئن هڪ هنڌ فرمايو اٿس: احمد بن ابي الحواري رڻ ۾ هڪ جوان کي ڏٺو جنهن کي ٿلها ڪپڙا ۽ گودڙي هئي. هڪ کوهه تي بيٺو هو، هن چيو: ”اي احمد، وقت تي اچي ويو آهين ، مون کي هن وقت سماع (راڳ) جي ضرورت آهي ته جيئن پنهنجي جان الله پاڪ جي حوالي ڪري سگهان. حضرت احمد کي غيبي اشارو ٿيو ۽ هي آيت پڙهيائين: اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوْا: [تحقيق اهي ماڻهو جن چيو الله اسان جو رب آهي ۽ ان ڳالهه تي ثابت قدم رهيا]. جوان چيو: ” تو اها ئي آيت پڙهي جيڪا فرشتا منهنجي اڳيان پڙهي رهيا هئا. هو ائين چئي اتي جو اتي مري ويو. (15). جيسيتائين قرآن پاڪ جي ٻڌڻ جو تعلق آهي ته حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري جو فرمان آهي ته: ”ٻڌڻ وارو پنهنجي حال ۾ پڙهڻ واري کان ڪامل هوندو آهي.“ ان ڏس ۾ نبي پاڪ ﷺ جن بابت روايت رقم ڪندي فرمايو اٿس ته: ”هڪ دفعي پاڻ سڳورن ﷺ جن حضرت عبدالله بن مسعود کي قرآن پاڪ پڙهي ٻڌائڻ لاءِ فرمايو ته حضرت عبدالله بن مسعود عرض ڪيو ته: ”قرآن ته حضور جن تي نازل ٿيو آهي، مان اوهان کي ڇا ٻڌايان؟“ پاڻ فرمايائون ته: ”مان ٻين کان ٻڌڻ پسند ڪندو آهيان.“ اهو ان ڳالهه جو پڪو دليل آهي ته قاري حال يا غير حال جي حالت ۾ پڙهندو هجي، مگر ٻڌڻ وارو هميشه حال جي حالت ۾ ٻڌندو آهي، ڳالهائڻ ۾ هڪ قسم جو تڪبر جو شڪ هوندو آهي ۽ ٻڌڻ ۾ نوڙت جي ڳالهه هوندي آهي. ( 16). ٻئي هنڌ فرمايو اٿس ته: ”معلوم هئڻ گهرجي ته راڳ جي باري ۾ مختلف طبيعتن لاءِ مختلف حڪم آهن. طبيعتن جا لاڙا مختلف هوندا آهن، تنهنڪري سڀني لاءِ هڪ جهڙو حڪم ظلم ٿيندو. راڳ ٻڌڻ وارا ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن: هڪڙا اهي جيڪي معنيٰ ڏانهن ڪن ڏيندا آهن، ۽ ٻيا اهي جيڪي آواز تي جهومندا آهن. ٻنهي جا سٺا ۽ خراب پهلو آهن، ٻنهي ۾ ڪجهه فائدا ۽ ڪجهه نقصان آهن. سريلو آواز ٻڌڻ انساني فطرت ۾ داخل آهي، اهو معنيٰ جي غلبي کان ٻڌبو آهي، جيڪڏهن معنيٰ حق واري هوندي ته راڳ به حق وارو ٿيندو، جيڪڏهن معنيٰ باطل هوندي ته راڳ به باطل ٿيندو. ان لحاظ کان جنهن ماڻهوءَ جي طبيعت ۾ فساد هوندو، اهو جو ڪجهه ٻڌندو، سو فساد بڻجي ويندو ۽ اهي سڀ معنائون حضرت دائود عليہ السلام جي حڪايتن ۾ آيل آهن.“ (17). شرعي پابندين جو معاملو رڳو مسلمانن سان ئي لاڳو نه آهي پر دنيا جي سمورين قومن ۽ مذهبن سان لاڳو آهي، ڇاڪاڻ ته هر مذهب، هر قوم توڙي هر سماج، اخلاقي اصولن ۽ قانون جي پابندين تحت ئي ترقي ڪري سگهندو آهي، پر اهو خاص طبقو جيئن ته پنهنجي مال ملڪيت سبب سماج ۾ وڏن وڏن رتبن تي فائز رهيو آهي، جن جي مالي اڊمبر جي انتها اها آهي جو سندن شان شوڪت سبب، انهن جي نوڪرن چاڪرن، گڏهن، گهوڙن ۽ ڪتن کي به سماج ۾ وڏي حيثت حاصل رهندي آئي آهي، جن جو راڳ، سماع يا وجد بابت ٿيل انهن فقهي بحثن سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي. ان باحيثيت ۽ بااختيار طبقي جي مسلسل غير سماجي عمل سبب هن وقت دنيا جي قومن، سندن ٻولين ۽ ثقافتن ۾ اها تبديلي رونما ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سان معاشرو ترقيءَ جي نالي ۾ تنزل ڏانهن گهلبو ٿو وڃي. ان حوالي سان اڄوڪو دور انتهائي مشڪل دور آهي. هن مشڪل ترين دور ۾ ڪنهن کي ڪجهه سمجهائڻ به ڏکيو ڪم آهي، حالانڪ خود مسلمانن لاءِ اهي امور جن کي، اسلام جائز قرار ڏنوآهي، اهي ئي ڪرڻ گهرجن ۽ جن جي نه ڪرڻ جي هدايت ڪيل آهي انهن کان يقيني طور تي پاسو ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان دنيا جي به هر انسان تي اهو فرض عائد ٿو ٿئي ته اُن کي جائز ۽ ناجائز قرار ڏنل معاملن تي ثابت قدم رهڻ گهرجي. انهيءَ ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي عمل (Does & Don’ts) کي ترڪ ڪندڙ نه رڳو الله پاڪ جي حڪمن جو نافرمان آهي پر هو ان سماج جو به گناهگار آهي، جنهن ۾ هو رهي ٿو. الله پاڪ جو فرمان آهي ته: اي مخلوق توهان مان هڪ گروهه اهو عمل اختيار ڪري ته دنيا وارن کي نيڪين جو رستو ڏيکاري، ۽ خراب ڪمن کان پرهيز جي هدايت ڪري.“ اهو فرمان صرف مذهبي معاملن تي لاڳو نه ٿو ٿئي پر اهو، هر انساني سماج جي بهتريءَ لاءِ اولين ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو، ۽ ان فرمان جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ديني توڙي سماجي ذميداريون ضرور ادا ڪرڻ گهرجن ٻي صروت ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جو اهو ارشاد به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته: ”امر بالمعروف ڪريو نه ته توهان کان به بدتر ماڻهو توهان تي حڪومت ڪرڻ لڳندا.“ ۽ اهو دور اچي ويو آهي، ۽ اهڙي دور ۾ هر باشعور انسان تي ٻيڻي ذميداري عائد ٿئي ٿي، بقول حضرت حسن بصري جي ته: ”ماڻهو پهرين پاڻ کي پاڪ صاف ڪري، ان کان پوءِ احتساب ڪري، ڇاڪاڻ ته شيطان ان کي گمراهه ڪري رهيو آهي ته جيئن احتساب جا درواز ٻيڪڙيل ئي هجن.“ پاڻ سڳورن ﷺ جن هڪ ٻئي هنڌ تي فرمايو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن جي سامهون گناهه ڪندا هجو ۽ اهو شخص اوهان کان ناراض ٿي وڃي ته اهو پنهنجي ذميداريءَ کان بچي ويو پرجيڪڏهن اهو اوهان جي گناهه کي ڏسندو رهيو ته اهو پاڻ به ان ۾ شامل ٿي ويو.“ حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمائي ٿو ته: ”راڳ جي حالت ۾ حال جو غلبو اهڙو هئڻ گهرجي جو بدڪارن کي بدڪاريءَ کان بچائي سگهي. هن زماني ۾ گمراهه موجود آهن، جيڪي بدڪارن جي راڳ ۾ شامل ٿيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اسان الله جي راهه ۾ راڳ ٿا ڳايون. فاسق ۽ فاجر (بيحيا) ماڻهو ان جا همخيال بڻجي، وڌيڪ بي حيائيءَ ۾ مبتلا ٿيندا آهن.“ (18). راڳ جي ادب آداب بابت حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري به تمام ڪارائتيون ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي موضوع جي اهميت سبب هت ڏجن ٿيون، فرمائي ٿو ته: ”راڳ جا ڪجهه شرط آهن، جيستائين ضرورت نه هجي، تيستائين نه ڪيو وڃي، ان کي عادت ۾ شامل نه ڪيو وڃي، دير دير سان ڪيو وڃي ، جيئن ان جو احترام گهٽجي نه وڃي، راڳ جي وقت مرشد جو هجڻ ضروري آهي، راڳ واري جاءِ عام ماڻهن کان خالي هجڻ گهرجي. قوال شريعت جو احترام ڪرڻ وارا هجن. دل دنيا جي مشغلن کان خالي هجي، طبيعت کيل تماشي ڏانهن مائل نه هجي ۽ تڪلف کان نفرت ڪندڙ هجي. جيستائين دل ۾ راڳ ٻڌڻ جي طاقت نه هجي ته ان جو ٻڌڻ ۽ ان ۾ مبالغو ڪرڻ ضروري نه آهي. طاقت ظاهر ٿئي ته ان کي رد ڪرڻ نه گهرجي، پر انهيءَ طاقت جي پيروي ڪجي. جيڪڏهن حرڪت جي تقاضا ڪري ته حرڪت ڪرڻ گهرجي ٻي حالت ۾ آرام (سڪون) سان رهڻ گهرجي، ۽ اهو به ضروري آهي ته حرڪت، وجد ۽ طبيعت جي قوت ۾ فرق برقرار رکڻ گهرجي. راڳ ٻڌڻ واري کان الله جي قبوليت واري ظرف (ٿانءَ) موجب فيض ملندو آهي، ۽ اهو انهيءَ مطابق داد ڏئي سگهندو آهي. جڏهن ان جو غلبو طاري ٿئي، تڏهن تڪلف وچان ان کي دور ڪرڻ نه گهرجي ۽ غلبو گهٽ ٿئي ته به تڪلف سان جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه گهرجي. حرڪت جي حالت ۾ ڪنهن به ٽيڪ جي اميد نه رکجي. جيڪڏهن ڪو ٽيڪ (سهارو) ڏئي ته منع نه ڪجي. سماع ۾ ڪنهن کي به دخل انداز ٿيڻ نه گهرجي، وجد واري جي حالت ۾ دخل ڏيڻ نه گهرجي، وجد واري جي نيت کي به تورڻ نه گهرجي، ڇو جو ان جي آزمائش واري لاءِ تمام گهڻي پريشاني ۽ بي برڪتي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جماعت تي سماعت طاري ٿي وڃي. ۽ ڪنهن به هڪ کي ان مان حصو نه ملي ته محروم رهڻ واري لاءِ جائز نه آهي ته هو ٻين جي سُڪر واري حالت کي صحو جي انداز سان ڏسي، کيس پنهنجي وقت تي آرام (اطمينان) سان رهڻ گهرجي، جيئن ان کي به حصو ملي ۽ هو به برڪت مان فيض وٺي. مان (علي بن عثمان) هن ڳالهه کي عزيز رکندو آهيان ته سيکڙاٽ راڳ نه ٻڌي، جيئن سندس طبيعت پريشان ٿي نه وڃي. سماع ۾ وڏا خطرا ۽ خرابيون آهن. عورتون مڪانن جي ڇتين تان درويشن کي سماع جي حالت ۾ ڏسنديون آهن. ان ڳالهه مان سماع وارن تي وڏا حجاب پئجي ويندا آهن. بهتر آهي ته اتي جوانن کي ويهڻ نه ڏجي، ڇو جو جاهل صوفين سڀني ڳالهين کي پنهنجو طريقو بنائي ڇڏيو آهي، ۽ سچائيءَ کان پري هٽي ويا آهن.“ (19). ائين به نه آهي ته دنيا ۾ قانون موجود نه آهي يا مذهبن جي پاسداري نه آهي! پر ان جي باوجود دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ ڪيترائي ملڪ ان سامراجي طبقي جي مفادن ۽ نظرين پٽاندر هلي رهيا آهن. جتي جو باشعور طبقو به ان جي پروپئگندا جي ذريعن سان اختلاف ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي لوڪ شاعري، موسيقي (راڳ ۽ ناچ) جي تاريخي ۽ ڪلاسڪي روايتن تي قدامت پسندي ۽ رجعت پسنديءَ جا لقب ٿو لائي، پنهنجي سماجي، اخلاقي يا ثقافتي روايتن ۽ قدرن کي ککيءَ جو کارو ٿو سمجهي ۽ جديد ۽ جدت جي نالي ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن کان پنهنجو پاند پالهو ڪندو ٿو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ شاعري يا موسيقيءَ جي اها سماجي ۽ ثقافتي حيثيت، سطحي تفريح جي ان تاثر تي قائم ٿيڻ لڳي آهي، جنهن جي خلاف فقهي پابنديون لڳڻ شروع ٿيون هيون. ائين به ناهي ته وقت گذرڻ سان اهي فقهي پابنديون به هٽي ويون آهن! ۽ ائين به ناهي ته دنيا ۾ انساني سماج جي ان ڏک کي محسوس ڪندڙ انسان دوست ختم ٿي ويا آهن، يا خاموش ٿي ويا آهن، ۽ ائين به ناهي ته انسان کي باشعور ڪندڙ ادب تخليق ٿيڻ بند ٿي ويو آهي! ۽ ائين به نه آهي ته عالمن يا صوفين پاران بقا بخشيندڙ ذڪر ۽ فڪر جو بخرو بند ٿي ويو آهي! ۽ ائين به نه آهي ته دل کي سڪون ۽ راحت ڏيندڙ يا روحاني جذبا اڀاريندڙ راڳ ويراڳ صفا ختم ٿي ويو آهي! انسان جي خوشيءَ ۽ ڏک جي ان فطري حقيقت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته شاعري، راڳ، مصوري يا رقص، بنيادي طور انساني جذبن جي بي اختيار اظهار سبب وجود ۾ آيا آهن. امام غزالي جو فرمان آهي ته: ”جنهن شخص تي راڳ ذريعي دل تي چرپر پيدا نه ٿئي اهو ناقص ۽ صحيح ڄاڻ ۾ گهٽ آهي. روحانيت جي درجي کان دور آهي. اٺن ۽ پکين بلڪ تمام ساهوارن کان به طبيعت ۾ نيچ ۽ غليظ آهي. اهو ان ڪري جو موزون آلاپ سڀ تي اثر ڪري ٿو.“ قدرت، انسان ۾ ظاهري توڙي باطني ڪيفيت جي اظهار لاءِ تخيلاتي قوت ۽ پرواز جي نهايت گوناگون وسعت عطا ڪئي آهي، جنهن جي ڪري انساني تخيل، پاڻمرادو تخليقي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي، پوءِ اهو لفظن ذريعي اظهارجِي، شاعريءَ جو روپ بڻجي پوندو آهي يا سُرن جي سرجنا جو سبب بڻجي پوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ابتدا کان ئي انسان خوشي، درد، اوسيئڙي يا وڇوڙي وچان يا مندن موسمن جي مستيءَ ۽ ناز ڀرين نيڻن ۽ قدرتي نظارن جي حسن کي محسوس ڪري بي اختيار جهونگاريندا، ڳائندا ۽ نچندا آيا آهن، جيئن برسات ۾ ٻارن جي مستيءَ جو هڪ عجب عالم هوندو آهي تيئن ماءُ جي لوليءَ تي ٻار نهايت سڪون واري انداز ۾ ننڊ جي وادين ۾ هليو ويندو آهي، ساڳيءَ ريت روحاني غلبي ۾ اولياءَ الله يا صوفي سڳورا، حسين بن منصور ، بايزيد بسطامي ، فريدالدين عطار ، خواجه نظام الدين اولياءَ ۽ سچل سرمست جيان، برهه جي ڀڙڪا ڏيندڙ جذبي وچان وجد ۾ اچي ويندا آهن. وجد جي وضاحت ڪندي حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري فرمائي ٿو ته: ”وجد ۽ وجود ٻئي مصدر آهن. هڪڙي جو مطلب ”غم“ ۽ ٻئي جو مطلب ”حاصل ڪرڻ“ آهي، ٻنهي جو فاعل هڪ آهي. صوفين جي نظر ۾ وجد ۽ وجود ۾ ٻن حالتن جو اثبات آهي، جيڪي راڳ ۾ ظاهر ٿينديون آهن، هڪڙي حالت غم کي ته ٻي حالت غم حاصل ڪرڻ کي ويجهي هوندي آهي. غم جي حقيقت محبوب کان دوري، مراد جو گم ٿيڻ آهي. وجد انهيءَ غم جو نالو آهي، جيڪو ٻئي کان محبت جي طور تي ملي. وجد جي ڪيفيت بيان ۾ اچي نه سگهندي آهي، ڇو جو اهو ظاهر ۾ غم هوندو آهي ۽ غم کي قلم بيان ڪري نه سگهندو آهي، مطلب ته وجد طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ هڪ راز آهي جنهن جو بيان ڪرڻ ڪشف جي حالت ۾ غَيبت وانگر آهي. مون وٽ ”وجد“ جي هڪ غمناڪ ڪيفيت آهي، جيڪا فرحت يا سنجيدگيءَ سان، يا غم يا خوشيءَ سان ظاهر ٿيندي آهي، ۽ وجود دل تان غم جو دفع ٿيڻ يا مقصود حاصل ڪرڻ آهي. وجد وارو يا ته شوق جي غلبي کان پريشان هوندو آهي يا مشاهدي مان آرام (سڪون) حاصل ڪري ڪشف جي ڪيفيت حاصل ڪندو آهي، يعني يا ته رنج، فرياد يا روڄ کان پريشان ٿيندو آهي، يا خوشيءَ ۽ سرور کان آرام وٺندو آهي. صوفين جي هڪ جماعت جو خيال آهي ته ”وجود مريدن جي ۽ وجد عارفن جي صفت آهي،“ عارفن جو مقام مريدن کان مٿانهون هوندو آهي، تنهنڪري عارفن جي صفت به مريدن کان مٿانهين ۽ وڌيڪ ڪامل هوندي آهي. طالب جو ڪجهه حاصل ڪندو آهي، اهو مشرب ۽ عمل کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. هڪ جماعت جو خيال آهي ته ”وجد مريدن جو سوز آهي، ۽ وجود محبن جو تحفو.“ محبن جو مقام مريدن کان مٿانهون آهي، تنهنڪري تحفي جو سڪون، سوز کان وڌيڪ ڪامل هوندو آهي، ان کي هڪ حڪايت جي وسيلي ظاهر ڪري نه ٿو سگهجي. هڪ ڏينهن حضرت شبلي پنهنجي حال جي جوش ۾ حضرت جنيد جي خدمت ۾ آيو، حضرت جنيد کي غمگين ڏسي پڇيائين: ”اي مرشد، ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ حضرت جنيد فرمايو: ”جنهن طلب ڪئي اهو غمگين ٿيو.“ حضرت شبلي جواب ڏنو: ”نه مگر جيڪو غمگين ٿيو، تنهن طلب ڪئي.“ حضرت جنيد جو اشارو وجد ڏانهن هو ۽ حضرت شبلي جو وجود ڏانهن. منهنجي خيال ۾ حضرت جنيد جو قول وڌيڪ پختو هو، ڇو جو جڏهن انسان سمجهندو آهي ته خالق سندس جنس مان نه آهي تڏهن سندس غم الم وڌي ويندو آهي. مشائخن جو اتفاق آهي ته علم جو غلبو وجد جي غلبي کان مضبوط هوندو آهي، ڇو جو وجد جي حالت ۾ وجد وارو ( واجد) خطري ۾ هوندو آهي، مگر علم جي طاقت سان عالم امن جي مقام تي هوندو آهي. انهن سڀني ڳالهين مان اها مراد ٿي نڪري ته سڀني حالتن ۾ طالب کي علم ۽ شريعت جو تابعدار ٿيڻ گهرجي، ڇو جو جيڪڏهن وجد جو غلبو هوندو ته هو خطاب نه ڪري سگهندو ۽ جڏهن خطاب ڪري نه سگهندو تڏهن عذاب ۽ ثواب کان به آزاد ٿيندو. اهڙي حالت ۾ سندس شڪل ديوانن واري ٿي ويندي ۽ کيس الله جي ولين ۽ ويجهڙن ٻانهن سان ڪوبه واسطو نه رهندو، جيڪڏهن علم جو غلبو رهندو ته ٻانهو الله جي حڪمن ۾ ۽ منع ڪيل شين کان پناهه ۾ رهندو، ۽ عزت ۽ احترام سان هوندو. حال جي طاقت علم تي غالب ٿيندي آهي ته ٻانهو الله جي حدن کان نڪري ويندو آهي ۽ خطاب ڪرڻ جي لائق نه رهندو آهي. تواجد وجد ۾ آڻڻ لاءِ هڪ تڪلف هوندو آهي ۽ انعام ۽ الله جون گواهيون دل جي آڏو پش ڪندو آهي، ان سان وصل جو خيال ۽ انساني تمنائون موج ۾ اينديون آهن. هڪ جماعت هن معاملي ۾ رسمن جي پابند هوندي آهي، اها صوفين جي ظاهري حرڪتن (چرپر) ۽ نچڻ جي ترتيب ۽ اشارن جي پيروي ڪندي آهي، اهو حرام آهي، هڪ ٻي حقيقت وارن جي جماعت آهي جيڪا انهن حرڪتن ۽ رسمن سان صوفين جي احوال ۽ سندن مقام جي طلبگار هوندي آهي.“ (20). پر هاڻوڪي دور ۾ عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته غير اخلاقي ۽ غير سماجي نظرين جي شدت سبب، شعر، راڳ ۽ رقص ساڳئي جهالت واري دور جي جنسي تفريح ۽ عياشيءَ ڏانهن موٽي رهيو آهي. اڳي سنڌ جو مڱڻهار راڄ ڀاڳ جي ”نياڻي“ سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته هو راڄ جي شادين مرادين ۾ ڪنهن پيشيور ڳائڻي وڄائڻي جي حثيت ۾ شامل نه ٿيندو هو، ۽ نه ئي ڪي پئسا ٻولائي ايندو هو، بس هو انهيءَ گهور گهاٻار تي راضي ٿي ويندو هو، جا راڄ وارا پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي پٽ يا ڌيءَ مٿان گهوريندا هئا، پر هاڻي راڳ ڳائڻ يا ساز وڄائڻ باقاعدي هڪ پيشو ٿي ويو آهي، جنهن بابت امام غزالي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”امام شافعي جي مسلڪ ۾ ائين نه آهي، جو راڳ کي حرام چون، مگر انهن هي ظاهر ڪيو آهي ته جو ڪوئي راڳ کي پنهنجو پيشو مقرر ڪندو، ان جي گواهي درست نه آهي، ان جو سبب هي آهي ته اهو هڪ قسم جو مڪروهه آهي، جو ڪوڙ جي برابر آهي، ۽ جو شخص راڳ کي پيشو مقرر ڪندو اهو ڄڻ ڪمينو ۽ بي مروت آهي. جيڪڏهن ڪوئي شخص پاڻ کي راڳ وارو نه سڏائيندو هجي، ان سبب کان نه ڪوئي وٽس ايندو هجي، ۽ نه پاڻ ڪنهن جي خاطر ٻئي وٽ ويندو هجي، بلڪ هيئن مشهور هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳائي دل خوش ڪندو آهي ته هي امر مروت کي ساڪت نه ٿو ڪري، ۽ نه ڪي ان جي گواهي باطل آهي .“ ”مان چوان ٿو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص تارن واري باجي کي بي وزن وڄائي جو ان مان لذت به نه اچي ته به اهو حرام ئي آهي. ان مان هي ظاهر آهي ته ان ۾ فقط لذت نه آهي جنهن سبب ئي حرام آهي ۽ نه ڪي خوش مزاجي آهي، پڻ قياس مقابل ته سڀ خوش مزاج تحفهءِ حلال آهي، سواءِ انهن جي جن جي حلال هجڻ ۾ ڪي فساد هجي.“ شريعت ۽ طريقت ۾ ناچ کي به ڪا اهميت نه آهي، مشائخ سڳورن مان ڪنهن به ناچ کي تعريف لائق نه ڄاتو آهي، پر تاريخ شاهد آهي ته جيڪو شعر، راڳ يا وجد، محبت ۽ اخوت سان گڏ روحاني جذبن کي اڀاريندڙ صورت ۾ قائم رهيو آهي، جنهن جو تعلق انساني روحاني خوشيءَ ۽ سماجي ترقيءَ سان وابستا آهي، اهو ان شرعي پابندين جي دور ۾ به پنهنجي سماجي ۽ روحاني ضرورت سبب ترقي ڪندو رهيو آهي. شعر، راڳ يا وجد وارن مثالن سان خود اسلام يا ان کان اڳ جي تاريخ ڀري پئي آهي. حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري شعر يا راڳ جي ٻڌڻ کي روا (مباح) قرار ڏنو آهي، ان ڏس ۾ فرمايو اٿس ته: ”پيغمبر ﷺ جن به شعر ٻڌا آهن، اصحاب سڳورن به شعر ٻڌا آهن، حضور پاڪ ﷺ جن فرمايو آهي ته: ”ان من الشعر لحڪمة.“ يعني ڪنهن شڪ شبهي کان سواءِ شعر حڪمت آهي، ٻئي هنڌ فرمايو اٿن: ”الحِڪمة ضَالة المومن حَيث وَجدهَا فَهو احق بها،“ يعني حڪمت مومن جي وڃايل شيءِ آهي، جتي به ملي ته مومن ان جو وڌيڪ حقدار آهي.“ هتي شعر مان مراد اهو شعر آهي، جنهن ۾ حڪمت هجي ۽ حڪمت مومن جو حق آهي، پوءِ اها جتي به هجي. اڳتي فرمائي ٿو ته: ”حضور پاڪ ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورن وٽان اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون آهن، مگر عام ماڻهن ۾ ڪجهه غلط فهميون آهن. هڪ جماعت هر قسم جي شعر ٻڌڻ کي حرام سمجهندي آهي ۽ انهيءَ بنياد تي اسلامي ڀائرن تي نڪته چيني ڪندي رهندي آهي. ٻي جماعت هر قسم جي شعر ٻڌڻ کي جائز سمجهندي آهي ۽ ڏينهن رات محبوب جي حسن ۽ زلفن متعلق غزلن ٻڌڻ ۾ مشغول رهندي آهي. ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي خلاف دليل پيش ڪنديون آهن، منهنجو مقصد انهن جي ترديد يا تائيد ناهي. مان ايترو ڪافي ٿو سمجهان ته صوفين سڳورن جو طريقو ٻيو آهي. حضور پاڪ ﷺ جن کان شعر جي باري ۾ پڇيو ويو ته پاڻ فرمايائون: ” ڪلام حسنہ حسن و قبيحہ قبيح.“ يعني جنهن شعر جو مضمون سٺو آهي اهو سٺو آهي ۽ جنهن جو مضمون خراب آهي اهو خراب آهي.“ يعني جنهن شيءِ بابت نثر ۾ ٻڌڻ حرام آهي مثال طور: گلا، بهتان، فحش ڪلامي، ڪفر جا ڪلما ته ان جو نظم ۾ ٻڌڻ به حرام آهي. جنهن شيءِ جو نثر ۾ ٻڌڻ حلال آهي، مثال طور: وعظ، حڪمت، الله پاڪ جي آيتن بابت دليل، الله پاڪ جي گواهين تي تبصرو ته اهڙو نظم ۾ ٻڌڻ به حلال آهي. مطلب ته اهڙو حسن ڏسڻ، جنهن ۾ خرابي هجي، اهو حرام ۽ منع ٿيل آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح حسن متعلق نظم ۽ نثر به ٻڌڻ حرام ۽ منع ٿيل آهي، ان جي تعريف ٻڌڻ به حرام آهي، جيڪو ان جي تعريف ٻڌڻ کي حلال مطلق سمجهندو، اهو لازمي طور تي ان کي ڏسڻ ۽ ڇهڻ کي به حلال سمجهندو. اهڙو چٽو ڪفر ۽ بي ديني ٿيندو. جيڪڏهن ڪو چوي ته مان اکين، وارن، خطن ۽ ترن جي تعريف ۾ الله جو آواز ٿو ٻڌان ۽ الله جو طالب آهيان ته ٻيو اهو به چئي سگهندو مان انهن شين جي ڏسڻ سان الله کي ٿو ڏسان ۽ ان جو طالب آهيان.، ڇاڪاڻ ته اک، ڪن ٻئي آفت جي جاءِ ۽ علم جو مرڪز آهن. اهڙيءََ طرح ٽيون ائين چئي سگهندو ته مان سهڻي بدن کي ڇهان ٿو، ڇو جو ٻيا ماڻهو ان جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کي جائز سمجهن ٿا، مان به الله جو طالب آهيان. سمورا حواس معنيٰ جي ڄاڻ ۾ هڪ جهڙي اهميت رکندا آهن، اهڙيءَ ريت سموري شريعت باطل ٿي ويندي. جڏهن جاهل ماڻهو پنهنجي حال ۾ مست ٿيل صوفين کي ڏسندا آهن ته سمجهندا آهن ته شايد اهي ماڻهو به نفساني خواهشن ۾ ڦاٿل آهن. انهن راڳ (سماع) کي به جائز ڄاتو آهي ۽ چوندا آهن ته جيڪڏهن جائز نه هجي ها ته صوفي ان کي اختيار نه ڪن ها. جاهلن؛ صوفين جي ظاهري پيروي ڪئي آهي ۽ باطن کان پري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ به هلاڪ ٿيا آهن ۽ پاڻ سان ٻين کي به هلاڪت ۾ وڌو اٿن. اها هن زماني جي سڀ کان وڏي مصيبت آهي.“ (21). بخاري شريف جي حديث آهي ته: ”اِن مِنَ البَيَانِ لَسِحرًا يعني يقينًا بعض بيان سحر جو اثر رکي ٿو. ساڳئي وقت بخاري، مسلم، ترمذي، ابن ماجه ۾ هيءَ حديث به شامل آهي ته: ”اِنَ مِنَ الشِعرِ لَحِڪمَة يعني بيشڪ بعض شعر حڪمت آهن.“ (22) تاريخن ۽ حديثن جي انهن واقعن ۽ روايتن جي بنياد تي امام غزالي ان کي ”راڳ سماع يا وجد“ جي باب ۾ سهيڙي انتهائي اهم قدم کنيو آهي، خود ”فقير مسرور“ به هن موضوع جي چونڊ ڪري سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ هڪ انمول تحفو پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب (راڳ جي شرعي حيثيت) ۾ آيل مثالن ۽ دليلن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان قسم جو فن (شاعري، راڳ ۽ لوڪ ناچ) اڄ به پنهنجو خاص سماجي. اخلاقي ۽ ثقافتي ڪارج رکي ٿو. سماجي ڪارج واري ان نظرياتي فڪري سوچ جو اولڙو اسان کي پنهنجي سنڌي سماج ۾ به نظر اچي ٿو، جنهن جا بنيادي پاسبان اسان جا صوفي سڳورا رهيا آهن، جن انسان جي وحشي، جهنگلي ڪردار کي انساني سماجي ڪردار ۾ تبديل ڪري، الوهيت جو اهو رستو ڏيکاريو آهي جيئن حضرت سچل سرمست فرمايو ته: ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي. (يعني انسان کي پاڻ ۾ اهي خصلتون پيدا ڪرڻ گهرجن جيڪي، الله پاڪ پنهنجي اسماءِ حسنه جي ذريعي ظاهر ڪيون آهن.) فنون لطيفه جي اهميت: انساني جيوت جي ابتدائي اهڃاڻن مان ئي ثابت ٿئي ٿو ته حضرت انسان پنهنجي اظهار لاءِ تصويرن، اشارن ۽ جسماني چرپر کانپوءِ ئي زبان يا ٻوليءَ جو سهارو ورتو آهي، جن کي اسان مصوري، اداڪاري، رقص ۽ شاعريءَ جو اوئلي روپ چئي سگهون ٿا. اڳتي هلي اظهار جي انهن سمورن شعبن کي فنون لطيفه جو نالو ڏنو ويو جنهن، وقت سان گڏ انتهائي ڪمال درجي جي ترقي ڪئي آهي. هاڻوڪي دور ۾ فنون لطيفه جي ان ڪمال جي تقاضا اها آهي ته ان کي سماج جي سونهن ۽ اخلاقي عروج لاءِ استعمال ڪيو وڃي ۽ خاص طور هاڻوڪي دور ۾ انتهائي اهم ضرورت ان سنگيت، ان شاعريءَ، انهن لوڪ رقصن ۽ انهن تحريرن ۽ انهن ناٽڪن جي ئي آهي، جنهن سان اڄ جي دور جي وڌندڙ دهشتگرديءَ ۽ ظلم جو خاتمو آڻي سگهجي. ٽي وي، اخبارن يا نشرياتي چينلن تي به اهو اخلاقي ۽ سماجي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي تاريخي ثقافت ۽ انساني قدرن جو خيال رکن، انهن صوفين تي به جيڪي محبتن جا مئخانا اڏي ويٺا آهن ۽ سماجي ڏاڍ ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف رياضت ۾ مشغول آهن، انهن تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پاڻ جهڙي انسان کي هيڪڙائيءَ جو اهو سبق سيکارين جنهن سان انهن پاڻ عرفان جون منزلون ماڻيون آهن. ساڳيءَ ريت ديني رهنمائن، سماجواد توڙي قوم پرستن تي به ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو انسان دوستيءَ ۽ روشن خيالي ۽ ساڻيهه جي سونهن وڌائڻ واري بنيادي ديني ۽ دنيوي (فڪري) سوچ مطابق پنهنجي وطن وارن، محبتي منٺارن توڙي مظلوم انسانيت جي خدمت جو پڪو دليل ڏين. ان حوالي سان امام غزالي هن تصنيف جي ٻئي باب ۾ سماع جي آثارن ۽ ادبن جي عنوان هيٺ راڳ جي سمجهڻ بابت تمام سٺي وضاحت ڪئي آهي ته: ”اول درجو سماع جو آهي ته راڳ ٻڌو وڃي، اهو سمجهيو به وڃي ۽ جا ڳالهه ٻڌڻ واري جي ذهن ۾ اچي، اها سمجهي، ان ۾ محو ٿئي، سمجهڻ ۽ محويت کانپوءِ ئي وجد ٿيندو آهي، ۽ وجد دل ۽ عضون ۾ چرپر پيدا ڪندو آهي. مان چوان ٿو ته تماشو دل کي راحت بخشي ٿو ۽ فڪر جو بار دل تان هلڪو ڪري ٿو. جيڪڏهن دلين کان زبردستيءَ ڪم ورتو ويندو، تڏهن به ڪم ته ڏينديون پر انهن کي راحت ڏيڻ سان کين ڄڻ وڌيڪ مدد ڏيڻي آهي، ته جيئن چڱي طرح محنت سان ڪم ڏين. مثال طور جو شخص فقهه پڙهندڙ آهي، ان کي گهرجي ته جمعي جي ڏينهن موڪل ڪري، انهيءَ ڪري ته هڪ ڏينهن جي موڪل ٻين ڏينهن لاءِ فرحت جو سبب ٿيندي، ڇاڪاڻ ته تماشو محنت ۽ سعي ڪاريءَ تي مدد ڪري ٿو، ۽ محض سعي ڪاري ۽ تلخي امر حق تي سواءِ انبياءِ عليهم السلام جي نفس اقدس جي ٻيو ڪري نه ٿو سگهي، ۽ جيئن جو تماشو دل جي ٿڪجڻ ۽ ماندائيءَ جو علاج آهي، انهيءَ ڪري مباح هئڻ گهرجي، مگر ڪثرت ڪرڻ نه گهرجي، جيئن دوا ڪثرت سان نه پيتي ويندي آهي. راڳ ان شخص جي حق ۾ مستحب آهي، جنهن کي سواءِ لذت ۽ فقط آرام وٺڻ جي ٻيو ڪجهه فائدو نه ڪري، ۽ کيس جنهن صفت سڳوريءَ جي تحريڪ منظور هجي ته ڀل راڳ جي وسيلي سان منزل مقصود تي پهچي، مگر ان ۾ شڪ نه آهي ته هي امر رتبي ڪمال کان ناقص هجڻ تي دلالت ڪري ٿو، بلڪ ڪامل شخص اهو آهي جو پنهنجي نفس کي راحت ڏيڻ ۾ حق کانسواءِ ٻي چيز جو محتاج نه هجي. جيئن جو حديث شريف ۾ آهي: ”حسنات الابرار سَيئاة المُقربين“ يعني ”نيڪ بندن جون نيڪيون، مقربن جي حق ۾ برايون آهن.“ ته راڳ به مقربن جي لحاظ ۾ خراب آهي، مگر ابرار يعني نيڪ بندن لاءِ ڪارآمد آهي، جو شخص دلين جي علاج جي علم ۾ ڪامل آهي ۽ ”لطائف الحليل“ يعني حلال لطيفن کان حق جي طرف دلين جو وٺي وڃڻ ڄاڻندڙ آهي ته اهو يقين سان ڄاڻندو آهي ته اهڙين ڳالهين سان دلين کي راحت ڏيڻ ڪيڏو نه مفيد ۽ مجرب دوا آهي، جو ان کانسواءِ جنهن جو ٻيو ڪوئي چارو نه آهي.“ راڳ جي شرعي سلسلي ۾ البت مسلمانن، خاص طور گائڪن کي حضرت عثمان بن علي هجويري جي آندل هن روايت تي به غور ضرور ڪرڻ گهرجي: ”الله تعاليٰ جڏهن حضرت دائود عليہ السلام کي پنهنجو خليفو بڻايو ته کيس مٺو آواز عطا ڪيائين، کيس سندس ڳلو، ساز بڻائي ڏنائين، هن جي آواز تي جبل جهومندا هئا، جهنگلي جانور، پکي، پهاڙ ۽ بيابان سندس نغمن جي جادوءَ هيٺ اچي ويندا هئا. هلندڙ درياهه بيهجي ويندا هئا، اڏامندڙ پکي ڪري پوندا هئا، جنهن جهنگل ۾ هو ڳائيندو هو اتي مهيني تائين جانور ڪجهه کائيندا پيئندا نه هئا، ٻار کير نه گهرندا هئا ۽ روئڻ ڇڏي ڏيندا هئا. ماڻهو رڳو راڳ ٻڌي موٽندا هئا ته انهن مان، ڪلام، آواز ۽ سر جي ڪيفيت کان مري ويندا هئا. هڪ دفعي سئو ڪنيزون ۽ ٻارهن هزار پوڙها مري ويا، الله تعاليٰ جي مرضي ٿي ته هَوَس وارن ڳائيندڙن ۽ عارف راڳيندڙن ۾ فرق قائم ڪيو وڃي، ابليس جي طبيعت ۾ پريشاني پيدا ٿي. هن انسانن کي وسوسن وجهڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي اٽڪلن جي اجازت گهريائين. اجازت ملي ويس. هن بانسري ۽ تنبور ٺاهي ورتا ۽ حضرت دائود عليہ السلام جي مقابلي ۾ هڪ مجلس برپا ڪئي: راڳ وارا ٻن جماعتن ۾ ورهائجي ويا، جيڪي شقي هئا، سي شيطاني بانسرين (مزامير) جا عاشق بڻجي ويا ۽ جيڪي نيڪ هئا، سي حضرت دائود عليہ السلام جي سلامي ٿيا. معنيٰ وارن آڏو نه حضرت دائود عليہ السلام جو سُر هو ۽ نه ٻي شيطاني جماعت جون بانسريون، اهي حق تي هئا. انهن لاءِ دائودي سر هدايت جو سرچشمو هو، ۽ ابليسي ساز فتنو ۽ فساد هئا. اهي سڀني کان ڌار ٿي ويا ۽ سڀني کان لاڳاپا لاهي ويٺا. هنن غلط کي غلط ۽ ٺيڪ کي ٺيڪ ڏسي ڇڏيو. جنهن کي اهڙي نموني جو راڳ حاصل ٿئي ٿو اهو روا آهي.“ (23). ان روايت جي ڏيڻ جو مقصد خاص اهو ئي آهي ته بقول امام غزالي هي ياد رکڻ گهرجي ته: ”ٻڌڻ وارو چوڻ واري جو شريڪ آهي. جيئن جو چوندا آهن ته ڳائڻ وارو بورچي آهي، نوشِ جان ڪندڙ ان طعام جو اهلِ معرفت جو درويش آهي، ۽ ٻيا ماڻهو ٻڌندڙ ائين آهن، جهڙيءَ طرح سڪڻا يا بکيا ماڻهو فقط طعام جي خوشبو کان فرحت وٺن.“ اڳتي فرمائي ٿو ته: ”ياد رکڻ گهرجي ته راڳ صاحبِ معرفت کانسواءِ ٻئي جي لاءِ روح جي غذا نه ٿو ٿي سگهي، انهيءَ سبب ڪري هيءَ وصف سڀني اعمالن کان باريڪ آهي، جنهن جي باريڪ هجڻ جو سبب طبيعت جي ئي رقت کان حاصل ٿيندو آهي، تنهنڪري هي صاف ظاهر آهي ته سواءِ سر قلبي جي ٻي ڪنهن ڳالهه سان معلوم نه ٿيندو آهي.“ ترجمي بابت: ”اصل ۾ امام غزالي جي ڪتاب ”احياءُ علوم الدين“ جو هي اردو ترجمو مرحوم مولوي محمد احسن صديقي نانوتوي ”مذاق العارفين“ جي عنوان سان ڪيل آهي، ۽ ”سماع ۽ وجد“ بابت ان جو جلد ٻيو، باب اٺون، منشي نول ڪشور لکنو پاران مارچ 1912ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ هي باب ان ڪتاب (ڊبل ڊيمي سائيز) جي صفحي 282 کان 321 تائين ڇپيل آهي. بعد ۾ (ڪجهه سالن کانپوءِ) انهيءَ قلمي نسخي تان ”فقير مسرور“ جي لائق فرزند جناب احمد بخش بدوي عرف مٺل مسرور سائين پنهنجي هٿ اکرن ۾ اتاري هڪ ٻيو قلمي نسخو تيار ڪري ورتو هو، جيڪو ”مسرور پبليڪيشن“ جي اشاعتي سلسلي سبب، اشاعت لاءِ مهرباني ڪري منهنجي حوالي ڪيو هئائين. پر جيئن ته خود ”فقير مسرور“ جي ڪيل ترجمي جو اهو پهريون (اصل) نسخو اڃان ابتدائي مرحلي ۾ هو جيڪو ”فقير مسرور“ پوريءَ طرح فيئر به ڪونه ڪري سگهيو هو، بقول محترم ڪريم بخش خالد صاحب مرحوم جي ته: ”ان جي اندر ڪي طويل عربي عبارتون ڇڏيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اختصار کان به ڪم ورتل آهي، گڏوگڏ حديثون ۽ ٻين صوفين جا اقوال به اصل ماخذن سان ڀيٽيل نه آهن“، جنهن ڪري ضروري هو ته مربي سائين احمد بخش بدويءَ جي فيئر ڪيل نسخي تي نظر ثاني ڪري ان ۾ اهي سموريون رهجي ويل شيون شامل ڪجن. ان حوالي سان مربي سائين احمد بخش جي ان فيئر ڪيل نسخي کي ڪتاب جي ان ڇاپي سان ڀيٽيو ويو آهي، جنهن تان ”فقير مسرور“ صاحب ترجمو ڪيو آهي. ڀيٽڻ دوران خاص طور اها ڳالهه سامهون آئي ته اڙدو ترجمي”مذاق العارفين“ جي صفحن جي ساڄي کاٻي پاسي حاشيي طور تحرير ٿيل حوالا ”فقير مسرور“ متن سان گڏ تحرير ڪيا آهن. ان جي باوجود تحقيق ۽ ترجمي جي ان ضرورت کي محسوس ڪندي مواد ۾ پيش ٿيل قرآني آيتن، حديثن ۽ ٻين صوفياڻن قولن جي ماخذن جا حوالا به شامل ڪيا ويا آهن. امام غزالي جي هن ترجمي ۾ ساز سرود بابت لفظ ”مزامير“ استعمال ڪيل آهي. فارسي زبان ۾ ”مزامير“ جي معنيٰ راڳ (جمع) حمد و ثنا، گيت ۽ مناجات ڏنل آهي، انگريزيءَ ۾ ان کي (Psalms) ٿا چون، جنهن جو مطلب به ساڳيو آهي، پر اردو لغت ۾ لفظ مزامير، ”مزمور“ جو جمع ۽ عربيءَ جو لفظ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ سارنگيون بانسريون، ني (نڙ)، مرلي ۽ دائود عليہ السلام جو ”راڳ“ ۽ ”زبور“ لکيو ويو آهي. ان حوالي سان ”فقير مسرور“ وري مزامير جو ترجمو ”نڙ“ ڪيو آهي، جيڪو ان وقت جي شادين مرادين ۾ وڄندڙ سازن بابت به اجتماعي طور تي ”نڙ وڄائڻ = بانسريون ۽ باجا وڄائڻ“ جي اصطلاح طور مشهور هو. ۽ هونئن به ”مزامير“ رڳو ڦوڪ وارن سازن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جو حوالو سيدنا حضرت شاهه محمد عبدالشڪور قادري چشتي جهانگيري به پنهنجي اردو ڪتاب مشعل راهه ۾ لکيو آهي ته: “مزامير ۽ معازف“ عام طور تي ڳائڻ سان گڏ وڄندڙ ”سازن“ لاءِ مشهور آهن، پر تحقيق ڪندڙ جو چوڻ آهي ته ”مزامير“ اهي ساز آهن جيڪي ڦوڪ ذريعي وڄائبا آهن جهڙوڪ: بانسري، سرنو (نڙ) يا مرلي، ۽ ”معارف“ اهي ساز آهن جيڪي هٿ يا هٿ جي آڱرين ذريعي وڄايا ويندا آهن، جهڙوڪ: دف، طبل، يا تار جا ساز. (24) ”فقير مسرور“ ”مزامير“ لاءِ ”نڙ“ جو لفظ ان ڪري به استعمال ڪيو آهي جو”قدرت انسان جو ڳلو به اهڙي حڪمت سان خلقيو آهي، جنهن مان هوا جو لنگهه ٿئي ٿو، جيڪو نڙگهٽ وٽ لڳل پردي جي سوڙهي يا ويڪري ڪرڻ سان مختلف درجن جا آواز پيدا ٿين ٿا ۽ زبان ۽ چپن جي حرڪت سان هر قسم جا لفظ ۽ بانسريءَ وانگر وڄندڙ سيٽي وڄائڻ جو عمل ٿئي ٿو.“ ۽ ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته تخليقي ذهن رکندڙ ڪاريگرن، انساني نڙيءَ جي شڪل کي بانسريءَ ۽ نڙ جي صورت ۾ جوڙيو آهي، ۽ ان ئي حوالي سان ”فقير مسرور“ مزامير جو ترجمو ”نڙ“ ڪيو آهي. اصل ۾ امام غزالي راڳ ۽ سماع جي ساڳئي موضوع تي پنهنجي معروف تصنيف ”ڪيميائي سعادت“ ۾ به ڪافي اهم مواد آندو آهي. جيڪو امام غزالي ”احياءُ علوم الدين“ کانپوءِ تصنيف ڪيو آهي. جنهن بابت ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته اهو ”احياءُ العلوم“ جو ”ضميمو“ آهي، پر ائين نه آهي، “ڪيميائي سعادت“ به امام صاحب جي هڪ مڪمل تصنيف آهي، جيڪو به انسان جي زندگيءَ متعلق نهايت حڪمت سان تحرير ڪيوآهي، جنهن ۾ ”راڳ، سماع ۽ وجد“ بابت به ڪجهه اهڙيون وضاحتون آنديون آهن، جو انهيءَ جي مطالعي مان لڳي ٿو ته: ”امام غزالي ”احياءُ علوم الدين“ ۾ سماع ۽ وجد بابت لکڻ جي باوجود ان جي ڪيترن ئي فڪري پهلوئن جي وضاحت جي ضرورت کي محسوس ڪندي”ڪيمياءِ سعادت“ ۾ خلاصي انداز سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي متعلق منهنجو خيال آهي ته”ڪيميائيِ سعادت ۾ آندل اهو بحث ”احياءُ علوم الدين“ جي مطالعي سان گڏ هئڻ گهرجي.“ ان خيال کان راقم الحروف سعادت طور ان جو ترجمو ڪرڻ ضروري ڄاڻي، هيٺ ڄاڻايل ڪجهه ڇاپن جي مدد سان، ان حصي (باب ٽئين جو اٺون اصول: سماع ۽ وجد) جو ترجمو ڪري هن ڪتاب جي آخر ۾ ”ضميمي“ جي صورت ۾ شامل ڪيو آهي. سنڌي ترجمو: غلام حسين جلباڻي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پهريون ڇاپو: 1960ع، ٻيو ڇاپو:1997ع. اردو ترجمو: مولانا محمد سعيد نقشبندي، خطيب مسجد داتا گنج بخش لاهور، پروگريسو بوڪس يوسف مارڪيٽ، غزني اسٽريٽ لاهور، جون 1999ع. شاهراهِ هدايت (ترجمه ڪيميائي سعادت) علامه ابو صالح محمد فيض احمد اويسي رضوي، زاويه پبلشرز داتا درٻار مارڪيٽ لاهور، 2008ع اڪيسر هدايت (ترجمه ڪيميائي سعادت) پروفيسر ملڪ عنايت الله ايم اي، ملڪ دين محمد اينڊ سنز، اشاعت منزل بل روڊ لاهور. فارسي ترجمو: حسين خديوجم، شرڪت انتشارات علمي و فرهنگي تهران، نائون ڇاپو: 1380هه انگريزي ترجمو: دي الڪيمي آف هيپينيس، ڪلائوڊي فيلڊ، انگريزي ترجمو: دي الڪيمي آف هيپينيس، ( ٻه جلد) جَي آر ڪروُڪ، گريٽ بوڪ آف اسلامڪ ورلڊ، قاضي پبليڪيشن، 3023 ويسٽ بيل مائونٽ ايوينيو، شڪاگو. 2005ع. ”فقير مسرور“ جي هن ڪتاب ”احياءُ علوم الدين“ (ترجمي) کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شايع ڪرڻ نهايت وقتائتي ڳالهه آهي، جو هن وقت جڏهن راڳ ويراڳ جي اصل حسن، طرب، روحاني جوش، جذب ۽ سڪون وارين خصلتن کي دقيانوسي سمجهي، تفريح جي جديد تقاضائن جي نالي ۾ فلمي گانن جي ترجمو ڪيل مايوسي ۽ داخليت کي اڀاريندڙ شاعري، سطحي فلمي گانن جي ڌنن جو نقل ڪري ڳائجڻ واري ڪلام کي ترجيح ڏني ٿي وڃي، جنهن ۾ شيطاني عمل وارين رنگينين کي ئي وڌيڪ پسنديده سمجهيو وڃي ٿو. ان حوالي سان ”فقير مسرور“ جو هي ترجمو نهايت مفيد ۽ وقتائتو ثابت ٿيندو، جنهن جي مطالعي سان اميد ته پڙهندڙن کي وڏو لاڀ حاصل ٿيندو. بيدل مسرور بدوي ماخذ (1) ابوالمعليٰ الجويني جو اصل نالو عبدالملڪ ۽ لقب ضياءُ الدين هو. الب ارسلان سلجوقيءَ کيس حڪم ڏنو هو ته امام ابوالحسن اشعري تي لعنت پڙهي وڃي، جنهن ڳالهه تان ناراض ٿي وڃي حرمين ۾ رهيو، جتي سندس ڏاڍو قدر ٿيو، مڪي ۽ مديني جون فتوائون وٽس اينديون هيون، جنهن جي ڪري کيس ”امام الحرمين“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. (2) شاهراهِ هدايت (تعارف، اردو ترجمو: ڪتاب ڪيمياءِ سعادت) علامه ابو صالح محمد فيض احمد اويسي رضوي، زاويه پبلشرز داتا درٻار مارڪيٽ لاهور، 2008ع، ۽ .... اڪيسر هدايت (تعارف، اردو ترجمو: ڪتاب ڪيمياءِ سعادت) پروفيسر ملڪ عنايت الله ايم اي، ملڪ دين محمد اينڊ سنز، اشاعت منزل بل روڊ لاهور. (3) امام رازي : تحرير ۽ ترتيب: مولانا عبدالسلام ندوي مرحوم، اداره اسلاميات انارڪلي لاهور، مارچ 1988ع، (ديباچو). (4) ڪشف المحجوب، حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، سنڌي ترجمو: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع باب پنجٽيهون راڳ ۾ صوفين جا مقام، ص: 465) (5) مڪاشفة القلوب“ امام غزالي ، اردو ترجمو: علامه عنصر صابري چشتي قادري، تصوف پبليڪيشنز لاهور، 1986ع ص: 594 تا 598. (6) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع باب ٽيٽيهون: سماع، ص: 453، 454، 455، 456.) (7، 8) مشعل راهه (اردو) مصنف: سيدنا حضرت شاهه محمد عبدالشڪور قادري چشتي جهانگيري مولف: حضرت جميل احمد شاه شڪوري قادري ناظم آباد.: سيپٽمبر 2006ع صفحو، 378، 379 . (9) ڪشف المحجوب: باب پنجٽيهون : راڳ ۾ صوفين جا مقام، ص: 463، 464) (10) (ڪشف المحجوب، حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب پنجٽيهون، راڳ ۾ صوفين جا مقام، ص: 459) (11) هن ڪيميائي مادي متعلق، پهريون ڀيرو 1910ع ۾ لنڊن (انگلينڊ) ۾”جارج برگر“ (Gorge Barger) ۽ ”جيمس ايوينس“ (James Ewens) معلومات فراهم ڪئي، ”ڊوپامائين“ جي ان طلسمي اثر جي نتيجي ۾ ماڻهن هٿرادو طور فرحت ڏياريندڙ ذريعا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ۽ گڏوگڏ نشي جون شيون به واپرائي، ان ذهني ڪيميائي مادي جي تحرڪ ذريعي لطف وٺڻ شروع ڪيو، جنهن جو اثر دنيا جي ٻين ملڪن تي به پيو، ايتري قدر جو هاڻي عام ماڻهن به چرس، ڀنگ، هيروئن ۽ ٻيون نشي جون شيون استعمال ڪري، فرحت ۽ سڪون جو نئون ۽ آسان رستو ڳولهي ورتو آهي. (12) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ٻٽيهون راڳ، آواز ٻڌڻ) ص: 449، 451، 452. (13) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب اڻٽيهون (حجاب جو کلڻ؛ ٻڌڻ جي فضيلت:) ص: 438، 439. (14) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ٽيهون (قران پاڪ جو ٻڌڻ). ص: 440، 441. (15) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ٽيهون، قرآن پاڪ جو ٻڌڻ، ص: 445، 446). (16) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ٽيهون: قرآن پاڪ جو ٻڌڻ. ص: 444). (17) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ٽيٽيهون (سماع) ص: 453). (18) ڪشف المحجوب حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع باب پنجٽيهون راڳ ۾ صوفين جا مقام، ص: 461) (19) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب اوڻيتاليهون، راڳ جا آداب، ص: 474، 475) (20) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، باب ڇٽيهون وجد وجود ۽ تواحد، ص: 466، 467، 468) (21) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع، (شعر ٻڌڻ: ص: 447، 448. (22) سوز و ساز رومي (اردو، اندرونِ سرورق) پير عبداللطيف خان نقشبندي، فيروز سنز لميٽيڊ، لاهور، بار اول، 2008ع. (23) ڪشف المحجوب: حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان هجويري، مترجم: عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع. باب ٽيٽيهون (سماع) ص: 453، 454). (24) مشعل راهه (اردو) مصنف: سيدنا حضرت شاهه محمد عبدالشڪور قادري چشتي جهانگيري مولف: حضرت جميل احمد شاه شڪوري قادري ناظم آباد.: سيپٽمبر 2006ع صفحو381.