سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت

ڪتاب جو نالو سماع ۽ راڳ جي شرعي حيثيت
ليکڪ حضرت ابو حامد محمد بن محمد الغزالي
سنڌيڪار / ترتيب ترجمو فقير غلام علي مسرور بدوي ترتيب، تدوين ۽ مقدمو بيدل مسرور بدوي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-56-7
قيمت 200    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (421) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13114   ڀيرا پڙهيو ويو

تعارف


سماع: سماع جي معنيٰ آهي ٻڌڻ. هي لفظ قرآن مجيد ۾ ڪو نه آيو آهي، پر قديم عربيءَ ۾ ”ڳائڻ وڄائڻ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. ديني اصطلاح ۾ ”سماع“ ۽ ”سمع“ ٻئي (هڪ ئي معنيٰ ۾) عقل جي مقابلي ۾ استعمال ٿين ٿا، پر حقيقت هيءَ آهي ته سڀ کان زياده اصطلاحي معنيٰ ۾ ان جو استعمال تصوف ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي معنيٰ موسيقيءَ ۾ انهماڪ، ڳائڻ، جهونگارڻ ۽ مذهبي جوش ۽ وجد پيدا ڪرڻ لاءِ سر تار ۾ ڳائڻ آهي يا وري آواز ۽ ساز جي ذريعي ڳائڻ وڄائڻ. اسلام جي چئن وڏن فقهي مڪتبن ۾ سماع يعني راڳ کي پسند ڪو نه ڪيو ويندو هو، ڇو ته ان ۾ عام طور تي شراب ۽ عورت به شامل هوندا هئا، تنهنڪري اسلامي دنيا ۾ فقيهه پنهنجي اثر رسوخ ۽ اقتدار کان ڪم وٺندي، هر ملڪ ۾، هر سلطان ۽ هر امير کي اڪثر افهام تفهيم سان مجبور ڪندا رهيا هئا ته هو راڳ تي پابندي وجهن، پر انهيءَ سان گڏوگڏ صوفين دوريشن جا سلسلا به هئا جيڪي روحاني وجد ۽ حال حاصل ڪرڻ خاطر راڳ ۽ ناچ کان ڪم وٺندا هئا ۽ هو پنهنجي دعوت ۽ تبليغ جي اثر ۽ مريدن جي وسيع حلقي سببان گهڻو طاقتور ٿي پيا، جنهنڪري هڪ طرف موسيقيءَ جي ماحول کي روڪڻ لاءِ راڳ ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ بابت فقهي بحث مباحثا ٿيندا رهيا ته ٻئي طرف علم ۽ فن جي حيثيت ۾ موسيقيءَ سان مسلمانن جي دلچسپي باقي رهي ۽ هي فن پابندين کان آجو رهيو. جيتوڻيڪ سنسڪرت ادب، مذهبي موسيقي (صوتي ۽ آلاپي) جي تذڪري سان ڀريو پيو آهي، پر مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ، هندستان جي غير مذهبي موسيقيءَ جي باري ۾ ڪا به معلومات نه ٿي ملي. ان جي برعڪس سنڌ جي مند ۽ زط (جت) قبيلن کي غير مذهبي موسيقيءَ سان جيڪو شغف هو، سو چڱيءَ طرح ثابت آهي (تاريخي حقائق از فارمر، ص 71 ۽ 171). سنڌ ۾ عربن جي شروعاتي فتوحات جي دوران انهن قبيلن سان ئي سندن واسطو پيو هو. انهن زطن (جتن) جي موسيقيءَ بابت هاڻي گهڻي تحقيق ڪئي وئي آهي، جنهن جو عالمانه نموني ۾ تفصيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ (شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد 1978ع) ۾ ڄاڻايل آهي. انهن کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ سنڌي موسيقيءَ جي قدامت، ان جي عربي، ايراني، ترڪي ۽ ٻين پاڙيسري علائقن جي موسيقيءَ تي اثر يا انهن جي سنڌي موسيقيءَ يا سازن تي اثر جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ان ڪتاب مان سنڌ جي صوفياڻي راڳ جي سلسلن ۽ مختلف درگاهن تي سماع (سمهه) جي محفلن جي به معلومات حاصل ٿئي ٿي، ۽ اهي روحاني محفلون اڄ به ايترو ئي مروج ۽ مقبول آهن، جيترو ستين صدي هجري (13 صدي عيسويءَ) ۾ شيخ الاسلام غوث بهاءُ الدين زڪريا (وفات 661هه) جي دور ۾ ۽ ان کان پوءِ ڏهين صدي هجريءَ ۾ ٺٽي جي سيد علي شيرازي اَنجوي (وفات 981هه) ۽ سندس ننڍي همعصر ميين شاهه ڪريم جي زماني ۾ هيون. مٽياريءَ ۾ سماع جون محفلون ٿينديون هيون ۽ شاهه ڪريم مڪتب ڇڏي انهن ۾ وڃي ويهندو هو. صوفي بزرگن وٽ سماع جو سلسلو حق ۽ حقيقت ڏانهن مائل ڪندڙ، پاڪيزه احساسن ۽ دلي سرور پيدا ڪرڻ لاءِ شروع ٿيو، پوءِ ڪي بزرگ سماع دوران وجد ۽ حال واري ڪيفيت ۾ اٿي رقص ڪرڻ لڳا. مولانا جلال الدين رومي (وفات 672هه) جي ”مولويه“ سلسلي ۾ نڙ وڄڻ ۽ حال وارو رقص ٻئي شامل هئا، جيئن ته غوث صاحب ۽ مولانا رومي همعصر هئا، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته غوثيه طريقي واري سماع تي ”مولويه“ سلسلي واري سماع جو اثر ٿيو هجي. قلندر شهباز جي باري ۾ به تاريخي شاهديون ملن ٿيون ته ملتان ۾ سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. سنڌي سماع جي طريقي (سمهه) بابت مير محمد معصوم ”بکري“ پنهنجي مشهور تصنيف ”تاريخ معصومي“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع مرحوم لکيو آهي ته ”فقير الله ’راڳ درپن‘ ۾ شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا کي موسيقيءَ جي ماهرن ۾ شمار ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته امير خسرو وانگر هن به ڪي راڳ ۽ راڳڻيون ايجاد ڪيون، جهڙوڪ ملتاني ڌناسري سندس ئي ايجاد آهي، جنهن ۾ ڌناسري ۽ مالسريءَ کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح شيخ الاسلام ڇند جي طرز تي ڪيترائي نغما اختراع ڪيا، جن ۾ واحد جي واکاڻ ۽ عشق جو داستان ۽ بندگيءَ جي طريقي ۾ نماڻائي ۽ نهٺائيءَ جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي.“ امام غزاليءَ جو ڪارنامو: حـجة الاسـلام ابـو حـامد محـمد بن مـحمـد الطـوسي الـغزالـي (1058-1111ع) اسلام جو هڪ وڏو عالم ۽ فلسفي هو. طوس ۽ نيشاپور ۾ تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ امام الحرمين ابوالمعالي جويني کان 1085ع تائين تعليم حاصل ڪيائين. امام غزالي جيتوڻيڪ صوفي سڳورن جي حلقي ۾ رهيو، پر فقهه ڏانهن زياده لاڙو رهيس. 1091ع ۾ بغداد ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي هن فلسفو پڙهيو ۽ فقهه تي ڪتاب لکيائين. باطنيه، اسماعيليه ۽ اماميه فرقن جي رد ۾ پڻ گهڻو ڪجهه لکيائين. پوءِ درويشي اختيار ڪيائين ۽ نون سالن تائين سير ۽ سفر ۾ گذاريائين. انهيءَ زماني ۾ پنهنجو مشهور ڪتاب ’احياءُ علوم الدين‘ لکيائين ۽ بغداد ۽ دمشق ۾ ان جو درس ڏيڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت نيشاپور ۾ به استاد رهيو، پر وري طوس واپس آيو ۽ هڪ خانقاه ۾ رهڻ لڳو، تان جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. امام غزالي ”علم الڪلام“ کي ترقي ڏني ۽ ان جي مقابلي ۾ فقهه کي جيڪا اهميت حاصل ٿي هئي، اها گهٽ ٿيڻ لڳي. هو امام شافعي جو پيروڪار هو، سندس تصنيفن جو تعداد 96 چيو وڃي ٿو، جن مان ’الدرت الفاخره‘، ’هدايت الهدايه‘، ’ميزان العمل‘، ’تحافته الفلاسفه‘، ’مقاصد الفلاسفه‘ ۽ ’احياءُ علوم الدين‘ گهڻو مشهور آهن. امام غزالي پهريون مڪلم آهي، جنهن فلسفي جي رد ۾ مستقل ڪتاب لکيا، منطق سکڻ کي فرض ڪفايه ڄاڻايو ۽ فلسفي جو تجزيو ڪري، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا فقط ٿورا ڪي مسئلا مذهب جي مطابق آهن ۽ باقي سڀ اسلام جي خلاف آهن. سندس تجويز ڪيل تعليمي نصاب جي نتيجي ۾، امام رازي، شيخ الاشراق، علامه آمدي ۽ شيخ عبدالڪريم شهرستانيءَ جهڙيون عظيم القدر هستيون پيدا ٿيون. ”احياءُ علوم الدين“ جو هڪ باب (رسم رواج جي حصي جو اٺون باب) ”وجد ۽ سماع“ بابت آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جي شرعي حيثيت تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ سمجهايو ويو آهي ته موسيقي بذات خود مذموم يا ممنوع ناهي، پر راڳ ته هڪ قسم جي ڪسوٽي آهي، جنهن سان هر شخص جي دلي جذبن ۽ احساسن کي پرکي سگهجي ٿو. بدڪار شخص جا جذبا بد هوندا ته راڳ کيس برائيءَ ڏانهن ڇڪيندو، پر نيڪ شخص جي پاڪيزه خيالن لاءِ روحاني تسڪين ۽ اطمينان قلب جو باعث ٿيندو. امام غزاليءَ جو نظريو آهي ته انسان جي فطري احساسن ۽ جذبن جي مدنظر سماع يعني راڳ ٻڌڻ ممنوع نه آهي. هي رسالو، سماع جي سمورن پهلوئن تي روشني وجهي ٿو ۽ هي انهيءَ سموري ادب جو لب لباب آهي، جيڪو اسلام ۾، مجموعي طور تي هن مضمون بابت آهي، يعني انهن وسيلن جي ذريعي مذهبي جذبو پيدا ڪرڻ ۽ ان کان علاوه ان جي شرعي، نفسياتي، مذهبي ۽ جمالياتي پهلوئن (رخن) تي ضبط ۽ تصرف رکڻ جي باري ۾ آهي. الغزاليءَ هن موضوع تي هڪ محقق صوفيءَ، هڪ صاحب ڪمال ۽ راسخ العقيده اشهري ۽ شافعيءَ جي حيثيت ۾ غور ڪيو آهي ۽ هيءُ باب پنهنجي مضمون جي لحاظ کان ”احياءُ علوم الدين“ جو مغز آهي. الهجويري جي ”ڪشف المحجوب“، القشيري جي ”الرساله“، ابن تيميه ۽ مجدد الف ثاني سرهنديءَ جي ڪتابن ۽ رسالن ۾ سماع جي باري ۾ بحث ملي ٿو. ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ رفاعي درويشن جي سماع ۽ وجداني ڪيفيتن بابت نهايت مڪمل ۽ مفصل تذڪرو موجود آهي. اهڙيءَ طرح طريقت جي مختلف سلسلن بابت لکيل مقالن ۾ پڻ اهڙو احوال ملي ٿو. امام غزالي جي زير بحث ذڪر مان هيءَ ڳالهه صاف ظاهر ۽ ثابت ٿئي ٿي ته راڳ جا چار قسم آهن: (1) حرام، (2) مڪروهه، (3) مباح ۽ (4) مستحب. حرام انهن ماڻهن لاءِ، جن تي شهوت غالب هجي ۽ راڳ سببان انهن جا حيواني جذبا مشتعل ٿيندا هجن. مڪروهه انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ان کي هر وقت شغل بنائين ٿا. مباح انهن ماڻهن لاءِ، جن کي راڳ مان مزو ايندو هجي ۽ هو ان کي هڪ فن جي حيثيت ۾ ٻڌندا هجن ۽ انهيءَ کان علاوه هو موسيقيءَ مان ٻيو ڪو به تاثر نه وٺندا هجن. مستحب انهن ماڻهن لاءِ، جن تي الله پاڪ جي محبت جو غلبو هجي ۽ راڳ جي ذريعي انهن ۾ چڱين صفتن ۽ نيڪ خصلتن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن چيز کي تحرڪ نه ملي. سنڌ ۾ شروع کان ئي شاعريءَ ۽ راڳ جو صوفياڻو طريقو رواج ۾ رهيو آهي. جيڪو اڄ به نه فقط مقبول آهي، پر ان جي اثر کان به ڪو انڪار ڪري نه ٿو سگهي. اهو انسانيت جي شرف، سماجي ڀائيچاري ۽ امن سلامتيءَ جو نه فقط قوي مظهر آهي، پر اثرائتو ۽ پائدار ذريعو به آهي. ۽ اُها اسلام جي بنيادي تعليم آهي، جنهن جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ صوفي دانشورن، دعوت ۽ تبليغ جو اهم فرض پورو پئي ڪيو. واديءَ مهراڻ جي سڀني بزرگ صوفين راڳ ۽ سماع جون محفلون رچايون ۽ ماڻهن جي دلين کي آسائتو ۽ سيتل بنايو، محبت اخوت جي جذبن کي اڀاريو ۽ منجهن ”الخلق عيال الله“ جي احساس کي عملي شڪل ڏني. سنڌ ۾ غزاليءَ جو اثر: الغزالي سنڌ وارن لاءِ اجنبي نه آهي، سندس ڪتابن خاص ڪري ”ڪيمياءِ سعادت“ جو مرزا قليچ بيگ مرحوم جهڙن بزرگن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ هجري صدي مطبوعات جي سلسلي ۾ ان ڪتاب جو مڪمل ترجمو، ضروري حاشين ۽ وضاحتن سان وفاقي حڪومت جي هدايتن پٽاندڙ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو پيو وڃي*. اهڙيءَ طرح ”احياءَ علوم الدين“ جا خاص حصا قديم دور کان مدرسن ۾ ديني نصاب طور پڙهايا وڃن ٿا. علمي اوج جي زماني ۾، سنڌ مان غزاليءَ جي مخالفت ۾ به آواز اٿاريو ويو هو. الغزاليءَ جي استاد امام الحرمين الجوينيءَ هڪ ڪتاب جي ذريعي دنيا جي حنفين کي چئلينج ڏنو هو ۽ غزاليءَ به ان جي تائيد ڪئي هئي. ان ڪتاب جو مدلل جواب مسعود بن شيبه السندي ڏنو هو، جنهن کي اسلامي دنيا ۾ گهڻو ساراهيو ويو هو. انهيءَ سنڌي بزرگ جي تصنيفن ”ڪتاب التعليم“ ۽ ”مقدمه ڪتاب التعليم“ پڻ علمي دنيا ۾ نالو ڪڍيو. پويون ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو عظيم فلسفي علامه آءِ . آءِ . قاضي مرحوم، امام غزاليءَ جي فلسفي جو وڏو داعي ۽ شارح هو. شڪارپور جي ”بدوي“ خاندان جي ٻن بزرگن مرحوم امام بخش ”خادم“ ۽ فقير غلام علي ”مسرور“ علي الترتيب، ”وصيعت نامن“ ۽ ”سماع ۽ وجد“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. فقير مسرور: مرحوم لطف الله بدوي جي روايت موجب سندن وڏا عراق جي لق دق بيابانن ۾ رهندا هئا. انهن مان هڪ شخص احمد بدوي بغداد ۾ اچي حضرت سيدنا عبدالقادر گيلاني جو مريد ٿيو ۽ وڏو روحاني مقام حاصل ڪيائين. احمد بدوي مرحوم جي اولاد مان هڪ شخص بغداد مان هجرت ڪري شايد ڏهين صدي هجريءَ ۾، اچ شريف آيو. هي خاندان اٽڪل هڪ صدي اچ شريف ۾ رهيو ۽ ان کان پوءِ ملتان ۾ آباد ٿيو. ملتان مان سندن هڪ فرد محمد بچل ولد احمد بدوي ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي پيو ۽ مائٽن جي ناروا هلت سببان سنڌ ۾ آيو. هي مير ڪرم علي ٽالپر جو دور هو، جنهن نيڪ ۽ فياض امير سندس سرپرستي ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس والده کيس ڳولهيندي اچي حيدرآباد پهتي ۽ مير صاحب جي اجازت سان کيس واپس ملتان وٺي ويئي. مگر والده جي وفات کانپوءِ محمد بچل مرحوم وري ملتان کي الوداع چئي سنڌ آيو ۽ شڪارپور ۾ رهي پيو. سنڌ ۾ انگريز بهادر جو پير پهچي چڪو هو، البته شڪارپور ۾ مير سيد ڪاظم، ميرن جي طرفان شهر جو حاڪم هو، جنهن سندس سرپرستي ڪئي. انگريزن جي ڇانوڻي قائم ٿيڻ کانپوءِ به هو گهوڙن جو واپار ڪندو هو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ڏهه سال پوءِ هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رحيم بخش رکيو ويو. اٺن سالن کانپوءِ کيس ٻيو پٽ چائو جنهن جو نالو امام بخش رکيائين جيڪو اڳتي هلي پنهنجي وقت جو سٺو شاعر (تخلص: ”خادم“) استاد ۽ صوفي منش بزرگ ثابت ٿيو. ميان رحيم بخش قرآن شريف پوري ڪرڻ کانپوءِ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ سنڌي تعليم حاصل ڪئي. کيس 1893ع ۾ پٽ ڄائو جيڪو غلام علي ”مسرور“ جي نالي سان سنڌ جو وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. ”فقير مسرور“ جو ننڍي هوندي کان ئي مجاز ڏانهن لاڙو هو، جنهن ڪري 1908ع ڌاري ميٽرڪ ۾ پهچندي ئي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. انهيءَ دور ۾ ”مسرور فقير“ جا گهر جا ڀاتي حضرت ”بيدل سائينءَ“ جي درگاهه جا پانڌيئڙا هئا. انهن جڏهن ”مسرور فقير“ جي رغبت انهيءَ پاسي وڌيڪ ڏٺي ته کيس روهڙيءَ کان دور رکڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو، پر سندس قلبي رغبت ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو ۽ ڪراچي ڇڏي پنهنجي چاچي امام بخش ”خادم“ وٽ منگهنواري تعلقي روهڙيءَ وڃي رهيو ۽ اتي ئي 1909ع ۾ ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن جي ٻن سالن کان پوءِ تپيداريءَ جي نوڪري ڪيائين. 1923ع ۾ شادي ڪيائين 7- 1948ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. مسرور فقير جي صورت ۽ سيرت متعلق پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ” مسدس مسرور“ جي مهڙ ۾ لکيو آهي: ”سالن جي عرصي جي ڪهاڻي آهي ته مون کيس بيدل جي درگاهه تي پنهنجي سنگت جي سرڪردي جي صورت ۾ ڏٺو هو. مسرور پنهنجي مذهب جي پابندي رکندي ٻين جي هر طرح عزت ڪندو هو. ائين نه آهي ته غلام علي (مسرور) گيڙوءَ رتي چولي وارو، اوتاري جو مجاور هو. هو گهر ٻاري هو ۽ ڪڏهن به پنهنجي پريوار جي گهرجن جي پورائي لاءِ پگهر وهائڻ ۾ پير پوئتي نه رکيو. هو پاڻ کي خوديءَ کان خالي ڪرڻ جي خاص خدمت ۾ مشغول هوندو هو ۽ حياتيءَ جي ٿوري عرصي ۾ انهيءَ ورثي کي ماڻهپ ۾ مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪافي ڪئي. قدرت کيس فقيرن جي صحبت ۽ محبت ميسر ڪري ڏني. سنڌ جي بزرگن جون هن ڀلي ڀت زيارتون ڪيون، ڪلام ڪٺو ڪيو، احوال ۽ روايتون سهيڙيون. ”فقير بيدل“ جو سمورو ڪلام هن فرصت جي وقت ۾ ويهي لکيو، جنهن کي هو ساهه سان سانڍيندو هو. اهڙيءَ طرح ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ هٿ ڪرڻ لاءِ به هن وڏا وس ڪيا هئا مگر سندس مڙهه اڃا زمين دوز نه ٿيو هو ته شايد سندس ڪو ويجهو عزيز اهو سڀڪجهه گهر مان لمائي هليو ويو. مسرور جي محبت مقناطيسي هئي. مروت ۽ فضيلت ته سندس ڏاج هئا. مردانه جسم رکندي به منجهس حسن جي مڻي هئي، جا قرب ڪڻي سان ملي کيس رمڻيڪ بڻائي ڇڏيندي هئي. هندن وٽ ته سندس هٻڪار جهيجهيري هوندي هئي، ڪيترا ته کيس ادو ڪري سمجهندا هئا ته ڪي وري کي ابو.“ ٽنڊوجهانيان جي صوفي درويش قطب شاهه به ”مسرور فقير“ جي عقيدت هوندي هئي ۽ ان وقت جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جئن ته محمد بخش ”واصف“ ۽ حاجي محمود ”خادم“ سان سندس گهرا تعلقات هئا. ”فقير مسرور“ پنهنجي وقت جو باڪمال صوفي شاعر هو، سندس گفتگوءَ مان قرآن، حديث ۽ تصوف جا جواهر پارا نڪرندا هئا. ڪلام چوڻ وقت مٿس سماع جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، ڄڻڪ سوزوگداز جو هڪ بحر بيڪران هجي، انهيءَ ئي بيخوديءَ واري ڪيفيت ۾ حج جي سڳوري رات، 19 آگسٽ 1953ع تي ٽنڊي آدم ۾ لاڏاڻو ڪيائين. ”فقير مسرور“ تمام سٺو ڳائيندو به هو ته تمام اعليٰ درجي جي ستار به وڄائيندو هو. سندس ٻين نشانين سان گڏ، جن ۾ ٻيا ساز سرود جا سامان به شامل آهن، سندس ستار، هارمونيم، حاسو، خرقو به موجود آهن. ”فقير مسرور“ جون لکڻيون ”اديب سنڌ“ ۽ ”سنڌو“ رسالن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن شايع ٿينديون رهنديون هيون. پاڻ سنڌ جي تمام وڏن مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو هو، خاص طور لاڙڪاڻي ۾ 22-23 آڪٽوبر 1949ع تي ڪوٺايل ”ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس“ وارو مشاعرو سندس ادبي اٿڻي ويهڻي جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ مسدس پڙهيو هئائين ۽ اُهو ”تحفه لاڙڪاڻه“ رسالي ۾ شايع ٿيل آهي، مصرح طرح هئي! قوم ٿي زنده رهي پر جي زبان زنده رهي. ”مسرور فقير“ جو لکيل اثاثو، گهڻو گم ٿي ويو ۽ جيترو محفوظ رهيو آهي، ان ۾ به جيترو هٿ اچي سگهيو، ان ۾ راڳ متعلق هن ڪتابڙي کانسواءِ ”سائينءَ جي سوکڙي“، ”مسدس مسرور عرف هيرن جو هار“ ، ”مثنوي هير رانجهو“، ”دشمن“، ”من جي مستي“، ”سلطاني سهاڳ“، ”فقير واليڏني جو ڪلام“، بيدل سائينءَ جو ”سرود نامو“ ۽ ”ڪليات مسرور“ بي بها تصنيفون آهن. موجوده سماجي حالتن ۾ سماع ۽ وجد جي باري ۾ صحيح حقيقت ۽ ان جي شرعي حيثيت بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هن رسالي جي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، جيتوڻيڪ ”فقير مسرور“ ترجمي ڪندي، ڪي طويل عربي عبارتون ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اختصار کان به ڪم ورتو اٿس، حديثن ۽ ٻين صوفين جي اقوال کي اصل ماخذن سان ڀيٽيو نه اٿس، عربي ۽ سنڌي صورتخطيءَ جون ڪي غلطيون به رهجي ويون اٿس، پر تنهن هوندي به سندس ترجمي جي رواني ۽ زبان جي سادگي ۽ تاثير کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. فقير صاحب پنهنجي دور ۾، ڪن صوفي بزرگن بابت مشهور روايتون به نقل ڪيون آهن، جيڪي انهن بابت لکيل هاڻوڪن ڪتابن ۾ ڏنل ڪينهن. اهو ملفوظاتي ادب، ان وقت جي سماجي ماحول جي عڪاسي به ڪري ٿو ۽ مترجم کي پنهنجي موضوع جي وضاحت ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿو. فصل ٻئي کان ”مسرور“ جي طبعي جولانين جو ظهور ٿئي ٿو ۽ هو عربي شعرن جو اردوءَ ۾ منظوم مفهوم پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ”بيدل فقير“ جي ڪلام کي نهايت مناسب نموني ۾ دليل ۽ وضاحت طور پيش ڪيو اٿس ۽ پڻ ٻين درويشن جي ڪلام کي مضمون جي مالها جي موتين وانگر پرويو اٿس، جيڪو سندس وسيع مطالعي ۽ ديني توڙي صوفياڻي علوم جي ڳوڙهي اڀياس جو ثبوت آهي. ”فقير مسرور“ جي مسودي کي سندس ئي اکرن ۾ شايع ڪندي اسان سنڌي ٻوليءَ جي هڪ آڳاٽي ڪتاب کي نه فقط محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ويهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي دور ۾ تصنيف و تاليف جي تاريخ جو هڪ يادگار نمونو نئين نسل جي رهنمائيءَ لاءِ پيش ڪيو آهي. - ڪريم بخش خالد ماهوار پيغام‘ ڪراچي مئي- جون 1981ع)