اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (756) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83900   ڀيرا پڙهيو ويو

لغت


  • آبُ: ذ ]ف؛ سن. 1. آپ= پکڙڻ. 2. آوا= مٿان جو پاڻي- آسماني (برسات جو) پاڻي[ نير- جَل- ينهن- برسات- بارش. اوجر- چلڪو- تجلو. مان- عزت- شان.

جوڙيئي آدم ذات صفات وچون، گڏ آب عجب الثبات وچون،

رکيئي رمزمِن الروحي دي ذات وچون،  ڪر حڪم صحي سِر نانوَڻ دا.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي،ڪافي- 1. ص. 215)

رُلاءِ ڪيم رَندن تي، رک آخُوندن جو آب.

(محمود فقير، موالي، ص. 128)

  • آبِ حَياتُ: ذ. حياتيءَ جو پاڻي- اُهو پاڻي جنهن جي پيئڻ سان دائما زندگي حاصل ٿئي- آب بقا- امرت جل- آب خضر. ٿڌو ۽ مٺو پاڻي. (اصطلاحاً) ڪا به اهڙي شيءِ جا زندگيءَ کي جاودان بنائي.

پيئان ٿو آب حيات حُسن سان،

صُراحي سُرخ سُر ساز سُخن سان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي- 26، ص- 120)

  • آتم گيانِي:ث.خود شناسي (جا مرشد هٿان حاصل ٿئي) .ذ. صفت. پاڻ سڃاڻيندڙ- خودشناس.

آپ گنواڪي آپ پڇاني، صوفي سُرت سُجاني، آتم گياني.

(محمد فقير، سرتلنگ، ڪافي- 56، ص- 97)

  • آتَڻُ: ذِ. ]سن. 1. آرتن= هُنر جي ڪم وارو هنڌ، هُنر گهر.2. آ= چوڌاري+تن= ڪَتڻ[ گڏجي ويهي سُٽ ڪتڻ جي جاءِ. وصال جي منزل يا مڪان. گڏجاڻي- ميلاپ.

چشمان چرخا ڪيتا چُو، ڪينوين آتڻ تي مئين آوان.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-5، ص-148)

  • آتش: ث.]ف[ آڳ- باهه- ڄيرو- سوز- درد. ڌرشنا- اُڃَ- اُساٽ.

آتش بازي اکين واري، پشي آڙهه آنبه وارو،

اچي انحدبين بجائن ٿا.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-4، ص-106)

  • آثارُ: ]ع[ اُهڃاڻ- علامت- نشاني. ويرانيءَ جا نشان.

الف ميم چا گڏ، آدم اوڏا اَڏ، چلي ڪيتا سڏ، اکيان دي آثار.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي- ڇلو، ص- 243)

  • آچار: ذ. اصل واري رواج موجب پئنچات يا امينن جو راڄُوڻي فيصلو- انصاف روءِ فيصلو. نبيرو- نِياءُ.

عشق اکين جي اوتاري، اويڙا آچار ڪيا،

اَنا اَن اوقات اعليٰ، انوري آزاد سان.

محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-53)

  • آڇاڙو: ذ. ]سن. آ+ ڇايه+ ڙوڪ پاڇو- سايو، سن. آچڇَد= ڍڪڻ- لڪائڻ- پهرائڻ[ ڍڪ- پوش. اوڇڻ. پائيءَ جا پورَ- آڏيون وڏيون ڇوليون ۽ لهرون- وڏيون لهرون.

اظهار ٿي آوازي، محلي مچي مجازي،

قائم ڪري قدازي، اثبات جو آڇاڙو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-8، ص-110)

  • آخر: ذ ]ع[ پڇاڙي- پُڄاڻي- اَنتُ- دنگ- ڇيهه. حَدَ- اوڙڪ. پويون ڏينهن- قيامت- آخرت. (ظرف) نيٺ- سڌان- پڇاڙيءَ ۾.

اول آخر اظهار تي، اولي اچي انسان جي،

ارشاد سان آباد ڪيو، اسلام اعليٰ آشڪار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • آخُوندَن: واحد. آخُوند: ذ. صفت ]ف. خواندن= پڙهڻ< خوان< آخون= لکڻ پڙهڻ جي هدايت يا تعليم[ مذهبي تعليم ڏيندڙ- فقيھ- مُلا- سکيا ڏيندڙ- معلم استاد.

رُو لاءِ ڪيم رَندن تي، رک آخوندن جو آب.

(محمد فقير جو موالي، ص- 128)

  • آدپُرشُ: ذ. پهريون وجود يعني خُدا.

رُوپ سَروپ اَنوپ اَنيڪي،

آدپُرش ڌُن ڌِياني ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • آدم: (اسم خاص) الله جي پهرين پيغمبر جو نالو (حضرت آدم عليھ السلام). خلق- ماڻهو- آدمي.

آدم ۽ اِبليس جي فن ۾، رکي پردو پرين پارس،

بنائي بيک بازيءَ جو، عجب انسان ٿي آيو.

(محم فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-8، ص -212)

  • آديسِي: ذ. صفت. سِر نمائيندڙ- مٿو ٽيڪيندڙ- گروءَ جي حڪم ۾ (هميشھ) رهندڙ. فرمانبردار. جوڳي فقيرن جو گروهه- ڪن چير فقير. الله لوڪ. الائي ڪهڙي مُلڪ جو. لامڪان فقير. نصيحت ڏيندڙ.

سير سڃاڻي سچ جي، وحدت واٽ وٺن،

پر ۾ پاڻ پسن، آديسي اسرار ٿي.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

آديسي اڙٻنگ، تازا ڇڪين تنگ،

نيلا اُٺ نسنگ، هليا ويا هوايون.

(محمد فقير، ڪافي-4، ص-47)

  • آڌُوتَ: ]سن.1. آڌوت = جدا ٿيل، تياڳيل. 2. اَوَڌُو (اُو= هيٺ+ ڌوُتَ= ڌُڻيل > ڌُو= ڌُوڻڻ) جنهن دُنيوي خواهش کي ڌوڻي ڦٽو ڪيو هجي[ دنيا کي ترڪ ڪندڙ- تارڪ. تياڳي فقير (دنيا سان لاڳاپو ٽوڙيندڙ) فقير، سنياسي، ويراڳي. ساڌو- جوڳي.

عاشق اسم ڪمايا، صورت اندر سمايا،

آڌوت اَن اَلايا، گلزار هو گگن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • آڌوتي: ڏسو ”آڌوت“.

جنساري جسمات، انساني اسمات،

اظهاري اثبات، آڌوتي عُريان.

(محمد فقير، سُر لوڙاڻو، ڪافي-10، ص-71)

  • آرا: واحد.آرو. دل جو لاڙو- انگل- ناز- پيار- قرب. حُب- سڪ. رُخسار ڏٺي مختيار ٿيس، اختيار عشق دا آرا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-123)

ڪهڙو مانُ ملن جو، جن جو اٽي سان آهي آر.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

ڪري هٿ ۾ ’لا‘ جي ڪاتي، پا وُجود ۾ جوڙي جهاتي،

اسم صورت ڪر اثباتي، عاشق ٿي رکي آرو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-7، ص-4)

  • آروڙي: مصدر. آروڙجڻ. فعل مجهول ]سن. آ+ رُٽ= ڪاوڙجڻ[ ڪاوڙ وقت مُنهن ۾ گهُنڊ پوڻ- ڪاوڙجڻ- ڏمرجڻ.

عشق دل انگي، وِير مُٺ دل ونگي،

جوڳي ڪدِ گاروڙي، آروڙي اڙٻنگي.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • آڙاههُ: ذ. ]سن. آوَرته< آرَڻ= ڪُن، اوڙاهه[ باهه جو مَچُ. کورو. نرڳ- دوزخ. (صفت) تمام وڏو. اَٿاهه- اونهو. حد درجي جو.

ٻاهر کيرو کيرو کِل ۾، اندر ۾ اڙاهه،

’محمد‘ بي پرواهه، کائِي متو موت تي.

(محمد فقير، بيت-222، ص-289)

  • آڙنگ: ذ. ]سن. آ+ گهَرمَ= گرمي، پگهر[ برسات کان اڳي هوا جي گهُٽ، ٻُوسٽ- رُگهه- رونڀو.

عشق اوڀارو آڙنگ ڪيڙو، وسر يا ٽول ٽڪاڻا،

بيشڪ بشري بيک بنائي.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-7، ص-70)

  • آڙو: (آڙو پاڙو) ذ. اوسو پاسو- آس پاس- جنڊو پاڙو. پاڙو - ويڙهو- اوڙو پاڙو.

ڳايان ڳلي ڳلي ۾، اولنگهه وڄائي آڙو،

پنهنجي پسي پيشاني، پُرجهي پريم پاڙو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-8، ص-110)

  • آڙهه: ذ. باهه جو وڏو مچ- آڙاهه.

آتش بازي اکين واري پسي، آڙهه آنبه وارو،

اچي انحد بين بجائن ٿا.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-4، ص-106)

  • آسڻ: ذ. ]پرا. آسَڻَ؛ سن. آسن >آس= واهڻ[ ويهڻ جي جاءِ- بيٺڪ- گدي. پاٿاري- وِهَڪَ. آشيان- ماڳ- تڪيو- مڪان. فقيراڻو تڪيو- اوتارو- آستانو.

الف آڌوتن جو نه اوڇڻ تي آرو،

نڪو آسڻ اُس لئه نه آڻڻ آسارو.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص -247)

  • آشرما: (آشرَم) ذ. ]پرا. آسَمَ؛ سن. آشَرَمَ[ ساڌُن، سنياسين جي رهڻ جي جاءِ- مڙهي- ڪُٽيا. برهمڻن جي جيوت جي هڪ منزل. (آشرم چار آهن: 1. هر هماچاريه= برهما جي پوڄا جي خيال وارو- آديسي- صوفي- ويدانتي- خدائي طالب. 2. گرهستي= گهر تڙ وارو، جو جهان ۾ وهنوار به ڪري ٿو. 3. وان پرسٿ= ويدانتي علم جو طالب علم. 4. سنياس= لاتعلقي يا تياڳ جي خيال وارو). خوشيءَ جي موقعي تي ٺاهيل جهوپڙي يا ڇنو. مدرسو- اسڪول. ڌرمي اسڪول يا اصول. وڻن جو جُهڳٽو- جهنگ.

”محمد“ ڪي مهمان ورنن آشرما،

ڀڄن ڀيد بِرما ڪا سرگم سُنائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-173)

  • آشڪار: صفت ]ف[ ظاهر- پڌرو- چٽو- نروار- کليل.

آخر اول اظهار ٿي، اولي اچي انسان جي،

ارشاد سان آباد ڪيو، اسلام اعليٰ آشڪار.

(محمد فقير ، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • آشيان: ذ. ]ف. آشيانه[ آکيرو- آهيرو- گهر. آستان- مڪان.

اکين ۾ آشيان ڪيو، اچي عشق امين،

بقائي واري بيت، وڄائي وحدت سان.

(محمد فقير، بيت-152، ص-281)

  • آفات: ث ]ع. آفت جو جمع آفات[ آفتون- مصيبتون- تڪليفون.

سِر دا ساناگا چاوين، هٿ لاوين، پڇي عشق آفات ڪُون.

(محمد فقير، سُر پاهڙي، ڪافي-32، ص-138)

  • آڪرا: واحد. آڪرو . ذ. صفت. ]سن. آڪَرد آ+ ڪري= اڻ ڳڌل، جنهن اگهه ۾ اڳي ڪنهن به نه ورتو هجي[ مهانگو- گران. ]سن. آڪلَ[ کَهُرو- شوخ. مغرور- هٺيلو. ڪاوڙيل. ضدي- تيز- تکو.

عاشق اڏيءَ تي آڪرا، احوال ڪن جي انوري،

احمر ڪيو القاب سان، حاصل تنين حج اڪبري.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-23، ص-66)

  • آکان: چوان.

ڪِيا آکان ڪهندي اڳون، هي ڳالهه اِي اِسرار دِي.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • آگا: واحد. آگو. ذ ]تُرڪي. آقا؛ ف. آغا[ آغا- آقا- آگا (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو صفاتي نالو.

ڏي ڪي دلاسا دلئون دلبر، محبوب من جا مٺا منور،

آگا اچڻ جو ڪر احسان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-1، ص-9)

  • آنبه: ذ. ]سن. انبوهه[ گوڙ- ميڙ- اجتماع. باهه جو مچ- آڙاهه.

عشق اندر ۾ آنبه ٻاريو، اکر عقل جا اُڏاڻا،

اڀري عدم کان اور اَلائي.

(محمد فقير، سر لوڙائو، ڪافي-7، ص-70)

  • آنگر ڏيڻ: هڪل ڏيڻ. (ڪنهن چوپائي کي)

ڏيوَن دڙڪي، اَٽ ڪر آنگر.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • آنهڪار: ]سن. آنُ= هائو+ ڪر= ڪرڻ[ هاڪار- آنڪر- مڃتا.

هرجاءِ هڪل هڪ ڪيو، حُسن کي هسوار،

ڪاٿي ڪام ڪروڌ سان، لوڀي ڪٿ آنهڪار.

(محمد فقير، بيت-215، ص-288)

  • آڻا: آڻيان، ويساهه رکان. ڀرسو ڪريان.

مڙئي مذهب ملت ڄاڻان، نه ڪنهن ڏي ڪو وهم آڻا،

مثالي ماڳ ٿو ماڻيان، کولي مشهور مئيخانو.

(محمد فقير، متفرقه ڪلام، ص-241)

  • آئُو: ذ. مٺي پاڻيءَ جي مڇيءَ جو هڪ قسم- ڄرڪو. (صفت) جُمههُ ڪري ايندڙ. هائُو ڪري کائي ويندڙ- گهڻو کائيندڙ. اهي فقير جي پنهنجي خواهشن کي گهڻو کائيندا آهن.

اِي جي آئُو، سدا نچ گائُو، گگن محل ڪي باجي بجائُون.

(محمد فقير، سر ڀيم پلاس، ڪافي-4، ص-51)

  • اَبرار: ذ. صفت. ]ع. بَرجو جمع ابرار[ ڀلارا- نيڪ- صالح. تابعدار (ماءُ پيءُ جا). اولياءُ.

لام- لاهوتي لقب، عارف عجب ابرار دا.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-262)

  • اَبرو: ذ. ]ف. اَبرو: سن. ڀرو[ اک جي مٿان وارن جي ڪمان- ڀرُون.

اَبروسن سنگينان ڀالي، گهُومل ندي گَمسان،

درسن والي دم دم ديهِي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1، ص-1)

  • اَبلق: ذ. ]ع[ گهوڙي جي رنگ جو نالو. اهڙو گهوڙو، جنهن جي بدن تي وڏا اڇا ڪارا (ڪارو ابلق) يا اڇا ۽ ڳاڙها (ڳاڙهو ابلق) دڙڳ هجن.

اَبلق لک گهوڙا ڏِتسُ هزارا،

سُو ڌا سُچر مَيا متارا.

  • اِبليس: ذ. صفت ]ع. بَلَس= نا اُميد ٿيڻ[ وڏي شيطان جو نالو (جو پهريائين عبادت ڪري ملائڪن مقربن جي درجي کي پهتو، پر پوءِ حضرت آدم کي سجدي نه ڪرڻ ڪري لعنتي ٿي بهشت مان تڙجي نڪتو) شيطان- شرير. لعنتي- تڙيل.

آدم ابليس جي فن ۾، رکي پردو پرين پارس،

بنائي بيک بازيءَ جو، عجب انسان ٿي آيو.

(محمد فقير، سُر شام  ڪلياڻ، ڪافي-8، ص-212)

  • اَبناسِي: صفت. ناس نه ٿيندڙ- غيرفاني- لازوال- امر. سدا رهندڙ- ابدي. سرمدي- قيوم.

چاطر اَبناسي نرگن مُورک ڪيا ٻُڌواني ري.

(محمد فقير،سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • اُٻهلا: (اُٻهرو) تڪڙو. تکائي ڪندڙ، جلدي ڪندڙ.

عاشق اُٻهلا آهن اڙٻنگي.

(محمود فقير، ڪافي-13، ص-52)

  • اڀياسي: صفت. اڀياس ڪندڙ- محنت سان پڙهندڙ.

روپ سروپي ڀيد اڀياسي، آپي ساڌو آپ سنياسي،

ٻورن آپ پراني، ڀيد بيانِي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • اُتپَتُ: ث. ]سن. اُتپت[ پيدائش- ڄَمُ- تخليق. رچنا- جهان جي جوڙ- مخلوقات. ]سن. اُد+ پَت[ هُرکر- آنڌمانڌ- اُڻ تڻ- انتظار- ڳڻتي- مُونجهه.

تُريا وِيا پڪ اُتپت اندر، تُرياجات مين جاتِي ري.

(محمد فقير، سر ڪونسيه، ڪافي-13، ص-179)

  • اِتحادُ: ذ. ]ع. اِتَحدُ= هو هڪ ٿيو[ ايڪو- اِتفاق- ٻڌي- ايڪتا- ميلاپ- يگانيت.

عشق جي آتش اندر، آخر اول آواز ٿي،

اتحاد آئون اتحاد آئون اتحاد آئون آهيان.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-7، ص-193)

  • اُتمُ: صفت. ]اُتمُ[ سڀ کان مٿي- تمام اُتانهون- اعليٰ ۾ اعليٰ. اوچو. عمدو. وڏي درجي وارو. قيمتي- نفيس.

اُتم آواز اوڀاري، سُرودي ساز سوڀاري،

سُخن سر صاف سينگاري- سلان سهڻا سريجن سان.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-12، ص-189)

  • اُتون: اُن تان.

قربان وڃان مهربان، اُتون سروان سڄي ٽولي.

(محمود فقير، ڪافي-11، ص-50)

  • اَٽُ: ذ. اسم، صفت يا فعل جي آخر ۾ ايندڙ پڇاڙيءَ جا اصل مفهوم کي زياده زوردار بنائي.

بنائي ڏيوَن دڙڪي اَٽ ڪر آنگر.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • اَٽڪڻ: مصدر. ]سن. اَرگَڊ[ وچڙڻ- ڦاسڻ. روڪجڻ- رنڊجڻ- اَڙڻُ. هٻڪڻ (ڳالهائڻ ۾). جهلجڻ- بند ٿيڻ. پاڻ ۾ ڳنڍجي پوڻ.

اَٽڪڻ جون عادتون، اکين کي آهين،

ڪٽڪ سان ڪاهين، ڪوپن جي ڪاپار تي.

(محمد فقير، بيت-163، ص-282)

  • اِثباتُ: ذ. ]ع[ ثابتي- ثبوت. مضبوطي. دعويٰ. اقرار. بقاءُ (نفيءَ جو ضد). الله تعاليٰ جي هستيءَ جو اقرار آهي. ”ڪلمي ۾ ڏس نفي اثابت“ (لا اِلھ) نفي آهي ۽ (اِلا الله) اِثبات آهي.

تازي طبل سان سرتاج شاهي، صمصام سُر سان ساغر صُراحي،

اِثبات عادل عارف اِلاهي، اڪبر اکين ۾ اظهر اشارو.

(محمد فقير، سر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • اِثباتي: صفت. اثبات وارو- ثابتي رکندڙ. اقراري- هائوڪاري- ڪلمي شريف جو اثباتي فقرو.

ڪري هٿ ۾ ’لا‘ جِي ڪاتِي، پا وُجود ۾ جوڙي جهاتي،

اسم صورت ڪر اثباتي، عاشق ٿي رکي آرو.

(محمد فقير، سر آسا، ڪافي-7، ص-4)

  • اثرات: واحد. اثر. ]ع[ نشان- علامت- آثار.

سُورِيءَ واري سيج تي، سمجهي ذات صفات،

ڪلمون اناالحق جو، آوازي اثرات.

(محمد فقير، بيت-241، ص-292)

  • اثردار: ذ. صفت. اثر رکندڙ- خبر رکندڙ.

رهِي راڳ رنگ ۾، اثر  دار انگ ۾،

صحي صاف سُنگ ۾، سُخن کي سينگاري.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-2، ص-235)

  • اَٿَرُون: (اَثرويد). اسم خاص. ]سن. اَٿَرويدَ[ هندن جي چئن ويندن مان پوئين ويد جو نالو.

ويديجر، رگ، شام اٿرون، برمان مُک پرچار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

اوم اَٿرون ويد ويراڳي، اوم يجر رگ شام هري.

(محمد فقير سُر ڪونسيه، ڪافي-14، ص-179)

  • اَپارَ: صفت. ]اَ= نه+ پار= پرين ڪنڌي[ جنهن کي ٻيو ڪنارو نه هجي- بي ڪنار- بي ڪنڌي- انحد- بي حد. اٿاهه- بي انت- بي شمار- گهڻو.

پائي پاند ڳچيءَ ۾، ڪريان عرض اپار.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-2، ص-191)

  • اُپاشن: (اُپاسنا). عبادت- پوڄا- شيوا. تعظيم. خداپرستي. مراقبو. بندگي.

ڪرم ڪُل ويدانِي، اُپاشن سِڌاني، گياني وگياني، ڪي سير سمائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص173)

  • اَجَلُ: ذ. ]ع. اَجَلُ[ مقرر مُدو ٿيل- کُڻ. کُٽي- قضا- موت.

نظر جي نظاري، سُرت سِر سينگاري،

وهم ڪُل وساري، اشاري اجل سان.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-47، ص-146)

  • اُجلِي: سفيد- اڇي. صاف- خالص.

پد پرڪاشي پُرجهه  پڌارت، سنت سُناوي گيان ڪٿا ڪٿ،

اُنپت اُجلي يگٽ يٿارٿ، ’محمد‘ مينگهه ملارا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • اُجهاڻِي: وساڻي- اُجهامي وئي. ختم ٿي وئي.

لڳي آگ عشق جي، اڃان نه اُجهائي.

(محمود فقير، ڪافي-33، ص-63)

  • اَجَهلُ: ذ. صفت. ]اَ= نه+ جَهلُ[ نه جهلڻ يا روڪڻ جهڙو- اُهو جهلجي نه سگهي يا جنهن تي ضابطو نه رکي سگهجي. اَڻ جهل- اَڻ ٽَرُ- بي حد- بي شمار- گهڻو- جهجهو.

اکين ۾ اِتحاد ٿيو، اَجهل عشق اچي.

(محمود فقير، بيت-93، ص-275)

  • اَجهو: ذ. ]سن. اَشَرَيه= قرار گاهه، پناهه[ پشت پناهه- پردو- ڍَڪُ- بچاءُ- آسرو- سهارو. گهر- رهڻ جي جاءِ. مٿي لڪائڻ جو هنڌ.

اڙين سندو اعليٰ اجهو، احمد ظفر زمان ٿيو،

صورت واري سينگار سان، ثابوت سِر سُبحان ٿيو.

(محمد فقير، مثنوي-1، ص-297)

  • اَجهورَ: اونهون پاڻي- گهرو پاڻي- وڏو پاڻي.

اچن سي اَجهورَ تي، سڀئي سُڃاڻا.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • اَحبابُ: ذ. ]ع. ’حِبُ‘ جو جمع[ دوست- يار- سنگتي- ساٿي- مُحب- پيارا- عزيز.

احباب، ارباب، القاب احمر، اِسمات، جسمات، سُخنات سرور،

اِتحاد، آباد، ارشاد انور- اسرار، اظهار، زُنار ظالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-38)

  • احد: صفت. ]ع[ هڪڙو- واحد. اڪيلو- تنها- يگانو. (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

احد احمد، ميم محمد، فيض فقيري فهم ۾ ڇا ٿيو.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-15، ص-80)

  • احرام: ذ ]ع[ حج يا عُمري جي موقعي تي اڻ سبيل چادرون، هڪ سان گوڏ ٻڌجي ۽ ٻي بدن تي ويڙهبي آهي. اهڙي اڻ سبيل ٻه ڪپڙي پهرڻ جي رسم، هڪ مقرر جاءِ کان ڪعبة الله تائين پاڻ تي، ڪن (جائز) ڪمن جي حرام ڪرڻ واري حالت.

هر مذهب کي ٻڌائي، آوازي احرام.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-20، ص-154)

  • اَحسن: صفت. ]ع. حسين جو تفصيل[ وڌيڪ چڱو- تمام چڱو- وڌيڪ خوبصورت ۽ نيڪ- زور پسند- نهايت وڻندڙ.

مَئي پيءُ ’محمد‘ موج مچائِي، چشمان دي چالان،

احسن اُلٽ عجائب جيهي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1 ص-1)

  • احمد: صفت ]’حميد‘ جو اسم تفصيل > حمد= ساراهڻ) گهڻو ساراهيل- سڀ کان وڌيڪ ساراهيل (اسم خاص) حضرت محمد صه جن جو ازلي نالو.

احد احمد ميم محمد، فيض فقيري فهم ۾ ڇا ٿيو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-15، ص-80)

  • احمر: صفت. ]ع[ ڳاڙهو- سُرخ- رتو- لال.

محمد يوسف جو ياور يرانو، يڪدم يسر ٿيو ياقي يگانو،

بازي برهه ۾ بيسر بهانو، احمر اڏيءَ تي عاشق جو اثر.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • اَخفيٰ: صفت. ]ع[ سڀ کان وڌيڪ لڪل يا مخفي. صوفين وٽ دل جي ستن لطيفن مان پويون لطيفو.

نفي، قلبي، روحي، سِري- خَفِي،  اَخفيٰ ڪقسب ڪِرِي،

قتل ڪر شوق شَڪ شِرِي- اَنالاقرار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-15، ص-7)

  • اَخوان: ذ. ]ع. اَخ[ ڀائُر- ڀاءُ.

تاجا خان هو يا اخوان جيها، جنهن دي گهر ڳئِي هان،

مين گهِن گهٽي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • اخواني: صفت. چلوِلو- متوالو- ڀاءُ جهڙو.

تخت هزاري دا اخواني.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-147)

  • اَڌڪارِي: ذ. ]سن. اَڌِي = مٿان+ ڪُر= ڪرڻا[ اختياري- حق- عهدو. قبضو. لياقت. حڪومت. طاقت. شان- مرتبو. انتظام.

اوم هرِي ڪا اڌڪارِي، درشن ڌاران ڪر درباري،

ساچ سُناوي سُر سنسارِي، ساکي سنت همارا ري.

(محمد فقير، سر ڪونسه، ڪافي-12، ص-173)

  • اَڌوڙَ: (اَڌوڙي) ث. ]سن. اَرڌَ= اڌ+ ڌُريَه= لاڏو وَهٽ[ ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪريءَ يا اُٺ جي کل (ملتاني) اڌواڙ.

جُتي ڀتان جوڙي ڏيسان، ڪيم چمڙو سايو،

اَڌوڙ اٿم ٽنگي، ڪالهه کوڙي ڪايو.

(محمود فقير، گنگو، ص-105)

  • اَڏِي: ث. ]اَدُرِ= پَهَڻُ سوم ٻوٽيءَ کي گهَڻَ يا پيهڻ لاءِ[ گاهه، گوشت ۽ مَڇيءَ وغيره کي وڍڻ لاءِ ڪاٺيءَ ٽڪرو. اُهو ڪاٺيءَ ٽڪر جنهن ۾ سنداڻ کُتل هجي. اها ڪاٺي جنهن تي بندوق رکي هڻجي. (اصطلاحاً: (ڏيءَ تي سِر ڏيڻ) مرڻ لاءِ تيار هجڻ.

محمد يوسف جو ياور يرانو، يڪدم يسر ٿيو ياقي يگانو،

بازي برهه ۾ بيسر بهانو، احمر اڏيءَ تي عاشق جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • اَذڪار: ذ. ]ع.، ذڪر جو جمع[ ڌڻيءَ جي يادگيريءَ ۾ دعائون ۽ ساراهون. بيان- ڳالهيون.

احمدي احوال سان، آوازي اذڪار.

(محمد فقير، هفتو-1، ص-262)

  • اِذجَاءَ اَجَلَهُمُ:

ننڊ نڀاڳي ويسر وساري، اِذجاءَ اَجَلَهُمُ ساعت سنڀاري..

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-1، ص-235)

  • اَرَ: ث. اَٽَڪَ- آڏ. ]اُرُ: ذ[ ]سن. اُرُسُ= ڇاتي، اُره[ ڇاتي- سينو. ارواح- جيءُ- دل- من. چاهه- شوق. ٻُڌي- تيز فهمي- ذهن ذڪاءُ-سٺو حافظو. شڪتي- طاقت- قوت.

ڪنٺ ڪنول اَرَڀونر غفايا، اوم ڪا انگ لڳايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • اَربابِ: ذ. (تصوف جي اصطلاح موجب) باطني رازن ۾ معنائن کي سمجهندڙ.

احباب ارباب القاب احمر، اسمات جيسمات سُخنات سرور،

اتحاد آباد ارشاد انور، اسرار اظهار زُنار ظالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-38)

  • اَرٿاءُ: ذ. ]سن. اَرٿَ+ آءُ[ مثال- نمونو. تصوير- تمثيل. چٽائي- صفائي.

ويدايو رڌُ نر اَر اَرٿاءُ، اوم هري اونڪار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • اَرُداسُ: ث. ]ع. عرض. ف. داشت. سن. اَرٿ، اَرد= عرض ڪرڻ+ آس[ التجا- سوال- عاجزي- عرضي- گذارش- منٿ- نيزاري. ڀيٽا- موکا. نذرانو - هديو.

بلي شاهه، ارداس، گلاب، سرشٽ ديانند ٻُڌ پرتاب.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • اَرڙ: ذ. ]سن. اجگر= وڏو[ اجگر بلا- ارڙ بلا- ازدها- ڊمڻ- وڏو نانگ (صفت) پيٽي- چُڍو- ڏرو- کائو- حريص- تمام وڏو (چور). زبردست- حرفتي- چالاڪ- چالباز- مڪار. هوشيار.

سَرڙ سامونڊي ارڙ ڀٽارا، ناميل نرڙ نغارا.

(محمود فقير، ڪافي-77. متفرقه ڪلام، ص-102)

  • اَرڙا. واحد. ارڙو، مصدر: اروهڙجڻ. تپي ڳاڙهو ٿيڻ- ڪاوڙجڻ- ڪوپ ٿيڻ. چي هڻڻ- ضد ڪرڻ. هوڏ ٻڌي بيهڻ.

حاڪم ڪَرڙا، ٻَڌي اَرڙا، کڙاهي ڪات.

(محمود فقير، ڪافي-40، ص-68)

  • اَرُضِ وَ سَماءِ: ذ ]ع[ زمين ۽ آسمان.

ارض و سماءِ وچ هوڪا هُليا، حُسناتي هسواري دا.

(محمد فقير، دوهيڙو-1، ص-298)

  • اَرَمُ: ذ. ]ف. اَرُمڪ= هڪ پشمي ڪپڙو[ ريشمي يا اوني ڪپڙي جو هڪ قسم.
  • اِرُمُ: اسم خاص. ]ع[ صَنعاءُ ۽ حَضر مَوتَ جي وچ ۾ ’شداد بن عاد‘ جو ٺهرا اِرضي بهشت. عاد جي ٺهرايل ٿنڀن واري شهر جو نالو. اِرَمَ ذاتِ العِمادِ. (قرآن حڪيم).
  • اَرو: اصطلاح. اري ۾ اچڻ. ڪنهن وڪڙ يا مصيبت ۾ ڦاسڻ.

ڀچي ويو بغل ۾، عشق جو اَرو.

(محمود فقير، خيري، ص-141)

  • اَرواحُ: ذ. ]ع. رُوح جو جمع. سنڌيءَ ۾ واحد طور ڪم ايندڙ[ روح. طب جي اصطلاح. ارواح ٽن قسمن جا آهن: (1) روح حيواني. (2) روح نفساني. (3) روح طبعي حياتي- دم- ساهه. خواهش- خيال. اِشتها- سڪ.

عدم کان ارواح ٿي، عاشق تي،

آيو پکن تي، پسڻ پسڻ پسڻ جو.

(محمد فقير، بيت-173، ص-283)

  • اَري: ڏسو ’ارو‘.

ازل کان آوازي اوقاتي اصل، آيو سوئي عاشق اکين جي اَري.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-14، ص-114)

  • اَڙٻنگ: ذ. صفت. بي پرواهه- اَرڏو. پهلوان- ٻلوان- طاقتور- سگهارو. ڏنگو- اَهنڊُ- حرڪتي. شوخ هوڏي.

هٿ ڪر اپنا خيال، عسق اصل اَڙٻنگ ڏِٺوسي،

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-1، ص-6)

  • اَڙٻنگي: ڏسو اَڙٻنگُ.

عشق اُٻهلا آهن اڙٻنگي، دُرس دلير زوراور زنگي.

(محمود فقير، ڪافي-13، ص-51)

  • اُڙدُ: ذ. ]تُرڪي. اردو= ڇانوڻي[ فوج- لشڪر- ڪٽڪ- جَمَ غفير- ميڙ- انبوهه- ڊَنب- خلق- ڍڳ- انبار- کوڙ.

اُڙد عمر جا ڪُو پا قهرِي، ديرن تي دربان.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • اَڙِي: ث. ]سن. اَري[ وڪڙ- پيچ. تڪليف- مشڪلات. ڏک- سور- اهنج- ايذاءُ. (ظرف) اڙجي- ڀُلجي- ڀنڀلجي- ڦاسجي.

عشق اندر ديان ڪاتيان قهري،

وڃ اَڙي وچ انڌين اَهري،

’محمود‘ منصب لڏ ڳئي لهري.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • اَزلُ: ذ. ]ع[ شروعات کان سواءِ هميشگي- اناد. ”ابد“ جو ضد. دنيا جي پيدائش“. جو پهريون ڏينهن- ميثاق وارو ڏينهن- مُنڍ- اصل- بنياد- ابتدا- تخليق جي شروعات- ابتدا آفرينش. قسمت- مقدر- تقدير.

ازل کان آوازي اوقاتي اصل، آيو سوئي عاشق اکين جي اَري.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-14، ص-114)

  • اُسر: مصدر. اُسرڻ. ]سن. اُد= مٿي+ سَرَڻ= گذرڻ، چُرڻ[ اُڀرڻ- وڌڻ- رَمَ. مٿي چڙهڻ. روانو ٿيڻ- اُسهڻ- وڃڻ- هلڻ. نڪرڻ.

موتيارومي ’محمد‘ منور، برس باغ بقائي بندر،

ڪٿان آس اُلاسي اندر، اُسر عدم ڪَنون آئي هي،

مستي والي موج مگهن وِچ.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-5، ص-168)

  • اِسرارُ: ذ. ]ع. 1. اَسرار= ڳُجهه، راز. 2. اِسرار=لڪائڻ[ ڳُجهه- ڀيد- ڳجهيون. ڳالهيون- ڳُجها ڪم- راز رنگ.

اکين واري آتش بازِي، ٺام عجائب ٺهي ٺهي،

اَچي اصلاتي اِسرار سان.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-5، ص-106)

  • اسم: ]ع[ نالو. مستقل معنيٰ دار ڪلمو جنهن ۾ زمانو نه هجي.

اسم جسم دا ڇوڙ  بهانا، هي سڀ  ايڪ ايڪائي، نهين جُدائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • اِصلاحُ: ث. ]ع[ دُرستي- سُڌار- اوتار.

اعليٰ اصل اوقاتِي، عادل عجب عدل جي،

آواز ان الاهي، اصلاح عشق اڪبر.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-7، ص-224)

  • اَصيل: صفت. ]ع. اَصَلَ= هو محڪم بنيو[ چڱي نسب وارو- شريف- نيڪ ذات- چڱو مڙس- اصل نسل وارو- بُڻائتو. اصل خاندان- خانداني- عزت وارو. سچو ماڻهو.

لام- لاهوتي لعل ٿيا، اکين جا اصل.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

  • اَطهر: صفت ]ع. ’طاهر‘ جو تفضيل[ سڀ کان وڌيڪ پاڪ. نهايت پاڪ- تمام پوتر.

’محمد‘ مام مظهر،ا صل عام اطهر،

ٿيو عشق اظهر، علي آ علي آ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-60، ص 41)

  • اِظهار: ذ. ]ع. اِظهار= پڌرائي ڪرڻ[ پڌرائي- مشهوري. ڪورٽ اڳيان بيان. گواهي. زباني شاهدي.

اَڏيءَ واري آر تي عاشق، اصل کان اظهار،

ڦرن ٿا ڦرڪِي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-1، ص-101)

  • اَظهر: صفت. ]ع. ’ظاهر‘ جو تفضيل[ وڌيڪ ظاهر- تمام پڌرو- تمام چٽو. مشهور.

تازي طبل سان سرتاج شاهي، صمصام سُر سان ساغر صُراحي،

اثابت عادل عارف اِلاهي، اڪبر اکين ۾ اظهر اشارو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • اعظم: صفت. ]ع. ’عظيم‘ جو تفصيل[ تمام وڏو- سڀ کان وڏو- تمام وڏي عزت وارو. اسم اعظم.

عشق چئي الله اڪبر اُلاسي آواز ڪيو،

الستي احوال اعظم اِلاهي آباد سان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-52)

  • اعظم شاني: ڪيڏو نه وڏو شان آهي- ڇاته شان آهي. (بايزيد بسطاميءَ جو بي خوديءَ ۾ هنيل نعرو).
  • اَقرب: ظرف. ]ع. ’قريب‘ جو تفصيل[ قريب- تمام ويجهو. اوڏو- اوڏڙو.

اندر ٻاهر اصل اعليٰ، اويڙو عشق ٿي عالم،

اُلاسي اوج آوازي، آلايان اَن اقرب ٿو.

(محمد فقير، سر ڪلنگڙو، ڪافي-1، ص-188)

  • اڪبر: ذ. صفت. ]ع. ’ڪبير‘ جو تفضيل[ سڀ کان وڏو- وڌيڪ وڏو. اسم خاص. ڌڻي تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو ”الله اڪبر: الله سڀ کان وڏو آهي“.

تازي طبل سان سرتاج شاهي، صمصام سُر سان ساغر صُراحي،

اثبات عادل عارف اِلاهي، اڪبر اکين ۾ اظهر اشارو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • اَڪمل: ذ. ]ع. ’ڪامل‘ جو تفضيل[ وڌيڪ ڪامل- سڀ کان وڏو ڪامل- سمپورڻ. پورو- مڪمل.

عشق اڻجهل به هجي، سُرخ سهڻل به هجي،

سُخن صيقل به هجي،ا ُتي اڪمل به هجي.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-20، ص-64)

  • اُڪنڊ: ث. ]سن. اُتڪنٺا> اُت= مٿي+ ڪَنٺَ= ڪنڌ[ پيار- محبت- پريت- نينهن. سڪ- اُڪير- حُبَ- ڪشش- ڇڪ- تانگهه.

اُڪنڊ اوهان جي آهي ازل کان، ڳالهه نڪا ٻي ڄاڻان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-3، ص-156)

  • اَڪسير: ذ. ]ع. اِڪسيرُ[ ٽامي کي سونُ بڻائيندڙ دوا- ڪيميا- پارس. هِڪٽِڪَ دوا. ترياق. آبِ حيات. (صفت) نهايت مفيد.

ٿيا خيال، برحال، في الحال فالم-

ڪنچير، مهمير، اڪسير عالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-37)

  • اُڪير: ث. ]سن. اُتڪَلڪا. پِرا. اُڪليا[ دل جي ڇِڪَ- سڪ- حُب- پيار- قرب- اُڪنڊ. شوق- سَڌَ.

س- سڪايل سوز جا، اندر جن اُڪير.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-254)

  • آلا: مصدر. الائڻ. ]سنئ اُتُ+ لَوَڊَن[ اُليڙڻ- اکيلڻ- کولڻ. پلاڻ لاهڻ. خالي ڪرڻ.

’محمد‘ مقال موکي، مذڪور موج مستي،

القاب اِنس اولي، اَن اَن اَلا اَلا.

(محمد فقير، سر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • اُلا: واحد. اُلو. ڄيرو- ڄراٽ- پَڄَرَ. چوچڙي- ٻريل بُنڊي. عشق جي آڳ.

صُراحي جو ساقي بشر بيک باقي،

 يگانو ٿي ياور يڪو يار ياقي،

اُلاسي اثر سان آوازي اولائي.

(محمد فقير، سَربنس، ڪافي-16، ص-2)

  • اُلاري: مصدر. اولارڻ. (ڌڪ) لاءِ هٿ اولارڻ يا هٿيار اولارڻ. سَڃڻُ.

ونگ واري ڪر اُلاري، ڏي لاماري لڙ دِي.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • اَلاڪي: ڏسو ’اَلا‘.

ڪُل شيءِ محيط اَلا ڪي، ثابت سِڙا ساسي.

(محمد فقير، سر ٽوڙي، ڪافي-8، ص-221)

  • اُلان: واحد. الو. ذ. ]سن. اُل= ٻرڻ[ باهه جي چڻنگ- شعلو. ٽانڊو چڀي. لاٽ.

ڏيسان باهه ڀنڀور ڪُون، اُٿن اُلان پئي آڳ دي.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-85)

  • اُلانبي: ڏسو اُلو.

ورتين مارو ڪوڙ ولهي ڪون، عشق اُلانبي آندي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-119)

  • اَلائي: ڏسو. اَلا.

عشق اندر ۾ آبنه ٻاريو، اکر عقل جا اُڏاڻا،

اُڀري عدم کان اور اَلائي.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-7، ص-70)

  • اَلايا: ڏسو. اَلا.

عاشق اسم ڪمايا، صورت اندر سمايا،

آڌوت اَن الايا، گلزار هو گگن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي ڪافي-10، ص-14)

  • اِلا الله: ذ. ڪلمي طيبه جو اثباتي ڀاڱو بمعنيٰ ”سواءِ الله جي“.
  • اَلاِنسان سِري وَاَنا سِرَه: حديث قدسي. انسان منهنجو ڳجُهه آهي ۽ آئون سندس ڳجهه آهيان- انسان منهنجو راز آهي ۽ آئون سندس راز آهيان.

اَلاِنسان سِري واَناسِره، عجب ٺاهي ٺاهه،

اَنا اَن اَلائي آيس.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-36، ص-88)

  • اَلاِنساني:

اَلاِنساني برقعو پايم، سُرت سيني ۾ سُوجهه،

نظر ۾ ڏس نواز منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-9، ص-5)

  • الله نورالسموات والارض: (ق) پاره 18، سورة نور، آيت-35) الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جي روشنائي آهي.

کولي سرگم ساز کي، صورت سِر سُبحان،

’اللھُ نورُ السمٰوات‘ چئي، چشم جي چالان.

(محمد فقير، بيت-211، ص-288)

  • اَلبيلا: ذ. صفت. ]سن. المويلَ< اَلَم= گهڻو+ ويل= نخريلو ٿيڻ[ دادلو- لاڏلو. (واحد. البيلو) چنچل. پيارو. اَنگلي- نخريلو. لاغرض- بي پرواهه- بي خيال. نازنين. حسين- خوبصورت- وڻندڙ- دلبر. ٻالو ڀولو.

ويهين ڏينهن اڳياهي وانگي تيڏا، البيلا هڪ انب.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • البيلو: ڏسو. اليبلا.

اَناالحق اظهار اَلايم، عجب عاشق ٿي البيلو.

(محمد فقير، سُر پويا، ڪافي 6، ص، 148)

  • اَلست: ذ. ]ع[ ڇا مان آهيان؟ ”اَلَستُ بِربکَمُ“ وارو قول. (آئون اوهان جو رب ناهيان؟) روزِ ميثاق- ازل.

ٿي ويو الست آئون آواز، شان تنهنجو آ شهباز.

(محمود فقير، ڪافي-74، ص-96)

  • اَلستِي: اَلست وارو- ميثاق وارو.

عشق چئي الله اڪبر، اُلاسي آواز ڪيو،

الستي احوال اعظم، اِلاهي آباد سان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص52)

  • اُلٽِ: ث. اُبَتِ- اُبتي ڦيري. اُٿل.

عشق اَجهل، اُلٽ اَنل، ڪيتِي اول اثباتي،

تيز طبل، ميگهه منڊل، هيڪ هڪل هنداتي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-16، ص-17)

  • اَلحَمدُ: ث. ]ع. آلُ+ محمد= ساراهه[ قرآن شريف جي پهرين سورة ”سورة فاتحھ“ جو پهريون لفظ. هر قسم جي تعريف- شڪرانو- هرطرح جي ثنا. اَل (ع) اسم خاص جي نشاني= خاص.

ختما ڏيون خوشيءَ مان، پڙهي الحمد ساري.

(محمود فقير، موالي، ص-131)

  • الغرضا: ذ. صفت. ]ع. غرض= مطلب[ بيپرواهه- بيخيالو- نه ليکيندڙ. (ظرف) حاصل مطلب- المقصد.

الغرضا آهن گوهر غازي، زور زوراور ذات.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • الف: الله. پهريون اکر يعني الله ”الف- ب“ جو پهريونا کر، الله جي معنيٰ ڏيکاريندڙ.

قتل ڪام، جا سلام، ڏنا سام سوايا،

چشم چوٽ، الف اوٽ، گهڻا گهوٽ گهايا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-72، ص-49)

  • اَلقابَ: ذ. ]ع. لَقبُ[ لقب- خطاب- عهدا. اعزازي. نالا.

احباب ارباب القاب احمر، اسمات جسمات سُخنات سرور،

اتحاد آباد ارشاد انور، اسرار اظهار زُنار ظالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-38)

  • اَلَکُ: ذ. ]سن. اَلڪشيَه > اَ= نه+ لَڪش= ڏسڻ[ خدا جو صفاتي نالو. (صفت) اڻ ڏٺل- غائب. بي نشان. اڻ لکو.

اڻ ڏٺل- غائب. بي نشان. اڻ لکو.

اوم ڪِي مهما ’محمد‘ جاني، اوم الک پرنام هرِي.

(محمد فقير، سر ڪونسيه، ڪافي-14، ص-179)

  • اَلُولَ: ث. ]سن. اَلولَ= ٺينگ، رونشو، مزو، راند، ريچڪ، موج، لهرا[ عيش- سک- مزو- لطف.

اچي عسَ الول ڪئي، اکين ۾ اثباب،

ظهور وڪيو ذات، ذڪائي ذوق سان.

(محمد فقير، بيت-152، ص-281)

  • اَلُوٽ: ذ. صفت. ]سن. اَ= چوڌاري+ لغتَ= ويڙهيل سيڙهيل، ڪريل[ نشي ۾ ٽُٻ- مدهوش. مخمور- سرشار.

عشق اَلُوٽ وَلُوٽ ولايت جهنگ جبل جهاڙي.

(محمود فقير، ڪافي-31، ص-62)

  • اَلُوٽِي: ڏسو. اَلُوٽ کي.

عشق اَلُوٽي، چڙهيا چوٽي، ٻئي پالوٽي پڙهه دِي،

الٽ آون، گهوٽ گهاون، لڳي ٻالڻ ٻلدِي.

(محمود فقير، ڪافي، 56، ص-81)

  • اَلَهٽُ: ذ. صفت. نشي ۾ چور- الوٽ- تمام گهڻي ننڊ- خمار.

اڻوٽ ڪڙيون الهٽ اند، پازيب جون چيريون چند.

(محمود فقير، ڪافي-37، ص-66)

  • اَليندا: مصدر. اَلائڻ. ]سن. اُت+ لَوَ ڊن[ اُليڙڻ- اکيلڻ- کولڻ. پلاڻ لاهڻ. خالي ڪرائڻ.

اُٿ اوئي او اُٿ اوئي، عشق هي اَليندا اَليندا.

(محمد فقير، سر تلنگ، ڪافي-43، ص-92)

  • اَمارو: ذ. ]ع. اَماره= بڇڙاين ڏي امر ڪندڙ[ بڇڙاين لاءِ تيار ڪندڙ ”نفس آمارو“.

ڇا اَمارو نفس ڪافر، ڇا مسلم روح راز،

ڇا سراسر سير سارو، ڇا گهُليو گُر جو گيان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • اُمالڪُ: ظرف. اوچتو. يڪدم- جهٽ پٽ.

دلربا کي دل ڏي، اُمالڪ اصل.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

  • امام: ذ. ]ع[ اڳواڻ- پيشوا- سونهون- رهبر- هادي. مقتديٰ- سردار- مهندر. مذهبي رهنما. هرهڪ فن يا علم جو وڏو ماڻهو. جماعت کي نماز پڙهائيندڙ- جماعت جو اڳواڻ. تسبيح جو وڏو داڻو.

محبت جي ميزان ۾، مرد پروڙي مام،

عاشق ٿيا امام، آوازي احوال جا.

(محمد فقير، بيت-198، ص-286)

  • اُمراه: اُمراءُ. ذ. ]ع. اَمير[ وڏا ماڻهو- سردار- دولت مند- معزز.

اڙي مائي، دُرس ڌمالي، تو مڙس ڇوڙيا،

ڏاڍي عشق وِچون، اُمراه ٿيئين.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • اَمَلُ: ذ. ]هه. اَمل[ آفيم- نشو.

تون اَمَلُ کائين اِلاهي، توکي مهتي وارو لاب.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • اَنا: ضمير. ]ع[ آئون- مان. هتي اناالحق ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

اَنا اَنا اَلا ڪي، همدم حڪم هلاڪي،

چهري چشم چلاڪي، چالان هو رهاهون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-12، ص-15)

  • اَنا اَحمد بلا ميمي: (حديث) آئون احمد آهيان ميم کان سواءِ يعني احد.

اولا ڪر انساني آڪي، قرب ڪمايا مئين وو مئين،

اَنا احمد بلا ميمي، فن فرمايا مئين وو مئين.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-42، ص-32)

  • اَناالحق: جملو. ]ع[ ”آئون خود حق آهيان“. منصور حلاج جو بي خوديءَ وارو نعرو.

ساز وجودي سِر جي سُر ۾، ڳيت اَنا الحق ٿا ڳائين.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-4، ص-3)

  • اَنُ: اناالحق جو مخفف.

عاشق اسم ڪمايا، صورت اندر سمايا،

آڌوت اَن اَلايا، گلزار هو گگن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • اَنبل: ذ. وهٽن جو ٽلو. (صفت) پيار ڪندڙ- هر صحبت. (اَنُبَلَ) ث. ويهاريل عورت- سينڌي.

ڪارا اُٺ ڪوهيارل جا ڪن رائي منجهه رَڏِي،

جبل تي آئون انبل ٿيس طبل آهيان تڏِي.

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-57)

  • اَنتُ: ذ. ]سن. اَنتَ[ حد. ڇيهه- پڇاڙي- آخر- انتها. ڳجهه- راز- باطن. اندروني حالت يا طبيعت. حياتيءَ جو خاتمو- موت. خبر- حساب.

اسين عامل پيش الله جا، اسان کي سائينءَ ڏنو سَتُ،

اسين قبض لکون ٿا قرآن تي، ناهي ڪنهن کي اَنتُ.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • اَندريان (اندريون): ث. ملهه جو هڪ داءُ- اندرئين پاسي وارو جانٺو. (صفت) اندر واري- باطني (ڳالهه).

ڏاڍا جوان ڏُنڱرا، سي دُهرا ڌمالي،

اندريان هڻن اوچتو، سي هرڻا حمالي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • اِنس: ذ. ]ع[ ماڻهو- انسانذات.

رمزان لائي رنگ ٿَئي رهبر، صاف صورت جي سهڻي سربر،

اولي اِنس واري ڇوڙي سِر تي ڇتيون ڇتيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • انفس: ]ع. صف[ تمام نفيس- تمام سٺو.

احوال عشق جي سان، انفس اتي ٿي عاشق،

اڪبر ڏيان اکين ۾، آواز جا اولاڻا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-49، ص-36)

  • اَنفاس: ذ ]ع. نفس جو جمع[ دم- ساهه- گهڙيون (ساهه جون)،

جوڳي پڙهي جوش سان، اسم پاس انفاس.

(محمد فقير، بيت-30، ص-269)

  • اَنگ: ذ. ]سن. اَنڪ[ عدد. اکر. ڏنگي ليڪ. عضوو. جسم- بدن.

ڀيد برهه دي ڀاڪر پاڪي، انگ ڀڀوت رلائون، رنگ لائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-31، ص-137)

  • اَنگِي: مصدر انگڻ. ]سن. اَنڪَ= انگ، نشان، ليڪ، چِٽُ[ انگ هڻڻ. نشان ڪرڻ. رنگ ڏيڻ. چٽ ڪڍڻ. ليڪ ڪڍڻ. ڪپڙي تي قيمت جو انگ.لکڻ، جانور کي ڪُهي کل لاهڻ بعد عضوا عضوا ڪري وڍڻ،

عشق دل انگي، وِيرَ مُٺ سان ونگي.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • اَنل: اَناالحق جو مخفف.

عشق اجهل، اُلٽ اَنل، ڪيتي اول اثباتي،

تيز طبل، ميگهه منڊل، هيڪ هڪل هندا تي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-16، ص-17)

  • اَنندُنَگر: ذ. ]سن[ آرام واري بستي- اطمينان وارو شهر.

اَنندنگر ۾ آئِي هون، پريم نگر ڪِي ٿي پوجاري.

(محمد فقير، سُر ڀونپالي، ڪافي-7، ص-57)

  • اَنيڪي: (اَنيڪ) صفت. ]سن. اَن= نه+ ايڪ= هڪ[ گهڻا- بيشمار.

رُوپ سروپ اَنوپ اَنيڪي، آد پُرش ڌُن ڌياني ري.

(محمد فقير، سر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • اَنوارُ: ذ. ]ع. نُور جو جمع[ تجلا- چمڪا.

آواز انس اولي اظهار عشق ڪيو،

اکين واري اشاري انوار عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-109)

  • اَنُوپُ: ذ. ]سن. اَن= نه+ اُپَما= مشابهت[ انوکو- لاثاني.

رُو پ سروپ اَنوپ اَنيڪي، آد پُرش ڌُن ڌياني ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • اَنَهَدُ: ذ. ]سن. اَناهت= نه هنيل، سڄو+ ناد= آواز، ڌڪ هڻڻ کان سواءِ آواز[ اندر جو آواز- من واڻِي.

پنهنجو سُڃاڻي پاڻ، انهد وارِي بين بجائي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-3، ص-2)

  • اِنِي اناالله: (ق) توهان ۽ مان الله.

اِنِي اِنااللهِ سير سِريءَ جو، برهه واري ڀاڻ.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-3، ص-2)

  • اوڀارو: ذ. وهڪري جي اُبتڙ. ”لهوارو“ جو ضد. ڪُن يا موڙ سبب پاڻيءَ جو ڪناري سان لڳو لڳ مٿاهين پاسي ڏانهن يا اُبتو وهڪرو.

عشق اوڀارو آڙنگ ڪيڙو، وسريا ٽول ٽِڪاڻا،

بيشڪ بشري بيک بنائي.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-7، ص-70)

  • اوتاري: ذ. صفت. اوتاري وارو (فقير).

عشق اکين جي اوتاري، اويڙا آچار ڪيا،

اَنا اَن اوقات اعليٰ، انوري آزاد سان.

(محمد فقير، سر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-53)

  • اوٽ: ث. پناهه- آڏ- پردو. ڍَڪُ- اولو- اجهو- بچاءُ- ڇانوَ. جَهلو- اوٽ- سهارو. پاسو- ڀر. ڪنارو- ڪنڌي.

عشق عجب انس دي اولي، اَناالحق الايا،

اکيان والي اوٽ اويڙي، عاشق ٿيڪي آيا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-4، ص-123)

  • اوجُون: (اوج) ذ. ]ع[ بلندي- مٿانهين چوٽي (آسمان جي)- ڪاپار- سمت الراس. مٿاهون درجو- مرتبو- عزت- اقبال- شانِ ڪمال- عروج- ترقي- همٿ.

ڀنگون پِي برهه جون عاشق ڪن ٿا اؤجُون،

چرش تي چڪر ڪن ملنگ ڪن ٿا مؤجون.

(محمود فقير، ڪافي-15، ص-53)

  • اوجِهرِين: (اوجهراڻيون کائڻ) پنڪيون کائڻ- جُهوٽا کائڻ- ڌڪا ٿاٻا کائڻ.

اوتارن ۾ اوجهرين، پنهنجو گڏهه ڦٽايئي گهر ڙِي،

جان محمد جُنگ جوان، جنهن دوست لاٿي در ڙِي.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • اوڇَڻُ: ذ. ]سن. اَوَڇَدُ= ڍڪڻ، لڪائڻ[ اوڍڻ جو ڪپڙو. ڪپڙو لٽو. ڍڪ. سمهڻ مهل مٿان وجهڻ جو ڪپڙو.

الف آڌوتن جو نه اوڇڻ تي آرو،

نڪو آسڻ اوس لئه نه آتڻ آسارو.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-247)

  • اورَ: ث. ]سن. 1. اَرُ= هلڻ، ڊوڙڻ، اُڏامڻ. 2. ارس= طاقت، زور، شڪتي، ٻڌي[ هلان- ڪاهه- حملو- جُلهه- چڙهائي. غلبو. هُوڙهيائي. زور- زبردستي.

اکيان والي اور اشاري، ظاهر ذاتي سهڻي ساري،

’لا‘ دِي لعلي لائِي، صاف صفائِي.

(محمد فقير، سُر مَلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • اوراٽ: ث. هنيانءَ جي دؤري ڪري غشي- بيهوشي- ڍڪر.

دُونهان دُودَ  دُکن ٿا دل ۾، عشق ڪئي اوراٽ.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-54)

  • اوريون اور: ڏک سک جو احوال ڏيڻ- سُورَ بيان ڪرڻ. دل جو حال ڏيڻ. ڳجهي ڳالهه ڪرڻ. حال بيان ڪرڻ. حال اورڻ.

اوريون اور الله سان، واري وحدت واڳ.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-3، ص-191)

  • اوڙِ: ث هرجِي چوٽيءَ جو ليڪو- چُونيءَ سان کيڙيل زمين جو هڪ سنڌو. هر جو نشان. (هتي) ايمان جي اوڙ ڏئي ٻيائيءَ جي دل مان پاڙ پٽڻ.

ڪجل ڪارَ، والِي ڌارَ، سير سينگارَ ستيان،

الف اوڙ، گگن گوڙ، ڪيتا جوڙ جُتيان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-11، ص-159)

  • اوطاق: ث. ]تُرڪي. اوطاق= ڪوٺي، تنبو، دالان[ گهر جي جاءِ کان سواءِ ٻاهر ڪچهريءَ جي جاءِ. مهمان خانو. منزل- مڪان.

کولِي عشق اکين ۾، آوازي اوطاق،

عجب ٿي مُشاق، ’محمد‘ سان محيط ٿيو.

(محمد فقير، بيت-162، ص-282)

  • اوطاقي: ذ. صفت. اوطاق ۾ ترسيل- ٽِڪيل- رهيل. دوست- يار. آرامي- ٿانيڪو.

اکين ۾ اظهار ٿيو، اچي اوطاقي.

(محمد فقير، سي حرفي، ص-253)

  • اوقات: ذ. ]ع. واحد. وقت[ سنڌيءَ ۾ واحد طور مستعمل لفظ وقت- ويلو. مهمل- ڏکيو وقت- مصيبت. ضرورت- گهرج. پُڄندي- حيثيت.

ٿيو اَکِن ۾ ازل کان اوطاقي، احوال اعليٰ اوقات اندر.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-48، ص-35)

  • اولاڪي: (اولاڪو) ذ. ]سن. اُلڪا= شعلو، باهه، اُماڙي[ ساڙ- پَچُ- کامَ- ساڙو، اُلڪو- فڪر- ڳڻتي- پريشاني- رولڙو- ڏوجهرو- تڪليف- انتظار- ڏک.

چَٽيون ٻڌِي چوري چس، ريبي ڪيائون رهلا رسَ،

ڀينر آئون بيوسن، اولاڪي ۾ اڙي وئي.

(محمود فقير، ڪافي-37، ص-66)

  • اوڳي: ث.، صفت. ”اوڳو“ جو مونث. موڳِي- چرِي.

اصل کان آئون آهيان اوڳي، ماري سورن ڪيس موڳي.

(محمود فقير، ڪافي-38، ص-66)

  • اولا: واحد. اولو. پردو- اَجهو- آسرو- پناهه- اوٽ. پاڇو. ڇانوَ.

عشق اويڙا ٿي عاشق، عربي اولا ڪر آيا،

پيرِ مُغان ٿي پڌرا، پارس پيرا هي پايا.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-12، ص-195)

  • اولاڻا: واحد. اولاڻون. لولي- لاڏو- راڳ. اوراڻو- اورڻ- وري وري چوڻ. ٻار کي ڪُڏائڻ يا کيڏائڻ وقت عورتون جيڪو گيت چون. پار- اوسارو.

احوال عشق جي سان، انفس اُتي ٿي عاشق،

اڪبر ڏيان اکين ۾، آواز جا اولاڻا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-49، ص-36)

  • اول: ظرف. ذ. پهريائين. اڳ ۾- منڍ ۾- شروعات ۾. (صفت) پهريون- ابتدائي مُنڍ وارو- آڳاٽو- اڳوڻو. مقدم.

آخر اول اظهار تي، اولي اچي انسان جي،

ارشاد سان آباد ڪيو، اسلام اعليٰ آشڪار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • اولي: (اولو) پردو- اجهو- آسرو.

آخر اول اظهار تي، اولي اچي انسان جي،

ارشاد سان آباد ڪيو، اسلام اعليٰ آشڪار.

(محمد فقير، سُر بهاگ، ڪافي-17، ص-62)

بلوچ بنا، سامان سڃا، ارمان انهيءَ آهه اولي،

اڄ گهوٽ، آيو اٿم اوٽ اجهو، ٿيس ڳوٺن ۾ ڳولي.

  • اولُون: ]سرائڪي[ اوريان- اورتي. اورينئن ڀر- هن پاسي.

عجب عاليشان اِلاالله، ڪيو عشق عقل کي اولون.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-12، ص-195)

  • اولياءِ: ذ. ]ع. وَلِي[ الله جو دوست. الله وارو. پهتل شخص. درويش- ولي.

عادل اويس عارف، هي اولياءِ امير،

الفت عجيب اعليٰ، انور فقير ڪي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-47، ص-146)

  • اوم: ذ. ]سن[ ايشور جو نهايت پوتر نالو (جو هندو تِرمُورتيءَ يعني برهما، وشنو ۽ شِوَ لاءِ گڏي ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪنهن به ڀڄن، منتر يا دعا وغيره جي آخر ۾ اُچاريندا آهن.)
  • اونڪارا: اوڪارڻ. مصدر. ]سن. اُتڪرشَڻَ= مٿي ڇڪڻ، ٻاهر ڪڍڻ[ اُڪارڻ- پار ڪرڻ. روڪڻ- جهلڻ. وابستگيءَ سان گڏ. گهرائيءَ سان.

نام جپون جب اوم اونڪارا، ويک سروپي ستگر سارا،

پُرجهه پريمي پرت پسارا، ڀيد بتاؤن ڀاتئين ڀات.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-5، ص-175)

  • اوهنگ سهنگ: ]سن[ گوڙ ڪرڻ- شور ڪرڻ. چخ چخ ڪري بيان ڪرڻ.

نام ڪِي نوبت ناد بجا ڪي، سُندر سرگم ساز بجا ڪي،

اوهنگ سُهنگ برهم بُلاڪي، اُلٽا ڀيد بتايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • اويڙا: ذ. صفت. نگو. اَڍنگو. ڍکيو. آئونٿرو. زوراور.

عشق اويڙا ٿي عاشق، عربي اولا ڪر آيا،

پيرِ مغان ٿي پڌرا، پارس پيراهي پايا.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-14، ص-196)

  • اويڙو: ڏسو اويڙا.

اصل عشق آهيان اول کان اويڙو، ڪري آر اُلٽو اکين ۾ اچان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-59، ص-40)

  • اويس: اسم خاص. ]ع. اُويس= بگهڙ[ هڪ وَليءَ جو نالو ”اويس قرني“. (جو يمن جي قَرَن قبيلي مان هو ۽ هُن اڻ ڏٺي حضرت رسول ڪريم صه جن تي ايمان آندو هو.)

عادل اويس عارف، هي اوليا امير،

اُلفت عجيب اعليٰ، انور فقير ڪِي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-47، ص-146)

  • اويسي: ذ. صفت. ”اويس قرني“ جي طريقي تي هلندڙ فقير. (جنهن ظاهري مرشد وٺڻ کان سواءِ ئي راهه هدايت ورتي هجي).

هئي نروار نر نعرو، ڪري سينگار سڀ سارو،

سَرُوپا صاف سِر پهري، صنم سردار سوڀارو،

سُڻائي سُر، پياري پُر، پسائي پاڻ پاڳارو،

اويسي عين ارشادي بسم احوال اطهر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-72، ص-46)

  • اَهُتُ: ذ. ڪاسبيءَ جو ڪڙميءَ تي ساليانو لاڳ- آهت (آهتي). صفت. اهو ڪاسبي جو هاريءَ کان پنهنجي ڪم جو اجورو فصل مان وٺي.

کاري ڪانبو اَهت اُڳاڙين، صحبت ڏيون توکي ساءُ،

ٻيا ويهن ٿا پٽ تي، تون کٽ چڙهي ويهي کاءُ.

(محمود فقير، گنگو، ص-109)

  • اُهڃاڻ: ذ. ]سن. اَڀجڃانَ[ نشان- پتو- پارُ- ڏَسُ- علامت.

سِر ڏيئي ٿيا سُرخرو، صوفي صورت ساڻ،

اکين جي اُهڃاڻ، عاشق ٿيا اثبات جا.

(محمد فقير، بيت-162، ص-282)

  • اَهرِي: مصدر. اَهَرڻ. لوهارن ۽ سونارن جو هڪ اوزار (جنهن تي لوهه ۽ سونُ ٺپيندا آهن). سنداڻ.

عشق اندر ديان ڪاتيان قهري،

وڃ اڙي وِچ انڌين آهري،

’محمود‘ منصب لڏ ڳئي لهري.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • اير نه ڀير: (اير ڀير نه هجڻ). تعلق نه هجڻ- واسطو نه هجڻ. شڪ شبهو نه هجڻ.

پوپٽ پتنگ پاڻ ۾، ايرنڪو ڀير.

(محمد فقير، بيت-25، ص-268)

  • ايڪ ايڪائِي: ث. هيڪڙائي- وحدت- يگانگي.

اسم جسم دا ڇوڙ بهانا، هي سڀ ايڪ ايڪائي نهين جُدائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي- 42، ص-91)

ب

  • باد: (بادِ صبا). صبح جي ٿڌري هوا. بهشت جي هوا. نسيم- پُردا.

قلب قادر ڪرم سان، شُڪر ڪيو شاد،

باري بيشڪ باد، آيو عدم ملڪ کان.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-256)

  • باران: ذ. ]ف[ مينهن- برسات- بارش.

باران برس بادل، بشري بحال بازي،

بيشڪ بندر بقائي، بازار جا بجا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-19، ص-130)

  • باراني: ث. مينهن تي ٿيل پوک- برسات تي ٿيل پوک. مينهن ۾ پسڻ کان بچائيندڙ ڪپڙو. برساتي.

بيخود بات، دِي برڪات، بِن برسات باراني.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-31، ص-25)

  • بازيگر: ذ. صفت. بازي ڪندڙ- تماشو ڪندڙ- مَداري. رانديگر. کيڏاري. هنرواري.

بازيگر بن بازي پٿري، صاحب سُرت سُجاني، راز رنداني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-41، ص-91)

  • باس: ث. ]سن. واسَ[ بَدبوُ- ڌپِ- خوشبوءِ- اڳواٽ خبر- سماچار- اُهڃاڻ. (سن. ڀاسُ= خواهش، آرزو) آڇ- سُکا-ڀيٽا- نذر. مڃتا. قبوليت.

آس ڪُون آس، پنهل دِي اُداس، برهه دِي باس وڻي وردي.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • باطن: ذ. ]ع[ ڳُجهه- راز- منجهه- اندر. (صفت) ڳُجهو. نحفي- لڪل. (اسم خاص) خداتعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

اول آخر ظاهر باطن، سُڻا سِر سبحان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-57، ص-97)

  • باطون: ذ. ]ع. باطن[ اندر- منجهه. ڳجهه- راز. ضمير.

روز شب باطون ظاهر، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر،

ڏس حُسن سان ٿي ماهر، برهه بيحد باب ۾.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-14، ص-215)

  • بالا: صفت. ]ف[ مٿاهون- بلند- اوچو.

بيشڪ ٿي بيمار بزم سان، بالا بسمي بيک بحال آهيان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-28، ص-21)

  • بالَمُ: ذ. صفت. ]سن. وَلَڀَ[ پيارو- پريتم- محبوب. دلبر. دوست. عاشق. بيخوف- بي پرواهه. خوش سَرهو. خاوند- مڙس. بي پرواهه.

برهه والِي بازي بالم، بزم باغَ بهار،

برابر برحال ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-3، ص-7)

تخت هزاري دا هئي بادشاهه بالم، مين هان طالب تيڏي رب ڪون هئي معلم.

(محمود فقير، ڪافي-58، ص-82)

  • بانٺ: ث. ووئڻن جون سُڪل ڪاٺيون. لين يا ڄارين جي لاڪڙ. (هتي سڪل بانٺيءَ جهڙو مراد ورتي وئي آهي.)

مُلان ويک شرع، ڏاڍي شوق وچون، تنهن شوق چايا،

اُٿي بانٺ ڏاگها.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • بانشي: (بانشو). ذ. ]ف. باشھ[ هڪ قسم جو شڪاري پکي- باشو. (مجازاً) تيز رفتار وهٽ (گهوڙو، اُٺ) ڦڙتاتيءَ سان ڪم ڪندر جوان.

بحري باز ته بانشي وانگي، چنبين وچ چوڌار.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • بانڪي: (بانڪو) ذ. صفت. ]سن. وَنڪَ= ڏنگو، حرڪتي، ڏاهو[ بهادر- پهلوان- سورهيه.

بيريا بانڪي بهادر کي بقاء بردار تي،

برسرِي بازار ۾ بشري بغاوت ڇا ڪندي.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-6، ص-52)

  • بانگا: واحد. بانگو. ذ. صفت. بانگ ڏيندڙ- مؤذن. تسبيح جي ٻنهي ڇيڙن کي ملائيندڙ ڊگهو مڻيو.

برهه بازار جا بانگا، نسنگ نروار ٿي نانگا.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-12، ص-214)

  • بانگ: ث. ]ف[ آواز- صدا- سڏ. نماز جو سڏ- آذان- ٻانگ. ٻانگي جو آواز.

عشق آوازي ديد بياضي، بن بانگ بُلند برڪاتي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-54، ص-96)

  • بانوِلِي: مصدر ث. ]ف. باولي[ بانوِلِي ڏيڻ. باز کي پکي جهلي ڏيڻ ۽ شڪار ڪرڻ سيکارڻ. ڪنهن کي جڙتو بهاني سان برغلائڻ. ڀيتي، لب.

برهه ڏني بانولي، جيئن بحري ڇُٽو باز.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • بڀوت: ذ. صفت. ]سن. وِڀُوت[ رَکَ لڳل- مٽيءَ هاڻو- خاڪ آلوده.

ڀيد برهه دي ڀاڪر پاڪي، انگ بڀوت رالائون، رنگ لائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-31، ص-137)

  • بڀوتن: بڀوت جو جمع.

گياني گفتار سان، گهورن واري گهر،

طبل تازو تر، بڀون برحال ڪيو.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-249)

  • بڀوتي: ڏسو بڀوت.

ڀڳوان ڀيد ڀڳوه، ڀڙڪِي ڀڙڪ بڀوتِي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • بُٺَلُ: (بَٺُ) ذ. ]سن. ڀڙِشٽَ= ڪِريل، خالي يا ويران ڀونگي، ويران باغ[ بيابان- ويرانو- رڻپٽ. واريءَ يا مٽيءَ جو دڙو. مٿانهون پَٽُ. ڦٽل دڙو- ڀَنُ. ڍڳُ- ڍير. (صفت) غيرآباد. سڪل.

سُونڊ سُوڻا ڦونڊ پٺاڻ، خاڪ مٽي تون بُٺل پاڻ.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-148)

  • بڇيا: مصدر. بڇڻ. ]سن. مُچ= ڇوڙي ڇڏڻ[ ڪُتي کي ڪنهن ماڻهوءَ يا مرونءَ تي ڇيڙڻ. حملو ڪرائڻ. وڙهڻ لاءِ ڀڙڪائڻ. لائي ڇڏڻ (ڪا مصيبت).

عجب رنگي رنگ لايا، بڇيا ڪي باز بحري.

(محمود فقير، ڪافي-36، ص-65)

  • بَحرُ: ذ. ]ع[ درياءُ- سمنڊ. مکيه پنج بحر (سمنڊ) آهن. صوفين جي اصطلاح ۾ ”هيءَ دنيا“- خاڪِي عالم- جهان. (اصطلاحاً) صفت. فياض. وڏي علم وارو- عالم. تيز فهم- هوشيار- ذڪِي. (ذ) غور- فڪر- ويچار.

بحر بيچوني بقادا برسر بازار ۾،

بتا بيک بشر ڪا باب مجهي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • بَحُور: ]ع[ بحر جو جمع. ڏسو بحر.

صيفل ساڌڪُون هِن ياد ڪي ارشاد ارم دي،

ڪيتي حُور، دل بحور، ڇوڙ شعور شرم دي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • بختاور: ذ. صفت. بخت وارو. ڀاڳ وارو- خوش نصيب- سڀاڳو.

جنهن بختاور تي بارو، سمجهي جڳت ٿو سارو.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • بَخمل: ث.]ف. مخمل[ ريشمي ڪپڙي جو هڪ قسم- مخمل. گل جو هڪ قسم.

پائي آوندا هئي چندن چرڻا، بُت هِس بخمل هردم هِلڻا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-145)

  • بدخشان: اسم خاص. افغانستان جي اتر ۾ هڪ پرڳڻي جو نالو (جو ياقوتن ۽ لعلن کان مشهور آهي). هتي بدخشان جي هيرن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

لعل بدخشان موتي هيري، هار ڳلي چندني يي.

(محمد فقير، سُر ڀونپالي، ڪافي-1، ص-53)

  • بَدَرِ: ظرف ]ع. بَدلَ[ بدلي ۾- جي بدران- ڏي وٺ ۾.

پيرِ مغان ۾ پيهي پڌر ٿي، برسيو بزم ۾ بنرو بدل بدر ٿي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • بدعت: ث. ]ع[ نئين ڳالهه- نئين ريت. دين يا شريعت ۾ نئين رسم (جا پيغمبر صه جن جي وقت ۾ نه ٿي هجي).

ماريندوسئين ”محمود“ چئي، تڪڙو وڏي سان تاب،

اها سانڊا آن کي ثاب، لِکي بدعت ڀنگ جِي.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • بَدلُ: ذ. ]ع[ عِوض- بَدلو- پاڙو جهاڙو. انتقام- وير. نيڪيءَ جو عيوض- جزا. اُجورو. ڪيتو. قائم مقام- جاءِ نشين. (سن. وارِدَ) ڪڪر- جُهڙ.

صُورت انساني دي اولي، برهه بدل ڪر آيا هي.

(محمد فقير، سور ڪاريهل، ڪافي-3، ص-185)

  • بديل: صفت. ]ع[ مثيل- نظير- جهڙو- ثاني.

صيفل بديل ڪاڻ بيراڳي، ڦيريدار فقير.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-62)

  • بَرا: واحد. برو. ذ. ]ف. بره= گهيٽو، هرڻ جو ٻچو، غزال[ هرڻ جهڙو هڪ قسم جو ٻڪر- چٽڪمرو ٻڪر- ننڍن وارن ۽ ڪنن وارو ٻڪر. ٻڪرو- ليلو- ڇيلو. (صفت) بروارو- ويڪر وارو. هتي برن اُٺن ڏانهن اشارو آهي.

برا ڀٽارا ميا متاري، چائيندا ڪاٺ ڪَيرِ دي قنڌاري.

(محمود فقير، ڪافي-63، ص-84)

  • بِردُ: ذ. ]سن. ورڌَ= واڌارو، خوشي، دولت. هه. بِرَدُ= ناموس، نالو، ساراهه[ نيڪنامي. ناموس- ساراهه- عزت- آبرو- وقار- شان. پَت- لڄ- شرم- ننگ.

ڏرت مُلان، تون نه پرت پڙهيين،

ڪيو برد وڃائينديئن پيا بيل بندا.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • بَردار: ذ. صفت. ]ف. بَردارد برداشتن= کڻڻ[ اسم جي پٺيان ”کڻندڙ“ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”دست بردار- علم بردار وغيره“. (بردار. ث. ف. بَر= تي+ دار= سُوري[ ڦاسي- سوري- موت.

بزم بيک بحال بقائِي، برهه دي باران،

بهادر بردار ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-4، ص-18)

  • بَرڙيون: (بريون ٻڪريون). بري اسم تصغير، ننڍن ڪنن واري ڇيلي. ٻڪرين جو قسم.

برڙيون برن ۾، چرن ٿيون پٽاريون.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

  • برزخ: ذ. ]ع[ ٻن جاين جي وچ ۾ پردو يا وِٿي. موت بعد قيامت تائين رهڻ وارو عرصو. مسلمانن جي عقيدي موجب اُها جاءِ جنهن ۾ مرڻ کان وٺي قيامت تائين روح رهندو (قبر).

برزخ والي بازي بهتر، برهه بجايان ڀيريان.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-11، ص-126)

  • برس: برسائڻ. مصدر ]سن. وُرُشُ= وسڻ[ وسائڻ- آباد ڪرائڻ. بنائڻ- سينگارڻ.

بيرنگ بيک بقائي بالم، ڪيتا برس بحال اسان.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-1، ص-165)

  • بَرسَر: ظرف. ]ف+ع[ دائما- سدائين. هميشه.

برسر بنائي بازي، صورت صفات سازي،

قائم ڪلال قاضي، منصور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • برسري: (برسر). ظرف. ]ف[ مٿان- مٿي تي.

بي ريا بانڪي بهادر کي بقاء بردار تي،

برسري بازار ۾ بشري بغاوت ڇا ڪندي.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-6، ص-52)

  • برقع: ذ. ]ع. بَرقَع[ نقاب. زالن جي ستر ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو سبيل ڪپڙو (جنهن سان سڄو بدن ڍڪجي ويندو آهي). صوفين جي اصطلاح ۾ مُراقبي ڪڍڻ وقت مُنهن گوڏن تي رکي مٿان سڄي جسم کي لڪائڻ يا ڍڪڻ جي چادر. هتي محمد فقير مطابق الله تعاليٰ محمد جي روپ ۾ زمين تي آيو آهي.

معنيٰ دي ميزان مُحمد، ميم دا برقع پايا.

(محمد فقير، سور پيلو، ڪافي-23، ص-119)

  • برڪات: واحد. برڪت ث. ]ع. بَرَڪَة[ واڌ- زيادتي- ڪثرت- گهڻائي. دعا- آسيس. ڀلائي- طفيل- وسيلو.

بدن ۾ ڀڙڪا بلند ڪيا بقائي برڪات سان،

پاڙهي بيخود ڀيد بيان مون کي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-5، ص-109)

  • بَرکُ: ذ. صفت. ]ع. برڪة. برک= ڳاڻيٽي ۾ پهريون[ سڀ کان اول، عزت وارو، معتبر، اڳرو وڌيڪ (سن پَرمُک) ناميارو- مشهور.

ترڪ تاجا هڪ برک چريا، تنهن عرق ڪنون گمراهه ٿيين.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • بَرگُ: ذ. ]ف[ پُن- پتو- توشو- سامان- سمر. اسباب. وڄائڻ جو هڪ ساز. بينا برگ، بگا اُٺ بهري، مهري ٿيا مستان.

 (محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • برما: اسم خاص. مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) جي اوڀرندي وارو لاڳو ملڪ.

’محمد‘ ڪي مهما ورنن آشرما،

ڀڄن ڀيد برما ڪا سرگرم سُنائون.

(محمد فقير، سر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • بَرَنُ: بَرُ. واحد. ]ع. بر[ رڻ پٽ- بيابان. وسيع ملڪ (جنهن ۾ پرڳڻا گهڻا هجن)- کنڊ.

’محمد‘ مرد مجنون مُڙگان مست ڪيو،

بهادر برن ۾ بيٺو بُنڊ بڻي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-16، ص-115)

  • بِرَهَمُ: ذ. ]سن. بَرهمَ[ خدا تعاليٰ- ذات پاڪ مطلق. وياپڪ عالمگير روح.

اوهنگ سوهنگ بِرهم بُلاڪي، اُلٽا ڀيد بتايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • بريان: صفت. ]ف[ ڀُڳل- پڪل- باهه تي سيڪيل- سڙيل- جليل. (ذ) پڪل گوشت.

تون ڳورو آهين ڀورو، سهڻو جُنگ جوان،

تنهنجي صحبت لئه مڪان، آهيان بيحد بريان.

(محمود فقير، ڪافي-70، ص-92)

  • بڙد: (بڙد واءِ) هڪ بيماريءَ جو هڪ قسم.[1]

(محمود فقير، ڪافي-70، ص-192)

  • بُز: ث. ]ف[ ٻڪري. (هتي) جهنگلي- چٽ.

حُقي تنهنجو حال وڃايو، تون بُرز آهين ٻڪرار.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • بزم: ث. ]ف[ محفل- مجلس- سميلن- چوياري.

برهه والي بازي بالم، بزم باغ،  بهادر،

برابر برحال ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-3، ص-7)

  • بِستُ: ذ. ]ف. بهشت[ ”بهشت“ جو عام اُچار. جنت- سرڳ.

عاشق سرايچ، ٻڌي ڀيڄ، ڏاڍي پيچ پرم دي،

مستو مست، باري بست، منڊل يار محفل دِي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • بُسرين: واحد. بُسري. ث. ڳُڙ واري ماني- ڳڙهاري.

لڳو پيچ پُلاهن سان، بُسريُن جا ڪيئي بار،

هاڻي ٻيو ڪو موليٰ مار، اٿئون پياس پلاهه جي.

(محمود فقير، مولي، ص-129)

  • بسمي: بِسمِ. ڪلمو. ]ع. بِاسم= اسم ساڻ[ بِسمِ الله الرحمٰن الرحِيمِ جا پهريان لفظ، ”الله جي نالي سان يا شروع ڪر“. ث. شروعات- ابتدا. قرآن مجيد جي هر سورة جي اڳيان ايندڙ ڪلمو. (ظرف) هائو. چڱو- ڀلي.

جوڳي جسم جلايا، جهلڪار ڪي جشن ۾،

عهدا عظيم پايا، بسمي لڳا ڪي بَنُ ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • بسنت: ث. ذ. ]سن. وَسَنتَ[ بهار جي مند- گل ابي رُت. سَرهَنُ جا گل (جي بهار ۾ ڦولارجن).

بسنت ’محمد‘ سارنگ گاوي، پُرجهه پريمي پنچم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-103)

  • بَشِيهَرُ: ذ. صفت. ]سن. وِشَهَرَ: وِشَ= زهر+ هَرَ= کڻندڙ[ زهريلو نانگ- ڪارو نانگ- واسينگ.

زلف بشيهر پالي، هن سنگ چُور ڪالي.

(محمود فقير، ڪافي-57، ص-81)

  • بَقاءُ: ث. ذ. ]ع. بقاءُ[ هميشه رهڻ جي حالت. ”فنا“ جو ضد. جٽاءُ. استقامت. حيات جاودان- جيوت. بيهڪ- قيام.

بيريا بانڪي بهادر کي بقاءُ بردار تي،

برسري بازار ۾ بشري بغاوت ڇا ڪندي.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-6، ص-52)

  • بقا بِااللهِ: محاورو. الله سان هڪ ٿي وڃڻ (صوفين جي هڪ منزل، جا ”فنا في الله“. کان پوءِ حاصل ٿئي).
  • بقائي: هميشگي- استقامت.

ڀيڄ ڀني برسات بقائي، برسي باغ بهار ميان.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-2، ص-102)

  • بگا: واحد. بگو. ذ. صفت. ]سن. وَڪَ= ٻگهه[ اڇو- سفيد- ڀورو (ذ) ڀوري رنگ جو ڏاند- اڇي رنگ جو اُٺ.

بينا برگ بگا اُٺ بهري، مَهرِي ٿيا مستان.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • بگدِي: هن لفظ جو صحيح اُچار ”بُغدي“ آهي. ذ. ]بُختِي< بُغدي[ وڏو مضبوط لاڏو اُٺ.

بگدي بلوچن جا، سي دِنگَ ديوانا.

(محمود فقير، ڪافي-33، ص-63)

  • بِگِلُ: ذ. ]انگ. [Bugle پتل جو توتارو (جو فوجي اطلامن لاءِ وڄايو وڃي)- فوجي توتارو.

ڀيريان، گل بحالِي، نوبت وَڄا نرالِي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-12، ص-15)

  • بُلا: اسم خاص. پنجاب جو مشهور صوفي شاعر بابا بلهي شاهه.[2]

بُلا هون ڪٿ بيدل هون، ڪٿ بيسر والا بندر هون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-46، ص-93)

  • بلاول: اسم خاص. مخدوم بلاول. (اصل ٽلٽيءَ جو ويٺل هو، وڏو مفسر ۽ ولي الله، جنهن کي شاهه بيگ ارغون ڏهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ شهيد ڪرايو. سندس مسجد ٽلٽيءَ ۾ موجود آهي ۽ سندس مقبرو ”باغبان“ دادو ۾ آهي، جتي ’ماهه پهرين جمعي‘ تي وڏو شغل ٿيندو آهي.)

عشق بلاول گهائي پيڙهيا، صوفي دا سبحان،

ڌڙ سسي ڪنون ڌا ڌر ٿيندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

 

  • بلاولي راڳ: هندستان جي ڪلاسيڪي راڳ جي نظام ۾ هن راڳ جا ڪل 14 قسم ڳڻيا ويا آهن، جن ۾ شڌ بلاول، ڪلبه بلاول، الهيار بلاول، منگل بلاول، ڪماچي بلاول، جي جئونتي بلاول، سنکرا بلاول، ڪجيلي بلاول، ايمن بلاول، ڪامودي بلاول، مدهه رسيا بلاول، سکيا بلاول، بِهاگ بلاول ۽ سوها بلاول شامل آهن. انهيءَ ٺاٺ کي هندو مذهب جا جيترا به علم موسيقي تي لکيل سنگيت، جن مان خاص ڪري رتناڪر، هنونت ست درپن، ڀاوري لڪش ۽ ڀارت کنڊي جو لکيل سنگيت ”معرفت النغمات“ آهن، اهي سڀ چون ٿا ته جيترا به سنگيت ٺاٺ آهن. انهن ۾ شد ٺاٺ صرف بلاول ٺاٺ ئي آهي. هاڻ هيٺ هن راڳ جو سرگم لکجي ٿو، هن کي هندي ۽ سنسڪرت ۾ شنڪر اڀرن ميل ٺاٺ چوندا آهن. هي راڳ اُترانگ جو راڳ آهي. ڳائڻ جو وقت صبح جو آهي. هن راڳ ۾ گنڌار ڪمزور ڪري لڳائجي. نکاد وِڪر روپ سان لڳائبي. هڪڙا گائڪ (راڳي) وادي سُر کي کرج (سا) ۽ ٻيا ڌيوت (ڌا) کي استعمال ڪندا آهن. راڳ بلاول جو سرگم ٿيو:

آروهي:  ساري گي ماپا ڌي ني سا.

امروهي: ساني ڌي پا ماگي ري سا.

محمد فقير جي رسالي ۾ ٻه ڪافيون سر بلاولي ۾ آهن ۽ ترتيب جي لحاظ کان رسالي ۾ بلاوليءَ کي 3 نمبر تي رکيو ويو آهي.

(اقتباس: توريان جيڪر تند. مصنف اظهر سمون)

  • بَلَهَذِيرُ: ذ. صفت. ]ع. بِلا= سواءِ+ حَذَرُ= ڊِٻ[ بي ڊپو- بيحياءُ- بيشرم- اَڻاسو- بدفضيلت- خبيث- نَحُسُ- پليت- بدمعاش- رهزن. شرير- چور. ظالم- خنزير.

تون بهڪين ٿي بلهذيرُ، پپو رِي ڪُتِي.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • بَم: ]ف. بَمُ، بِمُ[ دُهل- ڌُڪڙُ- پڪوان يا نغاري جو نَرُ (ڳرو) پاسو. راڳِ يا ساز جو ٿلهو ۽ اُچو آواز- ”زير“ جو ضد. ٻٽاڪ- لاف- ڏَٽو- ڳلٿو- گشو- رعب- داٻ- تاب.

ڪم ڪرين تون ڪوجها، ٻَڌي بي فائدا بم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • بَنُ: ذ. ]سن. وَنَ[ جهنگل- ٻيلو. بيابان- ويراني. (مصدر. بنجڻ، بنائڻ) ٺاهه- سينگار- آراستگي.

جوڳي جسم جلايا، جهلڪار ڪي جشن ۾،

عُهدا عظيم پايا، بِسمي لگا ڪي بن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • بُنڊ: ذ. ڪاٺ جو ٿلهو ٽڪر. وڻ جو ٿُڙ (جنهن کي ٽاريون نه هجن). ٿلهو سڪل ڪاٺ.

’محمد‘ مرد مجنون مُزگان مست ڪيو،

بهادر برن ۾ بيٺو بُنڊ بڻي.

(محمد فقير. سُر پيلو، ڪافي-16، ص-115)

  • بَنرو: ذ ]’بَنو‘ مان اسم تصغير[ گهوٽ- وَنو- لاڏو.

پيرِ مغان ۾ پيهي پڌر ٿي، برسيو بزم ۾ بنرو بندر ٿي.

(محمد فقير، سُر پيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • بنسِي: ث. ]سن. وَنشي[ بانسري- مُرلي.

دوارا درشن ڌياني ڌاران، بنسي جاجي بين بجاون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • بَنُواسِي: بَنُواسُ. جهنگ ۾ رهندڙ- صحرانشين.

پاجُون آيا چوراسي، ٿي برهه بدل بنواسي.

(محمد فقير، سور پُوريا، ڪافي-1، ص-241)

  • بُڻ: ]ف بَن. سن. بُڌن[ اصل- پاڙ- جڙ- مُنڍ- شروعات- بنياد- پيڙهه- نسل- نسب- اولاد- پشت- پونير- خاندان- آڪهه- پُري. ڪورين جي اصطلاح ۾ گڏيل ٻه تندون.

بُڻ اوهان جو بُڇڙو، اوهين قرب جا ڪچا.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

  • بُوتو: ذ. ]ف. بُت[ بُت. مجسمو- صورت. بدن- جسم. نقلي صورت.

ازل کان آواز اَنا ٿيو اصلي الله جو،

برسر بشر بوتو بنيو آدم صفي الله جو.

(محمد فقير، مثنوي-1، ص-297)

  • بُودا: واحد. بودو. ذ. ]ف. بوته[ اُٺ- ڪنواٽ- گورو. (صفت) ٿلهو ۽ بي ڊولو. (سن. اَٻوڌ< =نه+ ٻُڌ= سمجهڻ) اٻوجهه- بي سمجهه.

ڀوتان بودا جَتان، جُهيڪا جُهونگا آيا جُهلِي.

(محمود فقير، ڪافي-11، ص-54)

  • بودلائي: عقل جي سادگي. ڀورڙائي. نهٺائي- هاٺيڻائي- بردباري. الله لوڪائي. بلند بودلائي، سُخن جي سچائي.

بلند بودلائي، سُخن جي سچائي،

خبر ڪن خُدائي، ناچو ٿي نيارا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-21، ص-132)

  • بورُ: ذ. گهوڙي جو هڪ قسم- سونهري ڳاڙهي رنگ وارو گهوڙو. هلڪي ڳاڙهي رنگ وارو اُٺ.

رنگ سُرخو زور ڀلو، بور گهوڙو ڏينم کڻي.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-71)

  • بوستان: ذ. ]ف. بُو= خوشبو+ آستان= جاءِ[ باغ- بُستان- ڦُلواڙي.

بشر واري بازي برسر، برهه جي بوستان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-58، ص-98)

  • بولُ: ذ. ]ع. بَولُ[ پيشاب- مُٽ- پولهه- دُبر. اوگهڙ- آنڊا گُجيون. اوجهزي.

بول نڪرندا ڀنگين جا، تن سانڊن جا سخت.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • بُولو: ذ. ]ف. بُلاق[ ڳَههُ جو هڪ قسم – نٿ جي نموني ننڍڙو ڳهه (جو نڪ ۾ سوراخ ڪري پائبو آهي).

جهاٻا، جهومڪ، جهالر، جُهوڙو، بينسر، بولو ڀَنُ!

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-48)

  • بُونُبُ: ذ. ]سن. بِمبَ[ کُوهو (ٻيڙيءَ يا جهاز جو)- گنبذ جي چوٽي يا ڪنگري. نيل جي چُمنبَ. ڍاڪونءَ جي مٿئين پُڙَ جي چوٽي. دلي جو ڍڪ. نڪ يا ڪن جي چوٽي. (صفت) وڏو- ٿلهو- متارو.

اَرڏا اُٺ آهن آريءَ جا سي باري بُونبَ بَڙا.

(محمود فير، ڪافي-17، ص-54)

  • بهاري: ث. گلن ڦٽڻ جي موسم- بسنت رُت (جا ڦڳڻ، چيٽ ۽ ويساک واري سماهِيءَ ۾ تقريباً 15 اپريل تائين آهي). خوشي- راحت- آنند- فرحت. رونق- جهڳمڳ. سبزي- ساوڪ.

نگارِي نظم جي، بهاري برم جي،

حُسن جي حڪم جي، ڪيان ڳالهه ڪيهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-1، ص-122)

  • بِهاڳُ: ذ. هندستاني پڪي راڳ جي هڪ راڳڻيءَ جو نالو. سنڌيءَ ۾ هن راڳڻي کي وِهاڳُ به چئبو آهي. سردارن لاءِ منگتن جي وڏي صبوح واري ساراهه. وهاڳڙو- فراق- درد- غم- وڇوڙو. بِهاگ. پڇاڙي- آخرتائين. رات گذرڻ تائين. محمد فقير جي رسالي ”منطوق محمديءَ“ ۾ هيءَ راڳڻي پنجين نمبر تي آهي ۽ هن راڳڻيءَ ۾ سندس 25 ڪافيون موجود آهن.
  • بَهبُودِ: ث. ]ف. بِھ= چڱو+ بودي> بودن= هئڻ[ چڱائي- ڀلائي- خيرخواهي- بهتري- برتري. فائدو.

موجود تون موجود تون، بيشڪ بقاء بهبود تون.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-12، ص-60)

  • بَهِي: صفت ]ع[ سهڻو- وڻندڙ (پرا. ڀَسڻ سن. ڀَشَڻُ) ڏَڙهي- بهڪ (ڪُتي جي).

ارڙ اينگس ڀرڙ ڀينگس، آيو ڀينگ بَهِي.

(محمود فقير، ڪافي-23، ص-57)

  • بِياسِ: اسم خاص. پنجاب جي پنجن ندين مان هڪ نديءَ جو نالو (جا سنڌو درياءَ جي ڀرتي ڪندڙ شاخن مان هڪ آهي.)

ڀيد بياس ڪِي بات بتاوي، گاروڙي گرناري ڪو.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • بَياضُ: ذ ]ع[ اَڇائي. اَڇو ڪتاب يا دفتر. خاص نڪتن، مسئلن يا شعرن جو ڪتاب ڪتاب جي قلمي نسخي ۾ خالي رهيل ٽڪرو.

ڇڏ خبيث کرسايون، ڪوڙا ڪر نه بياض.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • بياضِي: ث. حدبنديءَ جو هڪ قِسم (جنهن ۾ جلد باپوش پڪي چمڙيءَ جو ٿئي). عمدو شعر يا نظم.

بيرنگ برسي بازي، بشري بيک بياضي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-33، ص-27)

  • بي تاب: ذ. صفت. بيچين- بيقرار- بي آرام. پريشان- گهٻرايل.

ڪِيا حُسن بي تاب مُجهي، وِکا نوڪ نظر ناياب مُجهي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • بي پير: ذ. صفت. جنهن جو گُر يا مُرشد نه هجي. بي اثر. بي مروت. شرير.

بي پليون بي پيراکيون، گهائن گهوٽ گهُورن سان.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • بي پرواهه: ذ. صفت ]ف. بي پروا[ جنهن کي پرواهه نه هجي- لاغرض- لا اُبالي- بي خيالو. جنهن کي ڪا ڪاڻ نه هجي. بالم.

ٻاهر کيرو کل ۾، اندر ۾ آڙاهه،

’محمد‘ بي پرواهه، کائي متو موت کي.

(محمد فقير، بيت-222، ص-289)

  • بيچُون: صفت. ]ف[ بيمثل- بينظير- اَمَٽ- لاثاني. لاجواب. (اسم خاص) خُدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

عدم کان هِت قدم پائي، وڃان واقف وطن ۾ ٿو،

برهه بيچون جي بازي، بنا برسي بدن ۾ ٿو.

(محمد فقير،س ُر ڀيروي، ڪافي-13، ص-15)

  • بيخُود: صفت. ]ف[ پنهنجو پاڻ وساريندڙ- آپي کان ٻاهر. بي هوش. بدحواس.

بن بيخود ڀيد بياضي، دم دُولھ دُرس درازي.

(محمد فقير،سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • بيدار: صفت. ]ف[ سُجاڳ- سُچيت- جاڳيل. خبردار- هوشيار.

پنهنجي پڌر پسڻ جو، برحال ڀيد باقي،

برسر ته بتايو، بيدار بنايو.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-7، ص-224)

  • بيدل: ذ. صفت ]ف[ دل کان سواءِ. بد دل. بي همت. (اسم خاص) سنڌ جي هڪ مشهور شاعر (قادربخش روهڙيءَ واري جو) تخلص.[3]

بُلاهُون ڪِٿ بيدل هُون، ڪِٿ بيسرِ والا بندر هون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-46، ص-93)

  • بيراڳن: واحد. بيراڳي. ذ. صفت. ويراڳي- سنياسي- تارڪ. اُداس- ملول. عاشق. فقير.

بيراڳن جي ڀٽن تي بازي، طبل تازي تيز سان تياري تازي.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-247)

صيفل، بديل ڪاڻ بيراڳي، ڦيريدار فقير.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-62)

  • بيرنگ: ذ. صفت. جنهن ۾ ڪو رنگ نه هجي. رنگ روپ کان سواءِ رنگ روپ کان نيارو. بيمثل.

انساني جي اولي اندر، برهه بنايو بيرنگ بندر،

عرش وارو آشيانو، تان ترانو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-32، ص-87)

  • بيراني: ث. ويراني- سُڃ. حيراني. پريشاني. خرابي.

ويا دل جاني، بُت ٿيو بيراني.

(محمد فقير، ڪافي-34، ص-64)

  • بي سِر: ذ. صفت. سِر کان سواءِ سسي وڍيل. سِر جو سانگو نه ڪندڙ. سرفروش. سرويچ. لاغرض. مٿي ڦريل. هوڏي- ضدي. لاثاني.

بي سِر واري بازي، طلب ترازي تازي،

ڪات ڪلاي قاضي، ’محمد‘ جي مختياري.

(محمد فقير، سُر پيروي، ڪافي-62، ص-42)

  • بيک: ذ. ]سن. ويشَ[ ويس – لباس- پوشاڪ. ٻاهريون ويس. ٻهروپ- چمڙاپوش. فقيراڻو لباس- نمونو- صورت. ڏيک. ڍونگ- مڪر- قريب.

بي مثال مثل وِچ ماهر، ٿيا بيک بحالي موليٰ.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-5، ص-8)

  • بينا: ذ. صفت. ]ف[ ڏسندڙ- پسندڙ- پروڙيندڙ.

بينا برگ بگا اُٺ بهري، مهري ٿيا مستان.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • بِينَ: ث. ]سن. ويئا[ ساز جو هڪ قسم (جنهن جي ٻنهي پاسن کان ۽ وچ ۾ سخت تارون وڄائڻ لاءِ ٿينديون آهن. هندن جي عقيدي موجب اهو ساز پهريائين ’نارومني‘ جوڙيو. هن طوطو (چمڙي جي ڳوٿريءَ ۽ توتارين مان ٺهيل ساز، جنهن ۾ هوا ڦوڪي وڄائبو آهي). Big-pipe گجري- بينسري. مُرلي.

بحر بر بيچون ۾، برهه واري بين.

(محمد فقير، سُر هيڪار، ڪافي-2، ص-232)

  • بَينسِر: ث. ]ف. بيني= نڪ+ سَر= شان، طوق، سينگار[ نڪ جي زيور جو هڪ قسم- نٿ. بولي جو هڪ قسم.

جهاٻا، جهُومڪ، جهالر، جهوڙو، بينسر بولوڀَن!

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-48)

  • بي نظيري: صفت. بي مثال- لاثاني لاجواب. اَملهه. اَتور.

مرشد ميري مُنيرِي بي نظيري،

جِهنڊا برهه بَحال هي، قرب ڪمالَ هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-35، ص-139)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٻ

 

  • ٻاٻَلُ: (بابَلُ) ذ. بابو- اَبو. پيءُ جو ڀاءُ- چاچو. بزرگ. مُکي- پٽيل. ڳوٺ جو وڏو.

ونحن اقرب ٿيڙي رهندا، بي مثل ٿي ٻاٻل ٻهندا.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • ٻاجُهون: ظرف. ]سن. سرائڪي[ کان سواءِ- ڌاران- بغير- بنا.

درسن ٻاجهون دم دم دل تي، وصل دا ويچار.

(محمد فقير، سُر حمير ڪلياڻ، ڪافي-1، ص-240)

  • ٻانڌا: واحد. ٻانڌو. ذ. ]سن. ٻَنڌَهه. ف. بند[ ٻاري جي ٽُڪَ مان پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ مٽيءَ جو ڳنڍو- ٻُنڊو. ننڍو بند- ٻنو. ڪنارو. رَڇ ٻڌڻ جو ڪاٺُ. رَڇَ. مڇيءَ ڦاسائڻ جو هنڌ (جتي ميربحر رڇ وجهي مڇي مارين). جَڪَ- ڇاٻَ. چوئِي. کوهه ۾ سِرن جي اوساري.

هي هنرمند خان کٽياڻ، ٻائڙ ٻارين ٻانڌا ٻاڻ.

(محمود فقير، سي حرفي- ص-148)

  • ٻاڏِي: (ٻاڏو) ذ. صفت. ٽيڏو (اکين کان).

اَمل ڪارڻ اداسي تون، اک ڪرين ٻاڏي.

(محمود فقير، موالي، ص-131)

  • ٻارِ: جلائي ڇڏ- ساڙي ڇڏ- باهه ڏئي ڇڏ.

’محمد‘ الفي عشق جي پائي، ٻيائيءَ وارو ٻائڙ ٻار.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-3، ص-185)

  • ٻاڪاري: مصدر: ٻاڪارڻ. ]سن. واڪ= آواز ڪرڻ[ وڏي آواز سان دانهون ڪرڻ- واڪا ڪرڻ- ڏاڍيان روئڻ- وڏا سڏ ڪرڻ- زور سان آهون ۽ التجائون ڪرڻ. ليلائڻ.

ٻانڀڻ پيئي ٻاڪاري، ڪنهن رمز آهي رولي.

(محمود فقير، بيگم، ص-117)

  • پارکيون: (واحد. ٻار کي) ث. ٻانهن ۾ ٻڌڻ جو هڪ زيور. ٻانهن رکي.

زيور هس ڪڙولا، ٻانهيون ٻارکيون ٻِيڙا.

(محمود فقير، خَيري، ص-139)

  • ٻارنهن: ٻارنهن امام (مسلمانن جا)

ٻارنهن ٻول ڪرن ٻهڪارا، چوڏنهن چُونڊ ڪرن چمڪارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-102)

  • ٻاڙيون: (واحد. ٻاڙ) ث. (ٻيڙي، چلم، حقي يا ڪنهن نشيدار شيءِ لاءِ) ڇڪ- تانگهه- هير- عادت- چُوسَ.

ٻاروچل جون ٻاڙيون ٻاڙيون، جيءَ اندر ۾ لڳم جاڙيون جاڙيون.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • ٻالُ جَتِي: ث. ٻاراڻي وهي- ٻالاپڻ- ننڍپڻ.

پُري ڪندينءَ چو پڌري، لڳو ٻال جتيءَ جو ٻنگ.

(محمود فقير، خيري، ص-138)

  • ٻانهياري. (واحد. ٻانهي) ث. ]سن. ٻاهُڪَ= ٻانهون، نوڪر[ نوڪرياڻي- خدمت ڪندڙ- تابعداري ڪندڙ- بندگي ڪندڙ.

ٻانهياري آئون ٻول ٻڌي، اڄ قول ڏيان پاري.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-50)

  • ٻانهِيُون: (واحد. ٻانهين) ]سن. باههَ= ٻانهن[ عاج، سون يا چانديءَ جون ترتيبوار چوڙيون (جي زالون ٻانهن ۾ پائين ٿيون).
  • ٻاڻُ: ]سن. ٻاڻ= تير[ تير. محبت جو تير- عشق جو ڪان. محبت جو پيچ- عشق جو جادو. جادو جو ٽڻ. وَجهه- موقعو.

پنهون پيچ پائي ويو، گهونگهٽ ۾ گهائي ويو،

ڏاڍي لئون لائي ويو، ٻاروچل ٻاڻ.

(محمود فقير، ڪافي-43، ص-69)

  • ٻاڻِي: ث. ]سن. واڻِي[ آواز بيان. ڪلام سخن. وائي. چوڻي. ٻول. زبان- ٻولي. ڀاشا. گفتگو- ڳالهه ٻولهه. گروءَ جي مُک سان نڪتل وچن يا ٻول. ڌرمي ڪتابن جون وايون يا سلوڪ.

پراپت پشعتي، مڌما پڳتي- ويکري ڪِي وستي ۾ ٻاڻي نبائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-172)

  • ٻاوَنگِيرُ: ذ. صفت ]هه. ٻاون= ٻاونجاهه+ ف. گير (گرفتن<گير) = جهليندڙ[ ٻاونجاهه ڄڻن کي جهليندڙ- ٻاونجاهه جو مٽ. ٻاونجاهه اکرن جو ڄاڻون. پتن جي راند ۾ ’ٻاونجاهه‘ (ٻاون) پتن جو داءُ کڻندڙ. وڏو داناءُ تمام سياڻو- چالاڪ- حرفتي.

جنهن ٻاونگير ٻولايو، تنهن ريبي راند کسي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • ٻائڙ: ذ. ]سن. وياوڙت= چوڌاري ڦرڻ[ هُرلي يا نار جي ڍينگي جون ڪاٺيون (اوڀارا، ڦرهيون ۽ ونگڙا).

’محمد‘ الفي عشق جي ٻائي، ٻيائيءَ وارو ٻائڙ ٻار.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-3، ص-185)

جهنگ جبل جا، ٻائڙ سڀ ٻاريان.

(محمود فقير، ڪافي-33، ص-63)

  • ٻُڌ: اسم خاص. ]سن. بَڌُ[ ڌرم جو پايو وجهندڙ مهاتما گوتم ٻُڌ (جنهن جو اصل نالو ”سدارٿ“ هو ۽ ڪپل وستوءَ جي راجا ”سنڌوڌن“ جو پٽ هو. هندن جي عقيدي موجب هي ڀڳوان جو اوتار هو. عيسوي سن کان 477 ورهيه اڳ وفات ڪيائين).

بُلهي شاهه ارداس گلاب، سرشٽ ديانند بُڌ پرتاب.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • ٻُڌواني: (ٻُڌوانُ). ذ. صفت. سياڻو- سمجهو- عاقل- هوشيار.

چاطر سُڌا بناسي نرگن مورک ڪيا ٻڌاواني ري.

(محمد فقير،سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • ٻُرن: ٻرڻ. مصدر. ]سن. وِرُ= وڄڻ[ وڄڻ- جهانءِ ڪرڻ (ڪنهن به واڄي جو).

کڙڪيون کڙيون ٿيون ٻيلي ۾ ٻُرن ٿيون.

(محمود فقير، ڪافي-44، ص-70)

  • ٻَرو: ذ. ]سن. جَوَره[ تَپُ- بخار. سور- تڪليف.

اهو ڄاڻ عجائب ڄاتو مون، لهي ٻيائيءَ جو سور ٻرو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • ٻڙڪن: ٻڙڪڻ. مصدر. ٽهڪڻ- جوش کائڻ.

باهيان آهن تو ڀورل ديان، سي ٻڙڪن اندر ٻيري.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

  • ٻَکُ: ذ. ]سن. وَڪشَس=ڇاتي[ ٻنهي ٻانهن سان وڌل ڀاڪر. ملهه وڙهڻ وقت سندري ۾ هٿ وجهڻ واري حالت.

تيز تکي ڪر تيغ، سيني وِچ مارن ٻک ٻنگي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • ٻَنُ: ظرف. ٻَن ۾- اوڙاهه ۾. کوهه ۾- پاسي- پري- ٻئي پاسي.

ٻيائي وجهي ٻَن ۾، پڙ ۾ ڪر پرواز،

اجل جو آواز، سالڪ سڻن سير ۾.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-255)

  • ٻُندي: ذ. هُرلي جو هڪ عضوو- ٿوڻي _جنهن تي نَهوَر بيهي).

ٻائڙ ٻُندي وِچ ڀنان ني لوٽي، تيڪُون شاهه گهتيسي ٽوٽي.

(محمود فقير، ڪافي-63، ص-84)

  • ٻنڌڻ: ]سن. ٻَنڌن[ مقرر ڪم (جنهن جي ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٻڌل هجي)- فرض. پڪو پهه- قاعدو- قانون- تنجڻو- ٻاروتو. پيوند- پيچ- ڳانڍاپو.

ٻنڌڻ ٻاروچن جا، ٻارڻ ويم ٻري.

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-48)

  • ٻَنگُ: ذ. ]سن. وَگڪَ[ ونگ- واهڙ (درياءُ جو)- درياءُ جو ور. گهيڙ- گهٽ. ٻک- ڀاڪر.

چئي، پُري ڇوڪندين پڌري، لڳو ٻال جتيءَ جو ٻنگ.

(محمود فقير، خري، ص-138)

  • ٻنگي: ٻک هڻڻ- قابو جهلڻ- جانٺو هڻڻ. جانٺو يا ٻک هڻي. ونگي.

تيز تکي ڪر تيغ سيني وچ، مارن ٻک ٻنگي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • ٻهڪارا: ٻهڪڻ. مصدر. ث. ]سن. ڀاس[ چمڪو- تجلو- روشني- وڻن ۽ گلن جي تازگي.

ٻارنهن ٻول ڪرن ٻهڪارا، چوڏنهن چونڊ ڪرن چمڪارا.

(محمود فقير، ڪافي-77، ص-102)

  • ٻَهڳُڻ: ذ. صفت. ]سن. بَهگُڻ>بَهه= گهڻا+ گُڻ= خاصيتون، خصلتون، اخلاق[ گهڻن گڻن وارو. چڱن گڻن وارو. سهڻو جوان- دلبر. سياڻو- وينجهار. عقلمند- داناءُ.

بُتيس سيج پلنگ، ٻهڳڻ سان هڻي ٻنگ.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-8، ص-70)

  • ٻَهُون: صفت. ]سن. بَههُ= گهڻو[ وڏو انداز- گهڻو- جهجهو- جام- گهڻي انداز ۾. گهڻن نمونن سان- هر لحاظ سان- پوريءَ طرح.

ٻوڙ پلاهون ٻَهُون هئا، صحبت جا سچا.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

  • ٻورو: ذ. ]ف. بوراهه. هه. بورا[ ويڪر وارن پاسن کان سبيل ۽ ڊيگهه واري پاسي کان کليل ڳوڻ (جا ڀاڻ، مِٽيءَ، واريءَ وغيره کڻڻ لاءِ ڪم اچي ۽ گڏهه يا اُٺ تي لڏجي). کِڙيو- خُرجين- بار لڏڻ لاءِ ڳوٿرو.

تون مڇي کڻ ماڃر جي، گڏهه تي ٻورو.

(محمود فقير، خري، ص-136)

  • ٻُوڪي: (ٻُوڪِرُ). لڳ جي دانهن ڪندڙ (ٻڪر). ٻوڪڙ ڪندڙ. ڏاڍيان ڳالهائيندڙ. اجائي بڪبڪ ڪندڙ.

دنيا دم، غفلت غم، بخيلڻ بم ٻڪر ٻوڪي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • ٻوڪيا: ٻوڪجڻ. مصدر. انب يا کجيءَ جو اوائلي ٻور جهلڻ- ٻُورجڻ- انگورجڻ- ڦولارجڻ.

ٻوڪيا ٻُوههَ کليا گل گوهر، عجب رنگي اسرار.

(محمود فقير، ڪافي-16)، ص-153)

  • ٻُوهه: ٻوٽي جو هڪ قسم (جو اڪثر واريءَ جي ڀٽن يا ٽڪرن تي اُڀرن، پن سائيرڙي رنگ جا، گل گول هيڊي يا ميري رنگ جا ۽ نرم ٿينس، جي دوا طور ڪم اچن ۽ پڻ نرم هئڻ سببان وهاڻن ۾ ڀرجن.)

ٻوڪيا ٻُوهه کليا گل گوهر، عجب رنگي اسرار.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص153)

  • ٻِيائِي: ث. دُوئي- کوٽ- دولاب. دورنگائي- پاسخاطري. بي انصافي. پاڻ کي خدا سمجهڻ واري حالت.

’محمد‘ الفي عشق جي پائي، ٻيائيءَ وارو ٻائڙ ٻار.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-3، ص-185)

  • ٻيري: (ٻيرو). ذ. ماسِ جو ڳاڙهو ٽڪرو. گوشت جو ڪچو ڳاڙهو ڳڀو. مڇيءَ جي ڳَڀي ڳَڀو- پورو- ڳترو.

باهيان آهن تو ڀورل ديان، سي ٻڙڪن اندر ٻيري.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

  • ٻَيگهِي: ث. جهيڙو- جهڳڙو- گوڙ- شور- هُل.

تون به ويڙهائي ٻيگهي ديجهان، جهيڙي تي نه جِهم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڀ

 

  • ڀاتئين ڀات: (ڀاتون ڀات) قسمين قسمين- مختلف نمونا. گهڻائي. ڀانت- ڀات طرحين طرحين قسم- نمونو. ريت.

پُرجهه پريمي پِرت پسارا، ڀيد بتائون ڀاتئين ڀاتِ.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-5، ص-175)

  • ڀاڙِ: ث. ]سن. ڀاٽِ[ بَد پيش جي دلالي. بدپيشي جي دلاليءَ جو عيوضو. ڀڙوت جو پيسو- پڙوت- رشوت.
  • ڀاڙِي: ذ. صفت. پاڙ کائيندڙ- ڀڙوت ڪندڙ- بي غيرت. ڊڄڻو- بزدل- ڪانئر- بي همت- ڀاڙي ڀُتو.

ڏُوٽ اُڳاڙين ٽوئڪِي، ٻي ڀاڙِ کائين پاڙِي.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • ڀاڳي: ڀڄي ويا- ڏور ٿي ويا. پيراکُڙي ڪري ويا. ميدان ڇڏي ويا. ڊڄي ويا.

ڌيان ڌروني ڌوم مچائِي، ڀول ڀٽڪ سڀ ڀاڳي ري.

(محمد فقير، سهڻي، ڪافي-3، ص-204)

  • ڀالا: واحد. ڀالو. ذ ]سن. ڀَلَ[ ڏَڦو- نيزو. وڏو سيلهه ڪنڊو (ٻٻر جو).

بگل بڻڇيون کڻي ڀالا، ڪري خمار خوش حالا.

(محمد فقير، سُر شار ڪلياڻ، ڪافي-9، ص-212)

  • ڀاڻُ: ذ. ]سن. سٿانَ[ جاءِ- هنڌ- ماڳ- آستانو- ڀاڻو. گهر. ڳوٺ. واسڻ- وسي.

وسايا ويراڳ سان ڀٽن وارا ڀاڻ.

(محمد فقير سي حرفي3، ص-252)

  • ڀاڻُ 2: مال جي ويهڪ جي جاءِ. چوپائي مال جو ڇيڻو- ڦولهڙيون وغيره.

خاڪ مٽي تون ڀِنل ڀاڻ.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-148)

  • ڀَتارُ: ذ. ]سن. ڀرتر، ڀرتا= پاليندڙ، سنڀاليندڙ، رکپال. پرا. ڀتارو[ پالڻهار- بچائيندڙ. پتي- مڙس- خاوند. گهرڌڻي.

ايندو ڪندو ستاري، سو بختاور ته ڀتار.

(محمود فقير، ڪافي-24، ص-58)

  • ڀتلي: (ڀتل) ث. ٻوٽي جو هڪ قسم (جو سيلابي يا آلي زمين تي اُڀري ۽ اُن مان اڇو ۽ ڳاڙهو کير نڪري، منجهس سهڻا گلڙا ٿين). ڀَترَ

چهڪ پئي چولي، ڦُولهي، ڀِتلي پاڻ تي.

(محمود فقير، ڪافي-21، ص-56)

  • ڀِٽان: ڀِٽُون. واحد. ڀِٽَ. ث. واريءَ جو وڏو دڙو (جو ٽڪريءَ وانگر ڏيکارجي). ڊِٻَ.

شهر بحر بر باغ ڀِٽان تي، کول لحن ديان لئيان.

(محمد فقير، سور سارنگ، ڪافي-1 ص-205)

  • ڀَٽَڪُ: ڀَٽُ” ]هه[ دلير- بهادر. عالم- فاضل. هڪ لقب.

ڌيان ڌروني ڌُومَ مچائي، ڀُولِ ڀٽڪ سڀ ڀاڳي ري.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-3، ص-204)

  • ڀَڄَنُ: ذ. ]سن. ڀَجَن>ڀَج= پوڄڻ[ ڌڻيءَ جي بندگيءَ جو گيت (جو پوڄا وقت ڳايو وڃي). راڳ (ديوتائن جي تعريف ۾). بندگي- پوڄا. ديوتائن جي تعريف.

ڀڳوان ڀيد ڀڳو، ڀڙڪي ڀڙڪ بڀوتي،

ڀيري ڀيري ڀڄن سي، ڀر ڀر ڀلا ڀلا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • ڀڙ ڀڙ: (ڀڙڪو) ذ. باهه جو ڀَڀڙ- ڀڙڪاٽُ. باهه جي ڀَڙڪڻ جو آواز. جوش- ڪاوڙ. ٽاهُه- ڇرڪُ.

باهه بِرهه دِي ڀَڙَ ڀَڙ ڀڙڪِي، جوش جلالي جُهڙ جُهڙ جهڙڪي،

جنهن ڪيتي ايڪ ايڪائي هي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-49، ص-94)

  • ڀڙڪِي: ث. ]ديسي. ڀَدَڪ[ ڀڀڪي (باهه جي). چمڪاٽ- روشني. پرتات- جلوو- رونق. ڄِڀي. ڇرڪ- ٽاهه. خُنڪي- هشناڪي.

ڀَڙڪِي باهه برهه جي، ڪئي بَهاري برحال.

(محمد فقير، سي حرفي، ص-248)

  • ڀَڳتي: ث. ڌڻي تعاليٰ کي ’رام‘ ڄاڻي، هڪ ڌڻيءَ جي عبادت ڪرڻ وارو عقيدو. ڌرمي ڀڄن يا راڳ.

ڀڳتي ڪر ڀڳوان پڇاني، سر پرڪاشي پولاري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-2، ص-174)

  • ڀڳوان: اسم خاص. ]سن. ڀَگ (=گيان، روشني)< ڀڳوان= پاڪ، وڏي ڀاڳ وارو، وڏي شان ۽ مان وارو، مقدس[ ڌڻي. ايشور- مالڪ.

ڀڳوان ڀيد ڀڳو، ڀڙڪي ڀڙڪ بڀوتي،

ڀيري پيري ڀُڄن سي، ڀر ڀر ڀلا ڀلا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • ڀَنُ: ڀڃُ- ٽوڙ. ذرا ذرا ڪر. ڳترا ڳترا ڪر.

عشق امامُ علي ٿي اظهر، ڀولاڀن ڀُلڪارِي دا.

(محمد فقير، دوهيڙو-2، ص-298)

  • ڀَنڊُ: (ڀنڊڻي) مسلسل گهُر ڪرڻ- ڌرڻو مارڻ- مَڇڏ ٿي لڳڻ. گهپي لڳڻ ڪرڻ. گوڙ ڪرڻ.

سارو ڏينهن سوداءُ ۾، ڀنڊ ٻڌين ڀوئي.

(محمود فقير، گنگو، ص-160)

جهاٻا،جهومڪ، جهالو، جُهوڙو، بينسر، بولو، ڀَن (محمود فقير ڪافي. 8. ص 48)

  • ڀَنگ: ]سن. پنگا. ف. بنگ. ع. بَنج[ نشيدار ٻوٽيءَ جو هڪ قسم ”ڀنگ“ ٻوٽيءَ جو گهوٽيل پاڻي- سائي- سُکو.

تون ڀنگ پئين ٿو ٽنگ ٽُڪيا، تيين دونهن جو به دڙو.

(محمد فقير، حوالي، ص-127)

  • ڀَنوَرُ: ]هه[ ڪُنُ. پاڻيءَ جو گهرو چڪر- شاديءَ جي پُڄاڻيءَ جي رسم.

ڀَنوَر گفا ۾ ڪوئل ٻولي، تاڙي ڪئي ٻي تات.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-9، ص-207)

  • ڀَنڀُورِينَ: ث. واحد. ڀنڀوري. ]سن. ڀرم= ڦِرڻ[ هڪ اڏامندڙ جيت جو قسم. (Dragon fly). برسات جي موسم ۾ نڪرندڙ هڪ قسم جو رنگين ۽ سهڻو جيت. سهڻي )عورت). سهڻي ويس واري (عورت). ڪم ڪار ۾ تيز (عورت).

هو ڀيڙا ڀنڀورين سان، هو تابش ڏي ڪن تِک.

(محمد فقير، بيت-22، ص-267)

  • ڀُوتُ: ذ. ]سن. ڀُوتَ[ هڪ ڀوائتي خيالي هستي (جن، ديو، سٽر). صفت. ڊيڄاريندڙ- ڀوائتو.

جُتي تِنان جوڙي ڏيسان، بچل ٿي نه ڀُوٽُ.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • ڀوڳُ: ذ. چرچو گهُٻو- کِل مسخري.

جلائي جسمات کي، جوڳي ڪن ٿا جوڳ،

ڀوڳين سمجهي ڀوڳ، پير نه پاتو پڙ ۾.

(محمد فقير، بيت-135، ص-280)

  • ڀورِي: (ڀورو) ذ. اٻوجهه- ٻالڪ ڀولو- ٻوگهلو- سادو- عقل جو پورو سُورو. موڳو- نادان.

بيوس آهيان مان ڀوري.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-1 ص-208)

  • ڀولا: واحد. ڀولو. ذ. ] سن. ڀَرم= ڀُلجڻ[ ڀُلَ- چُڪَ- غلطي. رولو- خوف- ڀؤ- خطرو- ڊپ. انديشو- خيال- گمان. وسوسو- وهم. ويسر (صفت) اڻڄاڻ- اياڻو. سادو سودو. پورڙو. ٻالو ڀولو- بودلو.

عشق امام علي ٿي اظهر، ڀولا ڀَن ڀُلڪارِي.

(محمد فقير، دوهيڙو-2، ص-298)

  • ڀولُ: ڀُلَ چُڪ. ڀولو- رولو. ڊپ- ڀؤ- خوف. وسوسو- وهم- گمان. انديشو.

پاڻ سڃاڻڻ پنهنجو آئين، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانئج تون.

(محمد فقير سُر بنس، ڪافي-7، ص-158)

  • ڀولي: ڏسو ڀولُ.

پنڌ پيچ ڪَنون لنگهه ڪيچَ ڳئيئان،

 مين ٻروچ گهمندي ڀولي.

(محمود فقير، ڪافي-62، ص-84)

  • ڀيڄ ڀني: ث. پرهه ڦُٽيءَ جو وقت (جنهن مهل رات ڀڳل هوندي آهي ۽ هوا ۾ پڻ آلاڻ محسوس ٿيندي آهي). پِرڀات- پَرهه ڦٽي- صبح صادق.

ڀيڄ ڀني برسات بقائي، برسي باغ بهار ميان.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-2، ص-102)

مين ته ڪُپَ گهتئين، شل تپ آوئي،

سُر مان لپ ٻاءِ گهمين پيڄ ڀني.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • ڀيڃَ: ث. برابري- هڪجهڙائي- همسري- همواري.

عاشق سر ايچ، ٻڌي ڀيچ پِرم دِي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • ڀيدُ: ]سن. ڀيد< ڀِد= ڀڃڻ. بِد= انت، ڄاڻ[ تفاوت- فرق. اَنت- راز- ڳُجهه- مَنجُهه.

عشق آوازي، ڀيد بياضي، بن بانگ بلند برڪاتي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-53، ص96)

  • ڀيرُ: ذ. ]سن. ڀَرم= ڦرڻ[ ڦيرو- چڪر- گهمرو. وَرُ- وَڪڙ.

سُرتي نِرتي وچ ۾، ڀڄن واري ڀير.

(محمد فقير، بيت-233، ص-291)

  • ڀيرو: اسم خاص ]ڀُپَروَ[ موسيقيءَ جي نظام موجب ڇهن راڳن مان هڪ راڳ (1. ڀيرو. 2. مالڪوس. 3. هنڊول. 4. سري. 5. مينگهه. 6. ديپڪ).

ڀيرو، مالڪوس، هنڊول سري، ميگهه، ديپڪ ترنم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-102)

  • ڀيري: ڀيرڻ. مصدر ]سن. ڀرم= ڦِرڻ[ ڦيرڻ- چورڻ- گهمائڻ (چرخي کي). ڪَتڻُ. ورائي ڪو ڪم ڪرڻ. ڦيرائڻ- بدلائڻ.

ڀڳو ڀيد ڀڳو، ڀڙڪي ڀڙڪ بڀوتي،

ڀيري ڀيري پڄن سي، ڀر ڀر ڀلا ڀلا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • ڀيريون: واحد. ڀيرَ. ث. ]سن. ڀيري[ ٽامي جو وڏو نغارو- وڏو نغارو. ڀيڙ.

بگل بجائن ڀيريون، بيشڪ بي نظير.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-251)

  • ڀيڙا: واحد. ڀيڙو. ظرف. ]سن. اَڀيرَڻ= گڏ ڪرڻ[ ساڻ- گڏ- همراهه. نزديڪ- وَٽ- ويجهو.

هُو ڀيڙا ڀنڀورين سان، هُو تابش ڏي ڪن تک.

(محمد فقير، بيت-22، ص-267)

  • ڀيڙي: واحد. ڀيڙو. ڏسو ’ڀيڙا‘.

ٿيندو مرسل ميڙي، بلي ڪنديس ڀيڙي.

(محمود فقير، ڪافي، 2، ص-45)

  • ڀيم پلاسي: هڪ راڳڻيءَ جو نالو، جيڪا راڳ ديپڪ جي هڪ راڳڻي آهي. راڳ ديپڪ ۽ ان جون راڳڻيون هي آهن: پرديپڪ، ڌناسري، جيت سري، ڀيم پلاسي. ٽنڪا ۽ مڌونتي. محمد فقير جون ڀيم پلاسي راڳڻي ۾ چار ڪافيون آهن ۽ رسالي جي ترتيب مطابق هيءَ رڳاڻي ڇهين نمبر تي رکيل آهي.

گاڪي پُوريا، ڀيم پلاسي، ڇم ڇم ڇنن ڪر ڇمڪار،

ڄيٽڪ چشمان چوٽ چڙهائي.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-7، ص-169)

  • ڀيڻِي: ث. ]سن. ڀوَنيه[ جاءِ. جڳهه- ٽاڪ. پناهه جي جاءِ. زمين- ڀُونھ- ماڳ- مڪان- هنڌ. پُڄاڻي- آخر- پڇاڙي- حد. ڀر- ڪنڌي. مدد- واهر- وسيلو. سگهه. طاقت. مجال- همت. اوج- منزل.

گهايل جي گهُورن جا، سي ڪيئن گهاريندا گهر،

ڇڏي ڀيڻيءَ ڀر، نانگا نر نروار ٿيا.

(محمد فقير، بيت-159، ص-282)

 

 

 

 

 

 

 

 

ت

 

  • تابُ: ذ. ]ف. تاب. سن. تاپَ<تَپ= چمڪڻ، گرمي ڪرڻ[ روشني- چلڪو- چمڪو. نُور- جلوو. گرمي- تَپت. تيزي. هيبت. هراس. ڏهڪاءُ- دهشت- داٻُ. دڙڪو- ڌمڪي- تڪليف. پيچ- وٽ. طاقت- مجال.

تازا به تازا تيز تر طبل ڪري تاب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-51، ص-95)

  • تابَشِ: ث. ]ف[ گرمي. تؤ- تاءُ- تاوڙي- گرمائش- تيزي- تکائي. ڪاوڙ- حشمت.

تيرهين ڏينهن تڪڙ ڪو تابش، آيا شينهن شڪستا.

(محمود فقير ٽيهه ڏينهن، ص -120)

هُو ڀيڙ، ڀنڀورين سان، هو تابش ڏي ڪن تک.

                                                                                                                                                            (محمود فقير، بيت 22. ص. 267)

  • تابِعُ: ذ. صفت. ]ع. تَبِعَ (=فرمانبرداري ڪرڻ)< تابع (اسم فاعل) = فرمانبداري ڪندڙ[ فرمانبردار- مطيع- پابند. پيروي ڪندڙ- پيرو- معتقد- پوئلڳ. هٿ هيٺ- حڪم ۾- چوڻ ۾- مڃتا ۾. زيردست- ماتحت.

تحليل جو ظاهر طبل، تازو هڻي تيار ٿي،

توحيد جي تلوار سان، تابع ڪيا تو تاجدار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • تابُوتُ: ذ. ]ع[ ڪاٺ جي صندوق. لاش رکڻ جي صندوق. ڪاٺ جي مصنوعي تُربت (جا حضرت امام حسين رضه جي شهادت جي يادگيريءَ ۾ ٺاهي عاشورن جي موقعي تي گهمائيندا آهن)- تعزيو.

’محمد‘ ڪيو ثابوتُ، سُروردي سينگار کي.

(محمد فقير، بيت-124، ص-278)

  • تات: ث. ]ع. طاعة= فرمانبرداري[ خدمت. پرداخت- پرورش- پالنا. پرگهور- سنڀال. پچار- اُڻ تُڻ. فڪر- ڳڻتي. يادگيري- سار- ساروڻي.

ترڪ تجلي تاب وارِي، ترڪ تحدل طلب تات.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • تاپُ: ذ. ]سن. تَپ. ف. تاب[ تاءُ- سيڪ. تَپُ.

ساچ سُنايا ستگُر ساکِي، ساچ برابر تاپ نهين.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • تاجدار: ذ. صفت. ]ف. تاج+ دار< داشتن= رکڻ، هجڻ[ تاج پهريندڙ- تاج- وارو. بادشاهه. پڳدار. پاڳارو.

تحليل جو طاهر طبل، تازو هڻي تيار ٿي،

توحيد جي تلوار سان، تابع ڪيا تو تاجدار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • تارَ: ث. ]ف. سن[ ڪنهن به ڌاتوءَ جي سنهڙي تند. ڌاڳو- سُٽَ جي تند. ڏورو. ساز جي تند. (شاعر مطابق) اوسيئڙو- اونو- ڳڻتي. يادگيري. طلب.

اندر ٻاهر هُو هُو هُليا، طلب والي تار، موهيا من.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-5، ص-237)

  • تارِڪُ: ذ. صفت. ]ع. تَرَڪُ (هُن ڇڏيو) < (اسم فاعل) تارِڪُ= ڇڏيندڙ[ دنيا کي ترڪ ڪندڙ- تياڳي. الله لوڪ فقير- فقير.

تارِڪَ تن جا تَرڪي هليا ترڪ،

ڦيريدار فقير ٿي فاني ڪري فرق.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-248)

  • تاڙيوڻ: تاڙڻ. مصدر. جاچڻ تڪڻ- نهارڻ- چڪاسڻ- نظر ۾ رکڻ- ٽيسٽ ڪرڻ.

پير پنهل جِي خاڪ ملينديس، تاڪ اندر ۾ تاڙيون.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • تاڙي: (تاڙو) ذ. پکيءَ جو هڪ قسم (هي پکي مينهوڳيءَ جي موسم ۾ ڏسبو آهي، (ڪار ڪڻڇي) ڪال ڪڻڇيءَ کان سوايو ۽ پُڇ به انهيءَ کان ڊگهو، رنگ ڪاريڙو پر پاسن ۽ پڇ وارا ڪي کنڀ ’ڪٻر‘ وانگر اڇا. مينهن جي سڄي مند ۾ تنواريندو رهندو آهي). مِينهِڻ- پَپِيهو.

ڀنور گفا ۾ ڪوئل ٻولي، تاڙي ڪئي ٻي تات،

تڙن تي ترسي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-9، ص-207)

  • تاڪَ: ث. (تڪڻ، تاڪڻ< تاڪ) تڪڻ جو عمل- نظر نگاهه- جانچ- ڳولا ڦولها. لالچ- لوڀ.

پير پنهل جي خاڪ ملينديس، تاڪ اندر ۾ تاڙيون.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • تاڪِي: ث. ]ع. طاق= دري[ ننڍو تختو- تختي. دريءَ جو طاق. دري ڪنهن چوُکٺ جي پاسي واري پٽي. ڪاٺ جي مستطيل پٽي. پٽ ۾ کوٽيل ۽ لکيل چوڪنڊي ڳڙکي.

کولي تجلات جي تاڪِي، ڀلي آيو ڀلي آيو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-29، ص-136)

  • تالُ: ذ. ]سن. تالَ[ ڳائڻ وڄائڻ جو وزن (سازن جي پُوري وڄت سان). وڄت (ساز جي). تارُ. ساز جي لئي. مُجرو- ناچ. وڄائڻ جون ٿالهيون (جي طبلي يا ڍولڪ سان وڄائجن). دُهل جو مُنهن وارو چمڙو.

تال طبل سي گاوي بَجاوي، حال حقيقي هردم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-102)

  • تال 2: ڦند- گُر. مڪر. انگل- ناز- نخرو. چالاڪي- کيڏ. بهانو- مِنهُن- عذر. ڍونگ. زنانو فن يا هنر (هِرکائڻ لاءِ)- عشوه- غمزو.

ڪيو ترڪ طمع جو تال ترو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • تالِرُ: تال ڪندڙ- نخريباز- نخريل- چالاڪ- کيڏاري- بهانا ڪندڙ.

نسنگ آهين نرڳ ۾ پيو، تالر ڪرين تال.

(محمود فقير، موالي، ص-126)

  • تانُ: ث. ]ف. تان= وات جو اندريون پاسو[ ڳائڻ جي هڪ هُنر جو نالو. راڳڻيءَ مطابق سُرن جي سلسليوار لاهي يا چاڙهيءَ وارو لهردار آواز (نڙيءَ توڙي ساز جو). نڙيءَ يا تارونءَ منجهان هنيل پلٽو. هڪ کان وڌيڪ سُرن جي هيٺ مٿي ڳائڻ جي حالت. پلٽو.

ڌُڪڙ کنجريان ساز سڀيئي، تن من طبلي تان،

رمز انهيءَ دلڙي ريهي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1، ص-1)

  • تاڻيان: تاڻڻ. مصدر. تاثر ماڻڻ- تڻُڪَ- چڪ- ڪشش- گهل.

ايڏي ڪر نه تون دير، هينئر تاڻيان ڪونه ٿو تندو.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-72)

  • تائب: ذ. صفت. ]تابَ (= خُدا ڏانهن موٽڻ، پڇتائڻ) < (اسم فاعل) نائب[ خدا ڏانهن موٽندڙ- توبهه ڪندڙ- پڇتائيندڙ.

توبه ڪر تائب ٿي، نه ته وجهئين ٿي ڳٽي.

(محمود فقير، خيري، ص-138)

  • تَبر: ث. ]ف. تَبر= ڪُهاڙي[ وڏي ڦر واري ڪُهاڙي- تکي ڪهاڙي. هڪ قسم جي ننڍي ڪهاڙي (جا فقير کڻندا آهن). ڪهاڙيَ جو قسم.

اول عزرائيل اڳون، تکي چائي کڙاهي تبر.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-77)

طلب واليان جان کيان تبران، ذوق پڙهايان زيران زبران.

                                                                                                     (محمود فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي – 4-218)

  • تَتِي: ث. ]تپڻ > تتي[ مصدر ”تپڻ“ مان ”تتو“ جو مونث. تپت- تتل- تپي ويل. سخت گرميءَ واري ويل. (صفت) تتل- گرم- ڪوسي.

چئي، پُرِي ڪندينءَ تون پڌري، تون تاب نه ڪر تتي.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • تجلو: ذ. ]ع. جَلَوَ، جَلاء (= صاف ٿيڻ، چٽو ٿيڻ) < تجليٰ، تجلية= چٽائي سان ظاهر ٿيڻ[ چمڪو- اُهاءُ. سهاڻو- روشني.

تجلو تاج ڪلنگي جو، طبل تحليل سان طاهر.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-22، ص-132)

  • تجلي: ث. الاهي نور جي روشني. جلوو- نور- روشني.

ڏٺوسي تار وِچ تجلي، لهر وِچ لاثاني.

(محمود فقير، ڪافي-49، ص-76)

  • تحدل: (تهدل) ث. (ف) دل جان سان. دل جي گهرائيءَ سان. (صنف) دل و جان سان. پڪ.

ويک تماشا اپانا آپي، راتيان تحدل توڙي ڏينهان.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-9، ص-177)

  • تحصيلون: (تحصيل) ث. ]ع. حَصَلَ< تحصيل= حاصل ڪرڻ (مقصد). وصول ڪرڻ (پيسا)[ پوريءَ طرح حاصل ڪرڻ جي هالت. تعليم جي تڪميل- سکيا- حاصلات- نفعو.

طرحين ڪج تحصيلون، نسگ ٿي نِڪر ڙي.

(محمود فقير، ڪافي-25، ص-58)

  • تحليل: ث ]ع. حَلَ (=ڇڊو ڪرڻ، ڳاڙڻ) < تحليل[ حل ٿيڻ جي حالت. جُزن ملڻ جي حالت. ڪنهن ڌاتوءَ جي ڳرڻ جي حالت. ڳارو- آئٽ. پيهِي يا ڳاري جذب ڪرڻ جي حالت (جُملي شيون پاڻ ۾ ملي جذب ٿي وڃن). هاضمو- ڳارو (کاڌي جو پيٽ ۾). جزا کولڻ. حل. ڀڃڻي.
  • تحليل 2: ]ع. حَلل، تحليلاً= جائز ڪرڻ، حلال ٿيڻ[ حلال ٿيڻ جي حالت. ذبح. جائز حق. حق جو نالو- حق جو ذڪر.

تحليل جو طاهر طبل، تازو هڻي تيار ٿي،

توحيد جي تلوار سان، تابع ڪيا تو تاجدار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-7، ص-62)

تازي تيز طبل جي، تحليلي تلوار

(محمد فقير- بيت- 243، ص 292)

  • تَختُ: ذ. ]ف > زند. توخَشتُ[ بادشاهه جي ويهڻ لاءِ اوچي هنڌ تي رکيل خاص مسند. مسند- گادي- بادشاهي- حڪومت. پلنگ- صندل.

ترڪ تڪبر تُرت تن من، ترڪ تڪيو تخت تاج.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • تِرُ: ذ. ]سن. تِل[ مشهور تيلي ٻج جو هڪ قسم (جو خريف ۾ پوکجي، اُن جو ٻوٽو ٿئي). ’تِر‘ جيڏرو- ننڍڙو- ذرڙو- ڪابه ننڍڙي ذرڙي شيءِ. ذرو.

صوفي سڀئي صاف ٿيا، جن سڃاتو سير،

تفاوت نه تِرُ، تني ڄاتو پاڻ ۾.

(محمد فقير، بيت-171، ص-283)

  • ترازِي: ث. (ترازو= ساهمي). ساهمي- تارازي. تارن جو هڪ نکٽ- ٽيڙو. (ع. طَرادُ) ذ. ٻيڙيءَ جو هڪ قسم (هلڪي ۽ تکي ٻيڙي). ٻيڙي- ڪشتي.

مَٽين ڇاٿو کٽين ڇاٿو، ترازي تيز تازيءَ ۾.

(محمد فقير، سُر ڪانگڙ، ڪافي-5، ص-60)

  • تَرڪُ: ذ. ]تَرَڪَ= ڇڏي ڏيڻ[ پاسو (دنيا کان- تياڳ. علحدگي. دستبرداري. (ترڪ ڪرڻ) دنيا جي وهنوار کي ڇڏي ڏيڻ. دنيوي لاڳاپو ٽوڙڻ. جيڪي ڪجهه هجي قربان ڪرڻ.

ڪيو ترڪ طمع جو تال تَرو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • تَرو: ذ. ]سن. تَل= تَرو[ تر وارو حصو. هيٺيون ڀاڱو. بنياد. اونهائي. هيٺيون پاسو- پڇاڙيءَ جي بچت (ڀنگ وغيره) ڳجهه- راز.

ڪيو ترڪ طمع جو تال ترو.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • تُرهي: (تُرهو) ذ. ]تر، ترو< تُرهو= اهڙي شيءِ جنهن جو تر ٻڌل هجي. 2. ترڻ< تَرهو= اهڙي شيءِ جا تري يا تاري[ ڪکن، ڪانن ۽ ڪاٺين جو نوڙين ۽ رسين سان تر ٻڌي ٺاهيل هڪ قسم جو منجو (جو اڪثر ڍنڍن ۽ ڇڇن ۾ ٻيڙيءَ طور ڪم آڻجي). اصطلاحاً. ٻڏڻ کان بچڻ جو وسيلو- وسيلو. .توڪل جو ترهو“. ٽلو.

توڪل والي ترهي تر تون، جهل جگر دا جوش جلال.

(محمد فقير، سور ڪوهياري، ڪافي-2، ص-182)

  • تَريا: اُها منزل جتي خدا سان ملي سگهجي ٿو. چوٿون (راج)، اها هيڪڙائيءَ جي حالت جنهن ۾ جيو ۽ برهم جو سنڌو نه ڀاسي.

تُريا وِيا پڪ اُتپت اندر، تُريا جات ۾ جاتي ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-13، ص-179)

  • تَڙُ: ذ. ]سن. تَٽُ= ڪنارو[ ڪنارو- ڪنڌي. ڪنهن واهه، درياء وغيره جو ڪناري وارو اهو هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي- گهيڙ- گهاٽ. کوهه وارو ڳوٺ. پاڻيءَ جي کڏ. ٻيڙين بيهڻ جي جي جاءِ- پتڻ. اهو هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي هجي. مياڻ. جُوءِ- ٿاڪ. ميدان- ڀونءِ.

تماچي ڄام تڙ تي، مليو مئي پي مهاڻن سان.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • تڙڦڻ: تڙَپَڻُ. مصدر. ]سن. تَد= ڌڪ هڻڻ[ ڦٿڪڻ- لُڇڻ- بيقرار ٿيڻ. سڪڻ. سڙڻ.

عشق ڪريندا شڪار، تڙڦڻ مول نه ڏيندا ڏيندا.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • تَسُ: ]ع. طس= ڪاٺ جو پيالو[ ٺِڪر جو ننڍو ماٽو (اٽي رکڻ لاءِ)

ڦاروا فقير چئي، کڻي تُوت ڀريانَسُ.

(محمود فقير، بيگم، ص-116)

  • تَصدِيقَ: ث. ]ع. صَدَقَ< صَدق، تصديق= ڪنهن کي سچو سمجهڻ[ سچي هئڻ جي شاهدي. ثابتي. سچائيءَ جي تائيد. پَڪَ.

’محمد‘ تاجدار، توحيد کي تصديق ڪيو.

(محمد فقير، بيت-243، ص-292)

  • تَصَرُفُ: ذ. ]ع. صَرَفَ< تَصرُفُ (ذ) = ڪنهن به ڪم جو اختيار هئڻ، نيڪال ڪرڻ[ استعمال. عمل. اختيار. قبضو. خرچ. طاقت. اتر.

تصور ڪري صورت سندو، تصرف طلب توحيد جي.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-21، ص-65)

  • تَفاوَتُ: ذ. ]ع. تَفاوُت[ دُوري- مفاصلو- ويڇو. فرق- ڦير. وچاندر- اختلاف. غلطي- چُڪَ.

صوفي سڀئي صاف ٿيا، سڃاتو جن سِرُ،

تفاوت نه تِرُ، تني ڄاتو ڄاڻ ۾.

(محمد فقير، بيت-171، ص-283)

  • تُفتگَ: ذ. ]ف[ بندوق.

رنگ تفنگ، نسنگ نهايت، پاڏا پنج هٿيارا.

(محمد فقير، گهوڙو، ص-101)

  • تقويٰ: ث. ]ع[ خدا جو خوف- خداترسي. گناهن کان بچاءُ- پرهيزگاري- زهد- عبادت. تسبيح توبه طاقت تقويٰ، پورهيت تي نا پرگهر پينهن.

تسبيح توبه طاقت تقويٰ، پورهيت تي نا پرگهر پينهن.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-9، ص-177)

  • تڪيا: (تڪيو). ذ. ]ع. تڪيَھ= وهاڻو[ ويهڻ جي جاءِ- آستانو. ماڳ- دڪان- اجهو.

مڪه مدينه ’محمد‘ مٿرا، تيرٿ تڪيا پوجا پٿرا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • تڳان: تڳڻ. مصدر. جيئڻ- جيئرو رهڻ- زندهه رهڻ- پساهه کڻڻ- جٽاءُ ڪرڻ.

اصل کان ئي تڳان تنهنجي تاري.

(محمود فقير، ڪافي-27، ص-60)

  • تُل: ذ. صفت ]سن. تُلَ= مَٽُ[ برابر- همسر- جهڙو- مشابھ- سمان- مثل. هڪجهڙو- ثاني. هڪ جيڏو. هم صورت. ساڳيو. جيڏو- سَرتو.

نازبوءِ نرگس تُڪمان تُل تُل، گونسه گوهر غنچه گهُل گهُل.

(محمد فقير، سُور بسنت، ڪافي-6، ص-168)

  • تلڪُ: ذ. ]سن. تِلَڪَ[ نڪ جي مٿان ڀِرُن جي وچ ۾ يا مٿي نراڙ تي ڪڍيل نشان (جو شادي، تاجپوشي يا ٻيءَ ڌرمي رسم بجا آڻڻ يا سينگار خاطر ڪڍيو وڃي). سينڌر يا چندن جو ٽِڪو. هندن ۾ ڌرمي نشان.

عاشق ٿي اثياني والا، تلڪ لڳايا مئين وو مئين.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-42، ص-32)

  • تَلِيَهرُ: ذ. ]سن. تِلُ= ڪاراڻ+ هر= وارو[ ڪارو نانگ- واسينگ.

وِههُ سان ڪيئن واسينگ وِهاٽيا، لکيهر ٿيا ترتار ميان.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-2، ص-102)

  • تُليا: (سرائيڪي). تُريا- ماپيا- ميا.

ذات صفت وِچ نِويهيان فرق نڪوئي اَلا،

اَنا اَن اَنوار تورا تليا هي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-3، ص-75)

  • تَم: ث. ]سن. تَمَس[ اوندهه- ڪاراڻ. رات.

ڪيئي خاندان کوٽي ديجهان، تازا ڪيا اٿئي تَمُ.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • تَماشي: (تماشو) ذ ]ع. مشيٰ= گهمڻ، تماشيا= گڏ گهمڻ< ف. تماشا[ نظارو- ڏيک- ديدار- عجيب. شيءِ يا نظارو. کل خوشي- رونشو. ميڙ- هجوم. سانگ. ناٽڪ. کيل- ڪرتب.

طبل تال تماشي تازي، توم نوم تننن والي تار.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-2، ص-228)

  • تَموگَنُ: (تَموگُڻُ) ذ. ڪاوڙ- چڙ- ڏمر- غصو.

رچڪ سي رجوگن، ڀيانڪ تموگن.

(محمد فقير، سُر ڪارنرو، ڪافي-6، ص-172)

  • تَندو: تندو تاڻڻ. مصدر. ڊيگهه ڪرڻ- گهل ڪرڻ- اِنگائڻ- وڌائڻ.

ايڏي ڪر نه دير، هينئر تائيان ڪونه ٿو تندو.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-72)

  • تنگَ: ذ. ]ف[ گهوڙي جو هڪ سنج- چمڙي ۽ سُٽ جو پٽو (جنهن سان هنو، گهوڙي جي پٺيءَ سان سوگهو ٻڌجي). اُٺ جي پاکڙي کي مضبوط ٻڌڻ لاءِ سُٽ، ڏاس يا نَهوَر جو پٽو. ڪشالو- فاقو- سختي. تڪليف- اُڃ- اوسو. گهيڙ- گهاٽ- لنگهه.

آديسي اڙٻنگ، تازا ڇڪين تنگ.

(محمود فقير، ڪافي-4، ص-47)

  • تنگهه: ث. ضرورت- گهرج- کَپُ- تانگهه.

حَسن مير حُسين جي مون کي طلب ڏاڍي آ تنگهه.

(محمود فقير، خيري، ص-138)

  • تڻڪن: واحد. تڻڪ. ث. ڇڪ- تاڻ- تانگهه.

تڻڪن تن وِچ برهه ديان باهيان.

(محمود فقير، ڪافي-66، ص-86)

  • تُوتُ: ذ. ]ع[ وڻ جو هڪ قسم (جنهن جي پنن تي پٽ ڪينئان پاليندا آهن). توت جو وڻ. توت وڻ جو ميوو Mulberry (صفت) تمام سنهو ۽ ڊگهو.

ڦاروا فقير چئي، کڻي توت پريان تس.

(محمود فقير، بيگم، ص-116)

  • تُوتَرُ: ذ. ڍونگ- مِکر- تال. مڪر- فريب. بهانو- غُذر- ڪوڙ. ڪنهن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪوڙي ڳالهه.

توترُ تنهنجي تن ۾، کانجاڻا ۽ خم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • توحيد: ث. ]ع[ خدا تعاليٰ کي هڪ ڪري مڃڻ جو عقيدو. وحدانيت- هيڪڙائي.

’محمد‘ تاجدار، توحيد کي تصديق ڪيو.

(محمد فقير، بيت-243، ص-292)

  • توفَ: ث. ]تُرڪي- توپ[ بارود. گولا اڇلائڻ واري توپ. هڪ جنگي هٿيار.

لڳي توف طرحين تن وِچ، موليٰ تنهن ڪُون مارا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-123)

  • تَوَڪَل: ث ]ع. تَوَڪُل (علي) = ڀروسو ڪرڻ (خدا تي) سڀڪجهه ترڪ ڪري خدا ڏانهن توجهه ڏيڻ. آسرو- آڌار- توهه. اُميد.

توڪل والي تار طلب دي، رندي رمز رليندا هي.

(محمد فقير، سور پُوريا، ڪافي-15، ص-152)

  • تَوَنگَرُ: صفت ]ف. تونگر > توان= طاقت+ گَرُ= وارو[ دولتمند، شاهوڪار- دنيا دار طاقت وارو. بي پرواهه.
  • تولان: ذ ]ف. طُولان[ ساز و سامان- مال ملڪيت ”طنبو طولان“. دٻدٻو- شان- شوڪت. هَٺُ- وڏائي.

طبل تولان توحيدي، تياري تاب سان تازي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-68، ص-45)

  • تُهمَتُون: واحد. تُهمَت. ث. ]تَهِمَ (=داغدار ٿيڻ) < تُهمَة = بهتان، شڪ[ بهتان- الزام ڪوڙو بهتان.

عاشقن تي عام جِي، شهرت شڪايت.

طعنا تُنڪا تهمتون، نخرا نهايت.

(محمد فقير، بيت-272، ص-296)

  • تياڳي: صف. دنيا کي ڇڏيندڙ. تارڪ. لاطمع. ويراڳي.

وِرهه جو ويراڳي، طبل تر تياڳي،

سُخن ساز سُر سان، سچو سِر سُهاڳي.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-14، ص-162)

  • تيرَٿُ: ذ. ]سن. تيرٿَ= نجات ڏيندڙ ڪم يا ماڻهو [ مهاتمائن جي رهڻ جي جاءِ. پاڪ جاءِ. هندن جي زيارت جي جاءِ- جاترا.

هردي ۾ هرنام تيرٿ تنهنجو تو ۾ آهي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-11، ص-79)

  • تيسا: واحد. تيسو. ذ. ضد- هوڏ. ڪروڌ- ڪاوڙ- چڙ- رُسامو. ساڙ- ريس.

ڪاوڙ ڪرين ڪشت مان، تڪڙ ۽ تيسا.

(محمود فقير، گنگو، ص-105)

  • تيغ: ث. ]ف[ تلوار- ترار- شمشير.

تيز تکي ڪر تبغ سيني وچ، مارن ٻک ٻنگي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • تين گرامي: قديم زماني ۾ موسيقيءَ جا ٽي گرام تسليم ڪيا ويندا هئا. (1) کرج گرام (2) گنڌار گرام ۽ (3) مُڌم گرام.

ٻڌ سُڌ اندر ڌياني ڌاران، تين گرامي سُرڪا ساڌن.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-15، ص-180)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٽ

  • ٽاڄي: (ٽاڄو) ذ. دهل يا نغاري جي چوٽ واري وڄت. دهلن جي زوردار آواز.

اسم اعظم ٽامو ٽاڄي، اثر انڪار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • ٽاهه: ذ. ڇِرڪ – هراس. ڊپ- خوف.

عاشق مارڪباب ڪرينديان، ٽاهه ڪنهين نا ٽَليان وي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-2، ص-205)

  • ٽاهُو: ذ. نغارن جي وَڄت جو هڪ قسم (محرم ۾ سواريءَ جو هڪڙي پِرُ تان وڃڻ مهل جو ڄڻ ته اطلاع آهي). دُهل تي ملاکڙي جو واڄو.

اسم اعظم ٽاهُو ٽاڄي، اثر اذڪار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • ٽُٻن: (ٽُٻي) ث. پاڻيءَ ۾ هيٺ ٿوري دير رهڻ واري حالت- غوطو. سوچ- ويچار- غور.

گوهر گهڙي گرداب ۾، ٽوٻن جيئن ٽُٻن.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

  • ٽَڪا: ]سن. ٽڪڪ[ ناڻو. ڌَنُ- دولت.

جپ تار گاڪي ڪوڏڪر، مئي پي مڪا دوغن ٽڪا.

(محمد فقير، سر ڪانگڙو، ڪافي-13، ص-189)

  • ٽڪاڻي: (ٽڪاڻو) ذ ]سن. سٿان[ ٽِيڪڻ جي جاءِ- ٺڪاڻو- ماڳ- مڪان. آستانو. ٻاوَن جي رهڻ جي جاءِ- مڙهي- هندن جي پُوڄا جي جاءِ.

سڻايان سُخن ٿو، ٽگهٽ جي ٽڪاڻي.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-16، ص-162)

  • ٽَڪورَ: ث. سُور واري جاءِ مٿان گرم ڪپڙي يا ٻي شيءِ سان سيڪ- ڪوسي لُپريءَ جي ڏمَ- خدمت چاڪري. ٽاڪور.
  • ٽِڪورَ: ث. دهُل يا نغاري تي ڏونڪي جو ڌڪ. هلڪو ڌڪ- ٽَڪورَ.

سجدا صاف صحي وِچ صورت، ڏيندا ’لا‘ دي نال ٽڪور.

(محمد فقير، سر ڀيروي، ڪافي-61، ص-41)

  • ٽَڳا: (ٽُڳو) ذ. وٽيل سڳو- ڳنڍين وارو ڌاڳو. فقيرن جي ڳچيءَ ۾ ڀيل ڌاڳو (جنهن ۾ مڻيا، مڻڪا وغيره پويل هجن). فقيراڻو خاص ڳانو. ميرو ۽ پاٽل وڳو يا چتين لڳل پراڻو ڪپڙو. (شاعر مطابق) لاڳاپا لاهي ڇڏ. دنيا سان تعلق ڇني ڇڏ.

ٽگا دين ڪفر جا ٽوڙي، صورت جي پئي سام،

گهُورن ۾ ڏٺي گيان منهنجو.

(محمد فقير، سر آسا، ڪافي-8، ص-4)

  • ٽڳي ٽوڙ: ٽڳا ٽورڻ. مصدر. لاڳاپا لاهي ڇڏڻ.

ديدان دي دربار دُرس ني، دام دُوئي دي ٽڳي ٽوڙ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-48، ص-94)

  • ٽِلي: ٽِلَڻ. مصدر. نخري سان هلڻ- ٽور سان هلڻ- لوڏ سان هلڻ. آهستي آهستي هلڻ.

شريعت جي شهر ۾، شرابين ڪيو شور،

ٽلي عجب ٽور، ٽڪاڻي ٽنگهٽ جي.

(محمد فقير، بيت-207، ص-287)

  • ٽِنڊ: (ٽنڊ باز) صفت. آڪڙباز- وڏائي خور- نخري وارو.

ڏسو منهنجي يار جون، ڪي ٽنڊ ٽوڙون.

(محمد فقير، ڪافي-38، ص-66)

  • ٽِڻڪ: ذ. صفت. چالاڪ- حرفتي- حرڪتي- لُچ. ٺڳ- ٺينگ ٽپا ڏيندڙ- ناميل- چُٽيل.

ٽڻڪ ٽونٽي ٽپا ڏين ٿي چگهن تي چٽي.

(محمود فقير، خيري، ص-138)

  • ٽوٻن: (ٽوٻو) ذ. صفت. ٽٻيون هڻندڙ- ٽوٻير- توٻُ. غوطاخور.

گوهر گهِري گرداب ۾، ٽوٻن جيئن ٽٻن.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص258)

  • ٽورَ: ث. هلڻي. چال- رفتار جو نمونو. (ٽورِ) وڏائي- آڪڙ.

شريعت جي شهر ۾، شرابين ڪيو شور،

ٽلي عجب ٽور، ٽڪاڻي ٽگهٽ جي.

(محمد فقير، بيت-207، ص-287)

  • ٽورون: ڏسو. ٽور.

ڏسو منهنجي يار جون، ڪي ٽنڊ ٽورون.

(محمد فقير، بيت-38، ص-66).

  • ٽوري: ٽورڻ. مصدر. آهستي پنڌ ڪرائڻ- هري هري هلائڻ- پنڌ ڪرائڻ. ڪاهڻ- نڀاهڻ- گذارڻ- وقت ڪاٽڻ (ڪاروبار) هلائڻ.

سارو ساٿ سنڀاري، ٽڪر ايندم ٽوري.

(محمود فقير، ڪافي-3، ص-46)

  • ٽوڪر: ث. آهستي ڌڪ. ٺوڪَرَ- ڌڪ- مسخري- ٺٺول- چرچو- ڀوڳ.

سمجهي سودي وِچ لاڳئي ٽوڪر.

(محمود فقير، ڪافي-63، ص-84)

  • ٽوئڪِي: هڪ ٽوئي اَن جو ٻاند. (_ملان، پير، فقير جو راڄ تي مقرر ٿيل ساليانو ڏن) جيڪو بٽئي مهل جدا ڪجي.

ٽُوٽَ اُڳاڙين ٽوئڪي، ٻي پاڙ کائين پاڙي.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • ٽيٽ مڪڙي: جيت جو هڪ قسم (اصطلاحاً) گهڻو ڳالهائيندڙ. اپري جسم وارو. سنهڙو سڪل.

چئي، پُري ڪندينءَ ڙي پڌري، ڇا ٽيٽ مڪڙي ٽرڙي.

(محمود فقير، خري، ص-139)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٺ

  • ٺامُ: ذ ]سن. سٺان[ ماٺ- سانت- چُپ- آرام. گڏجاڻيءَ جي جاءِ. ميلاپ جو هنڌ. مضبوط شيءِ.

اکين واري آتش بازي، ٺام عجائب ٺَهي ٺَهي.

اچي اصلاتي اسرار سان.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-5، ص-106)

  • ٺاههَ: ٺاهڻ. مصدر. (اسم) ٺامپ- بناوت- جوڙ. سندار- انتظام- بندوبست.

هن ڪميڻيءَ ڪين ڪمايو، ٺڳيءَ وارو ٺاهه،

کڻي خواري خلق کلڻ جي.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-1، ص-227)

  • ٺِڪريان: واحد. ٺڪري. ث. ٺڪر جي ٿانءُ جو ڀڳل ٽڪر. )صفت) بدبخت- نڀاڳو.

تيڏيان زالان، ڏوُنهين بي تاليان،

اصل تيڪون ٺوڙهه مارن ٻئي ٺڪريان.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

  • ٺُلُ: ذ. ]ف. تل[ مُتارو- پايو. بُرج (قلعي جو). قلعي جي اندر يا مکيه دروازي وٽ ٺهيل وڏو گول منارو. (صفت) ڊگهو.

پلٿي هڻيو پئسا وٺيو، ٺوڳيا ٿين ٿو ٺُل.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • ٺُمرِي: ث. ڳائڻ جي شعر جو هڪ قسم. راڳ جي هڪ طرز.

ڌر پد ٺُمرِي خيال ترانا.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-120)

  • ٺوڙهه: ث. ڪوڙيل مٿو- گنج- روڏ- ٽِپڻ- ٽِپر- مٿو- سِرُ- ڪيپرائي.

تيڏيان زالان، ڏونهين بي تاليان،

اصل، تيڪون ٺوڙهه مارن ٻئي ٺِڪريان.

(محمود فقير،ڌسالي، ص-113)

  • ٺوڳيا: (ٺوڳي) ذ. صفت. ]سن. سٺنگ= ٺَڳڻ[ ٺڳُ- ٺڳيندڙ- دغاباز- دولابي.

پلٿي هڻيو، پئسا وٺيو، ٺوڳيا ٿين ٿو ٺُل.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • ٺيلها: واحد. ٺيلهو. ذ. ڌڪو- ٿيلهو. صدمو. نقصان، هاچو- جوکو.

توکي ٺڪر ۽ ٺيلها، تون سُونهين ٿي سانگهڙ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ث

  • ثاب: ظرف. ]ع. ثاب= بدلو ڏيڻ[ قبول- منظور. عموماً ”پوڻ“ يا ”ٿيڻ“ سان گڏ اصطلاح طور ڪم ايندڙ لفظ.

سُتي ثاب، پيئم خواب، ڪو امام آيو.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-46)

  • ثابت: صفت. ]ع. ثَبَتَ= قائم رهيو[ برقرار- محڪم- مضبوط . صحيح- سلامت. سڄو- سارو- ٻورو.

ث- ثابت ساهه جو سامي ڪري سانگ.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-248)

  • ثبوتِي: ذ. ]ع[ ثابت. قائم- پڪو. پختو. دليل.

هڪل هڪ حُسن سان ڌمالي دغن سان،

سُرن جي ثبوتي، سُڻائي سُخن سان.

(محمد فقير، سر بنس، ڪافي-14، ص-161)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

پ

  • پاتار: ذ. ]سن. پاتال[ زمين جو هيٺاهون طبقو- درياءُ يا سمنڊ جو ترو. تَرُ اُونهون پاڻي. اوڙاهه- عُمق. (صفت) اونهون- عميق- اٺاهه.

پسي پاڻ پسڻ ۾ پنهنجو، پور ٻيا نه پهي پهي،

پاڻي پيچ پسڻ پاتار جو.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-2، ص-105)

  • پاتنجل: ]سن[ هڪ مشهور هندو فِلسوف جو يوگه تي لکيل ڪتاب.

پاتنجل سانکهه ويدانت وَرنَن، ڪانڊ ڪرم ڪلتا رڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • پاٽ: ث. ]سن. پاتر[ ٺڪر جي وڏي ٿالهي- ڪاٺ جو پاٺوڙو.

چار سير چانور کائين، پنڻا سڄي پاٽ.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • پاپُ: ذ. ]سن. پاپَ[ گناهه- ڏوهه. خطا. دين ڌرم جي خلاف عمل. نيچ ڪم. بڇڙو ڪم. ظلم- ڏاڍ. قهر- غضب.

پورن پرگهٽ پد پرڪاشي، جوٺ نه جس مين پاپ نهين.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • پارس: (پارس ٿي پوڻ) ڪامل ولي ٿيڻ. فيض وارو ٿيڻ (جنهن جي فيض کان مريد مڻيا وارو ٿئي).

پيرِ مُغان پس پارس پرور، پرت سندو پئمانو، ٽي پروانو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي،-32، ص-87)

  • پاڙيچن: (پاڙيچو) ذ. صفت. پاڙي جو- پاڙيسري. پاڙيوارو.

پاڙيچن پرين سان پوري پرت پَرِي، سُرهي سونهن ڀَري.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-1، ص-104)

  • پازِي: ذ. صفت. ]ف. پاجي = (پا= پير+ جي) پيرن تي ڪرندڙ[ پاجي- ٻانهو- نوڪر- گدلو- خدمتگار. ث. ٻانهي. گولي.

پازي آئون پينار پِنا، صحبت جا سامان.

(محمود فقير، گنگو، ص-116)

  • پاسارِي: ذ. صفت. ]سن. پڻيهَ= وڪري جو مال+ سارد سر= پکيڙڻ[ پسارڪو وکر رکندڙ. دُڪاندار- پساري.

جوشان جوش، نوشان نوش، پوشان پوش پاساري.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • پاڳَ: ث. ]سن. پَٽ. پَٽُ= ڍڪڻ[ پَڳَ- پٽڪو- عزت- اڳواڻي.

پهري پاڳ، ٿي سُجاڳ، واري واڳ وصالي.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-1، ص-208)

  • پاڳاهون: (پاڳُ) ذ. ]سن. پاد= پيرُ[ پيرُ- پڳُ. دستار. قدم.

پنج سؤ لک پاڳاهون، گهوڙا غازين جا.

(محمود فقير، ڪافي-15، ص-53)

  • پالوٽ: ث. ]سن. پريسَتم+ ڪ[ اُٺَلَ (پاڻيءَ جي)- پَلٽ- طُغياني.- جهجهائي- گهڻائي- ڪثرت.

پيڪان ڪي، پئيمان ۾، پُر پي پڇانا آپ ڪو،

پُختا اُسي پالوٽ ڪا، پرواز پرواني ۾ هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

پينگهي ۾ پالوٽ ڏني مون کي لعل پنهل لولي.

(محمود فقير، ڪافي-11، ص-50)

  • پاڻيءَ ڦوٽا: (پاڻيءَ جو ڦوٽو) محاورو. ناپائدار شيءِ- بي بنياد شيءِ- جلد فنا ٿي وڃڻ واري شيءِ. بي بقا.

مقدار تيڏا جيوين پاڻيءَ ڦوٽا،

مين ته مار سونٽا تيڏا ساهه نيوان.

(محمود فقير، گنگن، ص-112)

  • پَت: ث. ]سن. پَرتبتِي. پُرتِ= وري+ اِڻ= وڃڻ[ اعتبار- ڀروسو- ويساهه. يقين- ساک- سچائي. آبرو- عزت- مانُُ. عصمت. ڀرم. لڄ.

صورت جي سينگار مان، سُر تي ڪڍيو سَت،

پرت واري پَت، پسڻ ۾ پاڪ ٿي.

(محمد فقير، بيت-82، ص-274)

  • پتنگ: هڪ ننڍڙو جيت (جيڪو باهه جو عاشق آهي ۽ باهه ۾ سڙي رک ٿيو وڃي). پروانو.

پلٽ پهلوانن، پيڪان پسي، پچي ٿيا پسڻ ۾ پتنگ جيئن پڻي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-15، ص-115)

  • پٿرا: (پَٿَرَ) ث. پٿرڻ جي حالت. پکڙجڻ جي حالت.

مڪه مدينه ’محمد‘ مٿرا، تيرٿ تڪيا پوجا پٿرا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه ڪافي-16، ص-180)

  • پَٽ: پيالو- قدح- جام (شراب جو).

پي پي پيالا پَٽ، پورِي پرت پري پري.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-23، ص-21)

  • پَٽُ: ت. پئڻ جي حالت. هتي پرن يا کنڀن پٽڻ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

عشق شهباز جنبين وچ چئيندا، ترڦڻ مور نه ڏيندا،

ماس هڏيان دا هوش هنئين ڪون، کنڀڙيان پٽ پٽ کائيندا.

(محمد فقير، بيت-224، ص-290)

  • پَٽُدار: ريشم وارو- ريشمي ڪپڙو.

پوشاڪ پاڪ پوري، پڳدار جي نموني،

پئيمان ۾  پڌر ٿيو، پٽدار جي نموني.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-17، ص-116)

  • پَچار: ث. ڳالهه- ذڪر. تات- پَچَرَ. يادگيري. بيان. عادت. گلا- نندا. بَلا.

پوپٽ پتنگ پاڻ ۾، ڪيهي ڪن پچار.

(محمد فقير، بيت-23، ص-267)

  • پَچَڻ: مصدر. ]سن. پَچَنِيهَ[ باهه تي پڪو ٿيڻ. رڌجڻ (باهه تي). بچڻ (ماني). سڙڻ- ٻرڻ- کامڻ- جلڻ. رَسجڻ (ميوو). ڪڙهڻ (زخم ڦٽ وغيره) رَجهڻ (اندر ۾).

پڙهڻ پچڻ وچ ۾، آهي وڏو فرق،

محبت وارن مرڪ، مام سڃاڻن سام جي.

(محمد فقير، بيت-115)، ص-277)

  • پَڇاڻ: ث. ]سن. پَرت[ سُڃاڻ- واقفيت- ڄاڻ. سُڃاڻپ- ڏيٺ.

پسي پنهنجو پيچ پسڻ جو، پسڻ واري پچاڻ پسان ڇا.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-8، ص-238)

  • پُختا: پختو. ث ]ف. پُخته[ پڪائي- مضبوطي. ثابت قدمي. هوشياري- ڏاهپ- سياڻپ.

پيڪان ڪي پيمان ۾، پُر پي پَڇانا آپ ڪو،

بخنا اُسي پالوٽ ڪا، پرواز پرواني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

  • پختي: ڏسو پختا.

چلاغ دي نقطي، پيچ پاڪي پختي، رنگ رنگي رُخ تي،

نقطي ڪيتا دور، محمدي مذڪور.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • پخالڻ: مصدر (ث). صفت. پخال وارو- پخال کڻندڙ- پخال سان پاڻي ڀريندڙ. بهشتي. پخالي.

دُکالڻ ڌوٻيائي، پخالڻ پنهونءَ جي.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • پَدارَٿَ: ث. ]سن. ٻدارُٿَ[ دپَدَ= آواز. لفظ= اَرُٿ= مطلب[ شيءِ. وَٿُ- وَسُتو- چيز- ٿوڪُ. عنصر. ملڪيت. ناڻو- دنيا. برڪت- نيڪي. معنيٰ. مطلب. سمجهاڻي- تفسير. بيان. فرض- مقصد.

پد پرڪاشي پُرجهه پدارٿ،

سنت سُناوي گيان ڪٿا ڪٿ.

(محمد فقير، سور ڪونسيه، ڪافي-12، ص-79)

  • پِدَرُ: ذ. ]ف[ پيءُ- والد- ابو- بابو.

حشت حقيقي حڪم سان، هر جاءِ هڪل تنهنجي هُلي،

حسنين جو پرور پدر، حضرت علي حيدر قرار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-63)

  • پَدَمُ: نانگ جو هڪ قسم (زهريلو، اُڏامندڙ، ڪنڌ ۽ پٺيءَ تي پُوري رنگ جا وار ۽ ڊيگهه ۾ ٻن فوٽن تائين ٿئي ٿو).

کِپر کَڻُ پَدَمُ ٻيا، تليهر توڙن توڙ،

(محمد فقير، بيت-54، ص-272)

  • پدم 2: ذ. ]پرا. پئم. سن.پدم[ ڪنول جو گل- نيلوفر عدد شماري ڳڻپ جي ڏاڪن مان چوڏهون ڏاڪو.

ڇڏي مون اتي هڪ، پدم جهڙي پهر ڙِي.

(محمود فقير، ڪافي-72، ص-93)

  • پڌر: پڌرائي- مشهوري (ظرف) ظاهر- گليو- چِٽو. دنگ- ڇيهه- اَنت- ڇيڙو. سُڌ- خبر.

محبت دي ميدان، پڌر پِڙَ وِچ، پير ڀريندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • بَڊَ: واحد. ٻَڊُ. ذ. پَٽُ- ميلن. غيرآباد زمين- پوٺو. ڦٽل شهر يا ڳوٺ وارري زمين.

پَڊَ پراڻا، ٿوهر ٿرن ۾.

(محمد فقير، ڪافي-15، ص-53)

  • پَذِير: صفت. ]ف[ اثر وٺندڙ. اثر قبول ڪندڙ. هميشه مرڪب لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”دل پذير. اثرپذير“ وغيره.

تنهنجو مليو مُنور مُدعا، پردي منجهان پرور پذير.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-24، ص-67)

  • پَرِ: ث ]سن. پال[ ريت- رواج- دستور. هلي چلي- عام رواج. هلت- عادت- لڇڻ. نمونو- طرح.

رکي نوڪ نظر تي ناتو نر، پئمان پسڻ جي پاري پَر.

(محمد فقير سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • پُر: ذ. صفت ]ف[ پريل- ٽُٻ- ٽار- ٽمٺار- منهان تار- لبالب- ڪنان تار.

پي تو پاڪ پرينءَ سان پيالا پُرِ.

(محمد فقير، سور راڻون، ڪافي-1، ص-232)

  • پَرابَتِ: ث. ]سن. پراپت دپَر- گهڻو+ آپ = حاصل ڪرڻ حاصلات- فائدو- نفعو- لاڀ. ڪمائي- پيدائش- اُپت- آمدني. ڪاميابي. بخت- نصيب- ڀاڳ (صفت) حاصل ڪيل- مقرر. درست.

پراپت پشعتي مڌما به ڀڳتي.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-172)

  • پَرار: ذ. پراڙ- پريون ڪنارو. (درياءَ جو)

لياقت نه اٿم لوڪ جي، آئون آهيان پلڪ پرار.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • پَرتات: روشن- منور- جلويدار. دٻدٻي وارو. وڏو فياضي.

بلهي شاهه ارداس گلاب، سرشٽ ديانند ٻُڌ پرناب.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • پِرتِ: ث. ]سن. پريت[ پريت جو مخفف. پريت- محبت- قرب- پيار. عشق. مِڪَ- اُڪير- چاهه.

پارس پرت پساري، جام جلالي به مين هون.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-5، ص-192)

  • پُرجَهو: ث. سمجهه- پروڙ- ڄاڻ.

بسنت ’محمد‘ سارنگ گاوي، پُرجهه پريمي پنجم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-103)

  • پُرسُ: ذ. ]سن. پُرُش[ مرد- شخص. مڙس- پتي. ڀٽار- وَرُ.

شبد سُناوي سَنتگر سَروَن، پرگهٽ پُرس پيارا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • پُرشُ: ذ ]ٻرا. پُرِسَ. سن. پُرُش[ ڏسو پُرس.

روپ سروپ انوپ انيڪي، آد پرش ڌن ڌياني ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • پَرگهَٽِ: صفت (پرگهٽيو- پرگهٽبو- پرگهٽيل) پڌرو- آشڪار. مشهور- پيدا. عيان.

پرگهٽ، گهٽ ۾ گهٽ پرگهٽ ۾، پيدا نا پيداني ري.

(محمد فقير ، سُر ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • پَرَم: صفت. ]سن[ اعليٰ- اُوچو- اُتم- مکيه. افضل- برتر- مڪمل. بي حد- وڏو. پهريون- اول.

عاشق ايچ، ٻڌي پيچ، ڏاڍي پيچ پرم دي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • پَرمان: (پرماڻ). ذ. ]پرا. پَرِماڻُ. سن. پرماڻ. پرَ= گهڻو+ ما= ماپڻ[ ماڻ- ماپ- ماپو. تور- وزن انداز- مقدار. قاعدو- قانون. رسم- رواج. دليل- حُجت. ساک. ٿابتي. حوالو. سَنَد. (صفت) درست- صحيح. مُباح- روا.

نام جپون پرنام پيارا، پُورن ڪر پَرمان هري ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-7، ص-176)

  • پَرميسر: ايشور= ڌڻي دايش= حڪومت ڪرڻ، وشنو اوتار جو هڪ صفاتي نالو- ايشور.

پاڇي پيچ عشق رو پڙسِي، پاڙي پرميسر جي.

(محمود فقير، گنگو، ص-109)

  • پَرنامُ: پَرڻامُ. ذ. ]سن. پَرِڻام[ وڏيءَ عزت سان جُهڪي ڪيل. سلام- نمسڪار.

نام جيون پَرنام پيارا، پُورن ڪر پَرمان هري ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-7، ص-176)

  • پرواز: ذ. ]ف[ اُڏامڻ جي حالت- اُڏامڪ- اُڏاري. (فاعل) اُڏامندڙ. مرڪب لفظن جي آخر ۾ ڪم ايندڙ لفظ ”بلند پرواز“ وغيره.

اکيون پائي ڪجل قهري، ڪرن پرواز ٿيون پهي.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-10، ص-213)

  • پروان: پرواني جيئن- پتنگ جيئن. پروان (ف) ذ. (اسم) هه (صفت) مڪمل- پورو- بالغ- ٺيڪ- صحيح. درست. ٻيڙيءَ جو کوهو- ونجهه.

پروان جان پڙ ۾ پچڻ، هيءَ عاشقن جي سونهن سوڀ.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-4، ص-234)

  • پرواني: پروانو. ث. ]ف. پروانا[ جيت جو هڪ قسم (جو روشنيءَ جهڙوڪ بٺي، باهه. شمع وغيره جي چوڌاري اُڏامي آخر وڃي اُن ۾ پوندو آهي). پتنگ. (مجازاً) عاشق.

پيڪان ڪي پيمان ۾، پُر پي پڇانا آپ ڪو،

پختا اِسِي پالوٽ ڪا، پرواز پرواني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-43)

  • پَرو: ذ. نشان. ڏَسُ- پتو- اُهڃاڻ- پسڻ.

جڏهن پاڻ پسڻ جو پيڙو، پرو، تڏهن ذوق نه ضايع ٿيڙو ذرو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-61، ص-99)

ڪچائيءَ جي قطري جو، پوي ڪونه پَرو.

(محمود فقير، خيري، ص-141)

  • پُرِي: نسل- پيڙهي- پشت.

هاڻي سنجهي ٿيءُ رواني، نه ته پُري ڪنديسئين پڌري.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • پِڙُ: ذ. ]سن. پنڊَ- گول ٿلهو[ ميدان- وڏو ميدان. گولائيءَ ۾ زمين جو ٽُڪر.

محبت دي ميدان، پڌر پِڙَ وِچ پير ڀريندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • پڙ: (پڙڪڍي بيهڻ) صفا انڪار ڪرڻ- نابري واري بيهڻ. ضد ڪري بيهڻ. کپ کوڙي بيهي رهڻ.

پَنپُوران تون پڙ ڪڍيو، وات پئين ڏاري.

(محمود فقير، خيري، ص-133)

  • پَسارا: واحد. پسارو. ذ. ]سن. پرسار[ وِستارُ- اُپٽار. ڊيگهه. وڌاءُ (ڳالهه ۾). پکيڙ. کنڊير. واڌارو. مفاصلو. مانڊاڻو. ڏيک- مشاهدو. نظارو. ميڙ- اجتماع. آبادي- بستي. سامان.

پڌرا پرت پسارا ڪيتا، اولي آءُ انساني، اعظم شاني.

(محمد فير، تلنگ، ڪافي-37، ص-189)

  • پَسارِي: ذ. صفت. پسار جو سامان وڪڻندڙ دڪاندار. جڙيون ٻوٽيون وڪڻندڙ. (شاعر مطابق) محبت جو سامان رکندڙ- پيار ورهائيندڙ.
  • پَسَڻُ: ذ. ]سن. پَشيهَ+ درش= ڏِسڻ[ اِشارو- اُهڃاڻ- شُگون- آثار. هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ لفظ.

پسڻ آهيان پاڻ پسان ڇا، پسڻ واري پيچ ۾ پڌرو.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-8، ص-238)

  • پشت: نسل- پيڙهي- پُري- بُڻ. خاندان. حمايت- مدد- ٽيڪ. (صفت) حمايتي- مددگار.

حافظ ويا حضور ۾، پشت هليا پاتار.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • پُشتِي: ث. پُشت. مدد- حمايت- ٽيڪَ. پيڙهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آڏ.

پراپت پُشتي، مڌما به ڀڳتي.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-172)

  • پَلاڻُ: ذ. ]سن. پَرياڻَ[ اُٺ کي سنجڻ جو سامان (پاکڙ ۽ ٻيو سامان) شاعر مطابق، ارادو ڪرڻ- تياري ڪرڻ.

پسڻ پس پسڻ جو، پري ڪيم پلاڻ،

پُڄائي پُڄاڻ، ’محمد‘ مک مذڪور ڪيو.

(محمد فقير، بيت-17، ص-267)

  • پلٿي باز: پنهنجي ڳالهه مٿي ڪرڻ وارو. نموني سان ڪم ڪڍي ويندڙ. شعبدي باز. (صفت) پلٿو راند ڪندڙ- پلٿو کيڏندڙ- تلوار باز- اٽڪلي- چالاڪ. ڦرڻو. گهرڻو. ڦيرائي گهيرائي.

پلٿي باز پڪڙ، ڌُو ڌُوڪار رسن.

(محمود فقير، ڪافي-41، ص-168)

  • پَلنگُ: ذ. ]سن. پَريَنڪَ[ کٽ جو هڪ قسم- وڏي کٽ- ڇَپَر کٽ.

سُتيس سيج پلنگ تي، جاني جڙي جان.

(محمد فقير، بيت-185، ص-285)

  • پَنچَمُ: ذ. ]سن. پنچَمَ[ راڳ جي اصطلاح ۾ سرگم جو پنجون سُر ”پا“. هنڊول راڳ جي هڪ راڳڻيءَ جو نالو.
  • پَڻِي: ث. مٽي- خاڪ. دز- ڌوڙ- رَئي.

پلٽ پهلوانن پيڪانن پسي، پچي ٿيا پسڻ ۾ پتنگ جيئن پئي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-15، ص-115)

  • پُور: خيال- فڪر. پيچ- وڪڙ. ويچار- فڪر- ڳڻتي.

ناپور ٻياڪو پهندي هون.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-6، ص-220)

  • پُورَبُ: ذ. ]سن. پورُوَ[ اوڀر- اڀرندو- مشرق. اڀرندي وارو ملڪ. اوڀر جو واءُ. ڀارت ۾ ڪانپور کان بِهار تائين علائقو. (صفت) اصلي- قديم. پهريون- اوائلي.

پورب ڪيا پرواز پٽن تي، ڪڪرن ڪئي آهي ڪار ميان.

(محمد فير، سُر تلنگ، ڪافي-2، ص-102)

  • پُورَتَ: ث. ]سن. پُورت[ پُورائي- تڪميل. کوٽ ڀرڻ جي حالت. اهڙي حالت جنهن ۾ زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن- ڪفايت.

پنهنجي پسڻ جي پورت، پڳدار ٿي اچان ٿو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-11، ص-112)

  • پُورِيا: ]هه[ هنڊول راڳ جي هڪ راڳڻيءَ جو نالو. محمد فقير جون 21 ڪافيون هن سُر ۾ آهن ۽ هي سُر ترتيب مطابق 14 نمبر تي رکيو ويو آهي.
  • پوشُ: ذ. ]ف[ ڍَڪُ- غلاف. حجاب- پردو- نقاب. لباس. ڀرت ڀريل ڪپڙو (جو غلاف طور ڪم اچي). ڪتاب مٿان ڏنل ڍڪ (ڪپڙي يا ڪاغذ جو). (صفت) ڍڪيندڙ. پرده پوش.

بقائِي دا باغ بهارِي، پوش پيارل پارس هي.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-1، ص-201)

پنجتن پاڪ پوش پيارا.

(محمود فقير، ڪافي-77، ص-102)

  • پوشُ پوشُ: نِدا. پاسي پاسي! پري پري! پري ٿيو! هتي وڃو!

پوندي آوي ڀيڄ ڀيڄ، پوندي آوي پوش پوش.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-1، ص-232)

  • پوءِ واري: ث. پٺيان جي سنيال- يادگيري. پرگهور- سارسنڀال. پُٺَ ڀرائي- حمايت- مدد.، پيروي- تقليد.

ڏي ڪا دلدار دلدارِي، پرين پرچي ڪر پوءِ واري.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-1، ص-208)

  • پهاڙي: ث. راڳڻيءَ جو هڪ قسم. ترتيب جي لحاظ کان محمد فقير جي رسالي ۾ پهاڙي 13 نمبر تي رکيل آهي ۽ هن راڳڻيءَ ۾ فقير صاحب جون 47 ڪافيون آهن.
  • پَهرِي: پهرڻ. مصدر. ]سن. پَرڌانَ. پَرِ= چوڌاري+ ڌا= پائڻ[ ڍڪڻ (وڳو)- پائڻ (ڪپڙا)- مالَ جو چرڻ لاءِ وڃڻ. گهر کان ٻاهر وڃڻ- اُسهڻ. پکڙڻ.

اکيون پائي ڪجل قهرِي، ڪدن پرواز ٿيون پهري.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-10، ص-213)

  • پَهُون: ث. ٻڪري.

پَهُون پنهوارن جون، ڇُڙن ٿا ڇيلا.

(محمود فقير، ڪافي-42، ص-79)

  • پَهِي: ث. ]سن. پَنج[ ڪپهه جو پَهو- پُوڻي. تَسري. وٽي- پيالي.

رنگي رُڪ سان رندي راند رهِي، سينگار ڪري سرشار صحي،

پيمان پڪي ۾ پاڻ پهِي، پوءِ پير نه پٺتي پايان مان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-71، ص-48)

  • پَهِي 2: ذ. صفت. ]سن. پنٿ= واٽ[ واٽهڙو- قاصد- پانڌي. اولاد- وارث. ٻچو. نسب.

هلان هيڪر، ملان جيڪر، پلئه پاند پهي.

(محمود فقير، ڪافي-22، ص-57)

  • پَئُون ٻارهن: ذ. پورو پورو داءُ. ڇڪو. وڏي ۾ وڏو داءُ. شروع ۾ ئي بارهن يعني ٻن ڇڪن جو داءُ يا ٻن ڇڪڻ جو لڳڻ. شروع ۾ ئي فتح. سڀ سڻائي. سڀ ڪجهه حاصل ٿي وڃڻ.

عشق اوقاتي، ٻير سوغاتي، پئون ٻارهن پورا ڍارا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-54، ص-96)

  • پئيمان: (پئمانو) ذ. ]ف[ پئمانَ[ پيمانو- ماپو. وزن. مقرر وزن. مقرر ماپ.

پئيمان پڪي ۾ پاڻ پهي، پوءِ پير نه پٺتي نه پايان مان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-71، ص-48)

  • پيچ: مصدر. پيچ پائڻ. نينهن لائڻ- عشق ڪرڻ.

پنبڻيان ڪر پرواز پسايا، پيچ پسڻ پاتار دا، جهلڪار دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

عاشق ايچ، ٻڌي ڀيچ، ڏاڍي پيچ پرم دي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • پيچي: ذ. صفت. وريل- ڏنگو- ڦيري وارو- وٽ ڏنل (پٽڪو). ريشمي ڪپڙي جو پٽڪو.

پسڻ دي پئيمان پڌر ٿي، ٻڌ پيچي پختي پٽڪي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-3، ص-102)

  • پيرِمُغان: ذ. آتش پرستن جو پيشوا. آتش خاني جو مجاور. شراب خاني جو مالڪ- ساقي. مجاڙا، مرشد. توحيد جو شراب پياريندڙ.

پيرِ مُغان ۾ پيهي پڌر ٿي، برسيو بزم ۾ بَنرو بدر ٿي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • پيزارُ: ث. ]ف[ جُتي- پاپوش.

تنهنجو مُنهن محبوب مصحاف پَسي،

رخسار چُمان پيزار چُمان.

(محمد فقير، سُر ضلع، ڪافي-1 ص-225)

  • پيشوازان: (پيشوازُ). اُهو پَڙو، جو ڪنڃريون نچڻ وقت پائين. جامو.

نشي سان نيارو نسنگ ٿي نچا نٿو،

پهري پيشوازان پسڻ ۾ پچانٿو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-59، ص-48)

  • پيشويٰ: ذ. صفت. ]ف[ اڳواڻ- مهندار- قائد- رهبر. سردار.

پيالا پِرت دا پاڪ پي پرُ پيشويٰ ڪيتا امام.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • پيڪانُ: ذ ]ف[ ڀالي يا تير جي نوڪ. تيرُ- ڪانُ.

پيڪان ڪي پئيمان ۾، پُر ٻي پِڇانا آپ ڪو،

پختا اُسي پالوٽ ڪا، پرواز پرواني ۾ هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

  • پِيالا: (هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ لفظ) اصطلاحاً، فقيرن وٽ فقيرن جي دعوت. کائڻ پيئڻ جي دعوت.

ڪري سِر سُرت سان، نظاري نرت سان،

پيارين پرت سان پڳدار پيالا.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-12، ص-239)

  • پِينهن: پيهڻ. مصدر. جَنڊَ ۾ پِيهي اَٽو ڪرڻ. گهوٽڻ. ڪُرٽڻ. (شاعر مطابق) سنهي ڪرڻ- چاپلوسي ڪرڻ.

هاڻي سنهو نه پيئي پينهن، نه ته پُري ڪنديسئين پري.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • پِيَڻُ: ث. بَلا جو هڪ قسم (زهريلي بلا). پاڻيءَ جي پکيءَ جو هڪ قسم (قد، رنگ ۽ شڪل ۾ ”قاز“ جهڙو ٿئي، مڇي کائي. هن جي چرٻي ’لقوه‘ جي بيماريءَ لاءِ مفيد آهي)- ڦيڻائي. پيڻ ٿر ۾ ٿئي ان کي ڦوڪڻ به چوندا آهن. (پِيَڻُ) ڪا پاڻيٺ (پاڻي، شربت وغيره) نڙيءَ مان اندر اوتڻ- ڏوگهڻ- واپرائڻ. ڇڪڻ (ٻيڙي، تماڪ) مارڻ (چڙ، ڪاوڙ). کائڻ (زهر). چُهڻ- جذب ڪرڻ (پاڻي).

وَر بيهڻ مُئيءَ جا، پيڻ پياڪ جاني.

(محمود فقير، ڪافي-70، ص-92)

  • پيوَند: ذ. ]ف[ چَتِي- ڳنڍ- جوڙُ. ٽوپو. تعلق- ڳانڍاپو- لاڳاپو. ڪنهن ڦاٽل ڪپڙي تي هنيل ڪپڙي جي چتي. رشتيداري- هڪڙي وڻ جو قلم ٻئي وڻ جي شاخ ۾ هڻڻ جي حالت.

پيوند تنهنجي پرت جو پيڙو، جلي ويو جوش ۾ جيئڙو.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-1، ص-208)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ج

  • جابجا: ظرف. هرهنڌ- جاءِ بجاءِ- جتي ڪٿي- هرجاءِ- هرجڳهه.

جُملي جهان جلوه، جهلڪا جابجا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-19، ص-130)

  • جات: ث. ]سن. جاتَ. جَن= ڄمڻ[ ذات- قوم- قبيلو- فرقو- نسل. برادري- نيات. مُور- هرگز.

تُريا وياپڪ اُتپت اندر، تُرياجات مين جاتي ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-13، ص-179)

  • جاٽَ: هرجي پهرين اوڙ. ارڙهن، ويهن اوڙن جو مجموعو.

اسين هاري ماڻهو هر ڪاهيون، جوڙو ٻڌي جاٽ.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • جاپُ: ذ. ]سن. چَپُ[ پرارٿنا- بندگي- پُوڄا- وِرد- وظيفو- ذڪر.

برهم گياني بِگل بجايا، جس مين ڪوئي جاپ نهين.

(محمد فقير، سر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • جادوگر: ذ. صفت. جادو ڪرڻ وارو- جادو ڄاڻندڙ- ساحر. ڀوپو.

جوت جلالي جلوه ڪيتا، جادوگر جنسار دا، جهلڪار دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • جاڙيون: واحد. جاڙَ. ]سن. جاڊيه[ ڏاڍائي- ڏاڍ- جُٺ- تعدي- زبردستي- ظلم- زوري- سختي. ڀُل- چُڪ- غلطي- خطا- غفلت- سستي- بي وقوفي- بي عقلي.

ٻاروچل جون ٻاڙيون ٻاڙيون، جيءَ اندر ۾ لڳيم جاڙيون.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • جامُ: ذ. ]ف[ پيئڻ جو ٿانءُ- پيالو. ساغر- پيمانو- ڪَٽورو. توحيد جي منڌ.

خيال ۾ گم ٿي خيال ڪمائي، جام پيتائون جزب جلال،

نينهن نڀائي ناز وارن جو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-4، ص-3)

  • جامو: ذ. ]ف. جامه[ ڪپڙو. لباس- پوشاڪ. ڊگهو چولو. چولو- پهراڻ. اڳئين طرف کان کُلندڙ وڏو چولو. فقيرن جو ڊگهو چولو. ڪَفنِي.

جامو جانب پائي جنگي، رُخسار ڪري آيو رنگ برنگي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-19، ص-19)

  • جامي: ڏسو جامو.

هٿ ڪر خيال دا خيما کوڙيم جذبي والي جامي جوڙيم.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-2، ص-216)

  • جائِي: (ت) ظرف. پڪ سان- سچ پچ- يقيناً.

منهنجو جانب ايندو جائي.

(محمود فقير، ڪافي-36، ص-65)

  • جَبارُ. ذ. ]ع[ تمام گهڻي طاقت وارو- سمورين طاقتن وارو. ڌڻي تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. الله. زوراور- ڏاڍو- سگهارو- وس وارو. بزردست.

جَڳت جوڙ جنس جي جُملي، جمالي جلالي جبار جلي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-12)

  • جَبَروتُ: ذ. ]ع[ قدرت- عظمت- وڏائي. سلوڪ جي ٽين منزل.

ناموت ڇا ملڪوت معنيٰ، جبروت ڇالا هوت لام.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • جپي: جپڻ. مصدر. ]سن. جَلُپَ[ وري وري نالو يا منتر پڙهڻ. ورد ڪرڻ. ذڪر ڪرڻ. بندگي ڪرڻ. تسبيح پڙهڻ- مالها ڦيرڻ. عبادت ڪرڻ- پوڄا ڪرڻ. پرارٿنا ڪرڻ.

نسنگ نينهن ناتي، جپي نام نهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-1، ص-121)

  • جُڃُ: ذ. ڪاڄ- شاديءَ جي مجلس. ڍؤُ (کاڌي جو). خوشي.

جوڳي ڪن ٿا جُڃ، جلالي جسمات کي.

(محمد فقير، بيت-170، ص-283)

  • جذبِي: جَذَبُ. ذ. ]ع. جَذب= ڇڪڻ[ چُوسڻ- ڇُهڻ- ڇِڪڻ. ڪشش ڪرڻ.

جذبي جوش جلال جي، پسي نيڻين نور.

(محمد فقير، بيت-4، ص-264)

جانب ماريا جذبي جادو، طرحين آون تکان.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-119)

  • جَڙُ: ميخ- ڪلي. نينهن. پاڙ- بنياد. اصطلاح طور. محبت جي لئون يا تار. عشق جي جڙ.

جڙ جُمل جهان، جسماتي جنسار.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-1، ص-242)

  • جزب: ]ع[ ڪشش- ڇڪ.

خيال ۾ گُم ٿي خيال ڪمائي، جام پيتائون جزب جلال،

نينهن نڀائي ناز وارن جو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-4، ص-3)

  • جَزُمَ: ث. ]ع[ علمِ اِملاء موجب حرف کي ساڪن ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل خاص نشاني جيڪا ڏيکاري ته حرف تي نه زبر (-َ) آهي نه زير (-ِ) نه پيش (-ُ). سُڪون.

ڪون جزم شڌ پيش پڙهيندا.

(محمد فقير، سُر پُوريا، ڪافي-8، ص-150)

  • جَعفِري: جَعَفرُ. ذ. پسارڪي وکر جو هڪ قسم (هيءُ هڪ وڻ جو ڦل آهي، ڳاڙهاڻ مائل عُناب جيڏو داڻو، رنگ ڀُورو، ذائقو تکو ۽ ڪُوڙو ٿئي، گرم خشڪ تاثير رکي ٿو)- جافر- جائڦل.

موتيا مشڪي محسن منور، جعفري جڙا حملو انور.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-6، ص-169)

  • جَکِي: ث. ڏک- اهنج- ايذاءُ- مصيبت- ڏنجهو. ڏک- بک. اجهائي جهڳي هڻڻ- بڪبڪ ڪرڻ.

جنگ ڪرين ٿو جکي مارين،

مِنان ڪيڏو ڪيو ٿئي ڪَڪِ.

(محمود فقير، گنگو، ص-107)

  • جُڳاون: جاڳائين- بيدار ڪرڻ.

جوش والي جنسار، جوان جڳاون جذب جلالي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-39، ص-90)

  • جَڳَتِ: ذ. ]سن. جڳَتُ. گَمُ= وڃڻ [ جهان- دنيا- سنسار- ڪائنات- جُڳُ- عالم.

جڳت جوڙ جنس جي جملي، جمالي جلالي جبار جلي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • جَلالُ: ]ع[ بُزرگي- وڏائي- عظمت. شانُ. دٻدٻو- شوڪت. غصو. ڪاوڙ- ڏَمر. جوش.

خيال ۾ گُم ٿي خيال ڪمائي، جام پيتائون جزب جلال.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-4، ص-3)

  • جلالت: ث. عظمت- شان شوڪت- وڏائي. جوش- غُصو- ڪاوڙ- ڏمر- قهر- غضب.

جلالت جي جام کي ڪي جوڳي پيئن جُنگ.

(محمد فقير، بيت-60، ص272)

  • جَلالِي: ذ. صفت. جلال وارو- غضبناڪ- جهيڙاڪ- سخت ڪاوڙ ڪندڙ. جوشيلو.

پسن ٿا پسڻ کي جلالي جَهٽي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-55، ص-39)

  • جَلُ جَلُ: ذ. ]سن. جَلُ = پاڻي [ پاڻي- آبُ- جَرُ- بِيرَ (ڳوڙهن جا).

عاشق اکين جي عشق جو، احوال ڪن احسن جتي،

بزم بل بل به هجي، اتي جل جل به هجي.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-20، ص-64)

  • جلويگر: (جلوه گر) ث. جلوه آرا- سينگار ڪري ديدار ڪرائڻ وارو.

حُورُون ڪيون جبران حُسن ۾، جلويگر جنسار ميان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-33، ص-87)

  • جَلوَه: ذ. ]جَلوَ = روشن ڪيو [ ماڻهن کي پاڻ ڏيکارڻ جي حالت- نظارو- ديدار- روشن. ڏيکاءُ. تجلو. رونق- چمڪو- ٺٺ- ڀڀڪو- نُور- مڻيا- پرتاب. شان- ناز و انداز سان هلڻ.

جوت جلالي جلوه ڪيتا، جادوگر جنسار دا جهلڪار دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • جلوه نما: ڏسو. جلويگر.

ج- جڳ وِچ جابجا جلوه نما جابر علي.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص264)

  • جَلِي: صفت. ]ع[ ظاهر- چٽو- پڌرو- کُليل. ڏاڍيان- وڏي آواز ذڪر (خَفي جو ضد).

جڳت جوڙ جنس، جي جُملي، جمالي جلالي جبار جلي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • جم جم: غلط العام، زم زم.

نوري نظاري نيڻن واري، مست پياريو مئي جم جم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • جَمالِي: ذ. صفت. جمال وارو. (اسم خاص) خدا جو اهو نالو جنهن ۾ رحمت هجي.

جڳت جوڙ جنس جي جُملي، جمالي جلالي جبار جلي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • جم جمان: ث. ]ع.جَمُجَمَةُ= کوپڙي[ اسم خاص. قديم زماني جو هڪ بادشاهه جمجمان سلطان جو قصو (ان جي کوپڙيءَ حضرت عيسيٰ عه سان ڳالهايو).

جم جمان سلطان سڪندر، ڪر ڳئي وقت گذارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-102)

  • جُمَلُ: صفت. ]ع. جُمُلَة[ ڪُل- سارو- سڀ- سمورو. (ذ) ابجد جو حساب.

جڙ جُمَلُ جهان، جسماتي جنسار.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-1، ص-242)

  • جُمُلِگي: ث. مِڙئي- سڀ- سارو- هَڙئي- سمورو- جُملي.

جُملگي جسمات ڪيو، مظهر علي مظهر علي.

(محمد فقير، سور پهاڙي، ڪافي-15، ص-128)

  • جُملي: ظرف. سڀ- ڪُلُ- سمورو.

جڳت جوڙ جنس جي جُملي، جمالي جلالي جبار جلي آ.

(محمد فقير ، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • جِنسارُ: ذ. سينگار- ٺاهه ٺُوههَ- آرائش- سجاوٽ- ڳَهه ڳٺا پائڻ. پوشاڪ ڍڪڻ.

حُورون ڪيون ، ان حُسن ۾، جلويگر جنسار ميان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-33، ص-87)

  • جُنگ: ذ. صفت. تمام وڏو. جانٺو. تمام ڳرو. بهادر- پهلوان- جوڌو.

جُنگ پيئن ٿا جامُ، جُدا ٿي جسمات کان.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-252)

پالوٽي پيدا ٿيو، سُهڻو جُنگ جوان.

(محمود فقير، ڪافي-45، ص-71)

  • جَنهِن ڪُڻُ: جنهن کان سواءِ.

جنهن ڪڻ ساعت هڪ نه سري.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-144)

  • جَنهَنوَرُ: (جَنهَوَرُ) ذ. جوهر- جنوهَر.

سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، سي جنهنور جيئن جهرڪن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • جَڻِيُون: واحد. جَڻِيو. ذ. ]سن. يڳيَه+ اپوتيم [ اهو ڌاڳو جيڪو هندو ڌرم وارا ڳچيءَ ۾ پائين. زُنار- جواهرن ۾ پيل وارُ يا ليڪ.

تلڪ لڳائي جڻيون پائي، عشق اَناالحق گيت ٿو ڳائي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-5، ص-103)

  • جوتِ: ث. ]سن. جيوتِس[ روشني- نُور، چمڪو- تجلو. جلوو. تيز. بتي- ڏيئو. همت- ڪَلا- طاقت. نگاهه- حشمت- رُعب. ڌَنُ- دولت.

جوتِ جلالي جلوه ڪيتا، جادوگر جنساردا، جهلڪار دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • جُوٺِي: جوٺو. ذ. صفت. ڪوڙو- کوٽو- دُروغ گو- غلط- دغاباز.

نام جپون پرنام پيارا- نام جپڻ بن جوٺِي بات.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-5، ص-175)

  • جوڌا: ذ. پهلوان- همت وارا. جوانمرد.

’محمد‘ جوڌا جوان، صوفي سيئي صاف ٿيا.

(محمد فقير، بيت-170، ص-283)

  • جوشُ: ذ. ]ف. جوش > جوشيدن=ٽهڪڻ[ پاڻيءَ جو ٽَهڪو- اُٿَلَ- اوٻارو- اوٻر. گرمي. شدت. تيزي- تيکُ- لَهرَ- موجَ- ڪاوڙ- چِڙ. قهر- غضب. جذبو. شوق. مَستي.

جوش والي جنسار، جوان جڳاون جذب جلالي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-39، ص-90)

  • جوڳُ: ذ. ]پرا. جوڳو. سن. پوگه. يُجُ=ملڻ[ ميلاپ- وصل (اُپائيندڙ سان). مرقبو- ڌيان- سَماڌِي. ڌيان ڄمائي روح سان ملي وڃڻ. ذڪر فڪر ذريعي معرفت حاصل ڪرڻ جي حالت. تارن جو ميلاپ (جنهن جي حساب سان نجومي اڳڪٿيون ڪندا آهن). جوڳي فقير جو زُهد- تسيا وغيره.

جوڳ ويراڳ سي نام جپيا جس، چاند اُسي چِت جُهولا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-2، ص-174)

  • جوڳِي: ذ. ]سن. يوگي. يُج=ملڻ [ جيڪو پنهنجو ڌيان ڌڻيءَ سان ملائي- جوڳ پچائيندڙ. هندو فقيرن جو گروهه (جن جو اصول زهد ۽ تَپسيا ذريعي خدا سان ملڻ جو هوندو آهي). سنياسي. نانگ جهليندڙ فقير. سيلاني فقير.

جوڳي جڻيا لاهوتي لائن، گنگا جمنا من ۾ ڀائن.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-37، ص-29)

  • جوڳيرَ: واحد. جوڳيرُ. جنهن جوڳ ساڌيو هجي. ڪامل درويش- پهتل فقير- تَپسِي تَشي- وڏو جوڳي.

جوڳير جي جوڳ جا، ڪري جنگي جوڙ.

(محمد فقير، بيت-56، ص-272)

  • جولانُ: ذ. ]ع. جَوَلان. جَوَل= چوڌاري ڦرڻ [ چڪرُ- ڇالَ- ڇلانگ- ڪُڏُ- گهُمرو- چڪرو- ڦيرو- چُر چُر- ڊوڙ- جوش- ڇوههُ- جذبو- ڪاوڙ- ٽپو- ڦيراٽي.

جوڳين ڪيو جهلڪار جمالي، جام جلالي جي جولان.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-7، ص-229)

  • جوهَرُ: ذ. ]ف. جَوهَرُ [ اصل شيءِ- اصل دات. سِرشِت- ماده. مايو. روح- سَتُ- مغز- عرق- نچوڙ. سارُ- تَتُ. طاقت- سگهه- قوت. ماهيت- خاصيت. جا ٻي شيءِ تي مدار نه رکي. گڻ- خُوبي. اصليت. ڪمال. لياقت- ڀيد- راز.

مستي واري مت، جوهر ڪڍن جوش جو.

(محمد فقير، بيت-81، ص-274)

  • جُهد: ذ. ]ع[ سخت ڪوشش- سعيو- جتن. محنت- ڪشالو- تڪليف- ڏاکڙو. پورهيو.

جاڳڻ سندي جُهد ۾، وحدت جا وينجهار،

ٻيائي ٻاري ٻار، غرق ٿيا گرداب ۾.

(محمد فقير،، سي حرفي-3، ص-254)

  • جيڪس: ظرف. شايد- مُبادا- هوند.

ڏينهن پئي وِچ ڏاڍا ٿيئين، جيڪس دل مٽيوئي،

’محمود‘ ڪيتئي درويش ڪيون، چا درد قلب ڪٽيوئي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڄ

  • ڄِڀي: ث. ]سن.جِهُوا [ لاٽ (باهه جي)- شعلو- ڄر.
  • ڄڙڪي: مصدر. ڄرڪڻ. پچڻ- سڙڻ- ڄرڪڻ.

بدن باهه ڄِڀي پئي ڄڙڪي،

قبر ڀيڙ ڪريندي ٽڙڪي.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-148)

  • ڄُل ڄُل: مصدر. ڄُلڻ. ]سرائڪي[ هلڻ. چُرڻ- وڃڻ.

جوڳي ڳئي هِن جندڙي ڪُون جهوري،

ڄُل ڄُل ڏيکان اُنهان ڪون ڏوري.

(محمود فقير، ڪافي-66، ص-86)

  • ڄُلدي: ڏسو ”ڄُل“.

”محمود“ يار اهو ڏک لايا،

ڄُلدي مهل نهين موڪليا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-142)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

جهه

  • جهاٻا: واحد. جهاٻو. ذ. سُٽ يا پٽ جو رنگين ڦندڻ (جو سُنهن خاطر وهٽ کي ٻڌجي)- ٽؤنر- جُهوڙو. چوٽي. ڦل.

اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي، ناهي زيب ذرِي،

جهاٻا، جهومڪ، جهالر، جُهوڙو، بينسر، بولو ڀن!

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • جهاتِي: ث. ]سن.آڌيَڪشَ [ ليئو- لياڪو. نظر- تاڪَ- چوري ڇپي ڏسڻ واري حالت.

ڪئي عشق عجب اثابتي، پائي جهاتي اندر جهاتي.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-3، ص-105)

  • جهاٽا: جهاٽ. ذ. جَهپُ- جَهپو- لامارو. کَسَ- جهڙپ- ڪاهه- سَٽ.

مار زنبور جگر وِچ زوري، سيني نال سٽيوئي،

هلدي چلدي کِل خوشيءَ وِچ، جهاٽا مار جهٽيوئي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

  • جهاڙِي: ث. ]ٿ[ وڻڪار- جهنگ- وڻن جو جُهڳٽو.

عشق الهوٽ ولهوٽ ولايت، جهنگ جبل جهاڙي،

سبق سيکاري زير زبر جو، پيچ پنهل پاڙي.

(محمود فقير، ڪافي-31، ص-62)

  • جهاڳُ: مصدر جهاڳڻ. ]سن. ڪُشڀ= لوڏڻ [ تانگهي پاڻيءَ مان هلڻ- پار ڪرڻ (پاڻيءَ کي). وڏي مسافري. جبل لِتاڙڻ- مشڪلاتون سهڻ.

ڏيوَن دڙڪي اَٽ ڪر آنگر، کُپ کَڙدِي ٺُڪ ٻڌ ٺانگر،

گُڙدي گِجندي شينهن، ويسان، جبل ڪُون جهاڳ دِي.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • جهالَرُ: ث. ]سن. جهلري[ ڪپڙي جي ڪِنار، جنهن ۾ ننڍڙا ڦندڻ پوتل هجن. ڳَهه جو هڪ قسم. ڪَن ۾ پائڻ جون جمله واليون.

اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي، ناهي زيب ذرِي،

جهاٻا، جهُومڪ، جهالر، جُهوڙو، بينسر، بولو ڀَن!

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • جَهٽُ: لامارو- جَهڙپَ. جَهٽِي. چَڪُ (ڪُتي جو). جهپڻ- هوا مان ايندڙ شيءِ کي جهلڻ- اُڏامندڙ يا مٿان ڪرندڙ شيءِ کي هٿ ۾ جهلڻ (جهڙوڪ بال). وٺڻ (اثر). ٻڌڻ (آواز).

ڪاريهل ڪَر کڻي، جوڙي هڻي جَهٽُ،

ڪو آڌوتي اَلهٽُ، جوڳي جهلي جهڙپ کي.

(محمد فقير، بيت-61، ص-272)

  • جَهٽڪي: جَهٽڪو. ذ. لوڏو. ڇنڊڪو. جهوٽو (هوا جو)- جَهٽ- جَهٻُ- ٿيلهو- ڌِڪو- ٽَڪَرُ. صدمو. جَهڙپَ.

ويکهو نوڪ نظر دي نٽڪي، ڪر نام جپڻ دي جهٽڪي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-3، ص-102)

  • جَهٽي: جهٽڻ. مصدر. اُڏامندڙ يا مٿان ڪرندڙ شيءَ کي هٿن ۾ جهلڻ. (سن. جَهٽَ+ ڪر) جهپڻ- هوا مان ايندڙ شيءِ کي جهلڻ. (شاعر مطابق) نام جپڻ- ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ- ذڪر ڪرڻ. دم روڪي ذڪر ڪرڻ.

پريمي پيالي ڪيا مست ”محمد“،

پسن ٿا پسڻ کي، جلالي جَهٽي تي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-55، ص-39)

  • جَهپال: جَهپو. ذ. جهپ- لامارو- جهٽ. (صفت) جهٻيندڙ.

ڪِٿان ڳيت اَناالحق ڳايم، ڪٿان جهول جهپال موليٰ.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-5، ص-8)

  • جَهڙُ جَهڙُ: جڙڪڻ. مصدر. ٻرڻ- ڀڙڪا ڪرڻ.

باهه برهه دِي ڀڙ ڀڙ ڀڙڪي، جوش جلالي جَهڙ جَهڙ جَهڙڪي.

جنهن ڪيتِي ايڪ ايڪائِي هي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-9، ص-94)

  • جَهڙپَ: ث. ]سن. جول. جَوَرَ+ توَ[ هوا جو لوڏو يا جُهوٽو- جهپيٽ. اثر (ڪنهن دوا جو). جِنَ وغيره جو پاڇو. سيءُ يا جهولي وغيره جي سَٽ.

ڪاريهل ڪَر کڻي، جوڙي هڻي جَهٽُ،

ڪو آڌوتي اَلهٽُ، جوڳي جهلي جهڙپ کي.

(محمد فقير، بيت-61، ص-272)

  • جَهڙڪي: جَهڙڪو. ڄِڀي- چَپيٽَ- رَهڙَ- ڌمڪي.

باهه برهه دِي ڀَڙِ ڀَڙِ ڀَڙڪي،

جوش جلالي جَهڙ جَهڙ جهڙ ڪي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-49، ص-94)

  • جَهڪورَ: ث. ]ل[ سخت برسات- لاڳيوت مينهن- جُهڙ. شغل- تماشو.

چشم چمڪار، دِي جهلڪار، ٿئي تلوار دِي تجلِي،

جُڙ جهڪور، ڏي ٽڪور، ٿيوَن برسات وِچ بجلِي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • جَهلڪار: ث. هوا جو جُهوٽو.

جوت جلالِي جلوه ڪيتا، جادوگر جنسارد دا، جهلڪار دا،

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

چشم چمڪارِ، دِي جهلڪار، ٿئي تلوار دِي تجلِي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص77)

  • جِهم: هيٺائين زمين. جهميل ايراضي- وڏي ترائي. (شاعر مطابق) اخلاق کان هيٺ ڪِريل.

وڏائي ڪڍ وجود مان، تون نهٺائي تي نَم،

تون به ويڙهائي ٻيگهي ديجهان، جهيڙي تي نه جِهم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • جُهنڊ: ذ. ]سن. يُوٿَ[ ننڍين جهاڙين يا وڻن جو ميڙ. ميڙ. ٽولو (پکين جو). ٻُٽَ- گهُنڊ.

بلبل گل تان گهور وڃي، هڪ زور منجهان زاري،

گهُنڊ، گاهن جا جُهنڊ، مٿي تي بنڊ بڻيو باري.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-53)

  • جُهوٽي: جُهوٽو. ذ. لوڏو (ننڊ يا واءُ جو)- پنڪِي- اوجهراڻي. جهونڪو (واءُ جو). پينگهي جو لوڏو. رِيچڪ. پُورُ- جذبو.

ڇلا ذالئون ذاتي، ڇمڪارا ڇاتِي،

جهُوٽي والي جهاتِي، چنڊ جُهليا جهولي.

ٻول عجب ٻولي.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-244)

  • جهُوڙو: ذ. ]سن. يُڪُتَ[ سُٽ يا پَٽ جو رنگين ڦندڻ- جهاٻو- ٽؤنر.

اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي، ناهي زيب ذري،

جهاٻا، جُهوڪ، جهالر، جُهوڙو، بينسر، بولو ڀن!

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • جُهولَ: ث. مصدر. ’جُهولڻ‘ مان اسم. لڏڻ جي حالت- ڪنڌ لڏڻ جي حالت. مستي- مدهوشي.

ڪِٿان ڳيت اَناالحق ڳايم،

ڪِٿان جَهُولَ جهپال موليٰ.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-5، ص-8)

  • جُهولا: واحد. جُهولو. ذ. ]سن. دُلُ= لڏڻ [ لوڏو پينگهي جو- جهوٽو (پينگهه جو)- پينگهو. (شاعر مطابق) جُهومڻ- مدهوش ٿي وڃڻ.

جوڳ ويراڳ سي نام جپيا جِس،

چاند اُسِي چِت جُهولا ري.

(محمد فقير، سور ڪونسيه، ڪافي-2، ص-174)

  • جُهومَڪُ: ذ. ]سن. جَهنبَ[ ڪنن ۾ پائڻ جو هڪ زيور- جُهمڪو. جُهمڪِي.

جهاٻا، جهُومڪ، جهالر، جهُوڙو  بينسر بولو ڀن!

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • جِهيڪا: جِهيڪو. ذ. جهانڪو (جهاڪو)- کوٻو. لوڏو- ڌوڏو- کڏ.

ڀوتان بودا جتان جهيڪا به آيا جُهلي،

قربان وڃان مهربان اُتون، سروان سڄي ٽولي.

(محمد فقير، ڪافي-11، ص-50)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

چ

  • چاپلوسِي: ذ. بيجا ساراهه- خوشامد.

چاپلوسي چڱا مڙس، چاري چغل خور.

(محمد فقير، بيت-217، ص289)

  • چاڙُهه: ذ. چاڙهي- مٿانهين زمين. اوچائي- اُتانهين- افراط (پاڻيءَ جي)- درياءُ جو چاڙو- وڌاءُ (ڳالهه جو). ٽيڪو- پٺڀرائي- هُشي- ترغيب- ڇِڪَ- تڻڪ. رزِهه، ڏور وغيره). رِمارڪُ. (ل) ڪپڙي جو ٽُڪر، جو تاڪِئي وڍڻ مهل تُرتئي ويڙهي ڇڏجي. روحانيت ۾ اونچائي.

چون بيچوني چست چگو نه چلپل چاڙهه چڙهايا.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-6، ص-186)

  • چاطِرُ: (چاتِرُ) ذ. صفت. ]سن. چَترُ= هوشيار [ چالاڪ- قابل- ڪايگر- چترو (ڳالهائڻ ۾). جوش مزاج- رلڻو ملڻو- کِلمُکُ. دانا- عقلمند. بهادر- دلير.

چيتن چاطر چنتا چندر، گورک ناٿي گيان هون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • چالِ: ث. ]سن. چَريهَ= چُرڻ [ هلڻ جو نمونو- هلڻي- ٽورَ. رفتار. هلت. عادت- رَوِش- نمونو- ڍنگ- طريقو- رواج- هلت چلت- اٽڪل- تجويز.

چشمان والِي چال چلاڪي، حاضر حق حق حڪم هلاڪي.

(محمود فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • چالانُ: ذ. ]انگ.challan [ اهو سرڪاري خط جو پوليس نئين گرفتار ٿيل قيديءَ سان گڏ ڪورٽ ڏانهن موڪلي. خزاني ۾ پئسا جمع ڪرڻ جو ڪاغذ. (شاعر مطابق) محبوب چالان ڪري اکين جي قيد ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

چُٽي چقمق چوٽ چڙهائي، چشم جي چالان، اِلاالله.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-12، ص-195)

  • چالي: چالو. اشارو- غمزو- ناز- نخرو- لاڏ- ريت- رسم- رواج. دُهل جي وڄت جو هڪ نمونو. فريب.

پڳداري پُورت، چشم والي چالي، پُر پيءُ پيالي.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • چالِي: ث. چِيلَ جي لڪڻ جو ٽُڪرو. چال- عادت- علت.

ڪِٿان هي عاشق اک دا عالِي، ڪٿان هي چشمان چيٽڪ چالِي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-46، ص-34)

  • چاندي: ث. هڪ مشهور ڌاتوءَ جو نالو- رُپو- سيم. ڍڳي کي ڪلهي تي ٿيل گاٺ (پاڃاريءَ سبب). ميوي ۾ اڇو چُٽو. (صفت) اچو- سفيد- صاف.

چاندي چمڪن ٿا، ٻهڳڻ ٻهڪن ٿا.

(محمود فقير، ڪافي-40، ص-67)

  • چاهه: ذ. قن: ذ. کاڏيءَ جو گهَپُ. چُگههُ- کڏ (سونهن جي نشاني)

چوگرد چرخ چرچه، چاهه، ذقن چگو نه.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • چِتُ: ذ. ]سن. چِتَ[ سمجهه- فهم- عقل. ذهن- چَيتو- دماغ- ٻُڌِ. خيال- ڌيان- توجهه. ويچار. دل- من. نيت- ارادو.

چِتُ چال چيستن سي، ڪرڇم ڇم ڇننن ڇاتي.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-53، ص-96)

  • چَٽَ: ث. ڌُتارَ- ڌُت- ريب- لَبُ چش- لذت. پيار. لالچ. ڳلٿو- خوشامد. فريب- دوکو.

بِهاري ڀائيواريءَ ۾، ٻڌئون چَٽَ چهرڙي.

(محمود فقير، ڪافي-72، ص-93)

  • چُٽڪا: واحد. چُٽڪو. ذ. چهڪ جو هلڪو ڌڪ، ايذاءُ وارو ڌڪ. ڪنهن اوزار جو روهيءَ تي گهڪو. ڏنگ- زخم. مزو- لذت- سواد. چشڪو.

چست وِچون مين چُٽڪا چکيا، برهه دِي بازار دا.

(محمود فقير، ڪافي-48، ص-75)

  • چَٽِيُون: مصدر. چٽ ٻڌڻ. ڌاڌر ڏيڻ. خوشامد ڪرڻ. ڏٽو ڏيڻ. راضي ڪرڻ- مٿي تان هٿڙو گهمائڻ. ڌوتارڻ.

چَٽيون ٻڌي چوري چس، ريبي ڪيائون رس.

(محمود فقير، ڪافي-37، ص-66)

  • چِپَ: ث. داٻُ- چِلَهه- چِٿَ- ڪُٽَ- مار- سختي.

بيتالِي بازارڻ، ڪا چپ آمين چرڙي.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • چَراخُ: ذ. ]ف[ جانور جو هڪ قسم- هڪ وڏو جانور، جيڪو گڏهه ۽ ٻين جانورن کي ماري کائي ٿو.

چَراخ مُنهين، چَپ تنهنجا ڊُولا جهڙا ڍڪ.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • چرٻٽ: ذ. صفت. بيوقوف- چريو- بي عقل- بدتميز.

چاچو تنهنجو چرٻٽ آهي، ٻچل بلاشڪ.

(محمود فقير، گنگو، ص-107)

  • چرچي: واحد. چرچو. ذ. ]سن. چرچا، چَرچڪا= ڀوڳ [ ٽوڪ- ڀوڳ- چَٿر- ٺٺولي- مشخري- کل مسخري- فڪر- گفتگو. مشهوري- ساراهه.

چُونا چُون بيچوني چرچي، چشمان دِي چمڪار يار.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-6، ص-3)

  • چرخا: واحد. چرخو. ذ. ]ف. چرخه[ اَئٽ (سُٽ ڪتڻ جو). وڏو نارُ. چڪر (قسمت جو).

چشمان چرخا ڪيتا چُور، ڪينوين آتڻ تي مين آوان.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-5، ص-148)

  • چَرخُ: ذ. چڪر- چڪرو- گول. چرخي. ڦيرو- گهمرو- گردش. سُٽ اوبن جو هڪ اوزار. نارُ- هُرلو.(ف) آسمان.

چوگرد چرخ چرچه، چاهه ذقن چگو نه.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • چَڙنُ: واحد. چڙو. ذ. وڏي گهنڊڻي جيڪا اُٺ، مينهن يا ڳئون جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

کڙڪيون کٽياڻ چئي، چڙن جون چونگاريون.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

  • چُستُ: ذ. صفت. ]ف[ چالاڪ- ڦُڙت- هوشيار- تکو.

چون بي چوني چُست چڱو نه، چلپل چاڙهه چڙهايا.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-6، ص-186)

  • چَسِي: ث. چَس- لذت- مزو. هڪ ٻئي جي هٿ تي هنيل تاڙي- کيڪار. چُمي. هڪ ٻئي سان محبت وارو هٿ ملائڻ.

کيلي دل کسي ويو، هو ڏيئي چاهه چَسِي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • چَشمان: چَشمُ. ذ. ]ف[ اک- نيڻ.

چونا چُون بيچوني چرٻي، چشمان دِي چمڪار يار.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-6، ص-3)

  • چُغُلُ: صفت. ]ف[ اهو ماڻهو جو هڪڙي هنڌ جي ڳالهه ٻئي هنڌ ڪري يا هڪڙي جي ڳالهه ٻئي کي ٻُڌائي- گلاخور- لائي چائي ڪندڙ- ڇيڻا ڀور- چُغل خور. ٻِڪَنو- بلڙ گويو. جُوڻت.

چاپلوسِي چڱا مڙس، چاري چُغل خور.

(محمد فقير، بيت-217، ص-289)

  • چُڪا: واحد. چُڪو. ڍُڪُ- سُرڪَ- لپ کن. محبت جو ڍُڪ.

چُڪا پي چري ٿي نه آرام آوي.

(محمود فقير، ڪافي-68، ص-188)

  • چُڪت: ث. ڪنهن به شيءِ جي قيمت متعلق فيصلو.

چُڪت ڪري، سو ڪري بيماني.

(محمود فقير، ڪافي-67، ص-87)

  • چِگونه: ]ف[ ڪنهن طرح.

چوگرد چرخ چرچه، چاهه ذقن چِگو نه.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-86)

  • چَڳا: چَڳ. ]ل[ ث. وارن جي چَڳَ- چوٽي- ڳُت- چَٽي. مٿي جي وارن جي ٿٻُي. وارن جو ڇُڳو.

مُوهر ۾ ”محمود“ چئي، ڪن چُوڙيليون چڳا.

(محمود فقير، ڪافي-30، ص-62)

  • چَلاڪي. هلائي.

چَشمان والي چال چلاڪي، حاضر حق حق حڪم هلاڪي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • چَلپَلِ: ظرف. جهٽ پٽ- يڪدم. (چلپل جو چَٽڪو) ٿوي وقت جو ڌڏيکاءٌ- طلسمي کيل- شعبده بازي.

ڳل پيشوازان ڇيريان پاڪي، چلپل چشمان چوٽ چلائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-9، ص-125)

  • چِلوِلِي: (چِلوِلو) ذ. صفت. ]سن. چَپل= چلڻ [ لاڏلو- البيلو- چنچل- دادلو- کيچلو- چَچُلو- چرڙيو- مستانو- هلڪي دل وارو. ننڍڙي گُجيءَ وارو- ٽرڙو- بي وفا- ڦرڻو گهرڻو- هلڪڙائي.

چلولي ڪرين چٿرون، ٻڌي ڦند ڦسِي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • چِمڪار: ذ. چِمڪاٽُ.

چُونا چُون بيچوني چرچي، چشمان دِي چمڪار يار.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-6، ص-3)

  • چَنبين: واحد. چَنبو. ذ. ]ف. پنجه[ هٿ- کليل هٿ- پنجو. پنجئي آڱريون.

عشق شهباز چنبين وِچ چائيندا، تڙپڻ مور نه ڏيندا.

(محمد فقير، بيت-224، ص-290)

  • چِنتا: ث. ]پرا. چِنتا. سن. چنتا، چِت= ياد ڪرڻ [ فڪر- ڳڻتي- خيال- اُميد- دلي مراد- اونو- اُلڪو- اُڊڪو.
  • چِندُ: صفت. ]ف. چِيدن= چونڊڻ [ چونڊيل- بَرکُ- ڌُڻيل. خالص. نِجُ- اصل. سچو. بڻيائتو- خاندان- اشراف.

رَت وهندِيءَ راند ۾، روئن ڪين رند،

چهرا ٿين چِند، ملهائي ميدان کي.

(محمد فقير، بيت191، ص-286)

  • چَندُرُ: ذ. ]سن. چَندُرَ[ چَنڊُ.

چيتن چاطر چنتا چندر، گورک ناٿي گيان هُون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • چَندَنِي: چَندَنُ. ذ. ]پرا. چَندَڻ. سن. چَندَن. ف. صندل[ وڻ جو هڪ قسم (هن جي ڪاٺي خوشبودار ٿئي، ان ڪري مقدس مقامات تي ڌوپ لوبان بدران چندن جي ڪاٺي ٻارين ته خوشبو ٿئي). صندل- سِرکنڊ. (چندن هار) هار جو قسم (چنڊ جهڙين گول پُتلين سان پوتل هار)- چندن هانس.

لعل بدخشان موتي هيري، هار گلي هٻڪار چندني يي.

(محمد فقير، سُر ڀونپالي، ڪافي-1، ص-53)

  • چنگُ: مصدر. چنگ چڙهڻ. سُوريءَ تي چڙهڻ- مصيبت ۽ عذاب ۾ پوڻ. پڌرائي ٿيڻ- مشهوري ٿيڻ- ڏٺو ٿيڻ.

آريءَ سان منهنجو انگ، چوٽيءَ چڙهيو چنگ.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-3)

  • چُنو: ]ف[ اهڙو. هن جي برابر- هن جهڙو.

چُنو چوري چنگ، جهوري ڏئي ويم جان.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-8، ص-70)

  • چُنِي: ث. زناني پوتيءَ جو هڪ قسم. ڇُريل ڳاڙهي رنگ جي پوتي.

گج چُني چونڊ سان، پاتو اٿم پڙو.

(محمود فقير، ڪفي-71، ص-92)

  • چُوت: ث. صفت. بيوقوف- بي عقل- چريو- احمق. اناڙي- وائڙو.

ٽين پئسان رِي ٽوپي گهتِي، چريا بني چُوت.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • چوٽَ: ذ ]سن. چُوڊ يا چُوڊ+ اِڪا[ چوٽي- اُتانهين. ڪنهن به جبل وعيره جو چوٽيءَ وارو حصو. (ظرف) مٿي- اُتانهون. ڀرپور- پُر. (شاعر مطابق) سلوڪ جي سڀ کان مٿانهين منزل يعني بقا باالله.

’محمد‘ چڙهي چوٽ، نانگا مليا ناٿ کي.

(محمد فقير، بيت-6، ص-265)

  • چوٽِيرَي: چوٽِيَرُ. ذ. صفت. چوٽيءَ رکايل- اهو ماڻهو، جنهن کي چوٽي رکيل هجي. واڻيو. مَهتو- چوٽِرُ.

دُرس ديري، ڇوڙ ڏيري، سي وڏيري، سي چوٽيري چل ڳئي.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • چوٽِي: مٿاهون حصو- بلندي. اُتاهين. جبل جي مٿانهين جاءِ دَنگُ- ڇيڙو. چُهنب- پُڇڙي. عروج تي- اوج تي.

آريءَ سان منهنجو انگ، چوٽيءَ چڙهيو چنگ.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-3)

  • چوڏهن طبق: چوڏهن دنيائون- ست زمينون، ست آسمان.

چوڏهن طبق ٿيا هٻڪارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-103)

  • چُوڙ: ث. ڪاٺيءَ جي ڇيڙي واري سنهي گهڙيل پُڇڙي، جا سوراخ ۾ پوي. (کٽ، در وغيره جي چُوڙ). (شاعر مطابق) هڏ گڏ- جسم جا سَنڌَ.

ڏنڊا هڻندي ڏيهه جا، آئون چرخ ڀڃئين ٿو چُوڙَ.

(محمود فقير، گنگو، ص-106)

  • چُوڙيلِڻ: چُوڙيلي. چُوڙين واري عورت.

بينسر بولو بازو بند، چُوڙيلڻ سا چڙهي وئي.

(محمود فقير، ڪافي-37، ص-66)

  • چوغان: واحد. چوغو. ]ف. چوغه[ ڊگهي ڪوٽ جو هڪ لبادو- فرغل- فرڳل.

چشمن سان چوغان چمان، ميدان هلي مرڪن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • چوگان: ذ. ]ف[ چوڪنڊو دالان. اگڻ- آڳر- پڌر.

ميدان محي الدين جا، جتي عليءَ جا چوگان.

(محمود فقير، بيگم، ص-116)

  • چوگِردُ: ظرف. ]ف[ چوڌاري- چؤطرف. آسپاس- اردگرد.

چوگرد چرخ چرچه، چاهه ذقن چگو نه.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-18، ص-130)

  • چولان: چوريان. گفتگو ڪريان- ڳالهه ڪريان. پنهنجي دل جي ڳالهه ڪريان.

چولان چپ ڪيا مين چولان، اظهر آپ اَلائين.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-15، ص-197)

  • چُون: ]ف[ جيئن- جڏهن- جو. مانند.
  • چُونَه: ]ف[ ٿوري- ٿورو- ڪجهه.

چونه چون بيچوني چرچي، چشمان دي چمڪار يار.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-6، ص-3)

  • چُونگاريون: واحد. چُونگار. ث. آهستي آواز- هونگار. چڙن جي وڄت جي حالت.

کڙڪيون کٽياڻ چئي، چَڙن جون چونگاريون.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

  • چَهِرَ: ث. مصالحدار کاڌو- لوڻ مرچ پيل شيءِ، چس- لذت- مزو- سواد- ذائقو.

بِهاري ڀائيواريءَ ۾، ٻَڌئون چَٽ چهر ڙِي.

(محمود فقير، ڪافي-72، ص-93)

  • چَهچَٽي: چهچٽو. ذ. ]سن. چِتر= چِٽڻ [ سهڻو نظارو- ڏيکاءُ- لقاءُ- نماءُ- رونق- تماشو- مزو. بستي- آبادي.

چشم دي چهچٽي چلپل، چِٽا چوڌار چمڪارا.

(محمد فقير، سُر جهنگلو، ڪافي-6، ص-227)

  • چُئانتيون: واحد. چُئانتِي. ]ل[ ث. ٻرندڙ سنهي ڪاٺي- چُوچڙي.

اندر ۾ چُئانتيون، جوڙي جت جاڳايون.

(محمود فقير، ڪافي-4، ص-47)

  • چيتَنُ: صف. ]سن. چيتَنُ[ چرندڙ- جيئرو- محسوس ڪندڙ. آتما- روح- ضمير. عقلمند- سَمجهُو. سُچيت- هوشيار.

چِت چال چيتن سي، ڪر ڇم ڇم ڇنين ڇاتي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-53، ص-96)

  • چِيٽَڪُ: ذ. ]سن. چترَ+ ڪا[ جادو- سِحرُ- طِلسمِ. ٺڳي- چريائي.

ڪِٿان هي عاشق اک دا عالي،

ڪٿان هي چشمان چيٽڪ چالي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-46، ص-34)

  • چيچڙن: واحد. چيچڙو. ذ. ڪمند وغيره مان رس ڪڍندڙ گهاڻي جو هڪ قسم- ڪمند پيڙڻ جو گهاڻو- ڪولهُو. پکيءَ جو هڪ قسم- ڪار ڪڻڇي.

چيچڙن جون چهڪارون، بازارون بحر ڙي.

(محمود فقير، ڪافي-72، ص-93)

  • چيلا: واحد. چيلو. ذ. صفت ]سن. چيٽَڪَه[ ٻالڪو- مُريد. طالب- شاگرد- پيرو- مقلد. نوڪر- بانهو. ڇاڙتو.

ڇيلا تون اهي چُونڊ، جيڪي گُر کي گڏجن.

(محمود فقير، ڪافي-28، ص-60)

  • چيلو: ڏسو ”چيلا“.

گرو مان نه آهيان چيلو، اصل عشق امين اڪيلو.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-5، ص-148)

 

ڇ

  • ڇانگَ: ث. ٻاڪري يا ريڍي مال جو ولر. ٽولو- ميڙ- گَلو- جماعت- لشڪر. فوج. (شاعر مطابق) خواهشن جي ڪثرت- ٻيائيءَ جو سڌون. ڪثرت.

’محمد‘ من وِچ سُرت سمائي، ڇن دوئي دِي ڇانگ.

(محمد فقير، سر آسا، ڪافي-2، ص-2)

ڇانگون چارن ڇوڪرا، مانيون کائن مير.

(محمد فقير، بيت، 178، ص 284)

  • ڇَتيون: ڇتا. ذ. اسم تصغير. ننڍڙا وارَ- ڇتا- ڄُنڊا.

اولي اِنس واري، ڇوڙي سِر تي ڇتيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • ڇَٽُ: تاج ڪلنگي. موڙُ (پکيءَ جو)

تنهنجو تاج ڪلنگي مونگهٽ ڇٽ،

چوڌار چمان چمڪار چمان.

(محمد فقير سُر ضلع، ڪافي-1، ص-225)

  • ڇُٽڪن: مصدر. ڇُٽڪڻ. ]سن. ڪارڪَههُ=ڇٽڻ [ روانو ٿيڻ (پنڌ ۾)- شروع ٿيڻ. تڪڙو هلڻ. روئڻ ۾ پوڻ. ڀڄڻ. ڇٽڻ (بندوق جي گولي يا تير وغيره).

ڇُٽڪن تير محبت والي، تيڏي برهه ڪيتي بازار.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-77)

  • ڇِپان: واحد. ڇِپَ. ث. جبل جو وڏو پٿر. ڳري شيءِ. ڳرو بار- آفت- مصيبت. جهڪاڻ وارو جهنگ.

ڇپان ڇپر ديان، پنڌ اڻانگي.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-85)

  • ڇِپايس: مصدر. ڇُپائِڻُ ]ڇَپَئِي[ لڪائڻ- مخفي رکڻ. گُم ڪرڻ.

نرگپور دي وِچ راز چپايس، رهبر ٿي رُخسار وِکايس.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • ڇَڇڪار: پاڻيءَ هارجڻ يا ڇُلڪن جو آواز.

بادل برسي ڀاڳ ڀٽن تي، ڇوهي ڪيا ڇڇڪار.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • ڇُرڙِ: ذ. صفت. ڇوٽڪو- ريزڪي- ”ڇرڙ ڪم“. ڇُٽل (پيسا). رولو- بيگانو- آواره- بيواهو.

’محمود‘ کٽياڻين1 وڄ کرڙ، چريا تيئن ڇوڙ، ڏٺا نروار نانگا.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • ڇِڪَ: ث. (مصدر ڇڪڻ < اسم ڇڪ) ڇڪِي- تاڻَ- زور- تڻڪ. ڪشش- تانگهه- اُڪير- اُڪنڊ- سڪ- يادگيري- گهُرَ- طلب- ضرورت- تِکَ.

وِچ ڇاتي ڇڪ هي، ميم معنيٰ ڄاڻي، ڄاڻ عجب ڄاڻي.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-244)

اُنهين موڳي ڇڪ، ڇا مٽايا هي. (محمود فقير، ڪافي-63، ص-84)

  • ڇَڪَنِ: صفت. موهت- عاشق- فريفته- شيدا- مفتون.

ڪيو ڇير ڇِيري، ڇڪن ڇمڪار سان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-66، ص-45)

  • ڇَڪو: ذ. ]سن. شَشٽُ= ڇهه [ هڏي يا پٿر وغيره مان ٺهيل ڇهن پاسن وارو ننڍڙو مڪعب (جنهن تي هڪ کان ڇهن تائين ٽٻڪن جي صورت ۾ نشان ٿيل هجن، چوپڙ راند يا جوا ۾ داءُ هڻڻ جي ڪم اچي)- ڍارو- ڪُڻو (قُرعه). هڪ عدد جو نالو.

ڪري ڇيرن جا ڇمڪارا،

پئون ٻارهن تي پيو ڇڪو ڇڪو،

اچي اناالحق آواز سان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-20، ص-164)

  • ڇُلنگيون: واحد. ڇُلنگي. ث. ٽن چئن ماڻهن جي ٽولي- ٽولو- ننڍو گرهه- ڇُڳو.

حُسن فراق ڇلنگيون ڇُٽڪن ڇيرا،

باهه برهه جي ڀڙڪي ڇڀيون ڪن ڄيرا.

(محمود فقير، ڪافي-21، ص-56)

  • ڇَمَڪَ: ث. سنهڙي ڪاٺي- چَهو. وڻ جي تازي سنهڙي ٽاري. لڪڻ- تَلهڙُ- قَمچي.

مئگوني محبت، ڇلا ڇمڪ ڇاتي، دم جپي ذاتي.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-246)

ڇِينڀُون ڇَمَڪُون ڳوٺ سڄي جون، لوٺيا جهلين لت.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • ڇِمڪارُ: ذ. گهنگهرن جو آواز. ڌاتوءَ جي ڪنهن به شيءِ جي وڄڻ جو آواز- ڇڻڪاٽ.

ڇيريون پيرن ۾ پائي، ڇمڪار عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-109)

  • ڇِنُ: مصدر. ڇِنڻ. ٽوڙڻ- منقط ڪرڻ.

’محمد‘ من وِچ سُرت سمائي، ڇِن دُوئي دِي ڇانگ.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-2، ص-2)

  • ڇوهه: ث. تيزي- تک. جوش. جلدائي- تڪڙ. گهٽائي.

ڇرڪ اُٿي مان ڇُوههَ ڪَنون، ميڪون محب گياهي سار.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-121)

  • ڇُوهي: ڇُوهو. ذ. ]سن. ڪَشُڀُ= لوڏڻ [ هوا جو زوردار جهٽڪو. طوفان- جَهڪ. واءُ يا مينهن جو جهٽڪو. (صفت) تيز- تکو- جلدباز تيز رفتار. تڪڙو.

بادل برسي ڀاڳ ڀٽن تي، ڇوهي ڪيا ڇڇڪار.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • ڇيٽِي: ث. وِٿي- وِڇوٽي- مفاصلو- ويڇو. ويساهي. موڪل- فرصت.

هاڻي ٿيندي ڪا ڇيٽي، ته مارينداسون مُلن کي.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • ڇيرا: ذ. اوزار تکي ڪرڻ ۽ ان کي گسائڻ وقت ڏنل گهڪو- گاٺ ڪري ڪنهن اوزار جي تکائي ڪرڻ. بندوق جي ڪارتوس جا ڇيرا. ڇيرو. اوزار لائڻ.

حُسن فراق جون ڇُلنگيون ڇُٽڪن ڇيرا.

(محمود فقير، ڪافي-21، ص-56)

  • ڇيڙَ: مصدر. ڇيڙڻ. چُراند ڪرڻ- حرڪت ڪرڻ- هٿ کس ڪرڻ. چورڻ.

ڇيرين واري ڇيڙ، کوليائون سُر ساز سان.

(محمد فقير، بيت-98، ص-276)

  • ڇيڪاريو: ڇيڪارو. ذ. اهو وَهٽ جنهن کي ’ڇِي ڇِي‘ ڪري پاڻي پيارجي. ڇِي ڇِي جي آواز تي پاڻي پيئدنڙ وهٽ. وهٽن کي تنوارڻ- آواز ڏيڻ. پاڻي پيڻ لاءِ سڏڻ.

ڇيڪاريو ڇيلا ترسن تڙن تي، بر ۾ اڏين ٿا ڀاڻا.

(محمود فقير، ڪافي-47، ص-72)

  • ڇِينهَن: مصدر. ڇِيهَڻ. ]سن. ڇِد= ڇِنڻ [ وڍڻ- ڦاڙڻ- ڪپڻ (ڇينهون ڇينهون) ث. هميشه جمع ۾ ڪم ايندڙ. ذرا ذرا- ٽڪرا ٽڪرا- پُرزا پرزا.

ڇيريان دا ڇمڪار ڪيتوسي، ڇم ڇم ڇننن والي ڇينهن.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-9، ص-177)

هڪڙ پير ڇپر ڪيا ڇِينهون، ٻيا پنڌ فڪر جا فاقا ڌار.

(محمود فقير، ڪافي-10، ص-50)

  • ڇِينڀُون: واحد. ڇِينڀَ، ث. جُٺ- تنبيهه. جهڻڪو. فهمائش- مهڻو- طعنو. لِنبُ- لَپيو- ڇينڀ.

ڇينهون ڇمڪون ڳوٺ سڄي جون، لوٺيا جهلين لت.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • ڇِيهَنُ: واحد. ڇيهو. ذ. خسارو- نقصان- ٽولو- گهاٽو- زيان- پڇاڙي- حد.

ڇيهَن کان ڇڏايو، بر بر تو ڀوليون.

(محمود فقير، ڪافي-29، ص-61)

 

 

 

 

 

 

 

ح

  • حاذِقُ: ذ. صفت ]ع. حَذَقُ[ تمام هوشيار- قابل- ماهر- ڄاڻو- ڪامل- فن جو استاد- ڪاريگر- هُنرمند- هُنرائتو- تجربيڪار- آزمودگار- ڏاهو- سياڻو- ڀَڙُ- سُڄاڻ- سَمجُهو- داناءُ- ذهين- حڪيم.

ڇلا ”ع“ اُتي عاشق، حڪم هلا حاذق.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • حارص: ]ع. [ لالچي- حريص.

ڇوڙ مُدامي محڪم ماضي، حرص حويٰ سڀ حارص هي.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-1، ص-201)

  • حُبابِي: حُباب. ذ ]ع. حَب=داڻو- گولي [ پاڻيءَ جو ڦوٽو- پاڻيءَ جو ڦوڪڻو. بوڙيو- ڦوڦينڊو- ڦڦڪڻو- بڙڪڻو (پاڻيءَ جو) جو ڦوٽو. (ذ. صفت) پاڻيءَ ڦوٽي وارو. پاڻيءَ ڦوٽي جهڙو. سنهون- پِترو- هلڪڙو- ذرڙو- باريڪ. اصطلاحاً- بي بقا.

’محمد‘ موج لائي، خبر سان خُدائي،

هڪل هڪ هُلائي حُبابي حسابي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-2، ص-122)

  • حَبِيبُ اللهِ: ذ ]ع [ الله پاڪ جو دوست- الله جو پيارو. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم.

هر دم حال حسيني حملي، حقاني حُسنات،

حبيب الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • حُر: ذ. صفت. ]ع. حَرُ= هو آزاد ٿيو [(1) جو ڪنهن جو ٻانهو نه هجي. آزاد. (اسم خاص) (2) پير پاڳاري جي مريدن جو لقب حضرت امام حسين عه جي مقابلي ۾ ميدانِ ڪربلا ۾ يزيد جي موڪلي لشڪر جو سپھ سالار (جو بعد ۾ ڦِري حضرت امام حُسين جي پاسي آيو ۽ ڪربلا جي پهرين شهيد جو رتبو حاصل ڪيائين).

ڪُن فيڪون ني ڪُل، ڪيو صحي سُهڻو سِر،

حاضر همدم حُر، هڪل هڪ جو حال جو.

(محمد فقير، بيت-148، ص-281)

  • حِرصُ: ذ ]ع. حرَصَ= هُن لوڀ ڪيو [ لالچ- طمع- لوڀ- چاهه- موهه- خواهش- اِڇا- رغبت- سَڌ- شوق- تمنا- آرزو- اميد- وڏائي- مغروري- هٻڇ.

ڇوڙ مدامي محڪم ماضي، حرص حويٰ سڀ حارص هي.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-1، ص-201)

  • حَرفات: حَرفُ ]ع. حَرَفَ= هو ڦريو، هُن منهن مٽيو [لغوي معنيٰ طرف. پاسو- ڌارَ. ڪنارو- جبل جي چوٽي. لفظ جو پد- لفظ. جملو- ڪلمو- ڀڻڪو- سُخن- قول- ڳالهه (شاعر مطابق) حق جو ڪلمو- سچو سخن.

حق حق جي حرفات سان حُسن واري هَٽ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-26، ص-23)

وحدت وس، رُڳي رس، حق حق هس حر فاتي.

                                                                                    (محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-16، ص-17)

ڳالهه ڇٽندي هرڪا حرفين.

(محمود فقير، ڪافي-54، ص-79)

  • حرمين: (اسم خاص) ]ع [ حَرمَ جو عدد تثنيه يعني مڪه معظم ۽ مدينه منوره جا ٻه حرم.

حرمين جي هلڻ جا، مون وڏا ڪيا وس.

(محمود فقير، بيگم، ص-116)

  • حِزبُ الله: ذ. الله وارن جي جماعت- الله جي بندگي ڪرڻ وارو- فرمانبردار ٽولو.[4] 1

’محمد‘ تي ڪو ماڙ مُدامي، هادي حزب الله،

وره جي ويراڳ وسڻ جي.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-1، ص-227)

  • حَسن: ذ. صفت. ]ع. حَسُنَ= موچارو ٿيو [ حضرت علي، جن جي فرزند ارجمند جو نالو، جن جي شهادت زهر ملڻ سبب 28 صفر 47 هجريءَ ۾ 47 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي.

ح- حَسن عه و فاطمه عه، حُسن عه حُر هسوار دي.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-260)

  • حُسنات: ذ. صفت. حُسن وارو- سهڻو- ملوڪ- سُندر.

هر دم حال حسيني حملي، حقاني حُسنات،

حبيب الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • حُسينُ عليه: ذ. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جو ٻيو فرزند، جنهن 10 محرم الحرام سن 61 هجريءَ ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت ماڻي.

ح- حَسن عه و فاطمه عه، حُسين عه حُر رضه هسوار دي.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-260)

  • حَشمَتَ: ث. ]ع [ دٻدٻو- رُعب تاب- نوڪر چاڪر ۽ خدمتگارن جو اٽالو. وڏائي- عظمت- بزرگي- مرتبو- شان- اقبال. آب- مانُ- شوڪت. مڙسي- بهادري- مَڻيا.

حشمت نال حُسيني حملي، حڪم هلا همزا تي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-23، ص-119)

  • حضراتي: حاضر رهندڙ- هميشه موجود رهندڙ. هر وقت سامهون رهندڙ.

عشق حُسن دِي هردم هولِي، چشمان والي چهري چولِي،

حاضر حق حضراتي هي.

(محمد فقير سور ڪوهياري، ڪافي-5، ص-138)

  • حَقِي: ذ. صفت. سچيءَ طرح. صحيح نموني ۾- برابر حق- جائز نموني ۾- واجبي- حقدار- انصاف وارو.

اول آخر ذات صفت ۾، ڪري نازنگاهه،

حقي هُل هُلائي آيس.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-23، ص-119)

  • حُقي: حُقو. ذ. ]ع. ف. حُقة=ننڍڙي پتي [ تماڪ وجهي ڇڪڻ لاءِ هڪ قسم جو (نڙ، گوءِ ۽ ٽوپيءَ جو). مانڊاڻو- گُڙ گُڙو.

حُقِي تنهنجو حال وڃايو، تون بُڙ آهين ٻڪرار.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • حَلاجُ: ذ. صفت ]ع. حَلَجَ= هُن ڪپهه تُنبي [ ڪپهه پڃڻ وارو- پڃارو (اسم خاص) حسن بن منصور جو لقب (جنهن کي ’اَناالحق‘ چوڻ تي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو).

هسي حال حُلاج تي، سُوري جي سِراڻ،

’محمد‘ مستي ماڻ، عاشق ٿي ڏس عشق جو.

(محمد فقير، بيت-11، ص-266)

  • حُلاجِي: صفت. منصور وانگر- منصور جهڙو.

هرجاءِ هُل حُلاجي هُليو، حُسن هلايو حال حڪم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • حَلقا: حلقو. ]ع. حلقه. حلق= هن گول چڪر کاڌو [ گهيرو- چڪرو- ڦيرو- گردو- گول- وراڪو- جُهنڊ- ميڙ- ميڙاڪو- مجلس- جهڳٽو- منڊلي- زُمرو.

حلقا هوت پنهونءَ جا، ڀينگا ٿا ڀونڪن.

(محمود فقير، ڪافي-41، ص-68)

  • حَمال: ذ. صفت. ]حَمَلَ= هُن کنيو [بار کڻندڙ- بار ڍوئيندڙ- بار ڊوهو- مزدور- ڪُولي- قُلي- ڀريَتُ- پورهيت- پورٽر.

ڪُولي- قُلي- ڀريَتُ- پورهيت- پورٽر.

موج ڪيو ’محمود‘ اُتي، آهي بيٺو هُت حمال.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-54)

  • حَمِيرُ: ذ. صفت. ]ع [ بهادر- پهلوان- سورهو- وِير- دلير- سورهيه.

ذوق ضمير، عشق امير، ويک حمير هي هادي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-31، ص-25)

  • حِٽا: ث ]ع. حَنا. هُن ڳاڙهو ڪيو [هڪ ٻوٽيءَ جو نالو- ميندي.

حنا هاٿ، سندي ساٿ، نسنگ ناٿ نچايا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-72، ص-49)

  • حورُون: واحد حُورَ. ث. ]ع. حور= ڀُوري ڪارين اکين واري عورت [ڪارن وارن ۽ ڪارين اکين واري بي حد حسين يا خوبصورت عورت. بهشت ۾ رهندر حسين عورت. (صفت) پاڪ عورت- نهايت حسين عورت- سهڻي- اپسرا- پري.

حورون ڪيو حيران حُسن ۾، جلويگر جنسار ميان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-33، ص-87)

  • حيدرِي: ذ. صفت. حيدر جو. حضرت علي ڪرم الله وجهھ جو نعرو (نعره حيدري).

هرجاءِ هوڪو حيدري، حُسيني حرفات.

(محمد فقير، بيت-250، ص-193)

  • حيضِي: ذ. صفت. حرامي- حرام جو- حرامي ڦر- ولدرِتا- حرام زادو- شرير- حرڪتي.

واڳون ويچي، سو حيضي حرامي،

چُڪت ڪري سو ڪري بيماني.

(محمود فقير، ڪافي-67، ص-87)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

خ

  • خاتَمُ: ث. ]ع. خَتَمَ=مُهر هنئي [مُنڊيءَ جي ٽڪ- مُنڊي- ڇاپ لڳل مُنڊيءَ. ٺپو- ڇاپ- مُهر- خانگي مُهر- تڪميل جي نشاني. (خاتم الانبيآءَ) اسم خاص، سڀني نبين جي نبوت ختم ڪندڙ. آخري پيغمبر- حضرت محمد صلي الله عليه وسلم.

خالص خطاب خاتم، خُضري خبر خيالي،

خمار خوب خاصي، حسن نا خفا خفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • خاتُوَبندُ: ذ. صفت ]ع. ختم؛ ف. بند=مهر هڻندڙ [سازگر- ساز ٺاهيندڙ. ڪاٺ جو سامان ٺاهيندڙ- واڍو- سوٽهڙ. عاج جي اُڪر جو ڪم ڪندڙ. آرسين جا فريم ۽ ڪٻٽ ٺاهيندڙ. عينڪن جا کوکا ٺاهيندڙ.

ڀلو ڀر جهلو سائين،  لڪياري لعل اٿم،

سڪ ته سڄڻ يار جي، خاتو بند خيال اٿم.

(محمود فقير، ڪافي-22، ص-57)

  • خاص الخاص: ]ع [ تمام گهڻو خاص يا چُونڊيل- تمام گهڻو وڻندڙ- تمام گهڻو پيارو.

جوڳي پڙهي جوش سان، اِسم پاس اِنفاس،

خاصُ خاص الخاص، خوب ڪيائون خيال کي.

(محمد فقير، بيت-30، ص-269)

  • خاڪِي: ذ. صفت خاڪ جو- خاڪ جي پيدائش. مٽيءَ هاڻو- مٽيءَ وارو- مٽيءَ جي رنگ جهڙو. هڪ رنگ جو قسم.

احمد احمد بن آيا هي، خاڪي خرقا پياري پاتا.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • خالِصُ: ذ. صفت. ]ع. خَلَصُ= هُو نجو يا صاف ٿيو [ملاوت کان سواءِ- بنا ملاوٽ- بنا کوٽ- سڄو- شُڌ- نِبارُ- چوکو- تَتُ- صاف- نج- اصل- کرو- صحيح- سچي ۽ پڪي ارادي وارو.

خود بخود خُمار سان، خالص ختم خوشنود ٿي،

خيال جي خمخان ۾، رندن ڪيا ٿي راڳ روپ.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-5، ص-234)

  • خالِقُ: ذ. صفت. ]ع. خَلَقُ=هُن پيدا ڪيو [پيدا ڪندڙ- ڪرتار- سرجڻهار- خلقڻهار- خلقيندڙ- پروردگار- خدا تعاليٰ. الله تعاليٰ جي صفاتي نالن مان هڪ نالو.

خالق خلق خيالي خلعت، خُدائي خصلت،

خليل الله چوان.

(محمد فقير، سُر سور، ڪافي-5، ص-203)

  • خام: ذ. صفت. ]ف [ڪچو- اڻ پڪل- اڻ رَسيل- ناپُختو. رڌي- خراب. ناقص- عيبدار- وِڏ وارو. ناتجربيڪار- اناڙي- نادان- چٽ- جاهل- نالائق- اڻ لائق- ڪُڍنگو. اڍنگو.

عاشق آراڏيءَ تي آوندي، خام خودي ڪُون خود ٿي خاوندي،

ڪر ڪر قرب ڪمال ڏيندي، گوهر اُلٽ گواهي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-40، ص-90)

  • خامِي: ث. ڪچائي- اڻ پڪائي- اڻ پورائي- ڪَمِي- گهٽتائي- نقص- وِڏ- اوڻائي- غلطي- ڀُل- چُڪ- سَهُوَ.

’محمد‘ ڇڏي ڏي خامي خسارا، لاهي بار هستي سِر ڏي سينگاري.

(محمد فقير، سُر گُجري، ڪافي-1، ص-235)

  • خَبِيثُ: ذ. ]ع. خَبثَ= هو پليت ٿيو [پليت- پليد- ناپاڪ- نجس- گندو- بڇڙو- خراب- ڪِنو- بدڪار- لُچ- بدظن. پاپي- دُشٽُ- شيطان.
  • خُرارُ: ذ. ]ف، خروا= گڏهه جي کڻڻ جيترو بار [اناج جو هڪ ماپو- سٺ ڪاسَن جو هڪ ماڻ (جوئر جو 22 مڻو، ٻاجهريءَ جو 20 مڻو، ۽ ڪڻڪ جو 20 مڻو ماپو- خراڙ.

وڻ ولايت ساڻ صنوبر، کليا کيٽ خرار.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-53)

  • خراباتِي: ذ. صفت. شرابي- ڀنگي (ڀنگ پيئڻ وارو- نشئي- موالي- جُواري- بدچال. (شاعر مطابق) توحيد جو شراب پيئڻ وارو.

خراباتي کيل سان، خود ڪمائي خيال،

’محمد‘ ٿيو برحال، برهه جي بازار ۾.

(محمد فقير، بيت-197، ص-286)

  • خَرُ: ذ. ]سن. کَر: ف. خر=گڏه [جانور جو هڪ قسم- گڏهه کر. (صفت) بيوقوف- احمق- نادان- جاهل. خراب ماڻهو- لُچ- بدمعاش- حرامي. کريل- ڪمينو. دشمن- رقيب.

تون چئن پئسن جو چم هلائين، کُٽل آهين کر.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • خَرقا: واحد. خرقو. ذ ]ع. خَرُقِيھ < خَرقَ= هُن ڦاڙيو [ٿڳڙي- چُستي- پيوند- پراڻو- چتين پيل چولو- گودڙي. فقيرن جو لباس. مرشد کان مريد کي تبرڪ طور مليل جُبو.

احد احمد بن آيا هي، خاڪِي خرقا پياري پاتا.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • خِريبُ: ذ. ]’فريب‘ جي بگڙيل صورت [فريب- ٺڳي- دولاب- دغا- ترڪٽ- گهات- دوکو. ڪُڌتِ- رمز. لَبُ- ڊوهه.

اهو ڌوتو دولابي، کوٽو ڪري ٿو خريب.

(محمود فقير، ڪافي-69، ص-91)

  • خَس: ذ ]ف [سڪل گاهه- ڪک- ڪانا. (شاعر مطابق) ضعيف- هيڻو- ڪمزور- عيبدار.

خالص خطاب خاتم، خضري خبر خيالي،

خمار خوب خاصي، خس ناخفا خفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • خسارا: واحد. خسارو. ذ ]ع. خَسِرَ=هن گهاٽو پاتو [نقصان- گهاٽو- ٽوٽو- ڇيهو- زيان- ضرر.

”محمد“ ڇڏي ڏي خامي خسارا،

لاهي بار هستي، سِر ڏي سينگاري.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-1، ص-235)

  • خصلت: ث ]ع. خَصَلَ= هو فائق ٿيو، اڳرو ٿيو [عادت- لڇڻ- سڀاءُ- ارڪان- اعمال- اخلاق- پِرڪار- عِلَت- خوءِ- چال- سيرت- چلت. رغبت- طبيعت- مزاج. خاصيت- وصف. لياقت.

ڇلا ”خ“ دِي خصلت، مشهودي مصلت.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-244)

خودبخود خمار ڪي، خصلات خنداني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-41، ص-143)

  • خُصُومَتَ: ث. ]ع. خَصَم= هن جهيڙو ڪيو [دشمني- عداوت- بدخواهي- ويرُ- وِروڌ- ڪلفت- ايرکا- بغض- ڪينو. عڪس- خار- کاوَ- حسد- ساڙ- تيسو.

کيئڙي نال خصومت ميڏي، رمز رانجهن دي رولڙيان.

(محمود فقير، بيت، ص-95)

  • خضرِي: ]ف [خضر عه سان منصوب. وڏي عمر- غيرفاني.

خالص خطاب حاتم، خضري خبر خيالي،

خمار خوب خاصي، خس ناخفا خفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • خِطابُ: ذ ]ع. خَطَبَ= هن وعظ ۾ نصيحت ڪئي [ ڪنهن جي روبرو ٿي ڳالهائڻ جي حالت- ڳالهه ٻولهه. گفتگو- ڪلام. جو حڪومت طرفان ملي- لقبُ.

خيالي خصلات سان، کولي خود خطاب،

الانسان سري واَناسره، انوري القاب.

(محمد فقير، هفتو-1، ص-263)

  • خَفا: ]ف [ناراض- ناخوش- ڪاوڙيل- بيزار

خمار خوب خاصي، خس ناخفا خفا..

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • خَفِي: ]ع [ لڪل- پوشيده- مخفي. سلوڪ جي راهه ۾ هڪ منزل جو نالو. مخفي ڳجهو- باطني يا دل جو ذڪر.

خيال خفي وِچ عاشق کوڙن، دوئي والي ٽڳي ٽوڙن،

سر وِچ سُرت سنڀال، همدم ٿيڙي حڪم هلائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-40، ص-90)

  • خُلدُ: ذ. ]ع. خَلَدَ= هو هميشه لاءِ رهيو [هميشگي- هميشه رهڻ جي حالت- بهشت- جنت- فردوس- سَرڳُ- هميشه رهڻ واري شيءِ.

عمر ايڪونجاهه عجائب احوال ٿيا،

پاڪ محرم ماهه وچ، خوبان خلد خوشحال ٿيا.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-262)

  • خِلعَتَ: ث ]ع. خَلَعَ= هن عزت سان چوغو پهرايو [ٻئي پاران بخشش طور ڏنل لباس. وڳو- جامو- لبادو. ڪنهن بادشاهه جي امير يا سردار کي عزت طور پهرايل پوشاڪ- جبو- فَرغَل- سروپا- پاکر. تحفو- عطيه. فقيراڻي پوشاڪ.

خالق خلق خيالي خلعت، خدائي خصلات،

خليل الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • خَلَلُ: ذ ]ع. خل= هو لاغر ٿيو- هن وٿي ڪئي [رُخنو- سوراخ- ٻِرگهل- وِٿي. رنڊڪ- ڀڃڪڙي- رُڪاوٽ- روڪ- اَٽَڪَ- دخل- وِڳوڙ- بکيڙو- جهيڙو- جنگ- بلوو- فتنه انگيزي- بغاوت- رولو- نقصان. خسارو- ٽوٽو- روڳ- دک- تڪليف.

اکيان عاشق دلبر دل هي، اڳون خام خودي داخلل هي،

راز انهيندي ڪنهن ڪُون ڪَل هي، اندر الف اشاري دا.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-7، ص-221)

  • خُلُمُ: ذ. حرڪت- ڇترائي- لُچائي- کئونس- کيچل- نقصان- حرج- ڇيهو- ٽوٽ- مونجهارو- وڳوڙ- ڏڦيڙ- خلل- رولو- ڦيٽاڙو- مانڌاڻ- ٻائيتال- گوڙ.

کول خيالي کيل خودي دي،

 خُلم خودي کل کائون، رنگ لائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪفي-31، ص-137)

  • خَمُ: ]ف. خَمُ=ڏِنگُ [ڏنگائي- وَنگُ- ٽيڙُ- آڏائي- ورُ- وڪڙ- موڙ- پيچُ- وٽ- ڀَڃُ.

يوسف ڪاڻ زليخا ظاهر، قائم ڪيا ڪنعانا،

خوبان خوب خماريل خم خم.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-6، ص-69)

  • خُمارُ: ذ. نشو- نشي جي مستي- نشي جا پُورَ- مدهوشي. نشي لهڻ کان پوءِ. سُستي- پڇاڙيءَ جو نشو. ننڊ جو زور- اُونگهه- ڳَمُ- ڳَهَرَ- ننڊاکڙائي. خُماري- پِنڪي. اکين جي ڳراڻ- اکين جي ڳاڙهاڻ. متوالي. نظر.

خالص خطاب خاتم، خضري خبر خيالي،

خمار خوب خاصي، خس نا خفا خفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • خُمخان: ]ف. خُمخانه [شراب خانو (شاعر مطابق) خيال جي پاڻيءَ جو شراب- توحيد جو شراب.

ڌڙ سسئي کان ڌار ڪيا، دَم سان رکي جن دلبري،

خيال جي خمخان ۾، خوبان خبر ڪن خوشتري.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-23، ص-66)

خود پرستي ڪِي خبر، خوشحال خُمخاني ۾ هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-61، ص-142)

  • خَمرُ: ذ ]ع. خَمرُ=شراب- نشو [انگورن جو رس (پچايل) – شراب- مئي- مد- مستي (محبت جي)- عشق.

بزم جي بهالي، خُمر پي خيالي،

قدم پر ڪلالي، ڪمالي ڪجل سان.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-45، ص-145)

  • خَندانِي: خَندان. ذ. صفت. ]ف. خنديدن=کِلڻ [کِل- ٽَهه ٽَهه- ٽهڪڙو- هاسي- هسي- کِلڪو- ٺٺول- مسخري- چٿر. ڍُونگل- ڍيڪُ.

خيال ڪي خاني ختم، خوبي خدائي خيال ڪي،

خودبخود خمار ڪي، خصلات خنداني سين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

  • خُنڪارَ: ث. ٿڌ- تڌڪار- سردي. خوشي- موج- فرحت- خوشبوءِ- سڳنڌ. مستي- نشو- مؤ- خمار. شهنشاهه- قيصر- مهاراجا.

کيڏي خُنڪي خوب خوشي وِچ، سهڻو رنگ رومال.

(محمود فقير، گنگو، ص-107)

  • خُوبان: خُوب. ذ. صفت. ]ف [چڱو- سٺو- ڀلو- بهترين- تمام سٺو- عمدو- سهڻو- ڀلارو- اُچو- اُتم- اعليٰ. نيڪ- لائق- وڻندڙ- پيارو- زيبا.

خود خيال ٿي سمجهه تون، خوبان خيال کي،

هرجاءِ حضور حاضر، هسوار حال کي.

(محمد فقير، سُر ڀيرو راڳ، ڪافي-1، ص-50)

  • خُودِي: ث. پاڻ پڻو- آپو- شخصيت- انانيت. وڏائي- ڪبريائي- خودمختياري- خودسري- خودپسندي- خودبيني- خودداري. غرور- هيٺ. گهُمنڊ- اڀمان- ٽانءِ- ٽنڊ- احساس برتري.

اکيان عاشق دلبر دل هي، اڳون خام خودي داخلل هي.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-7، ص-221)

  • خُوشتر: ]ف. خوشترڪ [تمام گهڻو خوش.

”محمد“ مظهر ميم مثالي، ختم خوشتر خوب خيالي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

  • خُوشنُودُ: ذ. صفت. خوش- خُرم- راضي- نهال- سُکي- آسودو. خوش باش. خوش خُرم- سَهجو- هوند وارو.

خودبخود خمار سان، خالص ختم خوشنود ٿي،

خيال جي خمخان ۾، رندن ڪيا ٿي راڳ روپ.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-5، ص-234)

  • خُومچا: واحد. خُومچو. ذ. ]ف. خوانچه= خونچو- خومچو [کاڌي رکڻ جو وڏو ٿالهه- طبق- پاٽ- خوانچو.

بفت زريون ۽ دهريون ڌاجا،

کوءِ پيا عمر تنهنجا خومچا کاڄا.

(محمود فقير، ڪافي-26، ص-59)

  • خِيالُ: ذ ]ع. خيال [جا ڳالهه ماڻهوءَ جي دماغ ۾ اچي- تصور- ويچار- پوُرُ- سوچ- غور- سمجهه- سُوجهه- راءِ- ڳڻت- اٺسٺو- هَم تَم- ڪَٿَ. ڳڻتي- پچار. صلاح- ارادو- مرضي- منشا- ڌيان- چت- توجه- جاچ. سنڀال. موج- آرو- لهر- رِيچَڪُ- جُجڪِي- وهم- گَمان- سڪ- دليل- فڪر- انديشو- قياس- جُنون- چريائي- خبصا. دنيا جي وهمي صورت. سارو عالم. ويدانت موجب ’مايا‘. تصوف موجب ’وهم‘ ۽ ڪنهن سچي اهليت کان سواءِ.

جڏهن خيال تي غالب خيال ٿيا،

تڏهن حاصل هردم حال ٿيا.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-4، ص-218)

  • خيما: واحد. خيمو. ذ ]ع. خَيمَه [تنبو- وڏو تنبو- کيمو- شاميانو- سائبان- ڪپڙي جو ٺهيل گهر.

کوڙ خفي وِچ خيال دا خيمان، ڪر قلب ڪون قُربئون ڪيمان،

يايا يار جلالي جا مان، وڄا ناد نيارا وي.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-3، ص-166)

 

 

 

 

د

  • دادگَرُ: ذ. انصاف ڪندڙ- عادل- مصنف.

دم بدم داناء دلاور، دادگر درٻار تي،

ڌُرپدي ڌُن ڌيان ۾، رندن ڪيا ٿي راڳ روپ.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-5، ص-234)

  • داڌَرُ: چَٽَ- ڳلٿو- ڳرهو- گِرگهُلِي- ٿَلُ- ڦُسيلاءِ- چڙهو. دڙڪو- دٻاءُ- دَهمان.

پير مهاولي مهه جنگ، قدرت ڀريو تون قادر،

مڪر ڪري ”محمود“ اڄ، دوست، ٻُڌئي ٿو دَاڌَرُ.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-72)

  • دارُ: صفت. ]ف. داشتن= رکڻ [رکندڙ- جهليندڙ- کڻندڙ. (دارَ. ف) سُوري- سُولي- ڦاسي- ڦاهي.

دائم دم جي دار تي، پيئن دُهرا دنگ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • دالِي: صفت. هٿ هيري- پاليل. البيلي- دادلي- ڇڙواڳ- چرڙي.

هاڻي دنگو ڇڏَ دالِي، ته ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • دامُ: ذ. ]ف [پکين ڦاسائڻ جو ڄار- جال- ڄارِي- ڇَندُ- ڍَٻِي. ڦاهي- ڦَندو- ڦاهو- ڪوڙڪو- سِرڪڻي- رَسي- نوڙي. دوکو- فريب.

تنهنجي دام زلف زُنار وجهي، اظهار ڪيو ارشاد اسم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • دانُ: ذ. ]پرا. داڻ؛ سن. دان< دا= ڏيڻ [بخشش- خيرات- بيک- بِکيا- پُنُ- پُچُ- عطا. ڏاڻ. عطيو- امداد- انعام- تحفو. ڏَنُ- نذرانو- سوکڙي. سوغات- تحفو.

دُهرا دُنگ دان جا، ’محمود‘ جي مان جا.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • دانگِي: ث. ماني پچائڻ لاءِ ٺڪر جو ٿانءُ. ٺڪر جو تئو. (دانگي منهن تي ملڻ) شرمسار ڪرڻ- خراب خوار ڪرڻ- تعدي ڪرڻ.

کنئي اٿئي خوشيءَ مان، ڪارنهن جي دانگي.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • دائم: ظرف. ]ع. دام= هُن جٽاءُ ڪيو [هميشه- سدائين- مُدام- سدا- تِتُ- ٻارهوئي- پڪي طرح. دائما.

دائم دير درسن واري، دانهه ڪن دلگير اکيون.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • دُبارو: صفت. ]ف. دُو= ٻه+ بار= گهمرو  [ٻيو دفعو- ٻيو گهمرو ٻيهر- موٽي- وري، ٻيو ڀيرو.

دُرس دلربائي ڌرپد ڌمالون، ڌياني خفي ڌر ڌيوت دُبارو.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-5، ص-172)

  • دُرُ: ذ. ]ع [ موتي- پاڻيٺ- گوهر- مڻيو- رَتَنُ- جوهر.

دائم درامي دانه ڌمالِي، دربار دم جي ديدار دُر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-14)

  • درازي: درازا شريف وارو يعني حضرت سچل سرمست رحه.

بن بيخود ڀيد بياضي، دم دولهه دُرس درازي،

احوال اصل آوازي، پڙهه شائق ٿي شڪرانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • دَربارُ: ث. ]ف [بادشاهي ڪچهري- درٻار- درسگاهه- بارگاهه- آستانو. اميرن ۽ بادشاهن جي مجلس- شاهي عدالت. عدالت خانو. جشن. اجلاس.

پڌرو پاڻ پاڳارو ٿيڙو، درسن جي دربار ميان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-33، ص-87)

  • دُرسُ: ذ. صفت. ]ف. ”دُرستُ“ جي بگڙيل صورت[ درست- برابر- صحيح- سچ پچ- ٺيڪ- پورو- سچ- حقي.

ويکو ديد دُرس دلبر دي، سردار سخي سروردي.

(محمد فير، سُر ڀيروي، ڪافي-35، ص-28)

  • دَرسَنُ: ذ. ]سن. دَرشن= ڏسڻ [ڏسڻ جي حالت- ديدار- مُشاهدو- ڏيک. تماشو- نظارو- ڏيکاءُ. زيارت- ملاقات- مُکاميلو- گڏجاڻي- ميلاپ- درشن.

دائم ديري درسن واري، دانهه ڪن دلگير اکيون.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • دَرسِي: مذهبي واعظ- هدايت- نصيحت- سبق وغيره.

ترڪ ’محمد‘ قبل ماضي، ترڪ تون مان تور تَڪ،

ترڪ تقسيمين ترازي، ترڪ ٿيا درسي درڪ.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص199)

  • دَرڪُ: ذ. ]ع. ادرڪَ= هن پروڙيو [سمجهه- پروڙ- اِدراڪ- ٻُوجهه. واقفيت- عقل- گِيانُ- فهم- ڄاڻ. استعمال. آزمودو- تجربو. واسطو- ڪم.

ترڪ ’محمد‘ قبل ماضي، ترڪ تون مان تور تَڪ،

ترڪ تقسيمين ترازي، ترڪ ٿيا درسي درڪ.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص199)

  • دَرگاههُ: ث ]ف [جاءِ- ڪچهري- درٻار- ڪورٽ- آستان. محلات- ڪنهن جاءِ جو مُنڍ- دِڪي- ٻُنڀو- چائنٺ ڪنهن وليءَ جي مزار- آستانو- چوڪِي- قُبو- روضو- مقبرو. زيارتگاهه- عبادتگاهه- خانگاهه.

ديد دمامي دم دم دائم، درسن دِي درگاهه ميان.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-6، ص-235)

  • دُرودُ: ذ. ]ف [رحمت- تحسين- آفرين- تعريف- دعا- تسبيح- صلواة (جيڪڏهن خدا جي طرفان هجي ته رحمت ۽ برڪت جي معنيٰ. ملائڪن جي طرفان هجي ته استغفار ۽ مسلمانن جي طرفان هجي ته دعا ۽ سلام جانورن ۽ پکين جي طرفان هجي ته تسبيح) ڌڻيءَ جي مدد لاءِ دعا- اها دعا ۽ سلام جيڪو حضور نبي ڪريم صه تي پڙهيو وڃي.

سُرتي نِرتي وچ ۾، سُڻائي سُرود،

ديدن جي دُرود، ثابت ڪيو سِر کي.

(محمد فقير، بيت-71، ص-273)

  • دَرونِي: ]ف [ظرف. اندروني- اندريون- مخفي- ڳجهو- لڪل.

گم ٿي ويکين نينهن نظارا، پاءِ دروني جهاتي،

پي پيالا محبت والا، ڏي هوڪا دم دم ذاتي،

’محمد‘ ڪر اثباتي، سارا سِر سبحان تون.

(محمد فقير، بيت-8، ص-265)

  • دَرويش: ذ. صفت. ]ف. دُرُ= در. اَويختن= لڙڪائڻ [ ڪنن ۾ دُر وجهندڙ فقير. پينو- گدا- بيکاري. منگتو- سائل- سُوالي. پهتل بزرگ- سالڪ- ولي الله. مست. نيڪ. ديندار- مُتقي. سچار- عابد. غريب- مفلس- مسڪين. صاحب معرفت.

دال- درويشن جو، دُونهون مٿي دَر،

پسن پُرجهن پاڻ ۾، پسڻ وارِي پَر.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-249)

  • دَريافت: ث. ]ف [پُڇا- تلاش- ڄاڻ- پروڙ- باز پُرسي- پڇا ڳاڇا- پڙتال- پوئواري- تپاس- کوجنا- اؤک ڊؤک- جستجو- تحقيق- تفتيش- ويچار.

وَفي انفسڪم واري ڪريان،

دريافت دم جي، ڌمال دغن سان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-26، ص-120)

  • دَڙٻاٽِي: دَڙٻاٽَ. ث. دڙڪو- داٻ- زور- دٻاءُ- ظلم. گهوڙي جي سُنبن جو آواز.

ديواني ديوار ڏسي، آهي دڙٻاٽي دڙڪن.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • دَسُ: صفت. ]ف. دَهه؛ سن. دَشَن= ڏهه [ ڳڻپ جو هڪ تعداد- ڏهه. ڪنهن به شين جو گهڻو انداز. جيئن: ’ماڻهن جا دَس، گهوڙن جا دَس، دُهلن جا دَس، بندوقن جا دَس وغيره‘. دُهل جو واڄو.

خوشيءَ مان کٽياڻ چئي، دُهل هڻايان دَس.

(محمود فقير، بيگم، ص-116)

  • دَستا: واحد. دَستو. ذ. ]ف. دَستَه=هٿيو [ هٿيو- هَٿ- مُٺيو- مُٺيو- مُٺ- ڳَن- هٿو. مصالح وغيره ڪُٽڻ لاءِ ڌاتوءَ يا پٿر جو مُهرو- ڏنڊو.

ڪنڌ ڪپايس ڌڙ، ڌڌڪايس، ڌڱ اُلاريس دَستا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-120)

  • دَستارُ: ث. پڳڙي- پڳ- عَمامو- پٽو- لُونگي- پاڳ- مولهاٽو- مولهيو- ڦَهَڙُ. ڦيڙهه- ڦينڊ.

صوفين جو سردار اسان وٽ آيو، سِر ٻڌي دستار اسان وٽ آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-19، ص-117)

  • دَستُورُ: ذ. ]ف. دست= زوراور= هڪ صفتي پڇاڙي [ طرز- رَوَشَ- رسم- رواج- ريت- پَرِ- اُصول- ڍنگ- ڍَٻُ- نمونو- وتيرو- طور طريقو- عادتَ- چلت- هلت- وَجهه- اُٿ ويهه- پرڪارُ- افعال- لڇڻ. قاعدو،  قانون.

حاجي حُسن حُضور ڪا، ديدان والي دستور ڪا،

مين هُون نظاري نُورڪا، بوستان ۾ باقي بقا.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-13، ص-189)

  • دُشالا: واحد. دشالو. ذ. ]سن. دو= ٻه+ سالور = شال [ ٻٽي شال- ٻيڻي شال. گڏ اُڻيلَ.

الله اڪبر، رنگِي راز رهبر، ٻڌين دُرس دلبر، تون دولهه دشالا.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-21، ص-239)

  • دَشتُ: ذ. ]ف [ صحرا- بيابان- رڻ پٽ- رُڃَ- ميدان- جهنگل.

ڪيچي ڪشت ڪري ويا، مون کي دشت ڌري ويا.

(محمود فقير، ڪافي-3، ص-46)

  • دَغزا: واحد. دَغزو. ذ. پکين ڦاسائڻ لاءِ ڪاٺين ۾ کُتل ڄاري.

دَغزا هڻين وئين دام، چِت من وئين چوري.

(محمود فقير، ڪافي-29، ص-61)

  • دَفعُ: ظرف. ]ع [ پري- دُور- دَفانُ- الڳ. پورو- ختم.

مون سان حال محرم هڪوار ٿيندو،

ٿي درد دفع ڏک سور ويندو.

(محمود فقير، ڪافي-41، ص-68)

  • دَلبا: واحد. دلبو. ذ. ]سن. دَلڀَ= دلبو [ دولاب- دغا- ٺڳي- ڇَلُ- تَرڪٽَ- گهات- کوٽ- ڪُپت- مڪر- ڏَٽو- فريب- ڏَنڊُ- ڌوڪو- ويساهه گهاتي.

دلبا ديد دلال دا ڌمال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-32، ص-87)

  • دَلبيدارُ: صفت. دولاب ڏيندڙ- دغا ڪندڙ- ٺڳي ڪندڙ- ويساهه گهاتي ڪندڙ. ناز و ادا سان پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندڙ.

اُلٽي آر، ٿئي اظهار، دَلبيدار دلبري دي،

شوق شراب، ڪوڏ ڪباب، راڳ رباب رهبري دي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-24)

  • دَلالُ: ذ. ]ع. دَلَ= هن اڳواڻي ڪئي [ رستو ڏيکاريندڙ- واٽ لائيندڙ- خريدار ۽ وڪڻندڙ جي وچ ۾ سودو ڪرائيندڙ- سدو وٺائيندڙ- گماشتو- آڙهيتو. ٽياڪڙ- وڪيل- ثالث- گراهڪ ڦاسائيندڙ- سؤدي باز- اصيل.

صوفي ٿي سِر صاف سُڃاتا،

دلبا ديد دلال دا ڌمال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص-87)

  • دلاوَر: ذ. صفت. ]ف. دل+ آوردن= آڻڻ [ دل وارو- ڇاتيءَ وارو- همت وارو- دلير- بهادر- شجاع- سُورمو- جوانمرد- سُورهيه.

رقص راڳي رنگ پور ۾، دُرس ديد دلاور در ۾،

الانسان سريءَ جي سُر ۾، صاحب سڀ جاءِ سارو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

  • دلگير: ذ. صفت. اداس- مايوس- ملول- اُٻاڻڪو- ڏکي- غمناڪ- شڪستو- ڏکويل- رنجايل- ايذايل- ڏک ڀريو- سوڳي- دکدائڪ- ڏک جهڙو- مغموم- غمگين. حيران پريشان.

دائم ديري درسن واري، دانهه ڪن دلگير اکيون.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • دَليلُ: ذ. ]ع. دَلَ= هن واٽ ڏيکاري [ رستو ڏيکاريندڙ- سونهن- بحث- مباحثو- بيان. ثبوت- ثابتي- مثال- بُرهان. ويچار- گمان- وهم.

لام- لاهوتي لال ٿيا، اکين جا اصيل،

وڃايائون وحدت ۾، دُوئي جا دليل.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

  • دَمُ: ذ. ]ف [ پساهه- جيءُ جان- پِراڻ- سانس- جياپو- حياتي- زندگي- روح- چُوڻو- عمر- جِيو- آتما. ساهه يعني پنهنجي جان، جنهن ۾ ئي محبوب موجود آهي. صوفي دل ۾ ذڪر کي ’مُلڪو‘ ڪندا آهن ۽ بعد ۾ ساهه بند ڪري ذڪر ڪندا آهن، جنهن کي ’حبس دم‘ چئبو آهي. هي ذڪر دل ۾ ايئن جاري ٿي ويندو آهي، جيئن دل جي ڌڙڪن ۽ رت رڳن ۾ بنا ڪوشش جي هلندو رهندو آهي. هيءُ ذڪر جو اعليٰ درجو آهي.

دائم دم جي دار تي، پيئن دُهرا دُنگ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • دَمُ: غرور- فخر- مَرڪُ. دوکو- مڪر- فريب- ٺڳي. دلاسو- آسرو- ڏَڍُ. لٻاڙ- ٻٽاڪ. ڊاڙ- لاف.

سي پڇن ٿيون پريت ۾، محبت ۾ مايون،

کلن ٿيون کٽياڻ چئي، ڏاڍو دم رکي دايون.

(محمود فقير، بيگم، ص-115)

  • دَمامي: دَمامون. ذ. هڪ ساز جو قسم- دُهل جي وڄت. دمامه- خوشي.

ديد دمامي دم دم دائم، درسن دِي درگاهه ميان.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-6، ص-235)

  • دَمبَدمُ: ظرف. گهڙي گهڙي- هروقت- هردم- هرلحظي- ذري ذري ماٺ ۾- ٿوري ٿوري وقت ۾- دائما- هميشه.

تنهنجي ديدن جو ديدار پسي، دمي دمبدم دلدار پسي،

درجات درس دربار پسي، ڪيئون هڪ نه ضايع ذوق ذري.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-55، ص-97)

  • دَمي: (دم تي رکڻ) چانورن جو ديڳڙو باهه تان لاهي، ان جي مُنهن تي ڍڪ ڏيئي، مٿس بار ڏيئي رکڻ (جيئن چانورن منجهان ٻاڦ ٻاهر نه نڪري ۽ باقاعدي رَجهي تيار ٿيڻ). ڪنهن به طعام کي مٿئين طور دم ڏيڻ يا دم تي رکڻ. شاعر مطابق دل ۾ مخفي ذڪر ڪندو رهه ۽ ان جي ڳالهه عام ماڻهن سان نه ڪر.

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته پرت پنهون پرينءَ سان پار،

دمبدم دمي دم کي، دم جو ڪر ديدار.

(محمد فقير، بيت-13، ص-266)

  • دُنگَ: ذ. ]ف [ شراب وغيره رکڻ لاءِ تمام وڏو ٽامي جو مَٽُ- شراب جو مَٽ. شراب جو وڏو شيشو- شراب جو پيالو.

دائم دم جي دار تي، پيئن دُهرا دُنگ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • دُنالِي: ٻن نالن واري بندوق، جنهن جي ڌڪ سان جاندار جي جان هلي ويندي آهي. مجازاً: ٻئي ديد- ٻئي اکيون. ڪاريون ڪُنڍيون اکيون (جيڪي دليون شڪار ڪن ٿيون).

نينان والي نظاري، ديد دُنالي به مين هُون.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-5، ص-192)

  • دَنگِي: ث. ٻيڙيءَ جو هڪ قسم- وڏي ٻيڙي- سامونڊي ٻيڙي- ننڍو واپاري جهاز.

اسم جسمات جي جملي، احد عبدي سندي اولي،

دُرس دم جي دنگي ديهي، ڀلي آيو ڀلي آيو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-27، ص-135)

  • دُواليون: واحد. دُوالِي. ث. ]ف. دُوالُ= چمڙي جي وَڍي[ بازن تترن وغيره پاليل پکين کي پيرن ۾ ٻڌل سڳا. مجازاً: محبت جا ونگ- وڪڙ- دام- ڄار.

نبيسر جون نام ڪٺيون، ٿيون دام وجهن دُواليون،

جادوءَ ساڻ جمال جون، ٿيون روز هڻن زاليون.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • دُواري: دُوار. ظرف ]ف [ جي هٿان- جي وسيلي- جي ذريعي- منجهان- مان- معرفت- هٿان- هَٿون- وسيلي- دُورانِ.

صورت سچي سينگاري، شوقئون شراب پياري،

ديدن واري دُواري، دلدار ٿيو پاڳارو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-11، ص-14)

  • دُودُ: ذ ]ف [ دُونهون- ٻاڦ- بخار. وَزم- چلم جي ڦوڪ- سوٽو- دَمُ- ڪَش.

دُوئِي دي دام دلاور، دم وِچ دُودُ دُکايا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-4، ص-123)

  • دوستار: سنگتي- ساٿي- دوست- يار.

جتي سدا رنگ سُونهان، اُتي دُونهان دوستار جا.

(محمود فقير، ڪافي-44، ص-70)

  • دُولَهه: ذ. صفت. سهڻو- سٺو- عمدو- ڀل ڀلوڙُ- ٺاهوڪو- سُوڌو- ڏسڻ جهڙو- لطيف- نازڪ- فراخ دل- دريا دل- سخي- فياض- مردانو- بهادر- مڙس ماڻهو- همت وارو- همت ڀريو- پهلوان- بَنو- بَنرو- گهوٽ.

بن بيخود ڀيد بياضي، دم دولهه دُرس درازي،

احوال اصل آوازي، پڙهه شائق ٿي شڪرانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • دَونڪَن: واحد. دَونڪَ. ث. ٿوري روشنائي- ٽمڪو- دونڪو- چمڪو- جَهرڪو- تجلو- ڏيکاءُ. (شاعر مطابق) هلن ٿا- وڙڪن ٿا- گهمن ٿا- چُرن ٿا.

ڌمان اُٺ دونبڪن ٿا، جمان جتن جا،

جهاٻا جهُوڙا جهڪورون، ليڙا لکن جا.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • دُوئِي: ث. ]سن. ڍوُ= ڏُون [ دُوئو جو مونث. ٻه- ٻيائي- نفاق- اڻ بڻت. علحدگي- جُدائي- فرق. ڦيري- چڪر- مٽيءَ جي ڦيري صوفين جي اصطلاح ۾ خدا کان سواءِ ٻي هر شيءِ- ڪثرت. سڌون- خواهشون.

خيال خفي وِچ عاشق کوڙن، دُوئي والي ٽڳي ٽوڙن،

سِر وِچ سُرت سنڀال، همدم ٿيڙي حڪم هلائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-40، ص-90)

  • دُهرا: واحد. دُهرو. ذ. صفت. ]سن. دو= ڏون [ ٻيڻو- ٻِٽو- ٻه تهو- ڏوڙو- وزندار. گهڻو- جهجهو.

دائم دم جي دار تي، پيئن دُهرا دُنگ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • دَهڪارا: دَهڪارُ. ث. حشمت- خوف- رُعب- تابُ.

دشمن ديک اُتهين دهڪارا،

واهه ڪبوتر سرسا سارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-103)

  • دُهرِي: ث. ]سن. دو= ٻه+ سَرِي= ٻن سِرن واري؛ ف. دُو= موتي[ ڳَههُ جو هڪ قسم- ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هار. ٻن لڙهين واري.

هَس، دُهري، ڪٺمال، ڪڙولا، ساڙيان سون زري،

اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي، انهي زيب ذري.

(محمد فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • دِيدَن: واحد. ديد. ث. ذ. ]ف. دِيدَن= ڏسڻ [ اک. ڏسڻ جي حالت- ڏسڻي. نظر- نگاهه- نرت. جوت- سوجهرو- روشني- ڌؤ- دَهو- دَئو. ڏيک. ڏيکاءُ- نظارو- نماءُ- جهلڪ- لقاءُ- ديدار- درشن.

تنهنجي ديدن جو ديدار پسي، دمي دم بدم دلار پسي،

درجات دُرس دربار پسي، ڪيئون هڪ نه ضايع ذوق ذري.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-55، ص-97)

  • ديرن: واحد. ديرو. ڪٽنب- خاندان- گهراڻو. حويلي- گهرٻار- زال- زوج- زنانه خانو.

ٻانهي آهيان خان پنهل، تنهنجي ديرن جي دائِي.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • ديسڪارُ: ]سن. ديشڪار= ديسڪار [ هڪ راڳڻيءَ جو نالو. محمد فقير جي رسالي ۾ هي راڳڻي 37 نمبر تي آهي ۽ هن راڳڻيءَ ۾ فقير صاحب جون ٻه ڪافيون لکيل آهن.
  • دِينُ: ذ. ]ع= اختيار ڪيو [ مذهب- مِلَت- ڌرم- پَنٿُ- ايمان- عقيدو- ويساهه- يقين- ڀروسو- نتيجو- اعتبار. انجام- وچن- قول. عاقبت- آخرت.

ديدن واري ڌيان ۾، ڌرم نڪو دين.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-2، ص-232)

  • ديهِي: ث. بدن- بت- جسم- تن- قالب- چولو- وُجود- سَرير- ڪايا.

انگ-جُسو، اُرهه- سينو-ڇاتي

جپي نيڪ نالو، نچي ٿي نرالو،

پيئان پُر پيالو، پسي ديد ديهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-1، ص-122)

ڌ

  • ڌارَ: ث. ]سن. ڌارا= وهڪرو [ ڪنهن پاڻياٺي شيءِ جي سنهي وَهُڪَ- لارَ- لاٽ- گوُهو- ريلو. سنڌو- ليڪو.

ظفر ذات، باصفات،م بشر بات بحالِي،

ڪجل ڪار، مٿس ڌار، خبردار خيالِي.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-1، ص-203)

  • ڌاڙو: ذ. جماعت- گروهه- ٽولي- جٿو. چورن جو ٽولو. چورن جو حملو- چورن جي ڦرمار- ڌاڙ- لُٽَ- لُوٽَ- ڊاڪو- رهزني- چوري. اوچتي ڦرلُٽ.

گفتار گُن گياني، رفتار رنگ رنداني،

سرشار تي سيلاني، ديدن جو هڻي ڌاڙو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-8، ص-111)

  • ڌامُ: ]سن. ڌامَن= جاءِ [ رهڻ جي جاءِ- هنڌ- گهر- جڳهه- آستانو. (شاعر مطابق) تيزيءَ سان- زور سان- زوم سان.

ڌامُ ڌمالي ڪا ڪام لڳئي، شل هام وڃئي، پيا لنب لڙي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-11)

  • ڌان ڌان: مصدر. ڌان ڌان ڪرڻ. گوڙ ڪرڻ- هُل ڪرڻ- هولاچو ڪرڻ. تڪڙا لائڻ. ڌمڻ جو آواز. تنگ ڪرڻ- سختي ڪرڻ.

ڌان ڌان ڪر دڙٻاٽ ڪريندا،  سُنبين دا سَٽڪار.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • ڌُتاري: مصدر. ڌُتارڻ. ]سن. ڌوُت = ٺَڳُ [ ٺڳڻ- ريبڻ- دلبو ڏيڻ- ڌوڪو ڏيڻ- فريب ڏيڻ- ڌُتڻ. ڀنڀلائڻ- ڀِرمائڻ- برغلائڻ. پاڻ ڏانهن ڪشش ڪرڻ. ريجهائڻ- راضي ڪرڻ- موهڻ- هِرکائڻ.

ٿو ساري سُڃاڻين معنيٰ مرڻ جِي،

پوءِ ڇاکئون نهوڙيئي ڌُوتيءَ ڌُتاري.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-1، ص-235)

  • ڌُرِ: ث. ]سن. ڌُر= پڇاڙي [ حد- پڇاڙي- ڇيڙو- آخيرَ- دنگ. اصل- نسل- بنياد- ابتدا- شروعات- ٺاهه- ابتدا- شروعات- ازل- پاڙَ- جَڙَ. (ظرف) انهيءَ هنڌ- خود- پاڻ- ڌڻي- مالڪ.

صورت صفا ڪيو سينگار سِر جو،

ڌرپد ڌُڪڙ سان ڌُن ڌيان ڌُر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-13)

  • ڌرائي: مصدر. ڌرڻ. ]سن.ڌر=رکڻ [ رکڻ- هيٺ لاهڻ- هيٺ رکڻ. سانڍڻ- بچائڻ. سنڀالڻ- پالڻ.

احمد نام ڌَرائي، ميم جو مضمون ملائي،

مڃي ”محمد“ جي مهندارِي.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-5، ص-157)

  • ڌُرپَدُ: ذ. ]هه [ راڳ جو هڪ قسم (جنهن جي هرهڪ مصرع ۾ 32 رڪن ٿين ٿا).

صورت صفا ڪيو سينگاري سِر جو،

ڌرپد ڌُڪڙ سان ڌُن ڌيان ڌُر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-13)

  • ڌَرمُ: ذ. ]پرا. ڌم؛ سن. ڌرما. ڌر= جهلڻ، پڪڙڻ [ ويساهه- پَنٿُ- مَتُ- انصاف- ريت- رسم- پَرِ. وَڙُ- ٿورو- دان پُڃُ.

ديدن واري ڌيان ۾، ڌرم نڪو دين.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-2، ص-232)

  • ڌُرونِي: ڌُرَون. ظرف. منڍ کان ئي- شروع کان ئي- ڌُرئون.

ڌيان دُروني ڌُوم مچائي، ڀول ڀتڪ سڀ ڀاڳي ري.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-3، ص-204)

  • ڌَري: مصدر. ڌرڻ. ڏسو، ”ڌرائي“.

صورت واري سير ۾، ٿابت سِر سبحان،

دم جو ڌري ڌيان، عاشق عاليشان ٿيا.

(محمد فقير، بيت-87، ص-274)

  • ڌُڪَڙُ: ذ. ]سن. دو= ٻه+ ڪنڊ= ٿانءُ [ ساز جو هڪ قسم. هڪ پاسي واري پڪواز- طبلو.

ڌڪڙ کنجريان ساز سڀيئي، تن من طبلي تان،

رمز انهيءَ دلڙي رهي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1، ص-1)

  • ڌڳا ڌڳ: ٻٽو لفظ. باهه جي تپش. باهه جو مچ- آڙاهه. ٽانڊن جي گهڻائي.

ڌڳ مڳ ڌڳا ڌڳ دونهين، واهه عجب هي وحشت،

ماس مِکان هڏ هيڻا، چم ته چڪين نال چَردِي.

(محمود فقير، ڪافي-55، ص-80)

  • ڌَڳُ: ]سن. دگت= دُکيل [ باهه جي تپش. باهه جو مچ- آڙاهه.

هار سينگار، سُهڻي ڪر صورت، ڏاڍي لنئون لڳايا،

گهت اوڙاهه، برهه دان باهيان، دلبر ڌڳ ڌڳايا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-119)

  • ڌَڳي: مصدر. ڌڳڻ. ]سن. دَگ= ڌڳڻ [ تجلي سان ٻرڻ- تجلو ڪرڻ- روشن ٿيڻ- چمڪڻ- ٽمڪڻ- تکَڻُ- باهه جو آواز (ڌڳ ڌڳ) ڪري ٻرڻ- جلڻ- سڙڻ- پچڻ- کامڻ- ٻرڻ. دُکڻ.

ڌَنوڻُ ڌڳي، عشق اڳي، لاڳ لڳي هن لوليان.

(محمد فقير، ڪافي-57، ص-81)

  • ڌِڱ: ذ. صفت. مضبوط- پڪو- پختو- سوگهو- قابو- سخت. قوي- جُگ- جبرو- جانٺو- ڏَٽو مُٽو- پهلوان- سورهيه- بانڪو- ٻلوان- بهادر- جوڌو- جوان.

تيرهين ڏينهن تڪڙ ڪر تابش، آيا شينهن شڪستا،

ڪنڌ ڪپايس، ڌڙ ڌڌڪايس، ڌڱ اُلاريس دستا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-120)

  • ڌُمَ: ث. ]سن. ڌُومَ= دُونهون [ رَش- ڀيڙ- گوڙ- ڳاهَٽُ- پِيههَ- گپاگيهه- انبوهه- هُل- شور- غوغاءُ- آواز- بغاغو. زور- ڇِڪَ- تڪڙ.

جُتي تِنان جوڙي ڏيسان، پراڌوٿڪا لاهان،

دڪان ۾ ڌُمَ ٻڌيو، ڪرين ٿو ڪامان.

(محمود فقير، گنگو، ص-106)

  • ڌَما: ث. چمڪو- چلڪو- تجلو- روشني. حشمت- رونق. ٺاٺ- اُڊمبر.

ڌمانا اٺ دونڪن ٿا، جمان جتن جا،

جهاٻا جهوڙو جهڪورون، ليڙا لکن ٿا.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • ڌَمتالُ: ذ. صفت. ]سن. ڌَونتال< ڌَن+ دَنتَ= شاهوڪار [ شاهوڪار- ڏاتار- هٿ ڦاڙ. جُنگ- قوي- جانٺو- جبرو- ٿوٿانگ- ڏٽو مُٽو- ڌِڱُ- زبردست- مضبوط.

تارون ٿا تڪرار وڄائن، جيئن گهوگهٽ ڪن گهڙا،

ديوانا ڌمتال اُهي آهن، واڳون جن جي وات.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • ڌمالَ: ث. ]ع. دمارا [ ٽپَ- ڪُڏَ- نچڪو. قلندري فقيرن جو ٽپڻ- نچڻ جو هڪ تار. دهل جي وڄت جو هڪ تار. پيرن فقيرن جي درگاهن تي هڪ خاص واڄو.

صوفي ٿي سِر صاف سُڃاتا،

دلبا ديد دلال دا ڌمال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص-87)

  • ڌمالِي: ذ. صفت. ڌمال وڄائيندڙ فقير.

مئي جو مُدامي ”محمد“ موالِي، دولهه دلاور درگاهه عالِي،

دائم درامي دانهه ڌمالِي، دربار دم جي ديدار درجو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-14)

  • ڌَمَڪُ: ذ. لوهه جي تختيءَ سان يا وزن دار شيءِ، جنهن سان رستي جا پٿر ڪُٽجن يا هموار ڪجن- پٿرن پڇڻ جو اوزار. (شاعر مطابق) محبت جي ڌمڪ، جيڪا دل کي دردن ۾ پيڙهي ٿي.

حَي دِي چاڪ اسان ڪُون چايا،

ڌمڪ گهُور اندر وِچ گهايا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-143)

  • ڌُنِ: ث. ]سن. ڌَوَنِ= آواز [ آواز. راڳ جو آواز- سُر- ڳائڻ جو هڪ خاص اصول. ڳائڻ جو نمونو.

صورت صفا ڪيو سينگار سر جو،

ڌرپد ڌڪڙ سان ڌُن ڌيان ڌر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-13)

  • ڌناسرِي: ث. ]سن. ڌناشري [ هڪ راڳڻيءَ جو نالو (مالڪوس مان). محمد فقير جي رسالي ۾ هيءَ راڳڻي 35 نمبر تي رکيل آهي ۽ هن راڳڻيءَ ۾ فقير صاحب جون 8 ڪافيون چيل آهن.
  • ڌَنئڻُ: مصدر. ڌمڻ کي هلائڻ- ڌمڻ سان باهه لڳائڻ. ڌَنءُ ڌَنءُ ڪرڻ- ڌان ڌان ڪرڻ جو آواز. ڦوڪڻ- ڀرڻ. ڪوشش ڪرڻ. سٽڻ- ڪُٽڻ- ڌڪ هڻڻ. ڳالهائڻ. ڌنئڻ هڪ لوهارڪو اوزار جنهن سان باهه تيز ڪبي آهي.

ڏنگ عشق دا ڏينڀو، چڪ لڳا پئي چُڙ دِي،

ڌنوڻ ڌڳي، عشق اڳي، لاڳ لڳي هِن لوليان.

(محمود فقير، ڪافي-57، ص-81)

  • ڌُوتا: واحد. ڌوتو. بدنظر- بدنظر ڪرڻ وارو- عيب جاچڻ وارو. ٺڳ- دغاباز. فريب ڪندڙ- دولابي- ويساگهاتي ڪندڙ.

مار رنبا تنهن روڳي ڪُون، ٿڙڪيل مار ٿڏيسون،

دشمن اسانڏا دورنگا ڌوتا، پيرين هيٺ پڏيسون.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-125)

  • ڌوتيو: ذ. گوڏ ٻڌڻ جو ڪپڙو- ڌوتي. انگوڇو- انگوشو- ننڍي گوڏ- انگرکو.

رنبي آر کوٽي کسيئين، رُليا ڪندوسئين روڙ.

پڳ مروڙي پٽ تي، ڌوتيو هڻئين ڌوڙ.

(محمود فقير، گنگو، ص-106)

  • ڌُوتِي: مذڪر. ڌَتُوتو. ذ. ٺڳي- فريب- دغا- دولاب- کوٽ- ويساگهاتي. (ث) ٻه ويڙهائو گلاخور- هٺي جي هٺي ڪندڙ.

ٿوساري سُڃاڻين معنيٰ مرڻ جي،

پوءِ ڇاکئون نهوڙيئي ڌوتيءَ ڌُتاري.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-1، ص-235)

  • ڌُوپ: ذ. واس- لوبان- سڳنڌ- سُرهاڻ- عطر- ڦُليل. ڄؤ جو هڪ قسم (جو جواهري يا سونارا زيور جي خالي ٽنگڻ کي ڀرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن).

ڪمر ڪُلها ڀا ثمر ٻڌائون، امر لڳو ته اريم،

ڌاڳا ڌوپ لڱن کي لائي، پياسي پنڌ پريم.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-63)

  • ڌُوڪَ: صفت. مضبوط- جهالائو- جٽادار- هنڊائڻ ۾ گهڻو وقت هلندڙ (ڪپڙو) ڌَڪَ (ڌِڪڻ مان)- ٺيا (ٺيلهڻ مان). مٿان کان هيٺ زور ڏيڻ جي حالت.

ڪافي ڪُوڪَ، سُڻي ول ڌُوڪَ،

ڳئي ڀڄ ڀوڪ، کٽيا تو ڪوٽ ڪِني.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • ڌوڪار: مصدر. ڌوڪڻ. ]سن. دَوَک [ مٿان کان هيٺ زور ڏيڻ- دَٻِڻُ- دَٻَ. مُٺَ ڪري ٺيلهي اندر وجهڻ يا اندر ڪرڻ. (شاعر مطابق) وڏو ڌڪيندڙ پاڻي- گهرو پاڻي- اونهي کڏ.

پار گهڙيون ڌُوڪار اندر، مون کي تار منجهان رب تاريندو.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • ڌُومِ: ]سن. ڌوَنِ= آواز [ هُل- شور- گوڙ- آواز- لُڙ- بکيڙو- گهمسان- ٻائيتال- غوغاءُ- ڪڙڪو- ماڇانگ- چؤٻول- افواهه. شهرت- ناماچار. ناموس- هاڪ.

ڌيان ڌوروني ڌُوم مچائِي، ڀول ڀٽڪ سڀ ڀاڳي ري.

(محمد فقير، سر سهڻي، ڪافي-3، ص-204)

رَن تُرت تيڪون ڪائي سُرت نهين، اڄ ڏرت نغارا ڌوم وڄي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-111)

  • ڌُوڻِي: ث. هري هري دُکندڙ باهه- دُونهين. فقير جو مچ- ڪنهن طعام کي ڏنل داغ- داڳُ.

موکي جي مٽ مٿي ”محمد“، مدامي ماڳ منصوري،

ٿيڻ ديدار جي ڌوڻي، پتنگ پروان مشڪل آهه.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-3، ص-209)

  • ڌُڻِي: فعل. چونڊي- ڳولي- پسند ڪري.

غ- غفلت غير کي، ڌوتائون ڌُڻِي،

برهه وارن بين ۾، انحد گهور سُڻي.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-257)

  • ڌِيانُ: ذ. ]سن. ڌيان= خيال [ خيال- ويچار- سوچ- غور- تصور- ارادو- ڌُن- تَوَجهه- ساڌواني- خوص- قياس- سمجهه- خبر- ڪل. ڳڻتي- فڪر- انديشو. طرفداري- عبادت- بندگي- پُوڄا. مُراقبو- لئون- محويت.

ڌيان ڌروني ڌوم مچائي، ڀول ڀٽڪ سڀ ڀاڳي ري.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-3، ص-204)

ڏ

  • ڏوُرُ: ظرف. ]سن. دُور= پري [ پري- دُور- ڏُورانهنِ- پرانهِن- وٿيرڪو- پنڌ تي- جُدا- پَرتي- گهڻو پري- آڳاهون- گهڻو مفاصلو- پرڀرو- جو ويجهو نه هجي.
  • ڏورج: مصدر. ڏورڻ. ڪنهن به شيءِ جي ڳولا ۾ رُلڻ- رَمڻ- ڀٽڪڻ- گهمڻ- ڀُڻڻ- ڀنوڻ- لُٽڪڻ- ڀرمڻ. اُجهڙڻ- کوجڻ. گهُرڻ- چاهڻ.

محبت جي ميدان ۾، پلپل پون پُور،

ڏورج ڪيم ڏُور، ”محمد“ مٺي منٺار کي.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-256)

ڊ

  • ڊاءُ: ذ. ]سن. در= ايذاءُ رسائڻ [ ڊپ- ڀؤ- خطرو- ڏَرُ- ڊڄ- هِراس. سنڪوچ- انديشو- اُڊڪو- تاب- دهشت- هيبت- ڏَکو- ڌهڪو.

مين پيا سَڏ ڪران ڏاڍي تڏ ڪئون،

شالا کڏ پوين، نه ڪنهن ڊاءُ ڊِنِي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • ڊُڍُ: ذ. ]هه. ڍينڍا= وڏو پيٽ [ وڏو پيٽ- پيٽ واري عورت جو پيٽ- حامله عورت جو پيٽ- معدو- اوجهري- گُجي.

ڀنگ پين ٿو ٽنگ ٽُڪيا، ٻي لهر لڳي ٿئي لاڏِي،

پيٽ اٿئي جهڙو ڍُڪي گڏهه، ڊُڍُ  اٿئي چاڏي.

(محمود فقير، موالي، ص-131)

  • ڊِنگُ: ذ. صفت. ]مر. ڍانگل؛سن. ڊِينَ: ڊِي= آڪاس ۾ وڃڻ [ وڏو ماڻهو- شاهوڪار- امير. وڏو- جُنگ. شوخي- وڏائي.

وَرَ ڏئِي پڙهون وظيفا، جت ڌم دنياداري،

”من ڪو ڊِنگ ڊهي پوي“، بخت لڳي باري.

(محمود فقير، موالي، ص-131)

  • ڊُولا: واحد. ڊُولو. ذ. صفت. مُنهن سُوڻل- ٻوٿ- سُوڻل- چپن ٿلهو- چپن لڙيل- بدشڪل.

چَراخ مُنهين، چَپ تنهنجا ڊُولا جهڙا ڍَڪ،

ڦڦڙ مُنهين ڦوڪڻي، تنهنجو ناسون ٽوپيان نڪ.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

ڍ

  • ڍارا: واحد. ڍارو. ذ. ]سن. دُرڪش [ چوپڻ وغيره راند رهڻ لاءِ ٽٻڪن سان هڪ سارِي- داڻو- ڇڪو. علم رَمل ۾ قسمت جي حساب لهڻ جي صورت.

عشق اوقاتي، سير سوغاتي، پئون ٻارهن پُورا ڍارا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-54، ص-96)

  • ڍولُ: ذ. صفت. ]سن. ڌُوَ+ ”ل“= پڇاڙي [ مِٺڻ- لُڏڻ- پَپڻُ- ساجن- پِرين- محبوب- ڍولڻ- دلبر- دوست- يار- مِتِرُ- سڄڻ- ڍولو- ڍوليو- دلدار- منٺار- معشوق- دل گهُريو- ساهه سيباڻو. دادلو- لاڏلو- چَچُلو- انگلي. ملوڪ- موچارو- سٺو- سهڻو- ٺاهوڪو- عاليشان- مَن ملوڪ.

”محمد“ اُلٽ اکين جو آرو، وحدت ورق وصال وارو،

عجب ڍول هڻي ٿو ڍارو، رمز جي رباب ۾.

(محمد فقير، شام ڪلياڻ، ڪافي-14، ص-215)

ذ

  • ذاتِ: ث. صاحب- مالڪ- ڌڻي. شيءِ جي حقيقت- ماهيت- اصليت- بنياد- پِيڙهه.

ڪري وحدت جا وسڪارا، ظهورو ڪيو ذات،

وصل سان ورسي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-9، ص-207)

  • ذاتِي: ذ. صفت. ذات جو- ذاتيرو. حقيقي- اصلي- فطرتي- قدرتي- طبعي. نج. سڀاويڪ- عين بين- هوُبهو. (پراڪرت) سهج. ضروري- مکيه. فلسفي جي اصطلاح ۾ ازل کان ابد تائين موجود ۽ قائم رهندر جوهر- الله تعاليٰ. حق ۾ حل ٿي ويل- حق بڻجي ويل وجود.

اکيان والي اور اشاري، ظاهر ذاتي سُهڻي ساري،

’لا‘ دِي لعلي لائي، صاف صفائي.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • ذاڪِرُ: ذ. صفت. ]ع. ذڪر= احوال ڪيو [ ذڪر ڪندڙ- ياد ڪندڙ- خدا جي عبادت ڪندڙ- عابد.

ذ- ذاڪر ذات جو، وسارين نه وير،

محبت جي ميدان ۾، پرتئون پري پير.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-255)

  • ذُبِحُ: ذ. ]ع [ ڪنڌ ڪپڻ جي حالت- قتل- ڪوس- گهات. شرعي طرح ڪُهڻ جي حالت- حلال- تڪبير. قربان- ٻليدان- صدقو.

عشق عجب عُريان عاشق،

زوران زوري ذُبِحُ ڪريندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • ذڪا: ث ]ع [ ذهين- فهيم. طبيعت جي تيزي- دانائي- هوشياري.

اکيان اندر الله هي، بيشڪ بقا بِاالله هي،

قائم ڪثر ڪُلاهه هي، ظاهر ظفر ذاتي ذڪا.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-13، ص189)

  • ذڪائِي: ذُڪاءُ. ]ع [ ذهانت- عقل- ڏاهپ- هوشياري.

”محمد“ ٿي ماهر، طبل ساڻ طاهر،

ذڪائي ظاهر، پهري ڪلنگي چَٽ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-26، ص-23)

  • ذُوالفقار: ث. ٻن پاسن واري تلوار- حضرت علي عليھ السلام جي تلوار جو نالو.

شاهِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتح اِلا علي لاسيف اِلا ذوالفقار.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-17، ص-62)

  • ذوقُ: ذ. ]ع [ چکڻ جي قوت. ذائقو- لذت- مزو- سواد- حظ- ساءُ- لاءُ- شوق- چاهنا- چاٽي. خواهش- اُمنگ. لطف- خوشي- سرهائي- موج- آنند- فرحت. عيش- نشاط. اختيار- مرضي. پسندي. رَسُ- چشڪو- چش. وندر- ونڌنا. سڪ- ڇِڪ.

فڪر فيراقي فن دا، سانڍ سيني وِچ سارا،

ذوق نه ٿيوَئي ضايع، جوش جگر دا جهل تون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-38، ص-89)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ر

  • رازُ: ذ. ]ف. راز= ڳُجهه [ لڪل ڳالهه- ڳُجهه- ڀيدُ- اسرار. لِڪَ- مَنجُهه.

قائم قادر ڪوڏ ڪبابِي، رنگي روپ ربابِي،

راڳ رقص رس راز رچڻ جو، بر سر باغ بهاريان ٿو.

(محمد فقير، سر ڀيروي، ڪافي-34، ص-28)

  • رازقُ: ذ. ]ع [ الله تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. رزق رسائيندڙ- پالڻهار.

موالين کي مهر سان، پيو رازق ڏئي روٽي،

ڪونه ڏٺوسين ڪهن ملي تي، قبو ۽ چوٽي.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • راسِ: صفت. ]ف. راست= برابر [ درست- برابر- پُورو- مڪمل. صحيح- تيار.

رُخسار رنگي ۾ راس رچي،

ڪري ثابت سهڻي ڳالهه سچي.

(محمد فقير، سُر ضلع، ڪافي-1، ص-225)

  • راڳُ: ذ. ]هه. راڳ [ علم موسيقي- سنگيت- سُرن جي لاهه چاڙهه جو هڪ مقرر ماڻ. امروهي کان اروهي تائين ۽ اروهي کان امروهي تائين مقرر سُرن جي ميلاپ مان پيدا ٿيل خاص آلاپ - ڳائڻ- نفعو- سُرود- گانو. ذڪر- بيان- قصو. جذبو- پُور- ريچڪ.

قائم قادر ڪوڏ ڪبابي، رنگي روپ ربابي،

راڳ رقص رس راز رچڻ جو، برسر باغ بهاريان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-34، ص-28)

  • راڳُ رُوپُ: ذ. ڳائڻ وڄائڻ. راڳ رنگ. عيش عشرت- جشن- خوشيون- مزا.

مست ٿي ميخان ۾، رندن ڪيا ٿي راڳ روپ،

پِرت جي پيمان ۾، رندن ڪيا ٿي راڳ روپ.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-5، ص-234)

  • راهُو: ذ. صفت. رهاڪو- رهواسي.

ٽوربي ڪنهن ٽل سان، جيئن راهُو وٺي رند،

سر صدقو تنهن سرور تان، ڪاٽي ڏجي ڪنڌ.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • راهُونڊي: راهُونڊ. اسم خاص. هالا شهر کان هڪ ميل اوڀر طرف هڪ تڪيو (جتي مخدوم امين محمد پکا اڏي وڃي زهد ۽ عبادت ڪئي، انهيءَ تڪئي کي ’پکا‘ به سڏيندا آهن).

راهُونڊي رهاڻ جي، رنداني رسمات،

گاروڙي گلزار ٿيا، گهورن واري گهات.

(محمد فقير، بيت-45، ص-270)

  • رائي: رائو. ذ. ]سن. ريتم= وارِي [ تمام سنهي ريتي- ڪڪري. هوا ۾ اُڏامندڙ مٽي.

قطار جا ڪلوار جي، للڪار سان لڏي،

ڪارا اُٺ ڪوهيارل جا، ڪن رائي ۾ رڏي.

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-57)

  • رَبابُ: ذ. ]ع [ هڪ قسم جو ساز (طنبوري جهڙو ۽ منجهس چار تارون ٿين مگر لس ٻيلي ۽ ڪيچ ڏانهن (باب پنجن تارُن وارو ٿئي).

پائي ڇيريون پير ۾، کولي رنگ ربابُ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

  • ربابِي: ذ. صفت. رباب وڄائيندڙ- ڳائڻو.

هڻي نعرو نينهن جو، نوبت نوابي،

رنگي ربابي، رندي ڪن سي راڳ ٿا.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-250)

  • رَبُوبِي: رَبُوبيتَ. ث. صفت. رب جي خُدائي- اُلوهيت. خُدا جي ڪُل ڪائنات.

رکي راز ربوبي رنگ جو، رمزن سان رندان رچان ٿو.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-4، ص-222)

  • رتاهي: رَتَلُ. ذ. صفت. ڳاڙهو. لال- سُرخ. پڪل- پچي ويل (ميوو وغيره) رڱيل- رچي ويل (اِلاهي عشق ۾).

گلشن گيان گادِي، شائق شراب شادي،

”محمد“ منگهن منادي، رندي رسم رتا هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-6، ص-124)

  • رَتو: ذ. صفت. رت جهڙو- ڳاڙهي رنگ ۾ رگيل- رتل- ڳاڙهو- سُرخ- لال. پڪل- رچي ويل (اِلاهي عشق ۾).
  • رَتِي: ث. صفت. ]سن. رَڪتَ= رت < رتي [ تمام ٿورو حصو- ذري- اَڻي- ڦُڙِي.

ڪات وهي مَرڪنڌ تي، رَتي نه وهي رت،

”محمد“ واري مت، مستي جو ذڪور ڪيو.

(محمد فقير، بيت-156، ص-282)

  • رَث: ]ع [ پراڻو. بدحالي.

رَث وانئر جيهي تون هئين ڪانئر ڪُتِي.

ايهين شاعر آندئي ني ڇوڙ جنگي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • رَڄِي: رَڄُ. ذ. خوش- سَرهو. (ظرف) ڍؤ تي- چڱيءَ طرح. گهڻو.

وڏي پاڳ پائي، کڙا راڳ ڳاوي،

تون بي جهاڳ، وڃي تيڏا روح رڄي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • رَچڻُ: مصدر. ]سن. رَنج= رڱجڻ؛ هه. رَچنا= رڱجڻ [ رڱڻ- رنگ ڏيڻ. رچي لال ٿيڻ. اِلاهي محبت ۾ محو ٿيڻ. ڪنهن درويش جي صحبت مان فيض پرائڻ.

قائم قادر ڪوڏ ڪبابي، رنگي روپ ربابي،

راڳ رقص رس راز رچڻ جو، بسر باغ بهاريان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-34، ص-28)

  • رَچِي: ڏسو ”رچڻ“.

رند رهي راضي رضا تي، روپ رنگينو رکي،

راز رهبر جي رسالت، رمز رندي ۾ رچي.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • رخت: ذ. ]ف [ هڪ قسم جو ريشمي ڪپڙو. سُٺي پوشاڪ. خلعت. ريختو. اسباب- سامان- مڏي. ذخيرو- کاڌي جو سامان.

رخت رلي تي جهڙپ ڏيندا، ول آوندا هڙپ هزارا،

سؤ ڪوهه اُتي پرجوهه رکي، مين لوهه لکي پرتارا.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • رُخسار: ذ. ]ف [ ڳِٽو- ڳلُ- مِٽَ.

چوڙي دا چمڪار ٿيا، ڇمڪا سيني وِچ سارا،

رُخسار ڏٺي مختيار ٿيس، اختيار عشق دا آرا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-123)

  • رِڌا: رِدا. ]ع. رداء [ چادر. عقل- تلوار.

آرا تنهن عاشق جا، ٻاروچل ٻُڌا،

وهن ٿا وجود ۾، روغن ٿي رڌا.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • رَڏِي: ث. نٺرپائي- ضد- گهپي- اڙِي. اَهنبائي- ارڏائي.

قطار جا ڪلدار جي، للڪار سان لڏي،

ڪارا اُٺ ڪوهيارل جا، ڪن رائي ۾ رڏي.

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-57)

  • رِزمُ: ث. ]ع [ لڙائي- جنگ- ويڙهه.

بزم نظم رزم جو، سمجهي سارو سِر،

”محمد“ گياني گُر، گگن ۾ گلزار ٿيو.

(محمد فقير، بيت-251، ص-293)

  • رِسالتَ: ث. ]ع. رسالة< رَسَلَ = هن نياپو موڪليو [ پيغمبري- سفارت. نبوت.

روپ رنگي رُخ راز رنگيني، رمز رندي دِي رسالت هي.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-3، ص-233)

  • رَسماتُ: رُسومات، رَسُومَ، رَسمون. واحد. رَسمَ. ث. ]ع. رَسَمَ= هن نشان ڪيو [ نقش- شان. لکت- تحرير. دستور- قاعدو. رواج- ريت- هَلي چلي. عادت- هلت- روش.

رڳ رڳ رقص راڳ سان، رنگ رموزي رسمات.

(محمد فقير، هفتو-1، ص-262)

  • رَفتارَ: ث. ]ف [ چال- هلڻي- پنڌ- تيزي- تِکَ. ڍنگ- ريت- روش.

رخ رنگيني راز واري، رهبري رفتار سان.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-3، ص-234)

  • رَقصُ: ذ. ]ع [ ناچ- نِرت. اُڇَل- ٽِپ.

راڳ رقص رس راز رچڻ جو، برسر باغ بهاريان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-34، ص-28)

  • رَقيبُ: ذ. صفت. ]ع [ نگهبان- راکو- محافظ. چاري- جاسوس- حريف- هم پيشه- دشمن- ويري. مخالف. معشوق جو ٻيو عاشق. (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو صفاتي نالو.

رمز رقيب جي، آڌيءَ عجيب جي.

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-48)

  • رقيبن: ڏسو. ”رقيب“.

روحاني راز جي رنگ ۾، رهي راضي رقيبن سان.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-12، ص-189)

  • رَل: مصدر. رَلائڻ. گڏائڻ- ملائڻ- گڏ وچڙ ڪرڻ.

مَحل مُحلي، سي طنبيلي، ڇوڙ دهلي رَل ڳئي.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • رَلاوي: ڏسو. رلائڻ.

جيڪو اپنا آپ گنواوي، بيرنگي دِي رمز رلاوي.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-7، ص-221)

  • رَلائي: ڏسو. رلائڻ.

رڳ رڳ اندر رمز رلائي، راڳ رقص رنگ لايان لايان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-34، ص-88)

  • رَلو: ذ. گهوڙي جي پنڌ جو هڪ نمونو- گهوڙي جو وچٿرو پنڌ (جنهن ۾ سوار کي تڪليف نه ٿئي).

ڇُٽڪي ٿو ڇُوهه منجهان، سو رانديگر رَلو.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • رماڪ: ]ع [ ٻيڙيءَ جو بادبان.

چشم چراغ، فوج فراق، ڏيون رماڪ رحمت دِي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • رِم جِهمِ: ث. ]هه [ بُونڊ بُوند- ڦُڙ ڦڙ- ٽِم ٽِم (مينهن جي). مينهن جي ڦڙين جو آواز. برسات جي اها حالت جا طبيعت کي فرحت بخشي. فرحت- خوشي. بهاري.

رنگ برنگي رنگو راندر، رِم جِهمِ رنگڙ الا ياهي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-3، ص-205)

  • رَمزَ: ث. ]ع [ اکين، ڀِرُن يا چپن جو اشارو- اُهڃَ- غمزو. نشاني. اُهڃاڻ- علامت. ڳُجهارت- لڪل ڳالهه. ذو معنيٰ ڳالهه. اٽڪل- تجويز- ڍنگ- کيڏ. ڳجهه- راز.

رڳ رڳ اندر رمز رلائي، راڳ رقص رنگ لايان لايان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي34- ص-88)

  • رُمُوزِي: رُمُوز. ث. ]ع. رمز جو جمع رُموز [ رمزون- نشانيون- اُهڃاڻ- اشارا. اٽڪلون- کيڏون- حرفتون- چالاڪيون. ڀيد- راز.

رڳ رڳ رقص راڳ سان، رنگ رموزي رسمات.

(محمد فقير، هفتو-1 ص-262)

  • رنبا: واحد. رنبو. ذ. گاهه ڪڍڻ يا زمين وغيره کوٽڻ جو هڪ لوهي اوزار- کُرپو. واڍڪي ڪم جو اوزار- ڪاٺ ۾ سل ڪڍڻ جو اوزار (ڇيڻيءَ جهڙو).

مار رنبا تنهن روڳي ڪُون، ٿڙڪيل مار ٿُڏيسُون.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-125)

  • رَنڀَ: ث. ]سن. رَڀ= آواز ڪڍڻ، رَمڀ [ وڏو آواز- دانهن- ٻاڪار- رڙ. وڏي آواز سان سڏ يا هڪل. ريهاڙ. جانورن جو آواز (خصوصاً مينهن ۽ ڍڳيءَ جو)- آواز- ڍِڪَ- ٽاڏَ.

درويشڻ پئي دانهن ڪريندي، روز اُٿامين رنڀ.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • رَندُ: ذ. ]سن. 1. رِندر= چير، خال. 2. رَنٿَ= رستو [ ڪوهستان يا پڪي زمين جي واٽ. گس- پيچرو.

نڀاڳي ننڊ، اجائي ٺنڊ، کڙي جا رَند، وٺيو روڪي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • رِندُ: صفت. اڻموٽ- نتيجن کان بي پرواهه. لا اُبالي. لاغرض. مست- متوالو. بهادر. فقيري- مستي. سچو- ثابت قدم.

رَتُ وَهندِي راند ۾، روئن ڪين رِند.

(محمد فقير، بيت-191، ص-286)

  • رندان: ڏسو. رِندُ.

رکي راز ربوبي رنگ جو ، رمزن سان رندان رچانٿو.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-4، ص-222)

  • رندانو: ڏسو. رِند.

سڀ سينگار صفاتي، سارو بهري آيو پوش پڳارو.

ياقي يار يگانو، راز رندانو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-32، ص-87)

  • رَنگُ: ذ. رنڱ- هلڪو وَرِنُ- هلڪو رنگ. چِٽُ- چٽسالي- نقش- چٽاڻ. رَتو- رنگو- وَرنو- رُوپ- رونق- چهرو.

رڳ رڳ اندر رمز رَلائي، راڳ رقص رنگ لايان لايان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-34، ص-88)

  • رُنگَ: ث. جيڪي ملي تنهن کان ٿورو زياده جي گهُر- سوائي- وزن کان وڌيڪ. ذرو- ٿورو- پچڪڙو- چُڪو- ڦُڙي- چُنگي- ٽيپو. پتي- حصو- ڀاڱو.

رنگ برنگي راز سان، وٺي رَئي رَئي رُنگَ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • رنگُ بِرنگي: صفت. گهڻن ئي قسمن جي رنگن وارو- گهڻن رنگن وارو- رنگين چٽڪمرو- پٽاپٽي- نموني وارو.

رنگ برنگي رنگپور اندر، رِم جِهم رنگڙا لايا هي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-3، ص-205)

  • رنگڙا لاياهي: رنگ لائڻ. اصطلاح. رنگين ڪرڻ- رنگ لڳائڻ- رنگدار ڪرڻ. تماشو ڪرڻ- رونشو ڪرڻ- وڏي سُهڻائي پيدا ڪرڻ.

رنگ برنگي رنگپور اندر، رم جهم رنگڙا لايا هي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-3، ص-205)

  • رَنگِي: رنگ برنگي- گوُناگون- رنگين رنگين. گهڻ رنگي. (صفت) رنگ وارو- رنگدار- رنگين. رنگيلو- طرح طرح جي رنگن وارو.

سنگي ساز، ننگي ناز، رنگي راز رتيان، مُزگان مست متيان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-11، ص-159)

  • رِنگِي: رِنگ. ث. رَوئڻ جو آواز- سنهو روڄ- رِينگو- رِينگٽ. گهَپي- ڪِلڪِل- ڪِنجهڪو- ڪُوڪُو. اُٺ جو آواز.

مَيا منزل تي، رِنگي ٿيا روانا.

(محمود فقير، ڪافي-33، ص-63)

  • روٽُ: ذ. وڏي ماني- ٿلهي ماني. روڍلو- روٽلو. ڳُڙ ۽ اٽي مان تيار ڪيل مِٺي ۽ ٿُلهي ماني.

روٽ ورهائي ڪوٽ کٽيو اٿم، گهوٽ اچي گهر گهاريندو.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • رُوپُ: ذ. ]سن. رُوپُ= مُنهُن [ مهانڊو- مُکُ- مُکڙو- مُهڙ- ٻُوٿُ، ڊَؤل- آڪارُ- گهاٽ- ڍَنگُ- آچارُ- ويس- بانو- نمونو- ريت- طرح- طريقو. سُونهن- خُوبي- جمال- جوڀن- رنگ- رنگت.

روُپ رنگي رُخ راز رنگيني، رمز رندي دِي رسالت هي.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-3، ص-233)

  • روجُهون: واحد. روجُهه. ]پرا. روجهو. سن. رشيه [ جانورن جو هڪ قسم- جابلو هرڻ جو هڪ قسم- چؤسڱو هرڻ- اَڇن پيرن سان ڦاڙهو. ڳئون جي شڪل تي هڪ ڦاڙهو. نيلي ڳئون. (نيل گاءِ)

رڍون اچن روجهون، ڇانگ ڪيو ڇيلا.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

  • روُحاني: صفت. رُوح جو- روح وارو- رُوح سان رابطو رکندڙ- آتمڪ- رحماني- غيرجسماني- اندروني- اندريون- باطني- ڳُجهو. پاڪ- صافُ- مقدس- پوتَرُ- سڳورو.

رُوحاني راز جي رنگ ۾، رهي راضي رقيبن سان.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-12، ص-189)

  • رُوڙَ: ث. ڊُهڙ- پَٽَ- ڇِنَ- کوههَ- کرڙڻ.

رنبي آر کوٽي کئينسين، رليا ڪندو سنئين روڙ.

(محمد فقير، گنگو، ص-106)

  • رَهبَرُ: ذ. ]ف. رَه+ بر< بردن= نيڻ- وٺي وڃڻ [ رستي سان وٺي هلندڙ- رستو ٻڌائيندڙ- رستو ڏيکاريندڙ- دڳ لائيندڙ- واٽ ڏيکاريندڙ. سُونهون- ڀُومير- رهنما- هدايت ڪندڙ- پيشوا- مهندار- سردار. مددگار. حامي. حمايتي- واهِرُو. ريٻارو- قاصد- نياپو رسائيندڙ- مرشد- هادي- گُرو.

راز رهبر جي رسالت، رمز رندي ۾ رَچي.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-2، ص-200)

  • رهبري: ث. ]ف [ رهنمائي- سُونهپ- اڳواڻي. پيشوائي- هدايت. مهندارِي- سرداري. حمايت- مدد- واهِرُو- مددگار.

رُخ رنگيني راز وارِي، رهبري رفتار سان.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-3، ص-234)

  • رَهلو: ذ. سنگت- دوستي- ياري- صحبت- آشنائي. ميلاپ- گڏجاڻي- ملاقات.

رهلو سڀ رُسي ويو، کڻي خيال خوشي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • رَئي رَئِي: ظرف. تمام گهڻي تڪليف سان- وڏي مشڪلات سان- ڏاڍن ڏکن سان. ڏاکڙن سان- لاچارُ- ڏُکيو- اَهنجو- مشڪل. روئي روئي.

رنگ برنگي راز سان، وٺي رئي رئي رُنگ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-29، ص-24)

  • ريفي ريف: ]ع. ريفُ [ سرسبز ميدان- چراگاهه.

ڪيفي ڪيف، ريفي ريف، سيفي سيف سلطاني.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • رِيڪ: ث. پٽڙي مٽي- راٻڙو- رَٻڙي.

ڪفن کوس کٿا لاهين، رُليا هڻ مَ رِيڪ.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • ريلا: واحد. ريلو. ذ. اسم ]پرا. ريلَ [ وههُ- وهڪرو- ڳِٺَ- ندي- ڌارا- نَهَرُ- ڌارَ- وَهَڪَ- سِيرَ- رواني.

ڪاتُ وڙهو ڪنڌ تي، ريلا ڪيا رت.

(محمد فقير، بيت-155، ص-282)

  • ريهِي: مصدر. ريهڻ. ريهه ڏيڻ- ٽانڪڻ- ڳنڍڻ- گڏڻ- ملائڻ- جوڙڻ- ميڙڻ- گڏڌائڻ. ريجهائڻ- ڌُتارڻ.

سانگي ڪهڙي نوي ميان، سفر سنباهيئي الا!

رمز انهيءَ دل رهي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-4، ص-192)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ز

  • زابِرُ: ذ. صفت ]ع. جابِرُ: جَبَرَ [ جَبَر وارو. جابر- زورآور- زبردست. ڏاڍو- بهادر- پهلوان. ظالم.

سهڻي سراسر صورت صفاتي، ظاهر ظهورو زابر ٿيو ذاتي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-13)

  • زاغ: ]ف [ ڪانءُ- ڪانگ- ڪانوَ. ڪمان جي گوشي جي نوڪ- هڪ راڳ جو نالو.

زاغ اُڏاري باغ ڏٺئون، وڃي بديل جا بهشتي.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-162)

  • زاني: زنا ڪندڙ- فاسق- فاجو- گنهگار.

زاني ظالم زُنارِي، زاهد ذاڪر زور.

(محمد فقير، بيت-217، ص-289)

  • زاهد: پرهيزگار- پارسا- پاڪ. خداپرست.

ڪٿي زابر ڪٿي زاهد، ڪٿي ساقي ڪٿي ساجد.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-11، ص-214)

  • زائد: ظرف. ]ع [ زياده- وڌيڪ- واڌو- وڌيل- گهڻو وڌيل- فضول- اجايو- فاضل- بچت- فالتو- پاڇي (شاعر مطابق) واعدو ڪيو. قول ڪيو. انجام- اقرار- وعدو ڪيو- انجام ڏنو.

تون زائد ٻڌو جَنڊَ هُڙا، کڻي ڏينهن سنڀال.

(محمود فقير، گنگو، ص-107)

  • زربفت: ]ف [ ڪيمخواب. ڪپڙي جو هڪ قسم، جنهن تي سون ۽ ريشم جون تارُون لڳل هونديون آهن.
  • زريُون: واحد. زري. ]ف [ سُنهري تار- سون جي تار. سُنهري تارن سان مڙهيل ڪپڙو.

زربقت زيور زريون، هيرا ڇڏيان هاري.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

  • زُلُفُ: ذ. ]ف [ رات جو پهريون حصو. وار- ڪاڪَلَ- گيسو. لوندڙيءَ جا وار- ڪنن مٿان وارن جي چڳ- (وارن جي) گهُنڊي- چڳ- ڪنڊڙو.

تنهنجي دام زلف زُنار وجهي، اظهار ڪيو ارشاد اسم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • زَم زَم: اسم خاص. ]ع [ مڪه شريف، ڪعبة الله ۾ هڪ کوهه جو نالو (جيڪو حضرت اسماعيل عه سان منسوب آهي. زم زم جي لغوي معنيٰ آهي، بيهه بيهه، رُڪج.

ظاهر ذات ظهورو ذاتي، ذوق زنخ جو زم زم زم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • زمانُ 1: ذ. ]ع [ واڳ.
  • زمانُ 2: ذ ]ع [ وقت- عرصو- ساعت- عهد. فرصت. ڪال. گرامر ۽ وقت لاءِ ٺهرايل لفظ.

چيو ’محمد‘ مير مُربي، احمد زور زمان،

پڙهو حج اڪبر.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-22، ص-118)

  • زِنا: ذ. ]ع [ غير عورت سان مباشرت- ڌاري زال سان همبستري- حرام- بدڪاري- حرامڪاري.

نڪو لاڙو لُنگ ڏي، نه زِنا جو ڪو ذوق.

(محمد فقير، بيت-237، ص-292)

  • زُنار: ذ. ]ف [ اهو ڌاڳو جو هندو ماڻهو مذهبي رسم موجب ڳچيءَ ۾ پائيندا آهن. جڻيو. قليد خانو- بند خانو. (2) اهو ڌاڳو يا زنجير جيڪي عيسائي، مجوشي ۽ يهودي چيلهه ۾ ٻڌندا آهن.

تنهنجي دام زلف زنار وجهي، اظهار ڪيو ارشاد اسم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-40، ص-31)

  • زُناري: زنار ٻڌل. جڻيو پائڻ وارا.

زابر ذاتي، ذوق زلف ڪيو، سُوئرن سان صُنعانا،

زوران زور زُناري زم زم.

(محمد فقير، سُ لوڙائو، ڪافي-6، ص-69)

  • زنبور: ذ ]ف [ ماکيءَ جي مک.

مار زنبور جگر وچ زوري، سيني نال سٽيوئي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

  • زنگُ: مصدر. رنگ وجهڻ. عداوت وجهڻ- دشمني وجهڻ-. وير پائڻ.

محبت مور، ڇڪيندا ڏور، هن زنگ زور زحمت دي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • زنگي: گل جو هڪ قسم. رنگ ملڪ جو ويٺل حبشي- عداوت رکندڙ- دشمني رکندڙ.

زهر دار ظالم، زلف زور زنگي.

(محمد فقير، سُر پيروي، ڪافي-57، ص-39)

دُرس دلير، روزاور زنگي.

(محمود فقير، ڪافي-13، ص-52)

  • زُوم: ذ. زور- پل- طاقت- قوت. ڏاڍَ- ڏاڍائي. دست درازي. گهُٽ ٻوساٽ- غضب- زور زبر.

ڌوم هلڻ تي زوم رکيندا، روپ وِڇون رؤ دارا.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • زهردار: زهريلا- زهر سان ڀريل- خطرناڪ- موت مار.

زهر دار ظالم زور زنگي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-57، ص-39)

  • زيب: ذ ]ف [ سُونهن- حُسن- سوڀيا- خوبي- خوبصورتي. آرائش- زيبائش- سينگار- خوشنمائي- رونق- تيج- جلوو- جهلڪو- پرتاب. تجمل- آب- چمڪ.
  • زينت: ث. سينگار- سونهن- نزاڪت- سوڀيا.

ذاتي زينت زيب جو، ظهورو ظاهر.

(محمد فقير، سي حرفي، ص-250)

 

 

 

 

 

 

 

س

  • ساٿُ:؛ ذ. ]سن. سَهِت- سارٿ= ساٿ [ اُٺن جي قطار- قافلو- ساڳو- سوداگريءَ جو مال يا لڏو. جماعت- انجمن- سوسائٽي- سنگت- ياري. جوڳ- جوڙ- ڳنڍ- اتفاق. ميلاپ- ايڪو- آڌار. رفاقت- شوڪت. نڪاح. گڏ- سميت- سان- وٽ.

سرور جي سُهاڳ جو، سُرهو سمجهي ساٿ.

(محمد فقير، بيت-128، ص-289)

  • ساٽَ: ث.، گِهمَ- ماڪَ- آلاڻ- ماٽَ.

کيڙ وَليُن جا ڦيڙ مٿي تي، سانوڻ جي پئي ساٽ.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-54)

  • ساٽو: ذ. ]سن. ساهَٽيم< سَٽَ= مٽاسٽا [ عيوض- بدلو- بَدو- بدر. وارڦير- اُٿل پُٿل- مٽاسٽا- وارو وٽي- ڏي وٺ- بدل سدل. وڏو واپار- سودو- سئر- داءُ. شرط.

ساٽو مير جو سمجهي سارو، رکيو ساقي ساڻ سوڀارو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-21، ص-118)

  • ساجد: ذ. صفت. ]ع. سَجَدَ= هُونميو [ ڪريل- ڊٺل- ليٽيل- نميل- نمندڙ. سجدو ڪندڙ.

ڪرن سودا سِر دا غازي، ساجد ٿي سِر گهور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-19، ص-19)

  • ساڄا: واحد. ساڄي (ظرف) چڱيءَ طرح- چڱيان- ڀليءَ ڀت- خوب- ٺيڪ طرح- دُرستيءَ سان- پوريءَ طرح- خاص طرح.

سِر سنباهي سورهيه صادق سنڀري ٿيا ساڄا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-32، ص-26)

  • ساڄي: واحد. ساڄو. ساز- واڄو- باجو.

سُرودي ساز ٿئي ساڄي، وڳي ويراڳ دي واڄي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • ساچ: ]هه [ سچ.

ساچُ سُنايا سَتگُر ساکي، ساچُ برابر تاپ نهين.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • ساڌ: ذ. صفت. ]سن. ساڌُ= ڌرمي ماڻهو [ ڌرمي ماڻهو- فقير- ساڌو. ڀڳت- پوڄاري. مهاتما. سَنت- جوڳي- درويش- سنياسي- راهب- اشراف. سَکَرُ.

ساڌ سمن ڪي گڏ گرڙا گهمسان.

(محمود فقير، ڪافي-74، ص-98)

  • ساڌُو: ذ. صفت. ]سن. ساڌُو= درويش [ چڱو- ملوڪ- گُڻائتو. ايماندار- عزت وارو. معصوم- بي گناهه. فقير- درويش- سنت- سنياسي- ڪاپڙي- ويراڳي- جوڳي- ٻالو ڀولو- سادي دل وارو.

صاحب سَنتا ساڌو سُٿرا، صُوفي سُرت سُجان هون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • ساڌُن: واحد. ساڌو. ڏسو ’ساڌو‘.

ساسن ساسُ سروپي ساجن، نرت نظاري سُرتي ساڌن.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • ساسُ: ذ. ]سن. شواس= ساهه [ ساهه- جان- پران- پساهه- دَمُ- جيءُ. جيءُ. حياتي- جندُ- زندگي- جياپو- چُوڻا- عمر- ڄمار.

ناب سي نام اُٺايا مئين، ساسُ سرپ سمايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • ساسِي: ذ. صفت. ساهوارو- جاندار.

ڪُل شيءِ محيط اَلا ڪي، ثابت ٿيئڙا ساسِي.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-8، ص-221)

  • ساغَرُ: ذ. ]ف [ شراب پيئڻ جو پيالو- جام. پيالو.

ساغر صُراحي ساز سان، سارو سراسر سُود تون.

(محمد فقير، سُر بهاگ، ڪافي-12، ص-60)

  • ساقِي: صفت. ]ع. سَقَي= هُن پياريو [ محفل ۾ شراب ورهائيندڙ- مئي ورهائيندڙ- شراب ورهائيندڙ. (اصطلاح طور) سخي. معشوق- محبوب- صنم.. (صوفين مطابق) مرشد ڪامل، جيڪو توحيد ورهائيندو رهندو آهي.

ڪِٿان ساقي سُرخ ساغر، ڪِٿان سِر سليندا سليندا.

(محمد فقير،س ُر تلنگ، ڪافي-13، ص-92)

  • ساکياتي: ساکائتو. ذ. صفت. ساک وارو. سُپتيو- آبرو وارو- معتبر- مانائتو- آشراف. موچارو- چڱو- خاصو.

سَروَن گيان مَنَنُ نڌياسين، ساکيا تي سينگار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • ساکِي: ]هه [ سَکي. ساهيڙي- دوست. سرتي.

ساچُ سُنايا ستگُر ساکي، ساچُ برابر تاپ نهين.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • ساڳُ: ڀاڄي.

چاڙهين سرتيون سدا مند ساڳ.

(محمود فقير، ڪافي-14، ص-52)

  • سالِڪُ: ذ. ]ع. سَلَڪَ [ حال جي زور تي طريقت جون منزلو طئي ڪندڙ صوفي- درويش- خدا دوست- پُهتل شخص- عابد- مُقدس- مهاتما- ولي- اولياء. پابند. شرع- عالم- سلوڪ وارو. سياڻو- ڏاهو- ڳنڀير- سَمجهُو.

اَلانسان سِري ڪهه ڪَهندا اي، رنگي رنگ رَلايا هي،

سمجهه سالڪ رندي رايا.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • سالِمُ: ذ. ]ع. سَلَمَ= سلامتي [ سليم. صاف دل. شريف. سلامتيءَ وارو. تازو- توانو- تندرست- چڱو ڀلو.

صفا سير سير جي، ڪري سُرت سالم.

(محمد فقير،س ُر بنست، ڪافي-14، ص-161)

  • سامَ: پناهه- اَجهو- اَمانت- اوٽ- بچاءُ- رکيا ڪسڻا- حفاظت- پنارو- حمايت. عيوضو- بدلو- صدقو. (ظرف) وَهيڻو- برابريءَ جهڙو- برابر- لائق- جوڳو- جهڙو- ساڳيو.

سمي جي پئي سامَ، مُهاڻا مخمور ٿيا.

(محمد فقير، بيت-50، ص-271)

  • سامانو: صفت. مانَ مُهت وارو- مانائتو. مقبول.

سُڻايان سُر صفاتيءَ سان، سنباهي ساز سامانو.

(محمد فقير، متفرقه ڪلام، ص-241)

  • سامِي: سوامي- هندو فقير. فقيرن جو هڪ قسم. سالڪ- سنت. فقير- درويش- الله لوڪ- گيڙو رتا ڪپڙا پائي گهمندر فقير. جوڳي- بيراڳي- آڌوتي.

سامي سانڍي سُور، هليا ويا هنگلاج ڏي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-1، ص-191)

  • سانڊا: سانڊو. ذ. ڪرڙي وانگي سُرندڙ جانور جو هڪ قسم.

ويڙهه ڪرين ٿو سِڙهه وانگون، سانڊا ٻَڌا سور.

(محمود فقير، گنگو، ص-106)

  • سانڍ: سانڍڻ. مصدر. ]سن. سند. بچائي رکڻ [ سنڀالڻ- سنڀال لَهڻ- تاتڻ- رکڻ- ڌرڻ. بچائڻ- حفاظت سان رکڻ. خبرداري ڪرڻ. رکي ڇڏڻ. لڪائڻ.

فڪر فيراقي فن دا، سانڍ سيني وچ سارا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-38، ص-89)

  • سانگا: واحد. سانگو. سُٺو سبب- پورو وجهه- پورو ٽِڻُ- پورو وقت- پوري مهل- وقت سِر. ڪاروبارَ ڪوٺي- ڪم. واسطو- لاڳاپو. آسرو- اميد.

سڀ سٽي سانگا صفاتي، صاف ٿي سورهيه سخي.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-2، ص-199)

  • سانگَ سَجايا: سانگ سجايو ڪرڻ يا ٿيڻ. ڪو ڪم خير خوبيءَ سان پورو ٿيڻ يا ڪرڻ.

بُلند بانگ، طلب تانگهه، ڪيا سانگ سجايا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي ڪافي-72، ص-49)

  • سانگي: واسطي- سبب- ڪارڻ.

شوق دي شاهي شور، آيا ماهِي ميڏي سانگي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-13، ص-196)

  • سائو: سائي رنگ جو ڍڳو. ڍڳي جو هڪ قسم.

بگو ڍڳو بيسُرو، سائو سرڪاري.

(محمود فقير، خيري، ص-133)

  • سُبحانُ: ذ ]ع. سَبَحَ= هُو پاڪ ٿيو  [ پاڪ- قُدوس- مُبرا. خدا پاڪ جو صفاتي نالو. تعريف ڪيل- ثنا جو لائق- ساراهه جو مستحق.

سارو سينگار سمجهي، سُبحان سِر چوان ٿو.

محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-10، ص-112)

  • سُبحاني ما اعظم شالي: ڇا ته منهنجو اعليٰ شان آهي. بايزيد بسطامي رح جو بي خُوديءَ ۾ هنيل نعرو .

سُبحاني ما اعظم شاني، اُلٽو اُلٽ اآلائين ٿو.

(محمد فقير، سُر ڪوهياري، ڪافي-7، ص-184)

  • سَبِيلَ: ث. ]ع. واٽ [ راههَ- واٽ- رستو- سڙڪ- پيچرو- گس. طريقو. تدبير. صورت. بندوبست. وقف. خداڪارڻ. پيارڻ لاءِ پاڻي يا کير- خيرات. سچي- خالص. (صفت) ڳَپل- جال- ٻَهون- سرس. دستور- چال- ڍنگ- هلت.

سُڃائي سبيل، سِر ڏين ٿا سونهن ۾.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-258)

  • سَتُ: ذ. سچ- سچائي- حقيقت. سيل- پاڪدامني- عصمت- لڄ- شرم- پردو- حيا. ويساهه- ڀروسو- مضبوطي- پڪائي. اِستحڪام. سُلڇڻ- گڻ- خاصيت- وصف. نِچوڙ- مغز- جوهر- عرق- يقين. لب لباب- اصل روح.

ثابت ٿيو سَت، اَناالحق آواز جو.

(محمد فقير، بيت-155، ص-282)

  • سَتا: ث. ستيا- زور. سگهه- توفيق.

شه شهادت شاد ڪيڙو، سَتا شغل جو شرفدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • سَتار: ذ. صفت. ]ع. سَتَر= هُن ڍڪيو [ ستر رکندڙ- عيب ڍڪيندڙ. ٻاجهارو (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

صدق ڪران مين سِر سارا، ميڪون قسم هي ستار دا.

(محمود فقير، ڪافي-85، ص-32)

صورت سُرخ سينگاري سُهڻي، سُخن جي سچائي ستار سلي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • سَتارِي: ث. ڍَڪُ- پرده پوشي. رحم.

عشق ’محمد‘ اُلٽ اشاري، صورت والي صاف ستاري،

مچ مئي دِي موج مڇائي هي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-49، ص-94)

  • سِتارون: واحد. سِتارَ. ث. ]ف. سي= تي+ تار= ٽن تندن وارو ساز [ هڪ قسم جو ساز- (ٽن، ستن، يارهن، ايڪيهن) تندن وارو ساز.

سڀئي ساز سِتارون سُرندا، سرگم سُر سمجهايان ٿو.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-7، ص-169)

  • سَتُ سَنگُ: ذ. چڱن جي سنگت- نيڪ ماڻهن جي صحبت.

سُونهن سارِي سِرڪِي، گائون ست سنگ ڪو.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-8، ص-104)

  • سَتگُرُ: ذ. ]سن. ست = سڄو + گرو= مرشد [ سچو مرشد مرشد ڪامل.

تين گرام سُرودي سرگم، ستگر سِر سمجهائي هُون.

(محمد فقير، سُر ڀونپالي، ڪافي-2، ص-54)

  • سَتوگَنُ: ]هه. سَتُوَه گَنُ [ قيومي صفت. بقا (مند فنا)

رجوگن تموگن ستوگن سي گائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-172)

  • سَتيان: واحد. سَتِي. ث. صفت ]سن. سَتِي= پاڪدامن [ گُڻائتي- سُلڇڻي- سُتر واري- سچي- ثابت قدم- وفادار. گناهن کان آجي. پاڻ کي مڙس سان گڏ ساڙيندڙ عورت (هندڪي رواج موجب ).

سَتيان ڏيوَن مَتيان مينُون، سُرت ڀريان ڪي سهيلڙيان.

(محمود فقير، بيت، ص-95)

  • سُتِي: ث. سِپي- سُتئڙو- سِپَ. ڪوڏيءَ جو هڪ قسم. ڦَڪي- دوا جو وزن.

پيتي اٿم پريت مان، ڪا صُحبت جي سُتي.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • سَٽِ: ڇڏ- اُڇل. پري ڪر.

مال مايا، سَٽِ اَجايا، چا اِٿون ڳئي هٿ ٺهلي.

(محمود فقير، ڪافي-53، ص-79)

  • سٽڪي: سٽڪو. ذ. ڌڪن جو آواز- ڦهڪو. ڪُٽَ. ڪپڙن کي ڌوئڻ مهل زور سان ڌڪن هڻڻ جو آواز- ڦهڪو. مينهن جو آواز.

سيف صورت جي سٽڪي، جوش جلالي جَهٽڪي.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪفي-2، ص-105)

  • سَٽي: مصدر. سَٽڻ. اُڇلڻ- اُڇلائڻ- ڦٽو ڪرڻ- اميد وڃائڻ. دَسڻ- ڪيرائڻ- ڪيرڻ. ڌڪو ڏيڻ. ڇڪڻ- سٽ ڏيڻ.

سڀ سٽي سانگا صفاتي، صاف ٿي سورهيه سخي.

(محمد فقير، سر درباري ڪانرو، ڪافي-2، ص-199)

  • سَپُ: ذ. ]سن. سَرپ= نانگ [ زهريلي بلا جو هڪ قسم- نانگ- بلا.

موکيءَ واري مٽ ۾، ڪئين سُوڻا سَپَ.

(محمد فقير، بيت-99، ص-272)

    زلف بشير ڀالي، هن سنگ چُور سَپ ڪالي

                                                                                                                                    (محمد فقير، ڪافي- 57 ص-81)

  • سِپَرَ: ث. ]ف [ ڍالَ- کيڙي- ڍَڪُ- پردو- پوش پناهه- روڪ- بچاءُ- آڙ- جهل. حمايت- چُٽڻ لاءِ نشان.

تکي چائي کڙا هئي تَبَر، اڳون سينا ڪرتون سِپر.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-146)

سورهيه سِپر سينو ڪري، سجدي صحي سر کي ڌري.

(محمد فقير، سُر بهاگ، ڪافي-10، ص-59)

  • سُجاتو: سُجات. صفت. ]سن. سُ= چڱو+ جات= ذات[ چڱي ذات وارو. خانداني. اُتم گهراڻي جو.

آهين سردار جو سُجاتو، دُولهه پير لاهي هي درد.

(محمد فقير، ڪافي-73، ص-97)

  • سُجاڳي: ث. بيداري- هوشياري- خبرداري- چُوڪسي.

سِر سُوري سيج سُهاڳي، ڪر سِر دِي سُجاڳي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي59، ص-98)

  • سُجانِي: سُجان. ڏسو ’سُجاتو‘.

آپ گنواڪي آپ پڇاني، صُوفي سُرت سُجاني، آتم گياني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • سُڃَ: ث. ]سن. شونيهَ=سُڃَ [ اُجاڙ- ويراني- ڀينگ- تباهي- اَرَءُ- رڻ.

اوري ڇڏ سُڃ، وسئون کان وهي ويا.

(محمد فقير، بيت-176، ص-284)

  • سَڃَڻُ: مصدر. ]سن. سنڌَن [ آڇڻ. نذرانو ڏيڻ- ڏيڻ- بخشش- عطا ڪرڻ- شست ٻڌڻِ- ڪشش- نشان ڪرڻ.

سِر جو ساٿ سَڃڻ، وحدت طرف وڃڻ.

(محمد فقير، سر ڀيروي، ڪافي-69، ص-47)

  • سُچَرُ: ذ. ]سن. سُ= چڱي طرح+ چَوُ= چرڻ [گهڻو کائيندڙ- پيٽ ڀري کائيندڙ- چاروڪڙ- وڏو قُوتو. (ضد. ڏُچر)

ابلق لک گهوڙا ڏِتس هزارا، سُوڌا سُچر ميا متارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-103)

  • سُخنات: واحد. سُخنُ. ذ ]ف [ وائي- ڪهڻي- چوڻي- ڪلام. ڳالهه- گفتار- ذڪر- گفتگو. تقرير- وعدو- انجام- قول- اقرار- عهد- وچن- ٻولُ- زبان. شعر- نظم.

احباب ارباب القاب احمر، اسمات جسمات سُخنات سرور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-38)

  • سِڌانِي: سڌانتُ. ذ. ]سن. سڌانت [اصول- متو- حاصل مطلب. دليل کان پوءِ ثابت ڪيل سچ.

ڪرم ڪُل ويدانِي، اُپاشن سِڌانِي.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-173)

  • سُڌاني: ]هه. سُڌان [ساٿي- همراهه.

ڪرون گيان سَروَن مها واڪ مذنن،

نرجن نڌياسن ساکياتي سڌاني.

(محمد فقير، سر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • سَڌُن: واحد. سَڌَت. ث. خواهش- ذوق- چاهه- دل- مرضي- تمنا- آرزو- منشا. دل جي مُراد- مقصد- سڌائڻ- سڌ ڪرڻ.

ساغر جي سينگار سان، سٽي سانگ سڌن.

(محمد فقير، بيت-89، ص-275)

  • سُڌيرُ: ذ. صفت. ]سن. سڌير. س= چڱو+ ڌيرُ= سياڻو [ صابر- کمندڙ- ڌيرائتو- بردبار. ڏاهو- اڪابر- سياڻو- سچيت- سمجهو.

’محمد‘ مير، صاف سُڌير، بي نظير هَڻ نوبت.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • سَربَرُ: ذ. ]ف. سَر= مٿو+ بر < بُردن= کڻڻ [ اڳواڻ- مهندار.

رمزان لائي رنگ ٿي رهبر، صاف صورت جي سهڻي سربر.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • سُرت: ث. ]سن. سُمرتي [ سمجهه- عقل- هوش- پُرجهه- ٻوجهه- شعور- يادگيري- ڄاڻ- خبر- سُڌ- سماءُ- ڌيان- خيال- توجهه- سوچ- ياد- حافظو- چيتو- هوشياري- ذهن.

سُرت نِرت وِچ صورت سِردِي، گام گگن دي گياني گُردِي.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-15، ص-74)

رَن ترت تيڪون ڪائي سُرت نهين، اڄ ڏرت نغارا ڌوم وڄي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-111)

  • سُرتِي: ڏسو . ’سُرت‘.

سُرتي نِرتي ساري، عُشاقي اظهاري.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-39، ص-30)

  • سَرپُ: نانگ (شاعر مطابق) عشق جو نانگ. محبت جي بلا.

ناب سي نام اُٺا يامين، ساس سرپ سمايا مين.

(محمد فقير، سر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • سُرخو: ذ. گهوڙي جو هڪ قسم.، رنگ اڇو، بُت تي ٿورا چٽ. سُرخي رنگ (حقيقي رنگ اڇاڻ تي مائل) جو گهوڙو. هن جا ڪيئن قسم آهن. 1. شرٻي سُرخو (ڳاڙهيرو سُرخو) 2. نيرو سُرخو. 3. سياه سرخو. 4 گلزار سُرخو.

رنگ سُرخو زور ڀلو، بور گهوڙو ڏينم کڻي،

پيرين پنڌ ، رُلي رند، آيس هام هڻي.

(محمود فقير، ڪافي-46، ص-71)

  • سُرخرو: ذ. صفت. ]ف. سُرخ+ رُو= مُنهن [ لال منهن وارو. آبرو وارو- مانائتو- عزت وارو- معزز، مقبول- اگهيل. عزيز. نامور. فتحمند- ڪامياب. فخر ڪرڻ وارو.

ٿيا سُرخرو، صوفي صورت ساڻ.

(محمد فقير، بيت-162، ص-182)

  • سَرِڙِ: سَرِڙ ٻَرِڙِ. ظرف. تڙ تڪڙ- جهٽ پٽ- اُمالڪ.

سرڙ سامونڊي، ارڙ ڀٽارا، ناميل نرڙ نغارا.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-102)

  • سَرسُ: ذ. صفت. سوايو- وڌيڪ- سُنوالو- زياده. سَجيههُ- سرسو. گهڻو- هيڪاندو- جهجهو- ٻَهُون- مٿيون- برتر.

’محمد‘ وچ ميزان ميثاقي، عشق عجائب ٿي اوطاقي،

سهڻي سُرڪ پلائي، سرس سوائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • سرسو: ڏسو. ’سرس‘.

سرهو سرسو ساهه سخي ڪيو، ساغر سان سهڻل.

(محمد فقير، سر پيلو، ڪافي-21، ص-118)

  • سَرشارُ: ظرف. ]ف. سَر= مٿو+ شار< شوريدن= وهڻ [ مخمور- مستيءَ ۾ مست- نشي ۾ چور- موج ۾- متوالو. لبريز- ڀريل- مالامال- مُنهان منهن. پُر.

شاهن شاهه شڪار ڪريندا، سڪندر سرشار.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • سِرشٽ: ث. ]سن. سريشٽ, سرج= خلقڻ [جڳت- سنسار- ڪائنات- زمانو- زمين. پرٿوي. خلقت- مخلوقات.

بلهي شاهه ارداس گلاب، سِرشٽ ديا نند ٻُڌ پرتاب.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • سَرڪَش: ذ. صفت. ]ف. سَر+ ڪش < ڪشيدن= ڇڪڻ[ حڪم عدولي ڪندڙ. باغي- نافرمان. سرزور- سَرڦريو- فسادي- جهڳڙالو- خالي. مغرور.

سڀ ۾ سمايو سُهڻو، سينگار ساز سُر سان،

سرڪش ڪري سيني کي، ساهي ڪنهن کي سُڻايان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-50، ص-36)

  • سُرڪَ: ڍُڪ- چُڪو- ٻُٽو- ذرو- ٿورو.

فالم ٿي في الحال، سر ڏي پيوَن سُرڪ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-40، ص-90)

  • سَرگَمُ: ذ. ستن سُرن جو لاهه چاڙهه- آواز جي ستن پدن تي سُر ۽ لَئي جو اُتار ۽ چاڙهه. آواز جي لاهي ۽ چاڙهيءَ جا ست ڏاڪا. (1) سا (2) ري (3) گَ (4) مَ (5) پَ (6) ڌ (7) ني. جنهن ۾ ((1) سا= سهرج (2) ري = رکب (3) گَ = گنڌار (4) مَ = مڌم (5) پَ = پنجر (6) ڌَ = ڌيوت (7) ني= نکاد).

تين گرامي سَرو دي سرگم، ستگر سُر سمجهائيي هُون.

(محمد فقير، سُر ڀونپالي، ڪافي-2، ص-54)

  • سُرمان: واحد. سُرمو. ذ. اکين ۾ پائڻ جو ڪاري رنگ جو پٿر- سوئيرو- انجن.

مين ته ڪَپ گهتئين، شل تپ آوئي،

سُر مان لَپ پاءِ گهمين ڀيڄ ڀني.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • سَرمَد: ذ. صفت. ]ع. سَرَمَدُ= بقادار [ دائم- قائم- هميشه- پيوسته- رهڻ وارو- دائمي- غير فاني. قاصر لايزال. جنهن جي ابتدا ۽ انتها نه هجي. خدا تعاليٰ .

سرمد دا سِر عشق ڪٽايا،

محبت دي ميدان، پڌر پِڙ وِڄ پير ڀريندا.

(محمد فقير،س ُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • سُرندا: واحد. سُرندو. ]سن. سوَرَه= آواز [ گهڻين تندن وارو ساز (اٺن نون تندن تائين، جن ۾ هڪ رودو چم جي پٽي جو).

سڀئي ساز سيتارون سُرندا، سرگم سُر سمجهايان ٿو.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-7، ص-169)

  • سُرنجَن: ]هه، سُرُجَنُ [ عزت وارو- دلربا- محبوب.

سُرت نِرت ۾ سُندر سُرنجن، سرگم سُر سامان هرِي ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-7، ص-176)

  • سَريجن: واحد. سَريجَ. ث. ]سن. سَريجنُ= پيدا ڪندڙ[ سِرجڻ جي حالت- پيدا ٿيڻ جي حالت. گاهه گلڪاريءَ جو ڦوٽهڙو. پيدا ڪندڙ- ٺاهيندڙ- بنائيندڙ.

کول سُرودي ساز سَريجن، وديا واڪ ويراڳي ورنن.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • سَروُ: ذ. هڪ ڊگهي، سڌي ۽ سهڻي وڻ جو نالو.

سَروُ صنوبر سورج سُوسن، گهليئي گل گلابي گلشن.

(محمد فقير، سر بسنت، ڪافي-6، ص-168)

  • سَروانُ: ذ. ]ف. ساريان= سُرار [ اڳواڻ- مهندار- قافله ڌڻي- ساروان- جَتُ. رهبر. مُرشد.

قربان وڃان مهربان اُتون، سروان سڄي ٽولي.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • سَرُوپُ: ذ. صفت. ]سن. سروپ. س= سان+ رُوپ= شڪل [ چهرو- مهانڊو- روءِ- منهن جو پنو- ڏيک- شڪل- روپ- صورت. ڊؤل- آڪارُ- نمونو. حالت. درجو. حسين- سهڻو- شڪيل- خوبصورت.

رُوپ سُروپ اَنوپ اَنيڪي، آد پُرش ڌُن ڌيانِي ري.

(محمد فقير، سورڪو ڪونسيه، ڪافي-1، ص-175)

  • سَروَرُ: (اسم خاص) مخدوم سرور نوح هالائي رحه.[5]

سُبحان صاف صورت، سرور فقير ڪِي،

لاخوف خود خبر هي، خوشتر فقير ڪِي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-47، ص-146)

  • سَروُنَ: ث. صفت. طاقت واري- وڌندڙ. سُردُ.

سرون گيان مَنَن نِڌياسن، ساکيا تي سينگار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • سڪر: ]ع [ مستي- بيهوشي- بي خُودي. نشو.

جبل جوشي گنجا ٽڪر، ڇرڪيل ڇتي قابو سڪر.

(محمد فقير، سي حرفي، ص-147)

  • سڱيڻا: واحد. سڱيڻو. ذ. ]سن. سؤڪو [ سڱ وارو- عزازت وارو- عزيز- مِٽُ- مائٽ- رشتيدار- ويجهو- قريب- مڱيل- مائٽي ڪيل.

مُرڪي ٿيا مئي، سڱيڻا سردار سان.

(محمد فقير، بيت-51، ص-271)

  • سَماعُ. ذ. ]ع. سَمع= هن ٻڌو [ ذڪر جي نموني وارو راڳ- روحاني ڪيفيت وارو راڳ.

سومر ڏينهن سماع جو، سهڻو ڪيو سُهاڳ.

(محمد فقير، هفتو-1، ص-262)

  • سَماني: سَمانو: ذ. ]سن. ماڻ= مانُ [ عزت وارو- مانوارو- مانائتو- قانع- صابر- راضي.

کولي سُرخ ساغر صُراحي سماني.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-13، ص-160)

  • سمٰوات: ]ع [ آسمان- اُڀ.

عُشاقن ڪيو عشق کي، اکين ۾ اثبات،

ويساهه وجھ الله ۾، نورالسموات.

(محمد فقير، بيت-29، ص-269)

  • سَمپتِ: ]هه [ ڌن- دولت- ملڪيت.

واڪ وويڪ ويراڳي وِديا، کٽ سمپت برڪار ڪِيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • سَمي: اسم خاص. ڄام تماچي (سمون).

سمي جي سيج ٿي سُرهي، وصل وارن وِهاڻن سان.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • سنباهي: مصدر. سنبائڻ. تيار ڪرڻ. سنڀرائڻ- اُماهڻ- پهرائڻ- ٺاهه ٺوهه ڪرڻ.

سِر سنباهي سورهيه، صادق سنڀري ٿيا ساڄا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-32، ص-26)

  • سنڀائڻ: مصدر. سنڀائڻ سنڀرائڻ- تيار ڪرڻ.

جوڳي سنڌ سنڌ ساز سنڀائن، صاف سُڻائن سِر سبحان.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-7، ص-229)

  • سُنبل: ]ع [ خوشبوءِ دارگاهه جو هڪ قسم- سُرهي مر. گل جو هڪ قسم.

سورج سُهڻا سوسن سنبل، ڪيتي کيل کٽڻهار کِل کِل.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-5، ص-168)

  • سنت: ]هه [ تعظيم- عزت. ساڌو- سنياسي- عابد- پارسا- ولي- عارف- زاهد.

سنت ڪي مهما ويد نه جاني، سنت ڪا ڀيد نيارا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-178)

  • سَنتَرُ: ذ. ]انگ.Centre [ وِچ- مرڪز- اَڌ.

صُراحي سيف جي سنتر، اکين واري اثر اَنتر.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-12، ص-189)

  • سَنجافُ: ذ. ]ف [ ڪناري تي لڳل هڪ قسم جو ڪپڙو. حاشي. گهوڙي جو رنگ جو هڪ قسم- اَبلق کان گهٽ ڪُٻري رنگ جو گهوڙو.

خواب ڏٺي ڪو ثاب پيوسين، صاف سَنجاف ڀٽارا!

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • سَندُرو: ذ. ملهن جي چيلهه سان ٻڌڻ جو ڪپڙو. (سندرو ٻڌڻ) ڪنهن ڪم لاءِ تيار ٿيڻ. همت ٻڌڻ- ڪوشش ڪرڻ.

ڪچائيءَ جي قطري جو پوي ڪونه ٻَرو،

سچائيءَ جو سندرو وزن منجهه ڳرو.

(محمود فقير،، خيري، ص-141)

  • سندري: ڏسو. ’سَندرو‘.

ثابوتي دي ٻڌ ڪي سندري، سُوري سِر چڙهائون، رنگ لائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-31، ص-137)

  • سنڍور: ث. سانڍَ- سنڀال- پرداخت. ميڙ سيڙ. سار.

اپني آپ پَيوسي، ذاتي سنڱ سنڍور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-18، ص-19)

  • سَنرا: واحد. سَنَرو. ذ. صفت. ]سن. سَرَل [ سنرلو- سڌو- کڙو. وفادار- سچو. خوش- سَرهو- سُکي. تندرست- ٺيڪ- توانو. تازو. مضبوط. خوش رُوءِ- کِلمک.

لقائي لياقت، بنرا برابر، سنرا سراسر.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • سَناسِي: ذ. هندو فقيرن جو هڪ ٽولو- تياڳي- رَمتُو- تارڪ- جوڳي.

سنگ سناسي سڪ ۾ ساري ٿا، وحدت واس وٺن.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-1، ص-185)

  • سَنسارُ: ذ. ]سن. سَم= گڏ + سر = سُرڻ[ دنيا- جڳ- جڳت- جهان- عالم- لوڪ- ڪائنات- زمانو.

ڌومن جو ڌڻي صاحب آيو سنسار ۾.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-253)

  • سَنڪَلپُ: ]هه [ دلي ارادو- خواهش- تمنا- پاڪ مقصد.

مرد ’محمد‘ سُرت سُجاني، سنڪلپ و ڪلپ ڌُن ڪاڌياني.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • سَنمُکُ: ظرف. ]سن. سَم= گڏ + مک= مُنهن [ آمهون سامهون- روبرو- مُنهن مُقابل- مُنهَن سامهون- حاضر- موجود. پرتل- ريڌل. دوستاڻو- اخلاص مند. واصل- سُرخرو. سچو- معتبر. حسين- سُهڻو- ملوڪ.

سَنمُک ٿينديس سانگين سان، الله ڪندم اهڙي.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-46)

  • سَنگُ: ساٿ- همراهه- رفيق.

ڪِٿان سُرخ سيف سازي، ڪٿان سنگ سچيندا سچيندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-44، ص-92)

  • سُنگُ: ذ. ٽولي جي سنگت- سٿ. تولو.

’لا‘ جا لائي لُنگ، دُرس پي مئي دُنگ،

ڪري سيفي سُنگ، ثابوتي سلطان.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪفي-10، ص-71)

  • سَنگ چُور: ذ. نانگ جي هڪ ذات.

زلف بشيهر ڀالي، هِن سنگ چُور سپ ڪالي.

(محمود فقير، ڪافي-57، ص-81)

  • سنگِي: ذ. ساٿ وارو- ساٿي- همراهه- رفيق.

سهڻا سُهاڳ سنگِي، ثابت صفا صحن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • سَنگينان: واحد سَنگِين. ث. هٿيار جو هڪ قسم- رائيفل جي مُنهَن ۾ پيل خنجر. سنهي ڪاتي- ڪِٽار.

اَبرو سيف سنگينان ڀالي، گهُوران دي گمسان،

درسن والي دم دم ويهِي.

(محمد فقير، ڪافي-1، سُر آسا، ص-1)

  • سَنگهِي: سنگهو. ذ. مرون جو نيش يا ڏند- ڪات. سڱ- شاخ. قرن. وَڄُ جمع وَڄَ. سوئر جا تکا ڏند، جن سان وڙهندو آهي.

کس دا آوندا گس دا گانڊو،

سوئر وانگون ڪڍ سنگهي.

(محمود فقير، بيت، ص-95)

  • سَنڱُ: ذ. مائٽي- عزازت- مِٽاچاري- ناتو- سُٻنڌ- نسبت- تعلق- رستو- لاڳاپو- سڳائي. عزازت- رشتيداري- مِٽي.

اپني آپ وِچ آپ پَيوسي، ذاتي سنڱ سنڍور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-18، ص-19)

  • سُوتُ: ذ. تمام ٿورو ذرو. انچ جو ڏهون حصو.

بچل ري منان ڀيڏي ڀَن سان، سٽ ڪڍ سي سُوت.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • سُوجَهه: ث. جوت- نظر- بينائي- بصارت. نرت- نگاهه- دِيد. اِوراڪ- سمجهه- ٻوجهه. انديشو- خيال- ويچار. ڳول- چڪاس- جانچ- کوج- نهار. جوڙجهڪ. مطلب- مراد- مقصد- ارادو- نيت.

اَلاِنساني برقعو پايم، سُرت سيني ۾ سُوجهه،

نظر ۾ ڏس نواز منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-9، ص-5)

  • سُودُ: ذ. ]ف [ فائدو- نفعو- متي- اُپت- کٽيو- پراپت- لاڀ- اُپراسو- ڀلائي- چڱائي. وياج.

ساغر صُراحي  ساز سان، سارو سراسر سُود تون.

(محمد فقير، سُر بهاگ، ڪافي-12، ص-60)

  • سُوڌا: واحد. سُوڌو. ذ. سِڌو- سنئون- سنئون سڌو. سُبتو. اُڀو- کڙو. ٺيڪ- برابر- درست- صحيح- پورو- بچاءِ. سهڻو- حسين- خوبصورت. عاقل- سياڻو- سَمجُهو. جفاڪش- محنتي- چُست- چالاڪ. پاڪ صاف- اڇو اُجرو. (حرف جر) ساڻ- گڏ- سميت- ڪٺو- مليل. تائين- هيستائين- جيستائين.

ابلق لک گهوڙا ڏتس هزارا،

سُوڌا سُچر ميا متارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-103)

  • سُورُ: ذ. ]سن. شُول= تڪليف [ تڪليف- درد- ايذاءُ- ڏک- پيڙا- رنج. جاکوڙ- ڪشالو- ڪشت. افسوس- ارمان- غم- الم.

صورت جي سينگار سان، سنڀري چارِن سُور.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-249)

  • سُورِي: ث. ]سن. شُول= ڦاهي. درد [ ڦاسي- ڦاهي- سُولي- موت جي سزا.

سُهڻِي سُرخ سيج تي، سُوري جي سرانجام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-50، ص-95)

  • سوزُ: ذ. ]ف. سوز > سوختن= ساڙڻ[ ساڙو- جلڻ- پڄر- درد- ڏک- غم- زاري- گريه.

سنڌ سنڌ سرسو سوز ٿيو، ڪري ڪاهه وڪاهه.

(محمد فقير، بيت-223، ص-289)

  • سوسَنُ: ذ. ]ف [آسماني ۽ ڦڪي رنگ تي هڪ قسم جو گل- نرگس جو قسم. زبان جي شڪل تي هڪ گل جو قسم. ڦِڪو رنگ- هيڊو- زردو- پيلو.

سورج سُهڻا سُوسن سنبل، ڪيتي کيل کٽڻهر کِل کِل.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-5، ص-168)

  • سوغاتِي: ث. صفت. ناياب- اَملهه- خاص. عمده- پسنديده- وڻندڙ- سهڻو- سُٺو- لطيف. تحفي ۾ ڏنل.

عشق اوقاتي، سِر سوغاتي، پئون ٻارهن پورا ڍار.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-54، ص-96)

  • سونٽا: واحد. سونٽو. ذ. ڌُڪو- ڏنڊو- سوٽو- ٿلهي لٺ- بانٺو.

مقدار تيڏا جيوين پاڻي ڦوٽا، مين ته مار سونٽا،

تيڏا ساهه نيوان.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • سُهاڳُ: ذ. ]سن. سڀاڳيه: سُ= چڱو+ ڀاڳيه= ڀاڳ[ سڀاڳ- بخت. ڀاڳ- خوشحالي. سُٺي قسمت- پيار- قرب- محبت. مڙس جو پرڻي وارو پيار- مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳَهه (نٿ، بولو. مانگهه، ڪوڪو وغيره).

رقص راڳ، سِر سُهاڳ، بلند ڀاڳ بقائي.

(محمد فقير، سُر سهڻي، ڪافي-2، ص-204)

  • سُهاڳِي: ث. سُهاڳڻ- مڙس واري- وَر واري. بخت واري.

سِر سُوري سيج سُهاڳي، ڪر سِر دِي سُرخ سُجاڳي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • سَهرا: واحد. سَهرو. ذ ]سن. شَڪا= تعريف جو گيت [ شاديءَ جي وقت گهوٽ جي مٿي تي ٻڌڻ ۾ ايندڙ موڙ- مُٽَڪُ- مُڪَٽ. شاديءَ جو راڳ- ڳيچ- لاڏو- ڳاچ،

لڳي ’لا‘ دِي لامي، سمجهه ويکين سهرا،

چشماندا چهرا.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-243)

سين سهڻي ٻڌ، هتي سهرا،

ڏٺم دلبر داوڃ ديرا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-145)

  • سُهمان: مصدر. سُهمان سهڻ. طعنا برداشت ڪرڻ. ڇينڀون جهلڻ- ڇڙٻون جهلڻ. (طعنا، مهڻا، ڇڙٻون- ڇينپون.

پڪا پور پهڻ، سَهمان سور سهڻ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-69، ص-47)

برسر مهڻا ’محمود‘ بديون سُهِمان ڌار سهن

(محمود فقير، ڪافي، 10، ص، 50)

  • سَهنج: ذ. ]هه. يسهج [ سولائي- سهولت- آساني. آرام. سُک- فرحت- آسائش.

تکي تار، مان اُڪار، ٻيڙا پار پرور.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-46)

  • سرءُ: (اسم خاص) سال جي مندن مان هڪ مُند جو نالو- خزان (سرءُ جو تپ- مليريا جي بيماري- موسمي بخار مڇرن کان) ڏنگين وارا لفظ سرءُ جي مند سان لاڳاپيل ضرور آهن، پر معنائون نه آهن.

سرءُ آهي ملڪ ۾، ٻيو تپ رو وايو.

(محمود فقير، گنگو، ص-105)

  • سيبايا: سيباڻو. ذ. ]سن. شوڀن=سُونهن [ وڻيل- پسند ٿيل- مناسب لائق- ٺهندڙ – دل گهريو- خواهان- سيبڻ- سُهائڻ- چُڳائڻ. سونهندڙ- جڳائيندڙ.

اجهي اوٺي آيا، سيني منجهه سيبابا.

(محمود فقير، ڪافي-18، ص-55)

  • سِيتا: اسم خاص. ]سن [ راجا جنڪ جي ڌيءَ ۽ رام جي زال جو نالو.

اوم اونڪاري آدانت هي، لڇمن سيتا رام هَرِي.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-14، ص-179)

  • سيجَ: ث. ]سن. شَيا< شي= سمهڻ [ شاديءَ وقت گهوٽ ڪنوار لاءِ ٺاهيل پلنگ- سينگاريل بستر. پلنگ- ڇپرکٽ.

سِر سُوري سيج سُهاڳي، ڪرسِر دِي سُرخ سُجاڳي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • سِيسُ: ذ. ]سن. شيرش= سِرُ [ سرِي- سِسي- ساهه.

سرمد وانگي سيس ڪٽاڪي، اڳتي وِک وڌاوين، هٿ لاوين.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-32، ص-138)

  • سيف: ث. ]ع. سيف= ترار [ ترار- تلوار- شمشير- صمصام- قمقام- سڪيلي- تيغ- سَرواهي.

ابروسيف سنگينان ڀالي، گهُوران دي گمسان،

درسن والي دم دم ديهِي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1، ص-1)

  • سيفل: ذ. جيل جو هڪ ٻوٽو جنهن جو اڪثر ماڻهو ٻوڙ رڌين. سيف الملوڪ (اسم خاص) ۽ گل بڪاوليءَ جو قصو.

سيفل کي سنڀالي پڪاري پري،

منهنجي دل ڌُتاري چوري ڪيئون چري.

(محمود فقير، ڪافي-28، ص-60)

  • سيفي: ذ. صف. اڇو- صفا- اُجرو- سچار.

’لا‘ جا لائي لُنگ، دُرسي پي مئي دُنگ،

ڪري سيفي سُگهه، ٿابوتي سلطان.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-10، ص-71)

  • سيلانُ: ذ. مسافري- سفر- ڪَههَ- وڏو چڪر.

پئيمان پُرڪا، سيلان سُرڪا، باني بياني.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-8، ص-174)

  • سيلاني: ذ. صفت سير ڪندڙ- گهمندڙ- سياح. مسافر- پانڌيئڙو. واٽهڙو- گهومو- رمتو.

سير ’محمد‘ ٿابت ڪيتا، ساڪن ٿي سيلاني، سِر سُبحاني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-38، ص-189)

  • سيلهه: ذ. ]شولم= ڪنڊو [ وڏو ڪنڊو (_ٻٻر جو، کجيءَ جو ڪنڊو).

سُور تنهين جا گهُور اندر ۾ سيلهه چُڀن سؤ وار.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-62)

  • سيلها: ڏسو. ’سيلهه‘.

سورهين ڏينهن ڏٺوسي سهڻا، سڙڪ لڳا وِچ سيلها.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-121)

  • سينڌ: مصدر. سينڌ ڏيڻ- عورت جو ڪنهن کي وعدو ڏيڻ. اقرار ڪرڻ. پڪ خاطري ڏيڻ.

هاڻي سينڌن ڏين ٿي سچ، ته تون سونهين ٿي سانگهڙ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • سينهوڙيون: سينهُو. ذ. اڳڙين وغيره ٺهيل گول موڙو- سينهوڙو- سينهي- سيَنهن- موٽڙي.

سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، سي جنهور جيئن جهرڪن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • سينئرا: پگهر جا سنها قطرا. منهن تي ماتا جا ڇڏيل سنها نشان.

سنها سينئرا، منهن سهڻو، پاڪ پيشاني.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ش

  • شاب: ذ. ]ع [ جوان- ڳڀرو- لاسڙياٽ- نوجوان.

شاهي شابُ، پي شراب، برهه باب پڙهايو.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-21، ص-165)

  • شادُ: ذ. صفت ]ف. شاد= خوش [ خوش و خورم- خوش حال- بافرحت. خوش- سرهو- بهادر- نِهال- سُکِي- آسودو- شُڀُ- مزي ۾. ممنون- پَرسن.

شھ شهادت شاد ڪيڙو، ستا شغل جو شرفدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • شادان: ذ. صفت. خوش- سَرهو / بهادر.

شمشير شان شفقت، شاهي شِفا شِفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • شارِڪُ: ذ. صفت ]ع. شرَڪَ= ڀاڱا ڪرڻ [خدا سان ٻيو شريڪ ڪندڙ- شرڪ ڪندڙ- مُشرڪ هڪ خطرناڪ مڇيءَ جو قسم.

ڇڏي شرڪ شرارت شارڪ شڪ، لهي لاحد وارو لائق لَڪُ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • شاستر: ذ. ]سن. ساشَتَرَ= هدايت جو ڪتاب [ پُستڪ- ڪتاب. هندن جو ڌرمي ڪتاب. متن جو ڪتاب- قانون جو ڪتاب. پستڪ، پوئي.

ويدون سي کُٽ شاستر شُد هُون، ڀيد برهم بيدار ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • شاطِرُ: ذ. صفت ]ع [ شوخ- چالاڪ- اٽڪلي- چُست. قاصد.

شان شفقت شعربازي، شرف شم شغلات جا،

ٿو ڪري شاطر شتابي، شوق شاهي شاد سان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-53)

  • شاغل: ]ع [ مشغول- رُڌل- پنهنجي ڪم ۾ مصروف. (شغل، مشاغل، شاغل).

شاغل شجاعي شوق ڪر بشملا ٻڌا  شهه شان دا.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • شافِعُ: ذ.، صفت ]ع. شفع= مدد ڪرڻ [ شفاعت ڪندڙ- ڇڏائيندڙ- بچائيندڙ- شفيع. سفارشي.

حَسن حُسين امام زماني، شافع رب ستارا.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • شاڪر: ]ع [ شڪرگذار- شڪر ڪرڻ وارو.

شاڪر شوق جا، شوريل شرابي.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-250)

  • شاهه عنايت صوفي: اسم خاص. سنڌ جو مشهور بزرگ، شهيد شاهه عنايت.[6]1

شاهه عنايت صوفي وانگي، نيزي سِر چڙهاوين، هٿ لاوين.

پڇي عشق آفات ڪُون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-32، ص-138)

  • شاههِ مَردان: حضرت علي ڪرم الله وجهه جو لقب. هتي محمد فقير پنهنجي مرشد سيد شاهه مردان شاهه راشديءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي.[7]1

شاههِ مردان شيرِ يزدان، شمس العلماءُ شاندار،

شوق جي شادي شفيع ڪئي، عشق واري آشڪار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • شب خور: رات جو اٿندڙ- رات جو جاڳندڙ. اکين جي هڪ بيماري (ماڻهو رات جو ڏسي نه سگهندو آهي.

مڙس ڏُون زالين والا، جهوٽ ٻهندائين شب خور انڌا.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • شَبدُ: ذ. ]سن. شَبَدُ= چوڻي [ آواز- صدا. سُر .اکر- لفظ- جملو. چوڻي- چَوَڪَ- چيل شعر. راڳ. ڀڄن- ڪيرتن. نصيحت واري چوڻي- ٻول- وچن- اُپديش- نڪته شعر ۾ بيان ڪيل.

اوهنگ سوهنگ شبد سُنائون، صاحب سُر سُجان هِري ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-7، ص-176)

  • شبهاتُ: شبهو. ذ. ]ع [ گُمان- شڪ- وهم- شبهو.

شڪ ۽ شُبهات ”محمد“، ڇوڙ ڳئي سارا صحي،

آپ ٿيا اظهار انور.

(محمد فقير، سر راڻو، ڪافي-1، ص-232)

  • شيري: شبير. حضرت امام حسن عه.

شاهنشاهي شان جهيندا، پڌرا پيري شبيري بي نظيري.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-35، ص-139)

  • شِتابُ: ذ. ظرف. ]ف [ تڪڙو- جلد- جلدي- يڪدم- تڪڙ ۾- ٺَهه ڦَهه- ترت- جهٽ پٽ- فوراً. سگهائي- سيگهه- جلدائي.

ناز نقاب، کول شتاب، جوڙ جواب جسماتي،

مزگان موج، فهم فوج، ڪر ڪي اوج آسماتي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-65، ص-44)

  • شُجاعُ: ذ. صفت. ]ع [ بهادر- پهلوان- سورمون- سورهيه- دلير- ٻَلوان.

شاهنشاهي شور سان، شُجاع ٿي شتاب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

  • شُجاعَتَ: ث. دليري- بهادري- سورهيائي- مڙسي- مردانگي.

شاهه حسن ڪي شور شاهي، شمع تي سرشار هو،

شان شفقت ڪر شُجاعت، شعر ڪا شمار هو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • شَجَرُ: ذ. ]ع [ درخت- وڻ.

تنهنجا مطيع شمس و قمر، ماڻهو مَلڪ جن و بشر،

ارض و سماء تارا شجر، توڙي گداگر ڇا امير.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-24، ص-67)

  • شَدَ: ث. ]ع. شَدَ= سخت ڪرڻ [ (لفظ جي) پد تي زور- دٻاءُ- تاڪيد لفظي. اُچار جو هڪ قسم. ڪنهن لفظ ۾ هڪ جهڙن ٻن اکرن جو لاڳيتو اچڻ ڪري ٻيئي ۾ ضم ڪري مٿان ڏنل نشاني.

ڪون جزم شد پيش پڙهيندا،

ڪون سوري سردار چڙهيندا،

ڪون قتل ڪنڌ ڪات اناالحق.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-8، ص-150)

  • شُده: شُد. ذ. ]سن. شُڌِ= صاف [ صفا- نج- شُڌُ. ثابت- مقرر.

ويدون سي کُٽ شاستر شده هُون،

ڀيد برهه بيدار ڪا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • شَرارَتَ: ث. ]ع [ بَدي- برائي- بچڙائي- شيطانيت- بدمعاشي. کيچل- مسخري- حرڪت- چترائي- لُچائي. خُلم- نقصان.

ڇڏي شرڪ شرارت شارڪ شڪ،

لهي لاحد وارو لڪ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • شَرَحَ: ث. ]ع. شرح< شَرَحَ = کولڻ [ سمجهاڻي- معنيٰ- مطلب- حاشيه- تفسير- نرواري- تشريح- بيان- اظهار.

شان شفقت جي شرح جو، ڇا ڪندو شاعر شمار،

شھ شهادت شاد ڪيڙو، ستا شغل جو شرفدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • شرف: ]ع [ وڏائي- بزرگي. عظمت- عزت- مان- مرتبو.

شان شفقت شعربازي، شرف شم شغلات جا،

ٿو ڪري شاطر شتابي، شوق شاهي شاد سان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-53)

  • شِرڪ: ذ. ]ع. شرڪ= حصا ڪرڻ- ورهائڻ [خدا جي ذات پاڪ ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ. ڪفر. خدا سان ڀائيوار.

ڇڏي شرڪ شرارت شارڪ شڪ،

لهي لاحد وارو لائق لڪ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • شَرو: ذ. ]ع. شَرَعَ= اظهار ٿيڻ [ انصاف- فيصلو- نبيرو.

وس ونحن واري وستي ۾،

ڪيو شوق شرف سان شاهه شرو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • شَريعَتَ: ث. ]ع. شَرَعَ= داخل ٿيڻ [ سڌو رستو- سنئين واٽ. طريقو- واٽ. اسلامي قاعدو. قانونِ الاهي- قرآني آئين- ديني قانون- قاعدو- نِيمَ. درويشن جي اصطلاح ۾ سلوڪ جو پهريون درجو (جنهن ۾ خدا تعاليٰ جي حڪم ۽ محمدي صه شريعت تي هلڻ). ناسوت.

شوق شهنشاهه عين شريعت،

شامل تِهندي نال طريقت.

(محمد فقير، سُر ڪوهياري، ڪافي-1، ص-182)

  • شريمان: ]هه [ دولت وارو- اقبال وارو. خوبصورت. وشنو جو لقب.

بلهي شاهه ارداس گلاب، سرشٽ ديانند ٻُڌ پرتاب،

وشن ننگر ۾ آپي آپ، شنڪر شريمان هُون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • شَغُلُ: ذ ]ع [ مشغولي- ڪم- ڪرت. ورونهن- وِندر- تماشو- کيل- بازي. راند. محفل.

شمع تي شاطر شتابي، شجاعت جي شور سان،

شوق ڪيا شاهي شغل، شهلا ٻڌي شهزور سان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-5، ص-109)

  • شَفَقتَ: ث. ]ع. شفقت< اشَفقَ= مهربان ٿيڻ [ ڀلائي- مهرباني- وَڙُ- مهر- ٿورو- لائق. رحم- ڪرم- ٻاجهه- ترس- مُنهن ڪاڻ- پرچاڻي- اعزا پُرسي- غمخواري. محبت- پيار- قُرب.

شاهه حُسن ڪي شور شاهي شمع تي سرشار هو،

شان شفقت ڪر شجاعت، شعر ڪا شمار هو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • شَفيعُ: ذ. صفت ]ع. شفيع< شَفَعَ= سفارش ڪرڻ [ شفاعت ڪندڙ- گناهن جي سفاش ڪندڙ- ڇڏائيندڙ- شافعي.

شاهنشاهي شان شُجاعي، شفقت ڪر شادانِي،

شمس قمر شرما ٿي شاطر، شڪل شفيع شاهانِي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-23، ص-119)

  • شَڪُ: ذ ]ع. شَڪَ [ شبهو- گمان- انديشو- اُڊڪو- وهم- سنسو- ڀرم- وسواس.

ڇڏي شرڪ شرارت شڪ،

لهي لاحد وارو لائق لڪ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • شَڪتِي: ث ]سن. شڪتي= طاقت [ طاقت- توفيق- وسعت- وِتُ- سَگَهه.

منگهن موک مڪتي، شريماني شڪتي،

ڀڄن ميري ڀڳتي، سرودي سُجانِي.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • شڪيلا: شڪيل. ذ. صفت ]ع [ صورت وند- خوبصورت-ٺاهوڪو- حَسين- سوڀياوان- سهڻو- زيبائتو- ڌڄ مچ جهڙو- خوش- وضع.

چريا ويام چڪوري، بازي باز باڪيلا،

چشمن چمڪار ڪيا، شمس رنگ شڪيلا.

(محمود فقير، ڪافي-43، ص-70)

  • شَڪِيلو: ذ. ترار جو هڪ قسم. ننڍي ترار- شڪيلو (جنهن جو مُنهن ۽ پُٺيءَ جو چوٿون حصو تيز ٿيندو آهي). درياء جي ٻيڙيءَ جو هڪ اوزار)

وِجهان شور شريعت اندر، کڻي شاهي شوق شڪيلو.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-6، ص-148)

  • شَمَ: ث. ]ع. شَمعَ= بتي [ بتيءَ جو هڪ قسم- موم بتي- شمع. اتفاق- ٺاهه- مِٺ- محبت- سلوڪ.

شان شفقت شعربازي، شرف شم شغلات جا،

ٿو ڪري شاطر شتابي، شوق شاهي شاد سان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-7، ص-53)

حُسن جانڻ يار جو، جيئن شاهي ٻرن شم،

فضل ٿيو فقير چئي، رحمي ڪندو رحم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • شُمارُ: ذ. ڳڻپ- ڳاڻيٽو- حساب- ليکو- تعداد. اندازو- جاچ- تخمينو- اٽڪل روءِ- ڪٿ.

شان شفقت جي شرح جو، ڇا ڪندو شاعر شمار،

شھ شهادت شاد ڪيڙو، ستا شغل جو شرفدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • شمشير: ث. ]ف. شُم= پُڇ+ شير= شينهن [ شينهن جي پُڇ جهڙو ڏنگو. هٿيار- تلوار- تراڙ- سيف- تيغ.

شوق جي کڻ شمشير مُدامي،

توڪل واري تند وڄائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-18، ص-81)

  • شَمعَ: ڏسو. ”شم“.

شاهه حُسن ڪي شور شاهي، شمع  هي سرشار هو،

شان شفقت ڪر شجاعت، شعر ڪا شمار هو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • شَملو: ذ ]ف. شمله< شملة< شَمَلَ= ويڙهڻ [ ڪلهن تي رکڻ جي شال (لُنگهيءَ جهڙو ڪپڙو، اهڙو پٽڪو، جنهن جو هڪ پَلَوُ پٺيان چيلهه تي لٽڪائي ڇڏجي). پٽڪو- مولهيو- پڳ. درٻاري امير چيلهه سان ٻڌندا هئا ۽ پلاند لٽڪائي ڇڏيندا هئا.

ٻڌي شملو شاهنشاهي، مالڪ مُلڪ مختيار،

عشق اسان وٽ آيو.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-6، ص-8)

  • شَنڪَرُ: اسم خاص. ]سن [ هندو ڌرم ۾ هڪ مهاتما جو نالو.

بلهي شاهه ارداس گلاب، شرشٽ ديانند ٻُڌ پرتاب،

وشن ننگر ۾ آپي آپ، شنڪر شريمان هُون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • شِنگُ: بِرُ- رِزُ- بي قابو- تيار- آماده.

ٺُهيا ٺُڪيا ٺاهه ۾، اسين شنگ گهمون ٿا شير،

بت اسان جو بهاريءَ ۾، سهڻا پلنگ پير.

(محمود فقير، موالي، ص-126)

  • شورُ: ذ. ]ف. شور< شوريدن= بغاوت ڪرڻ [ هُل- گوڙ- لُڙ- گهمسان- غوغاءُ. ڪڙڪو- واڪو- رڙ. شهرت- ڌاڪو- ڌوم.

شوق دي شاهي شور شور، آيا ماهي ميڏي سانگي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-13، ص-196)

  • شَھ: ]ف [ شاهه جو مخف. بادشاهه- اڳواڻ- رهنما- رهبر.

شان شفقت جي شرح جو، ڇا ڪندو شاعر شمار،

شھ شهادت شاد ڪيڙو، ستا شغل جو شرفدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • شَهابِي: ذ. صفت. ڳاڙهي رنگ جو- ڳاڙهو- سُرخ.

شاهنشاهي شان شَهابي، شفقت ڪر شادان شتابِي،

شغلي ٻڌ شهزور شبابي، ڪيتا شوق شراب اسان.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-2، ص-166)

  • شَهبازُ: ذ. ]ف. شَهه= وڏو باز [ پکيءَ جو هڪ قسم- وڏو باز. (اسم خاص) سيوهڻ جي ولي حضرت عثمان مرونديءَ جو لقب.

سڪ سچي جو سندرو ثابت،

شوق شاهي شهباز ڪيو.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-4، ص-147)

  • شُهرَت: ث. ]ع. شهرت< شَهَر= ظاهر ٿيڻ [ ڌوم ڌام- اشاعت- ڦهلاءُ- مشهوري- اشتهار- پڌرائي- ناماچاري- ناموس- نيڪ نامي- هاڪ. بدنامي- گلا- رُسوائي- خواري- بي عزتي.

شوق جي شهيد کي، شاهي شفاعت ڇا ڪندي،

شوريل شرابي شير کي، شهرت شڪايت ڇا ڪندي.

(محمد فقير، سُر پيم پلاس، ڪافي-6، ص-52)

  • شَهزورُ: ذ. صفت. تمام گهڻي طاقت وارو. بهادر- پهلوان. سورمو- سورهيه.

آواز اَن اِلاهي، بيشڪ بقا باالله،

شهزور شور شاهي، جذبو جلال منهنجو.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-1، ص-54)

  • شُهُودِي: شُهُودُ: ذ. ]ع. شهود< شاهد< شهد= اکين ڏٺي شاهدي ڏيڻ [ حاضر ٿيڻ جي حالت- موجودگي. تصوف جي اصطلاح ۾ اهو درجو جنهن ۾ طالب هر موجود شيءِ ۾ عين الحق پسي ٿو. ڏيک- نظارو- ظاهرائي.

’مِن لھ الموليٰ‘ مُک معبودي، ’فَلھ الڪُلِي‘ شوق شُهودِي،

بيرنگ جي بازار، برهه باهه آهي.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-4، ص-202)

 

 

 

 

 

ص

  • صابِرُ: ذ. صفت ]ع. صابر< صَبَر= پاڻ کي روڪڻ [ صبر ڪندڙ- صبر وارو. ڪنهن تڪليف اچڻ تي ماٺ ڪندڙ. بردبار. رضا تي راضي رهندڙ.

بار ملامت وال، سرتي سهه صابر ٿي،

ٺاهه اِهو جنهن ٺاهيا ويک تنهيندا ول تون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-38، ص-89)

  • صادِقُ: ذ. صفت. ]ع. صادق< صدق= سچ ڳالهائيندڙ [ سچو- سچار- راست گو- ست وارو. ايماندار- سُپتيو. وفادار.

ڪٿي اکين سندو عاشق، ڪٿي صوفي صفا صادق.

(محمود فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪفي-11، ص-213)

  • صانِعُ: ذ. صفت. ]ع. صانعُ< صَنَعَ= ٺاهڻ [ ڪاريگر- ٺاهيندڙ. ڪاريگري ڪندڙ. پيدا ڪندڙ- خالق. سرجڻهار. اُپائيندڙ.

صاف صورت جي صحن، صانع ٿيا صوفي صدر،

صادق صراحي ساز سان، صاحب صحيح صلاح جا.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • صُحبَتَ: ث. ]ع. صحبت< صَحَبَ=تعلق رکڻ [ ياري- دوستي- سنگت. همراهي- ساٿ- مدد- ميل جول- ميل ميلاپ- ملاقات.

صُراحي ساز کي کولي، ڪئي صحبت سياڻن سان.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • صَحنُ: ]ع [ اڱڻ- ايوان- آڳنڌ. آڳر.

صاف صورت جي صحن، صانع ٿيا صوفي صدر.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • صُراحِي: ث. ]ف. صُراحي؛ ع. صُراح= خالص شراب[ شراب يا پاڻي رکڻ جو ڊگهي ۽ سنهي ڳچيءَ وارو ٿانءُ- گهُگهي.

تازي طبل سان سرتاج شاهي، صمصام سُر سان ساغر صُراحي.

(محمد فقير، سور ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

جام صُراحيون جن سان پيتم، تن وٽ حال هلان.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • صِفاتُ: ث. ]ع [ صفت جي جمع. اوصاف- خاصيتون. تعريفون- ڀلايون- خوبيون.

برسر بنائي بازي، صورت صفات سازي،

قائم ڪلال قاضي، منصور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • صِفاتِي: صفت. صفات ڏانهن مَنسوب. عارضي- هٿرادو- جڙتو- نقلي. حاصل. ڪيل- پرايل- مليل- کٽيل.

مئين وچ ماهر سڃاتم ساري، ويک حسن دِي ميگهه مَلاري،

ثابت ڪيتم، صاف صفاتي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-3، ص-10)

  • صَفِي الله: صفت ]ع. صَفَوَ= صاف ٿيڻ [ صاف- پاڪ- نِج- خالص. (اسم خاص) حضرت آدم عليھ السلام جو لقب.

آدم صورت سبحاني، صحي صاف صفات،

صفي الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • صلواتي: صلواة. ث. ]ع [ درود- خدا جي رحمت. دعا. نماز- بندگي. خدا جي واکاڻ. برڪت.

مئين وچ مئي دِي سورهيه سافي، سُرڪ پلائي بيرنگ باقي،

مُنجهه ڳئي محڪم بانگ صلواتي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-3، ص-10)

  • صَمَدانِي: ذ. صفت. وڏائيءَ وارو جوان. هتي حضرت عبدالقادر جيلانيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

مٺا محبوب سبحاني، آهين تون غوث صمداني.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-2، ص-209)

  • صَمصام: ث. ]ع [ اها شيءِ جنهن جو منهن نه ڦري (ڪنايه) تکي تلوار. تلوار- شمشير- سرواهي.

تازي طبل سان سرتاج شاهي، صمصام سُر سان ساغر صُراحي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • صنم: ذ. صفت. ]ع [ پريتم- دلبر- دلدار- دلربا- جاني- محبوب- معشوق. لالڻ- پرين- سپرين.

پارس پيارين جام ٿو، سورهيه سخي صاحب صنم.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-16، ص-129)

  • صِنعانُ: اسم خاص. ]ع [ هڪ مشهور معروف ولي ڪامل جو نالو. شيخ صَنعان.

جهنگل وچ صَنعان، ڇوڙ زُهد ڪون سُوئر چَريدا.

(محمد فقير، سر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • صُوبن: واحد. صوبو. ذ. ]ع. صُوبَه [ پرڳڻو- علائقو. ملڪ يا حڪومت جو حصو. صوبي جو حاڪم- امير- سردار- حاڪم- رئيس. گورنر- ناظم.

سنڀري ويو ساٿ سان، صوبن جو سلطان،

فڪر جي فرمان، چوري چِت چريو ڪيو.

(محمد فقير، بيت-185، ص-285)

مديني پاڪ منور دِي لڱين ڪُون خاڪ کڙ لاوان،

ستي وچ سيج تي صوبي، جنت وچ جاءِ ڪر جاني.

(محمود فقير، ڪافي-49، ص-76)

  • صُوفِي: ذ. صفت ]ع. صُوف= اُن مان ٺهيل ڪپڙو [ اوني ڪارو ڪپڙو ڍڪيندڙ- پشمينه پوش. متقي- پارسا- پاڪباز- پرهيزگار- صاف. (ذ) طريقت وارو سالڪ- سلوڪ وارو فقير. شراب يا ڪنهن به ٻئي نشي کان پرهيز ڪندڙ.

صوفي ٿي سِر صاف سُڃاتا، دلبا ديد دلال دا ڌمال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص87)

  • صَيادُ: ذ. صفت ]ع. صَيد= هُوشڪار ٿيو [ وڏو ماهر- شڪار ڪندڙ- وڏو شڪاري- وڏو مارِي.

ثابت سخي سرور علي، ساقي سُرڪ جي ساز جو،

صياد آئون صياد آئون صياد آئون آهيان.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-7، ص-193)

  • صيفي: صفت. ]ع [ گرمي- گرميءَ جو موسم. شاعر مطابق. عشق جي گرمي- تپش.

رمزان ڪيف ڪڪوريل ڪيفي،

سُرس سنگينون سُرخي صيفي.

(محمد فقي، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • صَيقَل: ث. ]ع. صُقَلَ= پالش ڪرڻ [ ڪٽ (لوهه تان) لاهڻ جو ڪم. صفائي- چمڪ- چمڪو- چلڪو- اوجر.

عشق اڻجهل به هجي، سُرخ سُهڻل به هجي،

سخن صيقل به هجي، اُتي اَڪمل به هجي.

(محمد فقير، سر بهاڳ، ڪافي-20، ص-64)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ض

  • ضَربَ: ث. چوٽ- ڌڪ- رُهنڊَ. مارَ. نقصان- گهاٽو- صدمو.

ضاد- ضرب ضمير سان، ظاهر ظفر ذات،

پائي پسڻ پاڻ ۾، جهاتي اندر جهات.

(محمد فقير، سي حفري-2، ص-250)

  • ضَمان: ذ. صفت. ]ع. ضَمنَ= جوابداري کڻڻ [ پاران پوندڙ- بدلو پوندڙ- ضامن- ضامني.

جيئان ڪيئن جهان ۾، برهه کوڙيا بان،

مير محمد مصطفيٰ صه، آهي زور ضمان.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-116)

  • ضمير: ذ. ]ع [ دل- من- جِيءُ- قلب- هردو. اندر- ڳُجهه- راز- ڀيد- خيال- ڌيان- مرضي (ذ. صفت) اندر وارو- پوشيده. مخفي.

ضاد- ضرب ضمير سان، ظاهر ظفر ذات.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-250)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ط

  • طاعت: ث. ]ع. طاعت < طوع= فرمانبرداري ڪرڻ [ فرمانبرداري- مڃتا- قبوليت. تابعداري. ٻانهپ- بندگي- عبادت.
  • طاهِرُ: ذ. صفت ]ع. طاهر< طَهَرَ= صاف ٿيڻ [ پاڪ- پوتر- صاف.

زنار ذوق ظاهر، تازو تيار طاهر،

”محمد“ مثال ماهر، مهندار عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-110)

  • طَبَلُ: ذ. ]ع. طَبل= ڌُڪڙ. ڌُڪڙ جو وڄت وارو پاسو [ وڏو دُهل- دَمامو. وڏو نغارو- ڀير- رُعب- دٻدٻو.

شاهنشاهي طبل وڄايم، ڪري اُلٽي اوج،

پتنگ جيئن پرواز منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-9، ص-5)

  • طبلي: طبلو. ذ ]ع [ ساز جو هڪ قسم- ننڍو دُهل- ڍولڪ. ڌُڪڙ.

تن من طنبور طبلي، ترنم طبل تياري.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-20، ص-131)

  • طَراوَتَ: ث. ]ع. طراوت< طَروَ= تازو ٿيڻ [ ساوڪ- سبزي. آلاڻ- پوسَلُ. تري. ٿڌاڻ- خُنڪي- فرحت. آرام. تازگي.

ترڪ تازي جي طراوت، ترڪ ڪيا فاني فرق.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • طعنا تُنڪا: واحد. طعنو تنڪو. طعنو- مهڻو- ڏک ڏوراپو- ڦِٺِ لعنت.

عاشقن تي عام جي، شهرت شڪايت،

طعنا تنڪا تُهمتون، نخرا نهايت.

(محمد فقير، بيت-272، ص-296)

  • طَلَبَ: ث. تلاش- جستجو- ڳولا. خواهش- ضرورت. گهُر- مانگ. درخواست. التجا. آرزو- تمنا. ڪانڍ- ڪوٺ- نِيندِ- لهڻو- رهت پگهار- مزوري.

طلب طور، نظر نور، پڌريو پور پتيان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-11، ص-159)

  • طِلسماتَ: طلسم جو جمع. جادو.

ترڪ تسبيح تال توبه، ترڪ طاعت طلسمات،

ترڪ تقويٰ جي تماشي، ترڪ ٿيا چوڏهن طبق.

(محمد فقير، سر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • طَمعَ: ث. ]ع. طَمعَ= لالڻ رکڻ وارو [ لوڀ- لالچ- حرص. خواهش- چاهه- گهرج- ضرورت. اُميد.

ڪري خيال خدائي خاص خبر، ڪيو ترڪ طمع جو تال ترو.

(محمد فقير، سر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • طَنبُورُ: ]ع [ ساز جو هڪ قسم- وڏي ڳن سان تارن وارو ساز، جيڪو آڱرين سان وڄندو آهي.

تن من طنبوري طبلي، ترنم طبل تياري،

توحيد تر تراني، تن تار جابجا.

(محمد فقير، سر پهاڙي، ڪافي-19، ص-131)

  • طنبيلا: طَبيلو. ذ. ]ع. طويله= چوپائي مال کي ٻڌڻ جي نوڙي[ گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ- ڪُڙهه- تنبيلو.

ترت ڇٽا طنبيلا، شهزادا شڪار تي،

هَڪِي حاضر ٿيان وڃي، ڌُو ڌُو ڌڌڪار تي.

(محمود فقير، ڪافي-43، ص-70)

  • طُورُ: اسم خاص. ]ع [ هڪ مقدس پهاڙ جو نالو، جو عربستان جي اتر اولهه ۾ آهي، جنهن تي يهودين جي پيغمبر حضرت موسيٰ عه الله سان هم ڪلام ٿيو. جبل سينا.

طلب طور، نظر نور، پڌر پور پتيان،

همه حال، دي خيال، بن بحال بتيان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-11، ص-159)

 

 

 

ظ

  • ظاهِرُ: ذ. صفت. ]ع. ظاهر< ظَهَرَ= ڏسڻ ۾ اچڻ [ کليل- پٽيل- اُپٽيل- عَيان- چِٽو- پڌرو- نروار. آشڪار- مشهور.

زنار ذوق ظاهر، تازوپ تيار طاهر.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-110)

  • ظَفر: ث. ]ع. ظَفَرَ= ڪامياب ٿيڻ [ سوڀ- فتح- جيت- نصرت- فتحمندي. ڪاميابي.

ساري صفات بنده، ذاتي ظفر خداهي،

دونون ڪي پيچ عادل، انصاف ڪِي اداهون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

  • ظَهُورُ: ذ. ]ظَهَرَ= پڌرو ٿيڻ [ اظهار- پڌرائي- ظاهرائي. وقوع- انڪشاف. صورت- شڪل- ڏيک.

ذاتي زور زلف دا زابر، کول زناري ذوق ظهور.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-5، ص-148)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ع

  • عادل: ذ. صفت. ]ع. عدل= هن انصاف ڪيو [ عدل ڪندڙ- انصاف ڪندڙ- آچاري- نياڪاري. منصف- جج- قاضي. حقي فيصلو ڪندڙ- انصاف پسند- حق ۽ ناحق ڌار ڪندڙ.
  • عارفُ: ذ. صفت. ]ع. عَرفَ= سڃاڻڻ [ سڃاڻندڙ- واقف- ڄاڻندڙ- ڄاڻو. خدا کي سڃاڻندڙ- الاهي معرفت وارو- محبت اِلاهي ۾ غرق. سياڻو- عقلمند- داناءُ.

ٿي عادل عارف عالم، بيدار بحالي بالم،

في الحال فقيري فالم، ڪر فرض فنا فرمانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • عالم: ذ. ]ع [ داناءُ- ڄاڻڻ وارو. تمام گهڻو پڙهيل لکيل.

ٿي عادل عارف عالم، بيدار بحالي بالم.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • عالِي: ذ. صفت. ]ع. علا= هوُ مٿانهون ٿيو [ مٿي ڪيل- بلندي ڏنل- بلند- مٿانهون- بالا- رفيع- اعليٰ- برتر- اوچو- وڏو- عظيم- ڪلان (عزت) چڙهيل- درجي چڙهيل- سرفراز. ممتاز. عزت وارو- مانوارو- قابل عزت. نامور- ناميارو- مشهور.

خود خيال، متوال، احوال عالي،

اصلات، خصلات، وصلات والي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-37)

  • عامِلُ: ذ. ]ع. عَمل= هُن ڪيو [ عمل ڪندڙ- عملدار- حاڪم- آفيسر. شاهي عهدي وارو- سرڪاري نوڪر. (صفت) علم نجوم موجب عمل جي دعويٰ ڪندڙ. منتر جنتر ڪندڙ. جادوگر.

عشق عمل دي عامل، شوق شرابي شامل،

ڪار قتل تي ڪامل، قدم ڪلالي چايا

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-14، ص-196)

اسين عامل پيش الله جا، اسان کي سائينءَ ڏنو سَت.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • عامي: ذ. صفت. عام ماڻهو- ناليرو- مشهور- ناميارو. پڌرو.

ڇلا ميم دي مامي، الف عالي عامي،

لڳي ’لا‘ دي لامي، سمجهه ويکين سهرا.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-43)

  • عباسِي: صفت. حضرت عباس رضه جي خاندان جو لقب. دؤر عباس جو ڪارو رنگ. گل جو هڪ قسم.

سُرخ سبزي سير سناسي، زنگي سنبل ويک عباسي،

گاڪي پوريا ڀيم پلاسي، ڇم ڇم ڇننن ڪر ڇمڪار.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-6، ص-169)

  • عَبدُ: صفت. ]ع. عَبد= هن بندگي ڪئي [ غلام- ٻانهون- گولو- بندو- تابعدار- مطيع. نوڪر- نفر- چاڪر- ملازم- خدمتگار- ٽهيلو- ٻيلي.

نڪي احد نڪي عبد، نڪي حدون حسابا.

(محمد فقير، بيت-44، ص-270)

  • عبديت: ث. غلامي- ٻانهپ- گولپ- بندگي- تابعداري.

عبديت دي اولي اندر، شاهي ڪر ڪي شان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-57، ص-97)

  • عِبرتَ: ث. ]ٿ [ انديشو- عجب- حيرت- تعجب- اچرج. هيبت- خوف- سبق.

اک جو عاشق ٿي ڏس عبرت، ٻي نه چاڻج واهه.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-1، ص-221)

  • عجائب: ذ. ]ع. عجيب جو جمع [ عجب وارو- اچرج جهڙو- عجب جهڙو- عجيب. حيرت انگيز- عجيب و غريب- ناشيدو- اجنبي.

محمد وِچ ميزان ميثاقي، عشق عجائب ٿي اوطاقي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • عَجَمُ: اسم خاص. هڪ ملڪ جو نالو. ايران- فارس- پارس. عرب کان سواءِ ٻيو ملڪ.

ڪعبو ڪاشي مام معنيٰ، عرب عجم چين.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-2، ص-232)

  • عَدَلُ: ذ. ]عَدَلَ+ هن انصاف ڪيو [ برابري- مساوات- هڪجهڙائي- انصاف- آچار. حقي فيصلو- بي رياءُ فيصلو- حق ناحق جو فيصلو.

اعليٰ اصل اوقاتي، عادل عجب عدل جي.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-7، ص-224)

  • عَدمُ: صفت. ]ع. عَدَمَ= هو گم ٿيو [ معدوم. ناپيد- غيرموجود- بي وجود. نابود- نيست- فنا- فاني. نه هئڻ جي حالت- نيستي- نابودي- معدومي. فنا جو ملڪ- هو جهان. آخرت.

فائض فقر ۾ في الهال فالم، عاشق عدم کان انوار عالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • عرَبي: هتي عربيءَ مان مراد، حضرت محمد مصطفيٰ صه جن آهن.

اَنا احمد بِلا ميمي، هي عربي آپ اَلايا.

(محمد فقير، سُر ججهونتي، ڪافي-2، ص-230)

  • عُريانُ: صفت. ]ع. عُريٰ= خالي ٿيو [ اُگهاڙو- ننگو- برهنه. بي پرده- ظاهر- صاف- نروار- پڌرو.

اکيان اندر عشق اِلاهي، عجائب عُريان،

عاشق ٿي اظهار ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-4، ص-8)

  • عُشاقن: عاشقن جو جمع. عاشقن- عاشقَ پيار ڪندڙ- محبتي- پيارا.

علم لُدني سندو عالم، کولي اسرار اکين جو،

عُشاقن تي ڪري آرو، ڀلي آيو ڀلي آيو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-20، ص-131)

  • عُشاقي: ]ع. عُشاق= عاشق جو جمع [ عاشقن وارو- محبتين جهڙو.

انساني جي اولي اندر عشاقي ارواح،

قرب ڪمائي آيس.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-35، ص-88)

  • عَصا: ث. ]ع. عَصا= لَٺ [ لڪڻ- لٺ. هٿ جو لڪڻ- ڇَڙي.

ڇوڙ مصلي عصا ڪوزا، ويرو سانوڻ واري،

جوڳي جڳ جڳ جوڳ ڪماون، جوش جگر ڪر جارِي.

(محمد فقير، سُر ڪسوري، ڪافي-3، ص-181)

  • عِلمُ لَدُنِي: ذ. خدا تعاليٰ جي طرفان مليل خاص علم.

علم لدني سندو عالم، کولي اسرار اکين جو،

عشاقن تي ڪري آرو، ڀلي آيو ڀلي آيو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-20، ص-131)

  • عليل: ذ. ]ع [ بيمار- مريض- اگهو.

عاشق مست عليل ٿا، پنهنجي محبت ۾ مرن.

(محمود فقير، ڪافي-10، ص-50)

  • عُقبيٰ: ذ. ]ع [ عاقبت. آخرت- پڇاڙي- قيامت.

سانگو سٽي سِر ساهه جو، عقبيٰ ڪنان آزاد ٿي،

اعليٰ عجب عشق جي، احوال آن اثبات سان.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-13، ص-60)

  • عينَ: بنا نقطي حرف ”ع“ يعني حق تعاليٰ جي ذات پاڪ. هڪ عضوي جو نالو. اک- چشم- نيڻ- نين. نسورو- محض- خالص- سڌ پڌ- بلڪل. جند- جوهر- روح. حقيقت- اصليت.

عين عنايت، نين نزاڪت، نر نيهي نور نظارا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-54، ص-96)

 

 

 

 

 

 

 

غ

  • غازِي: ذ. صفت ]ع. غَزا= جنگ [ جهاد ڪندڙ- مجاهد- شجاع- بهادر.

غمازي غزلات جو، غواصي غازي يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-6، ص-12)

  • غالِبُ: ذ. صفت. ]ع. غَلَبَ= هُن سوڀ کٽي [ غلبو ڪرڻ وارو-زور پوندڙ- قابض- مسلط- حاوي. فاتح- فتحياب- جيتيندڙ- غلبو ڪندڙ- قبضو ڪندڙ.

جڏهن خيال تي غالب خيال ٿيا، تڏهن حاصل هردم حال ٿيا.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-4، ص-218)

  • غَبُغَبُ: ث. ]ع [ کاڏيءَ هيٺيان لٽڪيل گوشت (جو خوبصورتي ڏيکاري)- کاڏيءَ جي کڏ. (اسم خاص) مينا ۾ هڪ ٽڪريءَ جو نالو.

ڇوڙ حجاب دُوئي دا دِل تون، غبغب گهيڙ گهڙيجي يار.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-1، ص-74)

  • غُبار: ذ. ]ع. غَبَرَ= مٽيءَ جي رنگ جهڙو ٿيو [ مٽيءَ ۾ مليل هوا. ڌُوڙ جا ڪڪر. مٽي- گرد- ڌُوڙ- دز. ڌُنڌ- لُڙاٽ- لُڙ. اُونداهي- اڻ چٽائي- ڌُنڌڪار- ڪوهِيڙو- ڊُونگر. دل تي بار- ڇاتيءَ تي ڳوراڻ. رنج- ملال. ڪلفت- عداوت- ڪَٽَرُ- بغض.

ويا غير غبار، سمجهي سير وجود جو.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • غَرقُ: صفت. ]ع. غَرَقَ؛ سن. گرت= ٻُڏڻ [ پاڻيءَ ۾ اندر ويل- ٻُڏل. ٽُٻيل. گم- غائب- لڪل. غلطان- محو- ٽُٻيءَ ۾ پيل- ويچار ۾ گم. نشي ۾ چُور- مخمور. گهڻو مشغول- بي حال. ناس- تباهه- چٽ- برباد.

گاروڙي ڪي غرق، گم ٿي ويا گرداب ۾.

(محمد فقير، بيت-119، ص-278)

  • غزائي: ث. ]ع [ مهل تي ڪم ڪرڻ وارا. همت- مردانگي- مُڙسي وارا.

عجب کيل کيلي وٺي واس وحدت،

کڻن گوءِ غازي غزائي گهٽي تي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-55، ص-39)

  • غَضَنفَرُ: ذ. ]ع [ شينهن- شير. (صفت) شينهن جهڙو طاقت ور. پهلوان- سورهيه- جوڌو- ڪوپو- بهادر.

عدم کان آوازي، برهه بياضي،

عضنفر ٿي غازي، ڪبابي ربابي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-2، ص-122)

  • غَلبا: واحد. غلبو. ذ. ]ع. غَلبَھ[ غالب اچڻ يا پوڻ واري حالت. حملو- ڪاهه- جُلهه. زور- ٻَلُ- طاقت- قوت- زبردستي- زورآوري- زيادتي. آڳانجهائي- وڌيڪائي- فرطه- گهَڻ- نهايت- بسياري- جهجهائي- هيڪاندائي. جيت- سوڀ- فتح.

غ- غازي غضنفر غلبا ڪيتا غمازدا،

حسنين دي حسنات وچ ڀير ڀريا پرواز دا.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • غِلافُ: ذ. ]ع. غَلفَ= ڍڪڻ [ پوش- ڍَڪُ- ڍڪڻ- پُڙُ. مٿيون پردو- ڇَوَ. (وهاڻي يا گادي وغيره جي). کِپَ- مياڻ (ترار جي). جُلدُ- پوش. ويس- بانو.

ڪاڪل ڪُنڍڙا ڪار ڪجل جي، سر تي مثل غلاف ڏٺم.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-47، ص-94)

  • غلمان: ڇوڪرا (جنت جا). خادم- نوڪر- خدمتگار.

حُسن هزارين ڪيا حيران، حُورون پيون جن غلمان.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-3، ص-68)

  • غَمازُ: ذ. صفت ]ع [ اک سان اشارو ڪندڙ. طنعنو ڏيندر. غيب ڏانهن اشارو ڪندڙ.

غ- غواصي غور سان، غازين ڪيو غماز،

پسڻ واري پڙ ۾، پتنگن جان پرواز.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-253)

  • غَمزو: ذ. ]ع [ اک جو اشارو- ميچ- اهڃ. ڪنهن (خاص مقرر ڪم لاءِ) ڳالهه لاءِ اک جو اشارو. رمز- مام- اشارو. آرُ- عشوه.

غمزو ڪري غمازي، غلمان جي نموني،

قائم ٿيو قلب ۾، قرآن جي نموني.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-16، ص-115)

  • غوثُ: ذ. ]ع [ دانهن اونائيندڙ- فرياد ٻڌندڙ. اهل اسلام ۾ اولياءُ جو هڪ درجو. سڀ کان وڏو ولي- قطب. هتي حضرت عبدالقادر جيلانيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي.

مٺا محبوب سبحاني، آهين تون غوث صمداني.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-2، ص-209)

  • غوطا: واحد. غوطو. ذ. پاڻيءَ ۾ هيٺ وڃڻ جي حالت- ٽُٻي- گهُت. گلي ۾ هوا جي نليءَ ۾ پاڻي گهڙي وڃڻ سبب پيدا ٿيل حالت- گوتو. پُور- من موج- دؤر- لهر- رَءُ- ڪُڏُ- شوق- دل- مرضي- لاڙو.

سمجهه صحي ڪر مارين غوطا، پاءِ دروني جهاتي،

پي پيالا محبت والا، ڏي هوڪا دم دم ذاتي.

(محمد فقير، بيت-8، ص-265)

  • غواصي: ذ. صفت ]ع. غواص[ ٽٻيون هڻندڙ (سمنڊ ۾)- غوطه زن. غوطو هڻي سمنڊ مان (موتين لاءِ) سپون ڪڍندڙ. عارف- سالڪ.

غمازي غزلات جو، غواصي غازي يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-6، ص-12)

 

 

 

 

 

 

 

 

ف

  • فاَيَنَمَا تُوَلوُافَثَم وَجھُ اللهِ: ]ق- ش [ جيڏانهن منهن ڪندؤ ته ڌڻيءَ تعاليٰ کي سامهون ڏسندؤ. (سورة البقره، آيت -115).

مظهر موجودات ٿيو، معنوي ميزان،

فا اَينما تولو فثم وجھ الله، فرمائي فرمان.

(محمد فقير، بيت-257، ص-294)

  • فاسِقُ: صفت. ]ع. فَسَقَ= هو آواره ٿيو [ بدڪار- بدڪردار- بدراهه. زاني- ڪوڙو- ڪُساکي.

اکين تي ٿي عاشق، فرق فنا ڪن فاسق،

حڪم هلائي حاذق، رندي رمز رچي.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-2، ص-65)

  • فانِي: صفت. ]ع. فَنَي+ هو مري ويو [ فنا ٿيندڙ- فنا ٿيل- ختم ٿيندڙ- نابود ٿيندڙ- مرندڙ. گم ٿيندڙ- عدم پيدا ٿيندڙ. بي بقا- ناپائدار- گهاتي.

فائق فڪر فيراق ۾، فياض ٿيا فاني فدا،

فالم فقر جي فوج سان، فائق فنا في الله جا.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • فائز: صفت ]ف [ پهچڻ وارو. فتح حاصل ڪرڻ وارو- ڪامياب.

فائز فقر ۾ في الحال فالم، عاشق عدم کان انوار عالم.

(محمد فقير، سور ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • فائق: صفت ]ع. فائق= مٿي ٿيندڙ [ بلند- مٿاهون- وڏو مٿيون- بالا- اُتم- اُچو- اعليٰ. مشهور- ممتاز- برتر- بهتر. سڀ کان چڱو- سٺو- عمدو. معزز- برگزيده- فوقيت وارو- فيض وارو- بزرگ.

الف اِلاهي آئون ڏسان ٿي، باريءَ جا ته بيان،

سي ته صبر جا درجا دل کي، فائق جا فرمان.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

فائق فڪر فيراق ۾، فياض ٿيا فاني فدا.

 (محمود فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

 

  • فَتَم وَجھ الله: ]ق. ش [ ڏسو آيت فااِينما تولو فثم وجھ الله.

وحدت ڪثرت ويس وصالي، فَثم وجھ اِلاهي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-15، ص-197)

  • فِدا: قربان- صدقو- گهور. گهوريل- صدقي ٿيل.

فائق فڪر فيراق ۾، فياض ٿيا فاني فدا.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • فَذڪُرُونِي: (سڄي آيت: فذڪروني اَذڪُرڪُم) ]ق- ش[ ياد ڪريو مون کي ته آئون به اوهان کي ياد ڪريان. (سورة البقره، آيت-152)

وَنَحنُ اَقرب نور نشاني، فَذڪرُوني فن فرقاني،

وجھ الاهي حال حقاني، هرجاءِ ڪيو هٻڪارو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

  • فُرقانُ: ذ ]ع [ (الغوي معنيٰ ۾) حق ۽ باطل ۾ تفاوت ڪندڙ. (اصطلاحاً) ڪلام الله- قرآن شريف.

’محمد‘ مشتاق محبت ۾، ڏسن ٿا عشق جو آرو،

عجب اسرار اندر ۾، فڪر فرقان ٿي آيو.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-8، ص-212)

  • فِشق: عشق جو ضد.

عشق بنا دل فشق هي سارا، گوندر گهر هَئي گهاري.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-119)

  • فَقرُ: ذ. ]ع. فَقَرَ= هو محتاج ٿيو [ حاجت- احتياج- محتاجي- غريبي- درويشي- فقيري. فقيري حالت- اڻ هوند ۾ به شڪر جي حالت.

فائز فقر ۾ في الحال فالم، عاشق عدم کان انوار عالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • فَقيرُ: ذ. مسڪين- ڪنگال. درويش- الله لوڪ- صاحبِ معرفت- صاحبِ فقر- قانع- سالڪ- تارڪ الدنيا- زاهد. عابد- متقي- ديندار.

پڙهن فرض فنا جو، فالم ٿي فقير،

’محمد‘ ڪو مهمير، مرد مچي منصور ٿيو.

(محمد فقير، بيت-178، ص-284)

  • فِڪرُ: ڌيان- سوچ- ويچار- غور. غور فڪر- سوچ ويچار- خيال- ڳڻتي- تفڪر. اصل حقيقت تائين غور.

درد فراق فڪر جي فن سان، ڪين ۾ قرب ڪمائج تون.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-6، ص-158)

  • فَلَڪُ: آسمان- آڪاش- اُڀ. چرخ- گگن- انبر- سما.

جوڳي ويا اُن جُوءِ جوان، ملڪ فلڪ جي جاءِ نه جا ٿي.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-7، ص-229)

  • فَنُ: ذ. هُنر- ڪاريگري- ڪارستاني- ڏانُ- ساڄڙائي- ڪرتب. دستڪاري- ڪَسَبُ، پيشو – ڌنڌو. چالاڪي، هوشياري، گڻ-خاصيت-لائقي- لياقت. حال- وضع- طرح- انداز- ڍنگ. نوع- قسم.

درد فراق فڪر جي فن سان، ڪين ۾ قُرب ڪمائج تون.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-6، ص-158)

  • فَنا: صفت ]ع [ نيست- نابود. چَٽُ- ختم- معدوم. مُنهدم- برباد- ناس- پاڙ پٽيل- مُئل. تباهي- پائمالي.

ٿي عادل عارف عالم، بيدار بحالي بالم،

في الحال فقيري فالم، ڪر فرض فنا فرمانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • فوق: ظرف ]ع [ مٿي- مٿاهون- مٿيون.

شائق شرابي شوق جا، فائق فياضي فوق جا.

(محمد فقير، سُر پٽ مڃري، ڪافي-1، ص-155)

  • فهم: سمجهه- دانائي- عقل- ٻُوڌ- پروڙ- مراد- دماغ.

احد احمد ميم ’محمد‘، فيض فقيري فهم ۾ ڇا ٿيو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-15، ص-80)

  • فِي الله: ]ع [ الله جي ذات ۾ مستغرق. (ظرف) الله تعاليٰ سان. الله جي محبت ۾.

الله عالم، باالله بالم، في الله فالم، ڪرين ڪم ڪمالا.

(محمد فقير، سُر گجري، ڪافي-12، ص-239)

  • في الحال: (ظرف) باالفعل- هينئر- هن وقت- هن گهڙي- هن دم- اجهو. هينئر- جلدي- تڪڙ ۾. بهرحال- عارضي طور- ٿوري وقت لاءِ.

فائز فقر ۾ في الحال فالم، عاشق عدم کان انوار عالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-8، ص-13)

  • في الٽار: باهه ۾- ڄيري ۾. عشق جي باهه ۾- محبت جي ڄيري ۾.

ڏير پئي هن وير، ولهي سي زير، ٿئي في النار،

ننگ ڀرئي، دڪ جنگ چائي، سي باري اُٺاون بار.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-121)

  • فَياضُ: ذ. صفت. فيض پهچائيندڙ. بخشش ڪندڙ. نهايت خيرخيرات ڪندڙ- وڏو سخي. فراخ دل- درياء دل- دل وارو- دياوان.

فائق فڪر فيراق ۾، فياض ٿيا فاني فدا،

فالم فقر جي فوج سان، فائق فنا في الله جا.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • فياضي: ث. ڪشاده دلي- سخاوت- درياه دلي- فراخ دلي.

شائق شرابي شوق جا، فائق فياضي فوق جا،

ظاهر ذڪائي ذوق جا، رمزن واري رنگ ۾ رهيا.

(محمد فقير، سُر پٽ مڃري، ڪافي-1م ص-155)

  • فيراق: فراق. ويڇو- جدائي- وڇوڙو. محبوبن کان جدائي.

فائق فڪر فيراق ۾، فياض ٿيا فاني فدا.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • فيض: نيڪي يا ڀلائيءَ وارو عمل- نفعو. پالوٽ. لهرو. (هتي) عشق جو لهرو يا موج- اُمنگ. عشق جي جنبش. فائدو- خير وارو نفعو.

احد احمد ميم ’محمد‘، فيض فقيري فهم ۾ ڇا ٿيو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-15، ص-80)

 

 

ڦ

  • ڦرڪِي: ڦرڪ رکڻ وارا فقير. (جيئن پيرصاحب پاڳاري جي جماعت ۾ هڪ (فرقي/ فرق) ٽولو ڦرڪي فقيرن جو آهي، جيڪي غير جماعت سان کائن پيئن ڪونه ٿا).

اڏي واري آر تي عاشق، اصل کان اظهار،

ڦرن ٿا ڦرڪي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-1، ص-101)

  • ڦَلڪَا: ث. فريب- ڦند- ڄار- دام.

درِياء سمونڊ، موج ’محمود‘، سڻڪ صندل ڦلڪا ڦيري،

کٽي کُنڀ تي کڙا ڪپ، تي جهولي جهٽ، ڏي ڪُلف ڪيري.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • ڦَندا: مصدر= ڦند پکيڙڻ. ڄار وڇائڻ. ڦاسائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ- اٽڪل ڪرڻ- چالاڪي ڪرڻ. مڪر ڪرڻ- ٺڳي ڪرڻ.

هاڻي ڦٽا ڪر ڦندا، نه ته پُري ڪندي سنئين پڌري.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • ڦَڻِ: ث ]سن [ نانگ جو (جوش يا مستي واري حالت ۾ پکڙيل) منهن وارو حصو. نانگ جو ڦهليل منهن. لغڙ جي چوٽيءَ واري نوڪ يا حصو.

مَڻِ جني جي مغز ۾، سي ڪي ڪِي ڪلادار،

شاهي ڪن شڪار، ڏيئي ڦوڪ ڦڻ سان.

(محمد فقير، بيت-138، ص-280)

  • ڦوڳُ: ذ. ڪنهن شيءِ کي نپوڙڻ بعد باقي بچيل مواد (جيئن ٿاڌل يا ڀنگ جو ڦوڳ). اٽي جو ڇاڻ- بوسو. (صفت) نچوڙيل- رس ڪڍيل. خالي- سکڻو- بي وزن. بي طاقت- اڻڀو- بنا سڻڀ جي. پروانو. ٻوٽيءَ جو هڪ قسم جنهن ۾ اڃا گل ٿيندا آهن.

واسينگن جي ويڙهه ۾، جوڳي ڪنٿا جوڳ،

ڦولهي پسن ڦوڳ، منتر هني مام جو.

(محمد فقير، بيت-54، ص-271)

  • ڦولهي: مصدر. ڦولهڻ. ڳولڻ- جانچڻ- ڦولڻ- ڳولا ڪرڻ- نهارڻ- ڦولها ڪرڻ- ظاهر ڪرڻ.ا ُپٽار ڪرڻ. کِنڊيرڻ- پکيڙڻ- ڦولهرڻ.

هُو برسن بهاري تي، هو گم ٿي ڪڍن غير،

’محمد‘ ڦولهي ڦير، ڇا سُڻائي سُر سان.

(محمود فقير، بيت-25، ص-268)

چهڪ پيئي چولي، ڦولهي، ڀتلي ڀاڻ تي،

لوڪ سارو ٽوڪ ڪري، کلي ٿو کٽياڻ تي.

(محمود فقير، ڪافي-21، ص-56)

  • ڦيرُ: ذ. چڪر- گهمرو- ڦيرو- ڦيراٽي- گيرو- وَلو. وَرُ- ڀيرو. ڦرڻ جي حالت- گردش. وڪڙ- ڏِنگُ- ونگ- ٽيڙُ. ڦيرگهير- تبديل- اُٿل پٿل.

هُو برسن بهاري تي، هُو گم ٿي ڪڍن غير،

’محمد‘ ڦولهي ڦير، ڇا سُڻائي سُر سان.

(محمد فقير، بيت-25، ص-268)

  • ڦيريدارُ: ذ. صفت. ڦيري ڏيندڙ- گهورڙِيو. در در ويندڙ. فقير.

ت- تارڪَ تن جا تَرڪي هليا تُرڪ،

ڦيريدار فقير ٿي فاني ڪري فرق.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-248)

  • ڦيڙهه: ذ. وڏو پٽڪو- پڳڙ. (ڦيڙهه ٻڌڻ) وڏو پٽڪو ٻڌڻ.

کيڙ وليُن جا ڦيڙ مٿي تي، سانوڻ جي پئي ساٽ،

موج ڪيو ’محمود‘ اُتي آهي بيٺو هت جمال.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-54)

  • ڦيمَ: ث. چَٽَ چپَ- دٻاءُ. گهڻي مار ڏيڻ- سخت سزا ڏيڻ. ڏاڍي مار ڏيڻ.

ديد اڙانگي دردن ماري، ڦيهه گَهتِيُس تيڏي ڦيري،

واهه وِنگي هِن زلف زوراور زنگي، وال تيڏي هُڻ ويري.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-118)

ق

  • قاب قوسيني: قاب قوسين. ڪمان جي ٻن ڇيڙن جيترو مفاصلو. ٻن هٿن جو مفاصلو. نهايت ويجهو. محبوب جا ڀرون.

قطب قاب قوسيني ڪل ۾، قائم ڪلنگي دار ڏسڻ ۾ آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-24، ص-119)

  • قادِرُ: ذ. صفت ]ع [ قدرت وارو- طاقت وارو- زورآور- قوي- طاقت رکندڙ. وس رکندڙ- وس وارو. (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

مرد ڪيئن مئيخان ۾، تو مٽ مٿي مخمور ڪيا،

ڪيفي ڪلالي ڪار تي، قادر قوي تنهنجو ڪرم.

(محمد فقير، سور پهاڙي، ڪافي-16، ص-128)

  • قالِبُ: ذ. ]ع [ ڪنهن شيءِ ٺاهڻ جو سانچو- ڍانچو- ڪارب. سرن وجهڻ جو اوزار. ڪورين جو هڪ اوزار. بدن- جسم- بُت.

قلب قالب ڪوڏسان، ڪري ڪُل ڪباب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

  • قائِمُ: صفت ]ع. قامَ+ هُو بيٺو [ کڙو ٿيندڙ- اُڀو ٿيندڙ- بيهندڙ. اڏول- غيرمتحرڪ- برقرار- مستقبل- مستحڪم- مقرر- محڪم. مضبوط- پڪو- ڏاڍو- سوگهو- قابو. هميشه جو- هميشه رهندڙ- جاودان- موجود.

ڪاهه قرب دي قادر قائم، دل وِچ ڪيتي دلبر دائم،

پيرِ مُغان ٿي سِر سمجهايم، چڙهه چاهه زنخ دي راهه ڪنون.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-2، ص216)

  • قَدحُ: ذ ]ع [ وڏو پيالو- جام- ساغر- پيمانو. وڏو وٽو- جنگو. ڏاٻورو- ڏاٻر.

جذبو جلال الله جو، روحي رسول الله جو،

ڪلمون ڪلام الله جو، سمجهي قدح جي ڪام سان.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-16، ص-62)

  • قُدسِي: صفت. پاڪ- پاڪيزو- متبرڪ- پوتر- اطهر.

قُدسِي قديم قدرت، قائم قدم قوازي،

’محمد‘ ڪلام قادر ڪاهي، ڪنهن سُڻايان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-51، ص-37)

  • قديمي: صفت. اصل جو، اصل کان وٺي- هميشه جو- مدامي.

’انا احمد بلا ميمي‘، قرب ’ڪُن فيڪون‘ قديمي،

سمجهي ڪوڪو قول ڪليمي، قائم قدرت وارو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

  • قصد: پڪو ارادو- عزم باالجزم- اٽل ارادو- پڪي منشا. مستقل ارادو. نيت- مراد.

قصدُ ’ڪُن فيڪوني‘ قائم، ڪوڏ قديمي قدم ۾ ڇا ٿيو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-15، ص-80)

  • قُطب: وڏو ولي (ولين ۾ قطب جي درجي تي پهتل). غوث- اوليائن جو هڪ درجو.

قُطب ’قاب قوسيني‘ ڪُل ۾، قائم ڪلنگي دار ڏسڻ ۾ آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-24، ص-119)

  • قَقنَسُ: هڪ خيالي ڳائجندڙ پکي.

سهڻي کولي صُراحي، بيشڪ بقاالله،

احوال سِر الاهي، ققنس ٻولي جيئن تاڙو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-8، ص-111)

  • قَلبُ: ذ. صفت. ]ع [ دل- هينئون- هردو. هرشيءِ جو وِچ. پِتو- مغز- ڳڀ. دماغ- عقل.

قلب قالب ڪوڏ سان، ڪري ڪل ڪباب.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

رت غور شرع سانڏا اور، ڪري تُسان چور، ملان دي هِن قلب ڪالي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • قَلبِي: ذ. صفت. قلب جو- قلب وارو- دلي. قرب وارو- حب وارو.

نفي قلبي روحي سِري، خَفِي اَخفيٰ ڪَسب ڪِري،

قتل ڪر شوق شڪ شِري، اَنا الاقرار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-15، ص-17)

  • قُلزَم: ذ. ]ع [ سمنڊ (سمندر)- کارو. عربستان ۽ مصر جي وچ وارو سمنڊ- بحر قلزم- وڏو درياءُ.

ديدان والي درسن دائم، دُور درياهي قلزم قائم،

اکيان وچ اظهار، تارُو ٿي تار تريو سي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-46، ص-34)

  • قَلِيل: صفت ]ع [ ٿورو- گهٽ- قدري- ذرو. ننڍو- لاٺو- لاٺارو- ڇوٽو. اڻپورو. ڪُوڙو. ڪڇ- جزوي- ڇڊو- ورلي- ڪي.

عشق اندر ديان ڪاتيان قهري، وڃ اڙي وچ انڌين اَهري،

’محمود‘ منصب لڏ ڳئي لهري، پرکن ڪي ڪي قليل،

سوران والي هي سر راڳ دي.

(محمود فقير، ڪافي-65، ص-86)

  • قُمُ بِاِذُنِي: جملو. اُٿي منهنجي حڪم سان.

’محمد‘ هر مظهر جو مالڪ، حُسن واري فوج،

قُم بِاذني قواز منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-9، ص-5)

  • قَندهارِي: اسم خاص. ]سن. گنڌار [ افغانستان جي هڪ شهر ۽ علائقي جو نالو.

ٺل جبل دي ولايت دي ونگ،

پڪ پنهل ڪش چايوني هِن قندهاري ڪالڙ ڙي.

(محمود فقير، ڪافي-60، ص-83)

  • قَندِيلُون: واحد. قَنديلُ. ذ. ]ع [ شمعن ٻارڻ لاءِ شيشي جي رنگين پيالن وارو شمعدان. فقيرن جو پيالو. ڪشتو- ڪچڪول- ڪشڪول- زنبيل.

ڪشتا ٻڌ قنديلون، جهنڊا ڏنڊ نغيلون،

طرحين ڪج تحصيلون، نسنگ ٿي نِڪر ڙي.

(محمود فقير، ڪافي-25، ص-58)

  • قَوِي: قوت وارو- زورڀريو- مضبوط. جبرو- ڏاڍو (ماڻهو پُڄي نه سگهي). باري. سخت- اڻ ٽر.

مرد ڪيئن مئيخان ۾، تو مَٽ مٿي مخمور ڪيا،

ڪيفي ڪلالي ڪار تي، قادر قوي تنهنجو ڪرم.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-16، ص-128)

  • قَهَرُ: ذ ]ع [ غضب- ڏمر. زبردستي- زوري- ڏاڍ- ظلم- بيداد- انڌير. شامت- بدبختي- نڀاڳائي- برائي- چنڊائي.

قهر نال ڪريندا قابو، قلب ڪنڌ ڪپار.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • قِيل مَقالَ: ث. گفتگو- ڳالهه ٻولهه- باب چيت- ريجهه رهاڻ. ردڪَد- بحث.

’محمد‘ مئي پي مام سڃاتي، ڪُلي قيل مقال موليٰ.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-5، ص-8)

  • قيمان: ]ف. قيمه [ ريزه ريزه ٿيل گوشت- زره زره ٿيل گوشت جا ٽڪر.

کوڙ خَفي وِچ خيال دا خيمان،

ڪر قلب ڪُون قُربئون قيمان،

پايا يار جلالي جامان، وَڄا ناد نيارا وي.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-3، ص-166)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڪ

  • ڪاپارُ: ذ. ]سن. ڪَپال= ڪاپار [ کوپڙيءَ جو مٿيون حصو- چوٽي. ڪيپراٽي. ٽوڪڻ- ٽپڻ. مٿو- سر- نراڙ. ڪنڌ.آسمان جو سِرَ يا مٿي مٿان بيٺل ٽٻڪو. ڪپار- اؤج- فلڪ.

لهي ’لا‘ جي ڪات جو لعل لقب، ڪلتار ٿيو ڪاپار قلب،

ڪري تَنُ مَنُ طبلا تار طلب، برحال بزم برسايان مان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-71، ص-48)

  • ڪاپڙي: فقير- سنياسي- جوڳي. فقيرن جي ذات. ڪاپڙي هڪ قسم جا جوڳي فقير آهن، جيڪي گيڙوءَ رتا ڪپڙا اوڍيندا آهن ۽ ساڻ هميشه هٿن ۾ لٺ هوندي اٿن، ساري عمر تيرٿن ۽ تڪين ڀيٽڻ ۾ صرف ڪندا آهن. ۽ هنڌ هنڌ مالهائون، جڻيا ۽ گنگاجل ماڻهن ۾ ورهائيندا وتندا آهن. (اصطلاح) وڏيءَ منزل وارا سنياسي- جوڳي- مسافر- سچا سورهيه عاشق. وڏا جهانديده- وڏي حوصلي ۽ ڄاڻ وارا. زاهد- جوڳي- تپشي- تارالدنيا- درويش- سچا عاشق.

ڪجل سان ڪن قابو ڪُنڍيون، ڪاپڙي ڪن چيراکيون.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • ڪاڍو: اُڪنڊ- خواهش- چاهه- دل- سَڌ-تمنا- چاهت- رُخ- لاڙو- ليٽ- خيال- چاٽي- ڇڪ- سڪ- ڪشش- حُب- تانگهه- اُڪير- محبت - قرب.

هڪڙو عشق اکين کي ڏاڍو، ٻيو دل ڪاڍو  بار بار.

(محمود فقير، ڪافي-10، ص-50)

  • ڪارَبُ: ذ. ]ع. قالب. ف. گالبد= سانچو [ قالب- ٺپو- فريم- فرمو- ماپو- ڪورين جي اوزار جو هڪ قسم. ڍنڍ جي پکين جي ڦاسائڻ جو هڪ طريقو- دلبو. ”ڪارب جو شڪار“.

ڪارب آر کوٽي کسئين، رنبيءَ وار ي روهي،

پير پيادو ٻنڌ ڪران، منزل پنج ڪوهي.

(محمد فقير، گنگو، ص-107)

  • ڪارنهن: ث. ]سن. ڪالما [ ڪارنئن- ڪارو رنگ- ڪاراڻ- داغ- عيب- وِڏَ- گهٽتائي. (ڪارنهن جو ٽِڪو لائڻ) بدنام ٿيڻ- خوار خراب ٿيڻ- ذليل ٿيڻ- رُسوا ٿيڻ.

کنئي اٿئي خوشيءَ مان، ڪارنهن جي دانگي،

توڙي هجين ڦلاتڻ ڪانگي، ته به سونهين ٿي سانگهڙ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • ڪارونڀاري: (ڪارونڀار). ڳوڙهو- اونهو- پاڻي- درياء. اونداهي. ڪاري اونداهي.

ڪاف- ڪامل ڪاپڙي، ڪلالي ڪلتار،

ڪين ڪمائي ڪين ٿيا، ڪارونڀاري ڪار.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-251)

  • ڪارِيَهلُ: (ڪاريهر) ذ. ]سن. ڪال+ هر [ نانگ جو هڪ قسم- ڪارو نانگ- بسيهرُ- وَسيهر- واسينگ- مڻ وارو نانگ- اصيل نانگ. (صفت) زهر کڻندڙ- زهر. هتي ڪاريهل مان مراد سڌن وارو نفس آهي.

ڪاريهل ڪر کڻي، جوڙي هڻي جَهٽ،

ڪو آڌوتي الهٽ، جوڳي جهلي جهڙپ کي.

(محمد فقير، بيت-61، ص-272)

  • ڪاڙهي: ذ. ]سن. ڪواٿَه= جوشاندو [ ڪاڙهيل شين جو پاڻي- عرق- نچوڙ. اونهاري جي سخت گرمي- گرمائش- گهُٽ- ٻُٽَ- آڙنگ- هُڦَ- آزار- عذاب- ويڌن- روڄ راڙو- روڌن.

ديراَ وير ٿي پير نهاريان، گهيڙ گهٽيون گهاڙي،

خنڪَار کيڏازيس خيال پنهون جي، ڪيچين جي ڪاڙهي.

(محمود فقير، ڪافي-31، ص-62)

  • ڪاسي: (ڪاشي ڪَروٽ). ذ. ڪاشي شهر ۾ هندن جي هڪ پوتر کوهه جو نالو.

هرجاءِ ذات ظهور ظاهر، ڪعبا قائم ڪاسي.

(محمد فقير، سر ٽوڙي، ڪافي-8، ص-221)

ڪبير، ڪرشن، ڪاشي ڪعبو- ڪلڪل وارو ڪام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-11، ص-79)

  • ڪامَ: ث. ]سن. ڪَبا [ ڪاٺ جي ڊگهي ڪاٺي- ڪاڃڻ- لڙهو- گهر جي اڏاوت جي ڪاٺي- جاءِ جي بجاءُ لاءِ وڏو داسو- شهتير- آڏ- جهل- ٽيڪ- جهلو- جهالو.

ڌام ڌمالي ڪا ڪام لڳئي، شل هام وڃئي، پيا لنب لڙي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-111)

  • ڪامِرانِي: ث. بختاوري- اقبال متدي- خوش نصيبي- سوڀ- فتح- ڪاميابي- جيت- کَٽَ- فتحيابي- فتح.

ڪجل ڪار ڪلنگي، قائم ڪر ڪريمي،

قرب ڪامراني، ڪمانوڻ تئون صدقي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-36، ص-139)

  • ڪامڻي: نهايت خوبصورت عورت- حسينه- مامُرو- سُندر ناري- جميله- شڪيله- پري- نازڪ بدن عورت- سگهڙ زال.

ڪونج ڪبوتر ڪامڻي، جنهن ۾ حُسن جون هايون،

پورهيت تنهن وٽ پنج ڄڻيون، ٻانهپ ۾ ٻايون.

(محمود فقير، بيگم، ص-115)

  • ڪانبو: ذ. ڪانب. گاهه وغيره جي ڳٺڙي- ڀروٽڙي- ڀري. گاهه ڪرڻ لاءِ چيلهه ۽ ڪلهي ۾ ٻڌل جهولي، جنهن ۾ گاهه وغيره جمع ڪجي.

پاڙي پرميسر جي، تون پير لنگهائي پاءِ،

کارِي ڪانبو اَهتُ اُڳاڙين، صحبت ڏيون توکي ساءِ.

(محمود فقير، گنگو، ص-109)

  • ڪانُ: ذ. ]سن. ڪانڊَ= تير [ ڪاني مان جڙيل تير- ٻاڻ- ڪاني- گز. ڀالو- نيزو- ڏَڦو- سَرُ- تيلو- ٽينگر- پيلو- پيڪان- ڪرڪ- لوري. سيلو.

موت ويا سويرا، پڇان پوءِ ٿي پيرا،

جيجل جتن لئه جلن جيءَ جيرا،

مون کي ساهه ۾ سرتيون، ڪشي هڻي ويا ڪان!

(محمود فقير، ڪافي-35، ص-65)

  • ڪانئر: ذ. صفت. ڊڄڻو- بزدل- گيدي- ڪاهل- ڪم چور- ڪيٻائيندڙ- ڪڌو- ميسڻو- اندر کوٽو. (اصطلاح) لائي چائي ڪندڙ. ننداخور. ڪانئرو (پکي).

رُتِ وانئر جيهي تون هئين ڪانئر ڪُتي،

ايهين شاعر آندئي ني ڇوڙ جنگي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • ڪاههَ: ث. جملو- هَلان- جُلهه- رومڙ- اوچتي چڙهائي.

ڪنبڻ ڪُسڪڻ مول نه ڏيندا، قهر والي ڪاهه.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-21، ص-154)

  • ڪايو: ذ. ڪائو- شيشو. ڊگهي ڇڙهه- لڙهو. پَڃرُ.

جُتي تِنان جوڙي ڏيسان، ڪيم چمڙو سايو،

اڌوڙ اٿم ٽنگي، ڪالهه کوڙي ڪايو.

(محمود فقير، گنگو، ص-105)

  • ڪَبابُ: ذ. ]ع [ کاڌي جي شيءِ جو هڪ قسم- شيخ ۾ پڪل قيمون.

پيئان شوق مان شراب، کائي ڪوڏ سان ڪباب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-51، ص-95)

  • ڪَبيرُ: ذ. صفت. ]ع [ وڏو- بزرگ- بَرگزيدو- اُتم- اعظم- اعليٰ. (اسم خاص) هندستان جو مشهور ڀڳت ۽ درويش فقير- ڪبير ڀڳت.

ڪبير ، ڪرشن ڪاشي، ڪعبو، ڪِلڪِل وارو ڪام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-11، ص-79)

  • ڪَتُ: ذ. ]سن. ڪرتن= ڪَتُ [ نِبُ (قلم جو). ڪتڻ جو ڪم- ڪاپو (ائٽ جي وسيلي ڪپهه مان تندون ڪڍڻ). شاعر مطابق عبادت ڪرڻ- بندگي ڪرڻ- ذڪر ڪرڻ- مجاهدا ڪرڻ.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪنبي ڪيم ڪَتُ،

ونحن اقرب اِليھ مِن حبلل وريد، واقف ٿي وحدت.

(محمد فقير، بيت-10، ص-266)

  • ڪَتَبن: واحد. ڪَتبو. ذ. خيال- ويچار- فِڪر. اميد- آسرو- ڪوشش- سعيو- اُدم- اورچائي. اٺ جي پلاڻ جون ڪانيون. ڪتبن سان ڪڙن ۽ پلاڻ سان ٻڌي ڪري کڻي وَيا.

شيشا شوق شراب جا، اڄ کاهوڙي به کڻن،

پياريو  ٿا پُر جام پنهل کي، ڪتبن ساڻ ڪَڙِن.

(محمود فقير، ڪافي-24، ص-58)

  • ڪَٿَ: ث. ]سن. ڪَٿ= تخمينو [ اندازو- انومان- تَڪَ- تخمينو- اٽڪل- اندازاً- اٽڪل روءِ . ماپ- وزن- تور- ماڻ- شمار- ڳاڻيٽو- ليکو- حساب- ڳڻپ- ڳڻت. مُلهه- قيمت- اگهه- قياس- قياس آرائي.

پد پرڪاشي پُرجهه پڌارٿ، سُنت سُناوي گيان ڪٿا ڪٿ،

اُنپت اُجلي يگٽ يٿارت، ’محمد‘ ميگهه ملارا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • ڪَٽُ: ڪٽ چڙهڻ. مصدر. زنگ لڳڻ- زنگ پوڻ. دل تي خراب اثر وجهڻ- ضد پوڻ.

اَڏيءَ نيئي آرام ڪيو، ڪاتيءَ چڙهيو ڪَٽُ،

جنهن تي پيتو پَٽُ، سو پَسڻ ۾ پڳدار ٿيو.

(محمد فقير، بيت-38، ص-270)

  • ڪَٽَڪُ: ذ. ]سن [ لشڪر- عسڪر- فوج- سپاهه. دَلُ- انبوهه- حشام- ڪٺُ- پينڍَ- ڀيڙ- خلق- گهڻائي- وڏو مجموعو- خلقت- اٿاهه- بي حد- بيشمار.

اٽڪڻ جون عادتون، اکين کي آهين،

ڪٽڪ سان ڪاهين، ڪوپن جي ڪاپار تي.

(محمد فقير، بيت-163، ص-282)

  • ڪَٺِمالُون: واحد. ڪَٺِمالَ. ]سن. ڪنٺ= ڪڻ= آواز ڪرڻ [ ڳلو ڳچي. مالها. هار- زنانو ڳيچيءَ جو زيور. مالها. چاندي يا سون جو زيور جيڪو هيٺ سيني تائين هار ٿي بيهي.

زيور هس، ڪڙولا، ٻانهيون، ٻار کيون ٻيڙا،

دُهريون، ڪڙيون، ڪٺمالون، ڪي چنگ چڙهيا چوڙا.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • ڪَثر: ث. ]ع [ گهڻائي- جهجهائي- واڌارو- اضافو.

اکيان اندر الله هي، بيشڪ بقا باالله هي،

قائم ڪثر ڪُلاهه هي، ظاهر ظفر ذاتي ذڪا.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-13، ص-189)

  • ڪَثَرتَ: ث. گهڻائي- جهجهائي- انيڪتا- فراواني- واڌارو- اضافو- ڳاهٽ (ماڻهن جو) انبوهه- سُڪر- سبزسالي. تصوف جي اصطلاح ۾ ”وحدت“ جا مختلف جلوا- صفات.

ڪون ڪمال قديمي قدرت،

ڪون ڪلام قلم ڪُل ڪثرت،

ڪون قلب قبلات هو يا دم.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-7، ص-149)

  • ڪَپارُ: ذ ]سن. ڪَپالُ=ڪپار [ کوپڙي- ڪاپار- ڪيپراٽي- سيرُ- مٿو- ڪنڌ. قسمت- ڀاڳ- لِکيو- نصيب- بخت.

قهر نال ڪريندا قابو، قلب ڪنڌ ڪپار.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • ڪَپَرُ: ذ ]سن. ڪَپالَ= ڪنارو [ ڪپ- پاسو- ڀَرِ- ڪنارو- وَٽِ- ڪنڌي- ڪنار. اُوچو ڪنارو- اُتانهين ڪنڌي.

ڪين ڪين ڪين، بنا ڪين آهي ڪين،

ڪپر ڪنڌي ڪانه ڪا، ڪين سندي ڪين.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-2، ص-232)

ڪَڙيا ڪَسيون واهڙ وڪڙ ۽ سڙڪ وهن ٿا طرحين تار،

ڪُن ڪپر ڪن ڪڙڪا قهري، مانگر مچ وڙهن.

(محمود فقير، ڪافي-10، ص-50)

  • ڪُپيري: اُها ڀيڻي جتي واٽ وارو پير ئي نه لڀي- پير وڃائيندڙ واٽ.

’لا‘ لاهوتي لاشڪ لنگهيا، ڪپيري جو پُرجهي پير.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-8، ص-187)

  • ڪَج ڪُلاهه: ذ. ڏِنگ تي ٽوپي رکندڙ- ٽيڏي ٽوپي پائيندڙ- ٽُوٽ ڊگهي چُهنبدار ٽوپي (جيڪا اڪثر صوفي درويش پائيندا آهن).

سَتين سر ربيع الاول جي سنه تيرهن سو چاليهين،

ايڪهٺ عمر عجائب، ڪَج ڪُلھ ڪئي قربدار.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-2، ص-233)

  • ڪَڄيا: ڪڄڻ. مصدر. ڍڪڻ- لڪائڻ- پردو ڪرڻ- پناهه ڏيڻ- بچاءُ ۾ رکڻ- اوٽ ۾ رکڻ- پرده پوشي ڪرڻ. ويڙهڻ- تهه نشين ڪرڻ- تهه ڪرڻ. وڃائڻ- گم ڪرڻ- والارڻ- قبضي ۾ ڪرڻ.

علي عه عيب اسانڏي ڪڄيا، ماهي يار ڳئي مُرلي وڄيا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-144)

  • ڪڃري: ث. ]ف. ڪئنچني [ رنڊي- ناچڻي- وئشيا- فاحش عورت- چڪلائڻ- ڪسبڻ- بدپيشي واري عورت.

تنهنجو لاڏ لکيسري، تون پنپوران پَرڙي،

جي ڪنڃري آهين، ڪَرڙي، ته به سُونهين ٿي سانگهڙ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • ڪَدُ: ذ. ضد- هوڏ- شدتَ- نرجائي- ڊيٺائي. بحث- دليل بازي- مناظرو.

مائٽ تنهنجا معاملائي، سي ڪَدُ ٻڌن ڪوڙا،

ڪڃر ڪنهن ڪٺار جا، سي هُلُ ڪن هوڙا.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • ڪُڏائي: ڪُڏائڻ. مصدر. ]سن. ف. ڪردن [ ٽپائڻ- نچائڻ- ٺينگ ڏيارڻ- ٽپا ڏيارڻ- خوش ڪرڻ- راضي ڪرڻ- ريجهائڻ- پرڀائڻ. کيڏائڻ- وندرائڻ- راند ڪرائڻ.

عشق ”محمد“ آتش لائي، وِسر ڳئي ٻي سڀڪا وائي،

قلب ڪونتل قرب ڪُڏائي، ويک اُلٽ انحد اور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-18، ص-19)

  • ڪَرُ: ڪنڌ- سينو- ڳاٽ. بدن جو مٿيون ڌڙ سسي.

ڪاريهل ڪاوڙ کان، قهري کڻي ڪَرُ،

نانگ نرالا نر، نيڻن ۾ نروار ٿيا.

(محمد فقير، بيت-136، ص-280)

  • ڪَرڙا: (ڪَرڙي) ث. صفت. سخت- کَهُري- تيز طبع- جوشيلي (عورت)- بي رحم- ڪٺور. (هارين جي اصطلاح موجب) هر ڪاهڻ وقت تڪليف ڏيندڙ زمين- سخت مٽي. مهانگي. آڪڙي- گران- تيز. بها واري.

جوڙ جنازا ڌرتي داخل، سائين ري پئي سام،

حاڪم ڪرڙا ٻَڌي ارڙا، چائي کڙاهي ڪات.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-77)

  • ڪُرش: ]ع [ خاندان- ڪٽنب.

شهباز قلندر هئي قرارا،

عرش ڪُرش وچ نوبت نعرا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-103)

  • ڪِرشَنُ: ذ. صفت. ڪارو- سياهه- سانورو. چنڊ جي پوئين تاريخ- انڌيرو- اونداهو. (اسم خاص) هندن جو وڏو اوتار- ’واسديوَ‘ جي پُٽ ۽ راجا ’ڪنس‘ جي ڀائٽي جو نالو ڪرشن مهراج- ڌرِمي عقيدي موجب وشنو جو ڏهون سُروپُ- ڪرشنا- ڪَنهِيو- مُرليڌر- گئوپال- گوال.

ڪبير ڪرشن ڪاشي ڪعبو، ڪِلڪِل وارو ڪام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-11، ص-79)

  • ڪَرو: ذ. ]سن. ڪَرَڪَوَ= ڪرو [ ٺڪر جي ٿانوَ جو هڪ قسم- ٽونٽيءَ وارو لوٽو- ڪؤنرو- بدنو- ڪوزو.

وضو ساري وحدت جو قلب رک ڪَرو،

ڪچائيءَ جي قطري جو پوي ڪونه پَرو.

(محمود فقير، خيري، ص-141)

  • ڪرِها: واحد. ڪَرَهو. ذ. ]سن. ڪَرَڀَ= ڪرهو. پرا. ڪَرَهو[ اُٺ- ڏاگهو- توڏو- ڪَرَههُ- مَيو- ڪنواٽ.

ڪرها اُٺ ڪَوازي، منزل ڇڪين غازي،

اندر ٿيم اُداسي، ڏسي جبل جايون.

(محمود فقير، ڪافي-4، ص-46)

  • ڪريمي: ذ. صفت. ]ع [ ڪرم ڪندڙ- احسان ڪندڙ- معاف ڪندڙ سخي. (اسم خاص) خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو ”ڪريم“ رسول صه جن جو صفاتي نالو.

ڪجل ڪار ڪلنگي، قائم ڪر ڪريمي،

قرب ڪامراني، ڪمانوڻ تئون صدقي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-36، ص-139)

  • ڪڙڪاٽ: ذ. ڪڙڪي وارو آواز- وڻ جي ڪِرڻ، وڏي ڪاٺ جي ڀڄڻ جو ڪڙڪو- ٺڪاءُ- ٽڙڪو- ڪڙڪو. طوفان جي گوڙ- گجڪار. ڪونج جو آواز.

دل دڙٻاٽ، ڪر ڪڙڪاٽ، پئي وڻڪار وِچ وڄلي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • ڪڙڪي: (ڪڙڪو) وڏي ڪڙڪي وارو آواز- ڪڙڪاٽ- ڪڙڪاءُ- ٺڪاءُ- دڙڪاٽ. گوڙ جي گجڪار. زور سان ڳالهائڻ جو آواز- دُهل وغيره وڄڻ جو آواز. واڄٽ.

ڌُڪڙ ڌرپد ڌمالان ڌُن، قائم ڪڙڪي ڪپاري ڪُن،

گونا گُوني گرامي گُن، گياني گلزار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • ڪَڙن: (سن) ڪڙڻ = سوگهو ڪن، ٻڌن. مصدر= ڪِڙڻ. امر= ڪَڙِ. ڪڙو. ذ. صفت. ]سن. ڪَٽ= ڪؤڙو [ سواد ۾ ڪؤڙو- تلخ- چيڙاڪ- چڙڻو- تيز طبع- گرم مزاج- چڻگي. ڪَڏڻ= قابو ٻڌڻ. (سا ويڙهي سوگهو ڪرڻ (ڊاڪٽر ن. ب)

شيشا شوق شراب جا، اڄ کاهوڙي به کڻن،

پياريو ٿا پورجام پنهل کي، ڪَتبن ساڻ ڪڙن.

(محمود فقير، ڪافي-24، ص-58)

  • ڪڙولا: واحد. ڪڙولو. ذ. ٻانهن ۾ وجهڻ جو هڪ ڳَهه- ڪنگڻ.

هس، دُهري، ڪٺمال، ڪڙولا، ساڙيان سون زري،

اڻوٽ پائڻ عيب اسان کي، ناهي زيب ذري.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • ڪَڙي: مصدر. ڪَڙڻ. زنجير وغيره سان ٻڌڻ- سوگهو ڪرڻ- جڪڙڻ. اٽڪائڻ- ڦاسائڻ. ڳنڍڻ- جوڙڻ- گڏڻ. قطارڻ.

مون ته ڀانئيا مهمان، وٺي ويندم پاڙو!

منهنجو ڪوهيارل ڪيچي ڪڙي ويا ڪيچ مڪران.

(محمود فقير، ڪافي-35، ص-64)

  • ڪَڙيون: واحد. ڪڙِي. ]سن. ڪَٽُ= ننڍو ڪڙو [ پير مٿان مُرئي وٽ پائڻ جو زنانو زيور. زنجير جو هڪ حصو يا ٽڪر. لوهه جو ڇلو.

دُهريون، ڪڙيون، ڪٺمالون ڪي، چنگ چڙهيا چُوڙا.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • ڪُزِي: (ڪُزو) ذ. دين کان ڦريل (صفت) مکي چوسُ- مرچوٽ- ڪنجوس (ث. ڪُزي).

جيم جهومڪ جبل دي جائين،

ڪُزي ڪنڌ ڪڍ ڳئي ڪائين.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-143)

  • ڪسبياڻي: ث. ڪسب ڪندڙ عورت- بد پيشه عورت- رنڊي- چڪلائڻ.

خيري چئي سڀائيءَ کي، تون ڪسبياڻي ڪاري،

سرڪي آئينءَ سانگهڙ مان، نيرو ڀور واري.

(محمود فقير، خيري، ص-133)

  • ڪُستان: ڪوهستان.

ڪاريگر ڪُستان جي رازي ٺاهيا رنگ،

اندر منهنجو اُجاريو، جنهن دڙا ٺاريا دنگ.

(محمود فقير، خيري، ص-138)

  • ڪِستِي: ث. فقيرن جي پنڻ جو ٿانءُ.

تيڏي ڪيتي ويس فقيري، قنديل ڪلهي وِچ ڪِستي،

شڪم پليو سي سوئر دا، حڪم منيو سي هستي.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-120)

  • ڪشت. (ڪشٽ) ذ. ]سن. ڪُشٽَ= تڪليف [ مصيبت- هاڃو- جفا- جاکوڙ- آفت- بلا- سختي- آزار- پيڙا.

ڪيچي ڪشت ڪري ويا، مون کي دشت دري ويا،

مئيءَ کي مست ڪري ويا، چري ڏسي چوري!

(محمود فقير، ڪافي-3، ص-46)

  • ڪِشتا: واحد. ڪشتو. زهريلي دريائي ناريل جو کوکو. گداگرن جي پنڻ جو ٿانءُ- ڪستو- جَنبيل- زنبيلُ- ڪچڪول.

ڪِشتا ٻڌ قنديلون، جهنڊا ڏنڊ نفيلون،

طرحين ڪج تحصيلون، نسنگ ٿي نِڪر ڙي.

(محمود فقير، ڪافي-25، ص-58)

  • ڪَشنُ: (ڪَشين). نشانو وٺن- چٽين- هڻن.

ابرو اکين جي مٿان، ٿا ڪشن ڪج ڪمان،

مست پي مزگان، مقابل مشتاق ٿيا.

(محمد فقير، بيت-172، ص-283)

  • ڪَشي: مصدر ڪشڻ. ]ف. ڪشيدن= ڇڪڻ؛ پرا. ڪَسَ= ٻڌڻ [ ڇڪڻ- ٽاٽ ڪرڻ- ڇڪي ٻڌڻ- ڪَسڻ- سُڪ ٻڌڻ- ڇڪ ڏيڻُ- سَٽ ڪڍڻ. زور ڏيڻ. ڏاڍو ڪرڻ- مضبوط ڪرڻ- سوگهو ڪرڻ. نشانو وٺڻ- چٽڻ- هڻڻ.

شوق ڪيا شاهي شغل، شملا ٻڌي شهزور سان،

ڪشي ڪجل وارو ڪان مون کي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-5، ص-109)

  • ڪَعبو: ذ. ]ع. ڪعبه= الله جو گهر [ بيت الله جو نالو- بيت الحرام- قبلو- خدا جو گهر (مڪي ۾)- نماز ۾ سجدي واري طرف.

ڪعبو قدسي من ۾ ڳولي، حق موجود وجود ۾ کولي،

’محمد‘ ڏس تون ڪير ٿو ٻولي، رمز رندي جي رهڻ جو.

(محمد فقير، ڪافي-37، سُر ڀيروي، ص-36)

  • ڪَفا: ]ع. ڪفاءُ [ مانند- برابر- جهڙو- وانگر- جيان.

قادر قدم قلندر، قبل قل قدح ڪلالي،

ڪلنگي ڪُلاهه قائم، ڪيفي ڪفا ڪفا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-17، ص-129)

  • ڪُفرُ: ذ. ]ع [ خدا جي ذات ۽ صفات جو انڪاري- نه مڃڻ. الحاد- ناشڪري- دهريت- ملحدي- منڪري- ڪوڙين ڳالهين کي سچو سمجهڻ جي حالت. ضِد- هَٺُ. انڪار- خدا کي نه مڃڻ.

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته هر هر ڪر هرنام،

طريقت جي ڪفر ۾، طالب رهه تمام.

(محمد فقير، بيت-181، ص-284)

  • ڪَڪورِيَلُ: ذ. صفت. ڳاڙهاڻ تي مائل- لال- ڳاڙهيرو- رَتو. پچڻ طرف مائل.

رمزانِ ڪيف ڪڪوريل ڪيفي،

سرس سنگينون سُرخي صيفي،

سٽي سرواهيون ڪيون سُخن ستيون ستيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • ڪَلادار: ذ. صفت. ]سن. ڪلا+ ڌاري= ڌارڻ [ هنرمند- ڪلاڪار- ڪاريگر- هنري- فني. سمجهو- ڏاهو- ماهر- سياڻو- عاقل- اڪابر. حرفتي- اٽڪلي- چالاڪ.

مڻ جني جي مغز ۾، سي ڪي ڪي ڪلادار،

شاهي ڪن شڪار، ڏيئي ڦوڪ ڦڻ سان.

(محمد فقير، بيت-137، ص-280)

  • ڪَلالُ: ذ. ]سن. ڪَليهَ= شراب. سن. ڪلاد= ڪلال [ شراب ڪڍندڙ- شراب چِڪائيندڙ- شراب ٺاهيندڙ- شراب وڪڻندڙ- آبڪار. شاعر مطابق توحيد جو شراب چِڪائيندڙ- مرشد- رهبر- گرو.

عشق اويڙا قدم ڪُڏايا، ڪيفي ڪيف ڪلال دا ڪمال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص-86)

  • ڪلالِي: شراب پياريندڙ- شراب ڏيندڙ- ساقي. مُرشد.

برسر بهاري بيشڪ بحالي، قائم قدم سان ڪوپو ڪلالي،

مئي جي مَٽي تي محڪم موالي، شوريل شرابي شائق شهر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • ڪَلامُ اللهِ: اسم خاص. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي لٿل خدا جو ڪلام- اِلاهي ڪلام. قرآن مجيد.

’محمد‘ ڪيف ڪڪوريل، قهري ڪجل وارو ڪات،

ڪلام الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • ڪُلاههُ: ذ. ]ف. ڪَلاههَ= ٽوپي [ ڊگهي چهنبدار ٽوپي (جيڪا اڪثر صوفي درويش پائين ٿا).

قامت ڪريم قدسي، قادسر به ڪامراني،

ڪَلنگي ڪُلاهه قائم، ڪيفي ڪلال جو.

(محمد فقير، سر ڀيرو راڳ، ڪافي-2، ص-51)

  • ڪَلتارُ: ذ. خالق- اُپائڻهار- ڪرتار- ايشور- موليٰ پاڪ- رزاق- پالڻهار- ڌڻي- پرماتما.

لهي ’لا‘ جي ڪات جو لعل لقب، ڪلتار ٿيو ڪاپار قلب،

ڪري تن من طبلا تار طلب، برحال بزم برسايان مان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-71، ص-48)

  • ڪَلِجُڳُ: اسم خاص. ]سن. ڪَلُ= ڪارو+ جُڳُ= يُگُ؛ سن. ڪَلي يگ= چوٿون زمانو [ هندن جي عقيدي موجب، چئن جڳن مان هلندڙ چوٿون جُڳ- چار لک ٻٽيهه هزار ورهين جو عرصو، جو عيسوي سن کان 3100 سؤ ورهيه اڳ شروع ٿيو. فساد جو زمانو - ڪوڙو سمون- کوٽو جُڳ.

ٻُڌ سُڌ جاني جوڳي جُڳ جُڳ، ڪَلجڳ ڪا ڪلتاري ڪو.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-3، ص-175)

  • ڪَلدار: ذ. چانديءَ جو رپيو- سڪو- سرڪاري مهر. روڪڙ- نقد. هتي شاعر ڪلادار ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي يعني هنرمند- سمجهَو- ڏاهو.

قطار جا ڪلدار جي، للڪار سان لَڏي،

ڪارا اُٺ ڪوهيارل جا، ڪن رائي منجهه رَڏي.

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-57)

  • ڪِلڪِل: ث. ]سن. ڪَلَههَ< ڪَل ڪَل= جهيڙو [ گهپي- کِٽ ڦِٽ- مانڌاڻ- ريڙ پيڙهه- ڪُرڪُر.

جُتي تِنان جوڙي ڏيسان، ڪِلڪِل ڪوهه پيو ڪَرسي.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • ڪَلنِگي: ث. ]تُرڪي. ڪَلغِي [ بادشاهي ڇٽ- تاجُ. پٽڪي جي مٿي ڪيل چوٽي- ڪُلغي. چُهبياري چوٽي- ڪُلهو- لوهي ٽوپي- سرداريءَ جو نشان- تمغو. حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي اولاد مان پڳ وارو پير ڪلنگي پائي مريدن کي زيارت ڪرائيندو آهي.

ڪلنگي ڪُلاهه پائي، پڳدار ٿيو پاڳارو،

هرجا حڪم هلائي، هسوار ٿيو پاڳارو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-11، ص-14)

  • ڪَلور: ذ. ]سن. ڪَلولُ= ظلم [ ويلُ- ظلم- ناحق- بي انصافي- هاڃو- ڏاڍ- بي داد- زبردستي- قهر- ڏاڍائي.

ڪافر ڪُهي ڪيئون ڪوس ڪَلور،

زخم آهن سِر جهورڻ جا.

(محمود فقير، ڪافي-13، ص-51)

  • ڪُلهاڀا: (ڪُلابو). ڪچو ڌاڳو. چيلهه جو پٽو- ڪمربند- ڪرائي ۾ ڪنگڻ. چوٽيدار ٽوپي ۽ پٽڪو. ڌڏڙ- تَئو- تند.

ڪمر ڪُلها ڀا ثمر ٻڌائون، امر لڳو ته اريم،

ڌاڳا ڌوپ لڱن کي لائي، پياسي پنڌ پريم.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-63)

  • ڪُلِي: سموري- ساري- سڀ- سربستي- سڄي- جملي- ڪل. سڀوئي- رُڳي.

انساني جي اولي اندر، عُشاقي ارواح،

ڪُلي قرب ڪمائي آيس.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-35، ص-88)

  • ڪَليمُ اللهِ: صفت. حضرت موسيٰ عه جو لقب -. خدا سان هم ڪلام ٿيندڙ.

قاب قوسيني ڪُل ۾ قائم، ڪلالي ڪلمات،

ڪليم الله چوان.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-5، ص-203)

  • ڪِمامُ: ذ. سامان سڙو- شيءِ شڪل- ٽپڙ ٽڙو- اسباب- مال متاع- گهڻو اسباب- مانڊاڻ.

سُتي ثاب، پيم خواب، ڪو امام آيو،

امام جو ڪِمام، ٿيو سامان جو سعيو.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-46)

  • ڪمانَ: ث. ]ف. ڪمانَ [ جنگ ۽ شڪار جو هٿيار (تير هلائڻ لاءِ) سينڱ- اڌ گول- ڌنش- ونگ.

ابرو اکين جي مٿان، ٿا ڪشن ڪج ڪمان،

مست پسي مُزگان، مقابل مشتاق ٿيا.

(محمد فقير، بيت-172، ص-283)

  • ڪماني: ڪمان وانگر- وريل- مُڙيل- ونگيل.

ڪاڪل ڪُنڍڙي ڪار ڪجل دي،

قهري ڪاني ڪماني ساماني.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-37، ص-140)

  • ڪمر: هڪ عضوي جو نالو- جسم جو وچ، ڀڀر ۽ ٽنگن جي گڏجڻ وارو هنڌ- چيلهه- لڪ- ميان- سندرو.

ڪمر ڪلها ڀا سمر ٻڌائون، امر لڳو ته اريم،

ڌاڳا ڌوپ لڱن کي لائي، پياسي پنڌ پريم.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-63)

  • ڪَملا: واحد. ڪَملو. ذ. ڪَملُ- ڪَمَرُ- پيالو- جَمَنُ. پشمي ڪپڙو. محبوب- ڍولڻ- دلبر- جاني. رنگارنگي. مست ديوانو (سدا).

وجھ اِلاهي نِويميان هوڪا هُليا اَلا،

ڪٿان سُرت سجان ڪٿان ڪملا هي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-5، ص-76)

  • ڪُنُ: ذ. ]سن. ڪنڊ؛ ڪُنه= پاڻيءَ جو چڪر [ درياءُ جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونهو نڪونج- ميڙ- ڀير- گرداب- گهمرو- گهيرو- ڀَنؤرُ- ڦيرو چڪر (پاڻيءَ جو). هتي عشق جو ڪُن.

ڌُڪڙ ڌرپد ڌمالان ڌُن، قائم ڪڙڪي ڪپاري ڪُڻ،

گونا گوني گرامي گُن، گياني گلزار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • ڪَنان: وٽان- کان- کئون- پاسي کان- طرف کان- طرفان.

ڪوڙئين پدم نيلن ڪنان هڪ دم جپڻ آهي وڌيڪ،

دم خزانو هٿ ڪري، جُڳ جيئڻ آهي وڌيڪ.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-21، ص-65)

  • ڪَنبڻُ ڪُسڪَڻ: ڏڪڻ- لرڙڻ- ٿَڙڪڻ- تڙڦڻ- ڌُڏن- سياڻجن- ڌُڏڪڻ- ڌوڏو کائڻ- ڌڙڪڻ. ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍڻ- نه ڪُڇڻ نه پڇڻ.

ڪنبڻ ڪُسڪڻ مُول نه ڏيندا، قهر والي ڪاهه.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-21، ص-154)

  • ڪنبائي: ڪنبائن. مصدر. ڏڪائڻ- ڊيڄارڻ- هيسائڻ- ڊپُ ڏيارڻ- سياٽو وجهڻ- رڦائڻ- ڪؤ کائڻ- خوف ڏيارڻ. رعب رکڻ- ڄمت ڪرڻ- دٻائڻ.

اکيون پائي ڪجل قهري، ڪون پرواز ٿيون پهري،

مثل شهباز جيئن بحري، ڪنبائي ڪيئون قتل ڪيئي.

(محمد فقير، سر شام ڪلياڻ، ڪافي-10، ص-213)

  • ڪَنبُ: ث. ڏڪڻي- ٿڙڪڻي- ڦڙڪڻي- تڙڦ- لرز- سياٽو- رڦ رڦان- ڌوڏو- لوڏو- ڌُونڌاڙ.

هُل اِنهين هِراس ڪَتون، ميڏا قلب ڳيا هي ڪنب.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • ڪَنٺِ: ذ. ]سن [ ڳچيءَ جو اڳيون ڀاڱو- حَلقُ- گلو- نڙي- گَهٽُ. (2) ث. ياد- برزبان- دل ۾ هنڊايل- حِفظ.

ناب سي نرمل نام اُٺايا، هردي اندر هُل هُلايا،

ڪنٺ ڪنول اَرڀونر غفايا، اوم ڪا انگ لڳايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • ڪنجرو: ذ ]سن. ڪنڇُڪ= ڪنجرو [ زالن جي پائڻ لاءِ هڪ قسم جو (ڀرت ڀريل) ڪپڙو. (ڪنوار پرڻجڻ وقت پاڻي)- صرف ڇاتي ۽ اڌ پيٽ ڍڪيندڙ چولي- ڪنجران- ڪنجري- سينه پوش- انگي.

هڏ هيڻيءَ جو سڙي ٿيو ڪاٺيون،

ڪلهي ڪنجرو اڳريون ڦاٽيون،

ظلم زنجيرون قادر ڪاٽيون.

(محمود فقير، ڪافي-19، ص-56)

  • ڪَنچِيرُ: ذ. چيريل ڪنن وارا- جوڳي فقيرن جو هڪ قسم (جيڪي ڪنن ۾ وڏا والا پائين).

ڪجل سان ڪن قابو ڪنڍيون، ڪاپڙي ڪنچير اکيون.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-6، ص-229)

  • ڪنڌي: نديءَ جو ڪپ- ڪنارو- ڀر- ڪنٺو- ساحل. ڪٺو- ڪٺي ڪپر- ڪَني- اندي- ڪِنار- وَٽِ.

ڪپر ڪنڌي ڪانه ڪا، ڪين سندي ڪين.

(محمد فقير، سُر ديسيڪار، ڪافي-2، ص-232)

  • ڪُنڍي: (ڪنڍڙو) ذ. وارن جي گهُنڊي- زُلف- چڳ- ڪاڪل- گيسو- چوٽي- ڇلو- وَرُ- پيچُ.

ڪُنڍي ڪيف ڪڪوريل قهري،

جهلڪار ڪجل دي ڪٽڪي.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-3، ص-102)

  • ڪَنزُ: ذ. ]ع [ علم فقھ جي هڪ ڪتاب جو نالو. خزانو. مخزن- گنج- گنجينو.

ڇلا ٿيا اظهار، عشق والي اسرار،

ڪنز مخفي ڪل ڪر گنج گلزار.

(محمد فقير، سر ڇلو لوڙائو، ڪافي-1، ص-242)

  • ڪنعانا: (ڪنعان) ذ. ]ع [ شام جو صوبو، جتي حضرت يوسف عليه پيدا ٿيو هو.

يوسف ڪاڻ زليخا ظاهر، قائم ڪيا ڪنعانا،

خوبان خوب خماريل خم خم.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-6، ص-69)

  • ڪُن فَيڪُون: هيءُ فقيرو قرآن شريف جي پنجن سورتن جي آيتن ۾ آيل آهي. (1) سورة انعام آيت نمبر 73 (2) سورة نحل آيت 60، (3) سورة مريم آيت 35، (4) سورة ياسين آيت 82، (5) سورة غافر آيت 68. مڪمل آيت هيئن آهي: ”فَاذا قَضيٰ امرا فَانِما يَقول لھ کُن فيکون“. يعني جڏهن خدا تعاليٰ ڪنهن ڳالهه جو ارادو ڪري ٿو، تڏهن فقط چوي ٿو ته ”ٿيءُ“ پوءِ اُها ٿي پوي ٿي.

ڇلا ڪُن فيڪون بازي بن بيچون،

ٿيا گوناگون، سُر ريک گنڌار.

(محمد فقير، سر ايشور، ڇلو لوڙائو-1، ص-242)

  • ڪنگ: ذ. ]ڪَڻڪُ [ پاڻيءَ جي پکيءَ جو هڪ قسم- ٻَگُ- ٻگهه پکي- ٻگو- ٻگهلو. ننڍي مڇيءَ جو هڪ قسم.

مين ته ننگ، تيڏا مارا ڪنگ جيها،

شال ونگ، پوئي ڳچي وچ ڳٽي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • ڪَنوَلُ: ذ. ]پرا. ڪَولوُ؛ سن. ڪَمَلَ= نيلوفر [ پاڻيءَ جي گل جو هڪ قسم- پٻڻ جو گل.

ناياب سي نرمل نام اُٺايا، هردي اندر هُل هُلايا،

ڪنٺ ڪنول آرڀونر غفايا، اوم ڪا انگ لڳايا مئين.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-7، ص-173)

  • ڪوپُ: ذ. ]سن. ڪُنڀ [ قهر- غضب- ظلم- ويل- عتاب- اوچتي مصيبت- آفت- سختي. غصو- ڪروڌ- ڪاوڙ- جوش- جذبو- خشم- جُڪ. ميڙ- ميڙاڪو- گوڙ- هُل- ڌمچر- مانڌاڻو. گل جو هڪ قسم.

صورت ڪر پاڻ سان شامل، اسم جو ٿي اندر عامل،

ڪلالي ڪوپ تي ڪامل، ته لهندين لعل لاثاني.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-4، ص-210)

  • ڪُوپا: واحد. ڪُوپ. ذ. صفت. ]سن. ڪُوپي [ پهلوان- سورهيه- جوڌو- ڳوڌو- جوان مرد- دلير- قوي- شير مرد.

اُڙد عمر جا ڪُوپا قهري، ديرن تي دربارن،

ديواني ديوار ڏسي، آهي دڙٻاٽي دڙڪن.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

بَرسر بهاري بيشڪ بحالي، قائم قدم سان ڪوپو ڪلالي،

مئي جي مَٽيءَ تي محڪم موالي، شوريل شرابي شائق شهر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • ڪوچڙا: اسم خاص. خانه بدوش قوم جو نالو.

ڪوڙ ڪرين ٿو ڪوچڙا، اها ناهي چڱي چال،

تون زائد ٻڌو جنڊ هڙا، کڻي ڏينهن سنڀال.

(محمود فقير، گنگو، ص-107)

  • ڪوڇي: واحد. ڪوڇو. ذ. وڻن ٽڻن ۽ گاهه وارو هنڌ- جانورن جي چرڻ لاءِ جهنگ. سائو جهنگ- چراگاهه. ٻن جبلن جي وچ وارو مفاصلو.

وڻ ولايت ساڻ صنوبر کليا کيٽ خرار،

ٻوُڪيا ٻُوهه کليا گل گوهر، عجب رنگي اسرار،

ڪوڇي تي جن قول ڪياسي نر ٿيا نروار.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-54)

  • ڪوڏ: ث. حرص- سَڌَ- مرضي- خواهش.

قدم ڪُل ڪُڏائي قربدار قادر،

ڪري ڪوڏ آيا قتل جي ڪٽي تي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-55، ص-38)

  • ڪُورَ: ث. ]سن. ڪُليهَ= ڪڙيو [ واهه واهڙ- شاخ. هُرلي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ کوٽيل سنهي ڪسي- نالي.

تون اوڙاهن ۾ اوجهرين، نه ڏسين ڪُورَ ڪسي،

چلولي ڪرين چٿرون، ٻَڌي ڦند ڦسي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • ڪورا: واحد. ڪورو. ذ. پاڻي نه لڳل ٺڪر جو ٿانو- نئون ٿانو. تازو- ڪم نه آندل (ڪپڙو). شاعر مطابق ڪم نه آندل ڪات- نئون نڪور ڪات (جيڪو استعمال نه ٿيو هجي).

ڪڍيا قهري ڪوڏ سان، ڪجل ڪورا ڪات،

گاروڙي ٿيا گهات، گهورن جي گهمسان ۾.

(محمد فقير، بيت-249، ص-293)

  • ڪُوزا: واحد. ڪُوزو. ذ. ]ف [ پاڻي رکڻ لاءِ ٺِڪر جو ٽونٽيءَ سان لوٽو- ڪَرو- بَدنو- ڪونرو.

ڇوڙ مصلي عصا ڪوزا، وير وسان واري،

جوڳي جُڳ چڳ جوڳ ڪماون، جوشي جگر ڪر جارِي.

(محمد فقير، سُر ڪيسوري، ڪافي-3، ص-181)

  • ڪُوڪَ: ث. وڏي آواز سان سنهي نڙيءَ وارو سڏ- واڪو- رڙ- ريهه.

عدم ڪنان عشق ٿي، آواز ڪيو مون،

ڪن فيڪون ڪوڪ سان، قواز ڪيون مون.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-1، ص-231)

  • ڪَؤنتَلُ: ذ. ]تُرڪي= ڪوتائل [ سُوار چڙهيل وهٽ سان گڏ ٻيو سنجيل خالي وَهٽِ- بنا سُوار وهٽ. بنا لغام جي وهٽ. گهوڙي جو وڇيرو- ٻهاڻ. ٻيڙيءَ جو هڪ قسم. شاعر مطابق ٻيائي کان پاڪ دل.

عشق ”محمد“ آتش لائي، وِسرڳئي ٻي سڀڪا وائي،

قلب ڪُونتل قرب ڪُڏائي، ويک اُلٽ اَنهد اور.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-18، ص-19)

  • ڪواز: قواز. ذ. ]ع. قواعد= پريڊ [ فوجي چپ راست- فوجي نقل و حرڪت. حرڪت- چُرپُر. حرفت- کيڏ- اٽڪل بازي- چالبازي. (صفت) ڪميڻو- بي حيا- بي شرم- رذيل.

اڏاڻو بي اوچتو، جنهن پکيءَ ڪيو پرواز،

ٻڌوسين ٻروچ جو ڪو ڪندهاري ڪواز.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • ڪيتڪِي: ث. ]سن. ڪيتڪهه [ ٻوٽيءَ جو هڪ قسم. گل جو هڪ قسم.

ڪيتڪي کل ٽانگرلا لان، چيٽڪ چيٽ چٽائي چالان،

ڦٽي ڦول خزان ڪر تالان، ٿي سبزي سرس سوائِي هي،

سُرخ سهڻي صاف صحن وِچ.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-5، ص-168)

  • ڪَيَرِ: ث. ڪنهن شيءِ جا ذرا ذرا- ٽڪر ٽڪر- ڀور.

برا ڀٽارا ميا متارِي، چائيندا ڪاٺ ڪَيرِدي قنڌارِي،

جنهن داناڻا لک هزاري، اُنها گيهڪڻ ڪجهه نه گهٽايا هئي.

(محمود فقير، ڪافي-63، ص-84)

  • ڪِرُ: ذ. ]سن. ڪيلُ= وڏو ڪوڪو [ لوههَ جي ڪِلي- ڪِلُ- ميخ- ڪِلو- ڪيل. برڇي- بڻڇي.

مُلي تو مروان کي، قهري لڳندا ڪِيرَ،

موليٰ هڻندئي مُڪَ مغز ۾، تاب تکي سان تير.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • ڪِيرَتَ: ث. ڳالهه وارتا- حڪايت- ڪهاڻي- روايت.

علم عقل مت شرم شريعت، عشق نه ڄائي ان جي ڪيرت،

برهه بهادر ٿو ڪري سيرت، وِرهه وارن سان ورايو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-19، ص-19)

  • ڪَيفُ: ذ. ]ع [ خُمار- مَڌ- مَو- نشو (شراب يا عشق وغيره جو). ننڊاکڙائي- ننڊر.
  • ڪَيفِي: ذ. ڪيف وارو (واري) ڪيف ۾ آڻيندڙ.

رمزان ڪيف ڪڪوريل ڪيفي، سرس سنگينون سُرخي صيفي،

سٽي سرواهيون ڪيون سخن سَتيون سَتيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • ڪَليمِي: (ڪَلِيمُ) ذ. ]ع [ ڳالهائيندڙ- ڳالهه ڪندڙ- هم سُخن- هم ڪلام- الله سان هم ڪلام- سُخن گو. (اسم خاص) حضرت موسيٰ عه جن جو لقب.

انا احمد بلا ميمي، قرب ڪُن فيڪون قديمي،

سمجهي ڪوڪو قول ڪليمي، قائم قدرت وارو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

  • ڪِينَ: ظرف. ڪي ڪين- ڪجهه به نه- بلڪل نه- عدم- بنهه نه- صفا نه- نيستي-اصل نه- خالي- اجايو- نفي. نابودي- فنا.

درد فراق فڪر جي فن سان، ڪِينَ ۾ قرب ڪمائج تون،

هِردي اندر جهاتي پائي، خيال سان خيال جڳائج تون.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-6، ص-158)

  • ڪيهِي: (ڪيهو). ضمير. ڪيرُ- ڪهڙو. ڪُڄاڙو- ڇا. (ث. ڪيهي).

نِگاري نظم جِي، بهاري بزم جِي،

حُسن جي حڪم جِي، ڪيان ڳالهه ڪيهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-1، ص-122)

اڻ ڏٺو آهي ڏيهه اڳون، ٻي خير هٿيڪي خبر،

آهي قرض خدا جو فرض نماز، بيل دِي ڪيهي بات.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-76)

 

 

 

 

ک

  • کانجاڻا: واحد. کانجاڻو. ذ. رنڊڪ- جَهلَ- آڏ- رڪاوٽ- سيڙپ- دير.

ڪم ڪرين تون ڪوجها، ٻڌي بي فائدا بَم،

توَ تر تنهنجي تن ۾، کانجاڻا ۽ خم.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • کاهوڙِي: ذ. صفت. ڪوڏر ۽ کهي وارا ڏٿ. ڏوريندڙ سخت جان پورهيت- ڏٿ تي گذران ڪندڙ- ڏٿ ڏوريندڙ- جهنگل ۾ ڏٿ ڳوليندڙ. محنت- اورچ. ڦينائي- منترباز- منتري- منڊ رکندڙ (نانگ جي چڪ تي) جهاڙ رکندڙ. جهاڙائي- مانڊو. جهنگ يا جبل ۾ اڀرندڙ وڻن مان ميوا يا ڦل ۽ گاهه مان اَن ڳوليندڙ يعني ڏوٿي- ڏٿ ڳوليندڙ. فقير- الله لوڪ- بزرگ. موليٰ کي دل ۾ ڳوليندڙ- سالڪ.

پاڻي پيچ پتنگ جان، پچڻ سان پورو،

کولي کيلن کيل ٿا، کاهوڙي کورو،

نوراني نورو، لائي لئون سان لعل ٿيا.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-250)

  • کَٿُورِي: ث. ]سن. ڪَستُوري= سُرهاڻ [ هڪ خوشبودار وکر. سُرهاڻ- هرڻ جي دُن مان نڪتل خوشبودار شيءِ. کستوري. مُشڪ- خوشبودار ٻوٽيءَ جو هڪ قسم.

عطر عنبر گلابي گل، کلي خوشبوءِ کٿوري جي،

سَمي جي سيج ٿي سُرهي، وصل وارن وِهاڻن سان.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • کٽا: واحد. کٽو. (اسم) کٽو ڏُڌُ- جهڻ- آڇ- ڇاڇ- مَهِي- لسي- ڌونرو- پگهاريل مکڻ مان کاڌي لائق بچت. پگهريل مکڻ تي گجي.

ڇيڪاريو ڇيلا ترسن تڙن تي، بر ۾ اڏين ٿا ڀاڻا،

کير کٽاڙي مواريان، مارو منهنجا کيندا.

(محمود فقير، ڪافي-47، ص-72)

  • کٽڻهار: هڪ قسم جو گل ۽ ان جو وڻ. هي هڪڙي قسم جو گلاب آهي، مگر رنگ جو اڇو ٿيندو آهي. فارسيءَ ۾ ”گل مشقين“ عربيءَ ۾ ”ورحيني“ ۽ سنسڪرت ۾ ”سويتي“ چوندا آهن.

سرو صنوبر سورج سُوسن، گهليئي گل گلابي گلشن،

ڪيتڪي ڪيئي لالان جهرڪن، کيٽي کليئي کٽڻهار،

اکيان وچ اظهاري آئي.

(محمد فقير،س ُر بسنت، ڪافي-6، ص-168)

  • کپ: ذ. ٺيڪ- پورو- برابر- بيهڪ (ظرف) مضبوط- ڏاڍو- سوگهو- پڪو. گهرج. ضرورت.

جس ڪر تون دم جو، ڇڏي ٻي سڀ کپ يار.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-67، ص-45)

يارا اڙانگي، سٽ سانگي، لنگهه لانگهي لڙدي،

ونگ ووڙن، جنگ جوڙن، کپ کوڙن کڙدي.

(محمود فقير، ڪافي-56، ص-81)

  • کَپُرَ: لوهه جو اوزار (جنهن سان حُقي جي ٽوپيءَ جي صفائي ڪجي). نانگ جو هڪ قسم- زهري نانگ جو هڪ قسم.

کپر کڻ پدم ٻيا، تليهر توڙان توڙ،

جوڳير جي جوڳو جا، ڪري جنگي جوڙ،

”محمد“ ٻڌي موڙ، اکين ۾ اثبات ڪيا.

(محمد فقير، بيت-74، ص-272)

  • کچُ: ذ. ڀت- کچڻي- رڌل چانور. گڏجي ويل- ملاوت ٿيل.

بخت اسان رو بلاشڪ آسي، گڏ گنائتان کنڊان کچ کاسِي.

(محمود فقير، ڪافي-74، ص-98)

  • کدڙِي: (کدڙو) ذ. صفت. ]سن. شَندڪَه؛ کَنڊڪَ= نامرد[ بي مڙسيو- خنثي- مجنث- خصي- نرماد (گڏ)- ضعيف- ڪمزور.

شهباز، مٺي آواز، ڀلي کاهي کدڙي،

لکين لوڪ ڪندا ٽوڪ، توتي خوب کِلڙي.

(محمود فقير، ڪافي-25، ص-58)

  • کُرڏو: ذ. صفت. ڦريل پيرن وارو (ماڻهو يا جانور)- مُڙيل پير وارو- ڊونڊڙي پير وارو- ڦِڏو.

منڊي[8]  جهڙو موراچي ٽوڙ ٽلندو،

کائي ڏار، ٿيو هوشيار،ا چي کُرڏو کلندو.

(محمود فقير، ڪافي-69، ص-91)

  • کِرسايون: واحد. کرسائي. ث. گيسر- سيڙ- کوسڦيٽائي- سيڙاپو.

باهيون توکي ڀنگ جون، ٻيا آمل جا آواز،

ڇڏ خبيث کرسايون، ڪوڙا ڪر نه بياض.

(محمود فقير، موالي، ص-130)

  • کَرِي: ث. صفت ]سن. کَلُ= سچ پچ [ سچي- صحيح- پوري پوري- چٽي- ٺيڪ- چڱي- سُٺي.

آيا پرتئون پياسي پيرَ ڀري، رکي ديد دري ۾ ڌيان ڌري،

سر ڪلنگي قائم قرب ڪري، سُڻي خيال وارن جِي خبر کري.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-55، ص-96)

  • کِڙڪيون: واحد. کڙڪي. ث. دري- ڳڙکي- جاري- جَهروڪ- ڀت ۾ سوراخ. جاءِ ۾ ننڍو جارو. پٺيون در- چور در- ڳجهو دروازو. (کِڙڪڻ) وڄڻ- آواز ڪرڻ.

گوراڙيون گسن تي، مچي ٿيون متاريون،

کَڙڪيون کٽياڻ چئي، چَڙن جون چُونگارون.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

  • کسرايون: واحد. کِسَر ڦَسر. ث. سُرڀُر- کِسڦِس- چُڻڀُڻ. ريڙهه پيڙهه- گهيل- گيپات.

خيري ڪري کسرايون، مارين جو مدعا،

مهڻا ڏي مَ مرڪ سان، سڀائيءَ سڌا.

(محمود فقير، خيري، ص-135)

  • کَلو: ذ. ]کَلَ= چَم [ جُتيءَ جو پادر- موچڙو- کِنز- ڇَتَر- ٺوڳرو- مارڪٽ.

چي: سونهان ٿي ڙِي سانگهڙ ۾، پروڃي منهنجو کلو،

پاند ٻئي آهيان پِير جي، جانڻ اٿم جَهلو.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • کلوڙڪي: (کلو کوهه ۾ وجهڻ) جهيڙو شروع ڪرڻ- جهيڙو جوٽڻ- نفاق وجهڻ- فساد ڪرڻ.

بيتالي بازارڻ، ڪا چِٻ آهين چرڙِي،

کوهن ۾ کاوڙڪي، ٻَن پوين شل ٻرڙي.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • کنڀات: ث. هڪ راڳ، راڳڻي ۽ سُر جو نالو. اڇاڻ- چنڊ جي روشنائي- چنڊ جو سوجهرو. محمد فقير جي رسالي ۾ سُر کنڀات 32 هين نمبر تي رکيل آهي ۽ سندس (8) اٺ ڪافيون هن سُر ۾ چيل آهن.
  • کنجريان: واحد. کنجري. ث. ]سن. ڪانسيهَ= ڪنجهو [ ساز جو هڪ قسم- وڄائڻ جي جهانجهه- ڪنجهي- دڦ- کدڙن جي وڄائڻ جو هڪ ساز. (ت) خنجر- ڪٺار.

ڏُڪڙ کنجريان ساز سڀيئي، تَن مَن طبلي تانَ،

رمز انهيءَ دلڙي ريهي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-1، ص-1)

  • کَڻُ: ذ. نانگ يا بلا جو هڪ قسم (سِنهو ڪوڙي جي نموني تي، جنهن جي کائڻ ڪري ماڻهو بروقت مري وڃي). هَڻ کڻ- ڪوڏياري (بلا).

کپر کڻ پدم، ٻيا تليهر توڙان توڙ،

جوڳير جي جوڳ جا، ڪري جنگي جوڙ،

”محمد“ ٻڌي موڙ، اکين ۾ اثبات ڪيا.

(محمد فقير، بيت-56، ص-272)

  • کُورو: ذ. ]ع. ڪورو؛ ڪوره [ سِرن يا چُن پچائڻ جو بٺو. شراب جي بٺي- بٺو. ڌنوڻ جي منهن ۾ ٽانڊن کي تيار ڪرڻ لاءِ کنيل ننڍي کڏ- لوهه کي تپائڻ لاءِ مٽيءَ جو ٺهيل ننڍو ٽڀٽائون گهر. اُهرڻ جي بيهڪ- چُلهو. لوهارڪي ڪم ڪرڻ جي چُلهه، جنهن ۾ لوهه، پتل وغيره تپائجي ۽ رجائجي. شاعر مطابق عشق جو کورو- عشق جي باهه.

کوکي کيلن کيل ٿا، کاهوڙي کورو،

نوراني نورو، لائي لنئون سان لعل ٿيا.

(محمد فير، بيت-17، ص-250)

  • کوءِ: ظرف. ٻَن- کڏ ۾- کوهه ۾.

ساهه سانگين کي سدا منهنجو ساري،

واڳ وطن تي، والي شال واري،

کوءِ پيا کاڄ عمر جا، پنوهارن پڄاڻا.

                                                                               (محمود فقير، ڪافي-6، ص-47)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

گ

  • گاج: ث. صفت. ]پرا. گجها= گجگوڙ؛ سن. گجِي= گجگوڙ سن. گَرج= گجڻ [ گجي- ڦيڻ- جهاڳ- گِڦَ. برساتي ڪڪرن جو آواز- گجڪار- گَرج. شاعر مطابق گاج جو مطلب هيءُ بي بقا دنيا آهي.

دم حياتي هرگز هلڻا، گاج ڇڏي هي گام،

ڏيک انڌاري، ڏرنهين اڳيون ميت دابه مقام.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-77)

  • گاجي: ڏسو گاج.

نام ڪي ’محمد‘ مُرلي باجي، طبل تراني ترنم تاجي،

گيت گگن گُن گفته گاجي، سُرت نِرت ۾ سُر ڪرسات.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-5، ص-176)

  • گاروڙي: صفت. نانگ جي چڪ تي جهاڙون وجهندڙ. جهاڙو پاڙو پڙهندڙ. شاعر مطابق. مرشد- گرو- رهنما- رهبر.

ڀيد بياس ڪِي بات بتاوي، گاروڙي گرناري ڪو.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-3، ص-175)

عشق دل انگي، وير مُٺ سان ونگي،

جوڳي ڪدِ گاروڙي، آروڙي اڙنگي.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • گاسو: ذ. گهاٽو- نقصان ڇيهو- ٽوٽو- ضرر- چٽي- هاڃو- ڪَس. هرجو- زيان- ڀَڳ ڀور- تاوَڻ.

درخت هڪ دالان ڏٺوسين، چئني جو چوگان،

پنجن تنن جو جهل تون پاسو، گاسو آڻ نه گمان.

(محمود فقير، ڪافي-32، ص-62)

  • گامُ: ذ. ]پرا. گامي؛ سن. گامهه، گدام=ڳوٺ [ ماڻهن جي بستي- ننڍو ڳوٺ- وسين- رفتار جو هڪ نمونو- وک- پنڌ- ٽور.

دم حياتي هرگز هلڻا، گاج ڇڏي هي گام،

ڏيک انڌاري، ڏرنهين اڳون ميت دا به مقام.

(محمود فقير، ڪافي-50، ص-77)

گهوران گُر ڪئين گياني گهائي، گهٽي گهٽي ۾ گهوٽ گهمائي،

ڀري گام گرم ۾ گهارن ڪين گهڙيون گهڙيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-20، ص-20)

  • گانجي: (گانجو) ذ. ]سن. گنجنڪَههَ< گونج= گانجو [ڀنگ جي ٻوٽي جي گلن ۽ گونچن مان تيار ڪيل نشيدار شيءِ (سلفيءَ يا ٻيڙيءَ ۾ وجهي ڇڪجي). چرس. چرش.

گانجي جا آهيون گاروڙي، کايون مانيت کاروڙي،

سمهون ڏينهن ساروڙي، وئي ننڊ وڻي وڻي.

(محمود فقير، ڪافي-70، ص-92)

  • گَتِ: ]سن. گت< گتي [ عادت- خُوءِ- نيم- ڊٻُ- دستور- وجهه- ڍنگ- علت- هير- رهه- پر- ريت- رسم. نمونو. وڻگ- طرح- وضح- طريق- طرز. اطوار- چال چلڻ- آچارڻ- رهت- شيوو- لڇڻ- ارڪان- سڀاءُ- خصلت- چال- روش.

امل ڪاڻ اداسي تون، تو کي ڪتي واري ڪَت،

ڀيرا ڏين تون بازر ۾، اها گانڊو تنهنجي گَت.

(محمود فقير، موالي، ص-138)

  • گتيان: هن لفظ هي معنيٰ ته ”گَتِ“ واري آهي. ٻي معنيٰ اٿس: سازن ۾ طبلي جو نرماد جو مليل آواز. جيئن: ٽين تار- جهپ تاريا گت تار- ڌارو ڌار. سُر- راڳ- ترانو- تال ميل- سُريلپڻ- آواز. نچڻ جو ٺاٺ- نچڻ وقت سورهن ئي عضون جي ظاهر ڪيل حرڪت. سماءُ- سُڌ- معرفت- سڪ- پروڙ- ڄاڻ- ڏاڍ- سمجهه- خيال- ويچار.

طبل تال لحن لعل ’محمد‘ ڳالهه ڳتيان،

مئي دي مام وچ مُدام ڪر گرام گتيان.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-11، ص-160)

  • گُپتُ: ذ، ]سن. گپت=لڪل [ مخفي- ڳجهو- پوشيده- ڇپيل- ڍڪيل- اولائتو.

ڏسيو مرڪي ميت کي، وهنجاري ٿو وار،

غسل جو گپت ۾، ڪفن کوس خوار.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • گَجُ: ذ. صفت. زناني چولي جو هڪ قسم- ڪنجرو- ڪنجري- انگيا- انگي- چولي (ريشمي ڪپڙي خاص ڪري ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي تي هٿ جي ڀرت سان ٽڪڙيون لڳل پيٽي، جنهن سان ڇاتي ۽ پيٽ ڍڪيل ۽ پُٺا اُگهاڙا هوندا آهن).

گج چُني چُونڊ سان پاتو اٿم پڙو،

تون اُستاد آهين، تنهنجو ڏسان ويٺي نڙو.

(محمود فقير، ڪافي-71، ص-92)

  • گجڪارَ: ث. ]سن. گَرجُ= آواز [ شينهن، هاٿي وغيره جي دانهن- برسات جي وقت ڪڪرن جو پاڻ ۾ ٽڪرجڻ جو آواز- گوڙ- گجگوڙ- گرجنا- گاج- ڪڙڪو- ڌڌڪَرُ- ڌڌڪو- ڪڙڪاٽ- گهوگهاٽ.

گوهر گرناٿ دي گفتي، گگن گجڪار هي ڪيتا،

عجب گمسان ڪر گوڙان، وحدت وسڪار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

  • گجگاهه: ذ. صفت ]سن. گَج= هاٿي+ گاهه= جاءِ [ هاٿي جي رهڻ واري جاءِ- گهاٽو جهنگ- جُوهيل ٻيلو- تمام وڏو- ڀاري- ڳرو- اجهاڳ- وِڀو- ڳرو- وڏو آڙاهه. برپت جيڏو- بلڪل وڏو- بيحد- نهايت گهڻو.

بادل برسي ڀاڳ ڀٽن تي، ڇوهي ڪيا ڇڇڪار،

کنوڻيون کڙيون، گجگاهه ٿيون گوڙيون، ويڙ مٿي وسڪار.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • گداگَرُ: ذ. صفت. ]ف [ گدائي ڪندڙ- بيک پنندڙ- خيرات وٺندڙ- پينو- فقير- گدا- بکاري- منگتو- سوالي- پينار- پينڙات- پينڙات.

تنهنجا مُطيع شمس و قمر، ماڻهو مَلڪ جِن و بشر،

ارض و سماء تارا شجر، توڙي گداگر ڇا امير.

(محمد فقير، سور بهاڳ، ڪافي-24، ص-67)

  • گُرُ: ذ. صفت. ]سن [ مرشد- وڏو- استاد- رهبر- ڌُڙُو- مهندار- اڳواڻ- چُڻُ- گت.

اسم جسم دي جلوه جنگي، چشم دي چالان،

گُني گُر گهُنڊ گهور ڏٺوسي.

(محمد فير، سُر بلاولي، ڪافي-2، ص-7)

  • گرامُ: ذ. ]سن. گِرام= آواز [ راڳ جي آوازن جو انداز يا ماپو. (ٽي گرام: کرج گرام= آهستي آواز. مڌم گرام= وچ وارو آواز، نکاد گرام= ڏاڍيان وارو آواز)- راڳ ۽ آواز جي اُٿڪ.

رمزان رمزن جي رندي رنگ ۾ رتيون رتيون،

ڪري راڳ رقص کولي گرام گتيون گتيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-22، ص-21)

  • گِرد: ث. ]ف. گِرد= چوڌاري [ چَڪَرُ- ڦيرو- گهمرو- آسپاس- چؤطرف- چؤڦير.

اڙٻنگ اکيون عاشق جون ڪجل پائن ڪاني،

گِرد ڪن گرد ڪٽوريون سُرهي سينگار جون.

(محمود فقير، ڪافي-21، ص-56)

  • گَرڙا: واحد. گرڙو. ذ. صفت. گري جو اسم تصغير. مٽيءَ وارو- گَرو- ميرانجهڙو- ميراڻ تي مائل- ميرو. چوپائي مال جي چمڙيءَ تي ٿيندڙ هڪ بيماريءَ جو قسم (سڄي چمڙي کُسي وڃڻ)- گَرُ.

بخت اسارو بلاشڪ آسِي، گڏ گنائنا کنڊان کچ کاسِي،

ساڌ سمن ڪي گڏ گرڙا گهمسان.

(محمود فقير، ڪافي-74، ص-98)

  • گِرناري: صفت. گِرنار جو رهاڪو- گرنار وارو.

ڀيد بياس ڪِي بات بَتاوي، گاروڙي گرناري ڪو.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-3، ص-175)

  • گُرُو: ذ. صفت. ]سن [ هندن جو مرشد- سڌي رستي آڻيندڙ. (اصطلاح) گوهر- ماهر- مانائتو- عزت وارو.

گرو مان نه آهيان چيلو، اصل عشق امين اڪيلو.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-6، ص-148)

  • گُڙن: مصدر. گُڙڻ. ]سن. گُرڻ، پرا. گهگهري= آواز ڪرڻ[ گجڻ- گوڙ ڪرڻ- مست اُٺ جو آواز. هاٿيءَ جو چهنگار ڪرڻ. چپن ۾ ڳرو ڳالهائڻ.

رينڍ رَنڍن سان ٻُوٿ ٻڌائون، سي گونگا ڪيئن گُڙن.

(محمود فقير، ڪافي-24، ص-58)

  • گَزُ: ذ. ]ف [ فاصلي جو ماپو- ٽن فوٽن ماپ وارو ماپو- وال- گزي- (ڪاٺ يا لوهه جو) تير- ٻاڻُ- تُڪو- تُنڪو. سارنگيءَ جي ڪمان.

لڳا گز اندر وچ گهيرا، تنهن دا چايان ڪٿون پيرا.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-145)

  • گفت: ذ. ]ف. گفت= هن چيو [ ٻولي- ڳالهاءُ- گفتار- ڳالهه ٻولهه. حرف- لفظ. جملو.

پسي پنهنجو پيچ پسڻ جو، گونان گوني گفت گيان.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-7، ص-187)

  • گُفتارَ: ث. ]ف [ ڳالهه ٻولهه- بيان- واردات- گفتو- ڳالهائڻ- گفتگو- وارتا- تات- پَچَر- وائي- چؤپچو.

چار ويدون سي ويديه نڪلي، گندرپ گُن گفتار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • گگَنُ: ذ. ]سن. گگن= آسمان [ اُڀ- آسمان- آڪاس- فلڪ- چرخ- ڌرتي ۽ آسمان.

صورت صُراحي سُرساڻ ساري، بيشڪ بزم ۾ برسر بهاري،

برسيو  بغل سان برحال باري، گياني گگن ۾ گلزار گُر جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-14)

  • گگهريون: گاگهرو (گهاگر) گگهريون- گاگهريون. گهاگهريون. گهاگهر- گهاگهريون- وڏا دلا- وڄائڻ وارا گهڙا/ گهاگر پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ دلي کان وڏو گهاگهرنالي ٿانءُ.

گهڙا جنهين جا گوهر گهگريون مٿي تي مَرڪن،

سينهوڙيون اٿن سوکڙيون سي جنهور جيئن جهرڪن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • گگهيرن: (گگهيرو) ذ. صفت. گگهي وارو. گگهيلو- گگهي جي سڃاڻپ وارو (بلوچ).

ڇوري ڇپر ڇولي، رائي منجهه رولي،

گگهيرن جي گولي، سسئي آهيان ساري!

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-56)

  • گل برگ: گلاب جي گل جي پنکڙي.

قسم کنيو سي اسم الله دا، سيد دي به سُونهارِي دا،

گل برگ هليا ’محمود‘ ڪون، بهشتي باغ بهاري دا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-120)

  • گُلزار: ث. صفت. گلن مان ڀريل چمن- گلستان- ڦُلواڙي- تخته گل- گلن جي ڪِياري. (صفت) شاداب- خوش آب- هَريو ڀَريو- سرسبز.

صورت سهڻي شيخ جي، سارو سمجهي سير،

گم ٿي ڪڍي غير، گاروڙي گلزار ٿيا.

(محمد فقير، بيت-132، ص-279)

  • گلفامُ: ذ. صفت. ]ف [ گل جي رنگ جهڙو- گلاب جي گل جهڙو- گل اندام- گل رُوءِ- گلسوءِ. سهڻو- خوبصورت- حسين. محبوب- معشوق.

بادِ صفا بهاري، مئيگون جي ملاري،

سُر سان ڪئي سواري، گلفام ايندي ويندي.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-11، ص-6)

  • گَلو: اُٺن جو وڳ- وڳر- ولر- گلر- قطار- ڌڻ- ساڳو. ساٿ.

ڍڳا، مينهون، اُٺ آهن، گورب منهنجو گَلو،

شاهه پسند گهوڙو، سو ڀٽارو ڀلو.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • گُمانُ: ذ. ]ف. گمان= شڪ [ شڪ- شُبهو- ظَنُ- ڀرم- فهم- وِسوسو. خيال- قياس- قياس آرائي- ويچار- دليل.

’اَلانسان سِري‘ جي سِر ۾، ڇڏي غير گمان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-58، ص-98)

  • گمسان: ذ. گوڙ- گڙٻڙ- وڳوڙ- فساد- لُڙُ- شور- هُلُ- هُجوم- ڀِيڙَ- گهمسان- مانڌاڻ.

گهورن جي گرم بازي، گمسان جي نموني،

گهائي ٿو گهوٽ گوهر، گُر گيان جي نموني.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-16، ص-115)

  • گمساني: گوڙ واري- وڳڙ واري- فساد واري- هُل ۽ هجوم واري- مانڌاڻ واري.

دَم دَم دَم دي ڌيان ڌمالي، گُني گاني گياني گمساني.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-37، ص-140)

  • گُن: ذ. گڻ- عبادت- خصلت- وصف- صفت- خاصيت- جوهر- اثر- تاثير. لڇڻ- قابليت- لياقت- دانائي- هوشياري- ڏاهپ- سياڻپ. احسان- وڙ- ٿورو- لائق. هنر- حرفت- ڪاريگري.

گُر ٿي گگن ڪِي گادي، گُن گيان هورها هون،

دم دي ڌمال دائم، ڌُن ڌيان هر رهاهون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-12، ص-15)

  • گَنجُ: ذ. ]ف. گنج= خزانو [ ڍڳُ- کوڙ- انبارُ- هنبار- جهجهو- گهڻو- پنجن جي انگ پوئتان برڪت لاءِ ”گنج“ چوڻ. گهڻو- اڻ ميو- هيڪاندو- سرسُ- انيڪ- بي انت- ڀندار- خزانو- راهه- ٿهو- کوڙي- انبوهه- ميڙ- ڍير- دَن- سَٿو- گُدام- ذخيرو- گهڻو مال.

ڇلا ٿيا اظهار عشق والي اسرار،

ڪتر مخفي ڪل ڪر گنج گلزار.

(محمد فقير، ڇلولوڙائو، ڪافي-1، ص-242)

  • گندري: ث. مهاڻي. (اسم خاص) نوريءَ جي نيازمنديءَ وارو نالو.

چڙهي ڏولي مٿي گندري، مهاڻن ميل ڪيو مُرڪي،

رقص رس راڳ رنگ پورو، رتو روحي رهاڻن سان.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • گنڌارُ: ذ. ]سن.ئ گنڌار[ راڳ جي ستن آوازن مان هڪ آوازن مان ٽيون نمبر آواز. علم موسيقيءَ جي ٽئي سُر جو نالو. ريکب کان هڪ درجو مٿي. ڀيرو راڳ جي هڪ راڳڻي.

سُر ريکب گنڌار منڌم پا ڌيوت نِکاد سرگرم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-102)

  • گُؤاز: ذ. ٽپ- وڏو ڇال- ڇلانگ.

ڌُڪڙ ٻڌئي دُهلڙيون، ٻيو دردر تي ساز،

بد ڳالهائي بڇڙي، ڏس گولاڙيءَ جو گوُاز.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • گوٽ: گوٽو. ذ. سون يا چانديءَ جو ڪلا بات- سونهري يا اڇي ڦيٿ- ڪناري- وٽ (زالون سونهن لاءِ اوڍڻ ۽ ڪُرِتين لاءِ ڪم آڻين).

سرڙ سامونڊي، ارڙيٽارا، ناميل نرڙ نغارا،

دم دنيا دا غم بندي ڪون، هئي سڀ گوٽ خسارا.

(محمود فقير، گهوڙي جو قصو، ص-102)

  • گوجن: (گوچ). ذ. غور- ٻٽاڪ.

آدانت مين آتم گياني، گوجن ڪِي ڪُڇ کاپ نهين.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-11، ص-178)

  • گوراڙيون: واحد. گوراڙُ. ذ. ٻڪريءَ جو ننڍڙو مادي ڦر يا ٻچو. نانگ جو هڪ قسم (گهڻو ڪري پاڻيءَ ۾ هلي).

گهٽيون گوراڙيون، ٻهڪن ٻڪراڙيون،

چوڌار چوڙيليون، سي چارين ٿيون.

(محمود فقير، ڪافي-12، ص-51)

  • گورب: مال جا ننڍڙا ڦر.

پاند پئي آهيان پير جي، جانڻ اٿم جهلو،

ڍڳا، مينهون، اُٺ آهن، گورب منهنجو گلو.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • گورَکُ: صفت. وڏو- ڏکيو- مُنجهيل.

توم گنگا گُر گُن گياني، تو ۾ گورک گيان ميان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-12، ص-79)

  • گورکناٿ: اسم خاص. هٽ يوگي پنٿ جو وڏو گرو- گُرو گورکناٿ.

موکي هُون ڪِٿ مظهر هُون، ڪِٿ گورکناٿ مڇندر هُون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-46، ص-93)

  • گولاڙِي: (گولاڙو) ذ. صفت. ٻانهيءَ جو ٻار- ٻانهو- غلام- گولو.

ڏُڪڙ ٻڌئي دُهلڙيون، ٻيو در در تي ساز،

بد ڳالهائي بڇڙي، ڏس گولاڙيءَ جو گؤاز.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • گُونُ: ذ. رنگ- ورن. رونق- صورت. قسم.

گهڻا گهوٽ گياني گهائي گهات ڪيا،

ڪري گُون گرمي گهورن سان گهڻي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-15، ص-115)

  • گُوناگُون: ظرف. قسمين قسمين- طرحين طرحين- رنگ برنگي- رنگين رنگين- ڀانتين ڀانتين- مختلف- جُدا جُدا. ذاتيرو.

گُر گُوناگون گياني، لاريب لقب لاثاني،

اظهار اسم انساني، ٿي صوفي صاف سجانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪفي-59، ص-98)

  • گونٽه: (گل گونٽو) ذ. گل جو هڪ قسم (زردي رنگ تي، دل ۽ دماغ کي قوت ڏيندڙ).

نازبوءِ نرگس تُقمان تُل تُل، گونٽه گوهر غنچه گُهل گُهل،

ڪيتي حال حُسن دي هُل هُل، هرجاءِ هٽ هٽ هڪ هٻڪار.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-6، ص-168)

  • گوهَرُ: ذ. ]ف [ موتي- لؤلؤ- دُر- صدف داڻو- سپ مان نڪتل داڻو- ٻيڙو. سَرواريدُ- جوهر- ماڻڪ- مڻيو. (صفت) داناءُ- ڏاهو- سياڻو- استاد- ڪاريگر- ماهر.

گوهر گُرناٿ دي گُفتي، گگن گجڪار هي ڪيتا،

عجب گمسان ڪر گوڙان، وحدت وسڪار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-14، ص-16)

گهَڙا جنهين جا گوهر گگهريون مٿي تي مَرڪن،

سينهوڙيون اٿن سوکڙيون، سي جنهور جيئن جهرڪن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • گوءِ: ث. شرط- بازي- ٻن يا وڌيڪ گهوڙن وغيره جي ڀڄڻ جو مقابلو- ڊوڙ. شرط جو ميدان- بازيءَ جي جاءِ.

عشق حوسن دِي بيرنگ بازي، سمجهه صحي ڪر تن وچ تازي،

گوءِ ميدانون چاوَن غازي، سِر ڪي سِر دا ڪر واپار.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-13، ص-214)

  • گيانُ: ذ. ]سن [ ڄاڻ- پروڙِ- سمجهه- ٻڌي- فهم- ذهن. پُرجهه- وقوف- ادراڪ. شناخت. چَيتو- حوصلو. علم معرفت- الاهي علم.

ٽڳا دين ڪفر جا ٽوڙي، صورت جي پئي سام،

گهورن ۾ ڏس گيان منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-11، ص-6)

  • گياني: ذ. صفت. گيان وارو- هوشيار- اڪابر- داناءُ- سياڻو- ڏاهو- زيرڪ- عاقل- عقل وارو- هوش وند- سٻوجهه. ٻهڄاڻ- سمجهو- ڄاڻو- پارکو- فهميدو- گُني- هنرمند- عالم- فاضل. علم وارو.

صورت صُراهي سُر ساڻ ساري، بيشڪ بزم ۾ برسر بهاري،

برسيو بغل سان برحال باري، گياني گگن ۾ گلزار گُرجو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-9، ص-14)

  • گَير: ث. ڪُتي جي دٻيل ڀونڪ- باهوڙ. ڪلڪل- گهپي- چهڙ- ڏمر- ڇڙٻ.

تون ڌرڻو هڻين دعوتن تي، ڪرين ڪُتي واري گير.

(محمود فقير، موالي، ص-126)

  • گيڙُو: ذ. ]سن. گوبرگ [ رنگ جو هڪ قسم- لياري رنگ (جو سيناسي پنهنجن ڪپڙن کي ڏين). صوفين ۽ سناسين جي پوشاڪ جو رنگ.

سِر سينگاري هليا، گيڙو ٻڌي گهوٽ،

’محمد‘ چڙهي چوٽ، نانگا مليا ناٿ کي.

(محمد فقير، بيت-6، ص-265)

  • گيسِي: مصدر. گيسي ڪرڻ. نهايت عاجزي ڏيکارڻ- توبهه ڪرڻ- بان ڪرڻ- گهڻو پڇتاءُ ڪرڻ- وري ساڳيءَ طرح (ڪو ڪم) نه ڪرڻ جو ٻول ڪرڻ.

تُسان ٻنهان ڪنهن دي چئي نه لڳو،

اسان بنهه ڪيتي چا هُڻ گيسي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-114)

  • گيلَ: ث. پکيڙ- ويڪر- وڌاءُ- موڪراڻ- ويڪراڻ- گودو- گهيرو- چڪر- ٿولهه- ڪشادگي.

ذوق ضمير، عشق امير، ويک حمير، هس هادي،

کيليم کيل، مَئي دي ميل، گوهر گيل، ڪر گياني.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-31، ص-25)

  • گيلا: واحد. گيلو. ذ. صفت. چريو- مستانو- ديوانو.

جت ڪنهين بي مت ميڪون، ٺوڪ ڌتوني ٺيلها،

اُٺ آيا ڪر جُٺ ڳيا، گل چائي ڳيا هي گيلا.

(محمد فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-121)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڳ

  • ڳانا: واحد. گانو. ذ. ]سن. ڪنٺ= ڳچي [ ڳچيءَ ۾ سونهن خاطر ٻڌڻ لاءِ سوٽي يا ريشمي رنگين ڏوري- ڳاني. ڀرت جو هڪ قسم. ڪاريءَ اُن مان ٺاهيل لال شهباز جي دعا جو ڌاڳو. شاديءَ جي وقت گهوٽ ڪنوار کي پيرن يا هٿن ۾ ٻڌل ڪارو ڌاڳو. ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ جو هڪ زيور- ڪڙو. هَسُ.

پا عشق دا ڳل وِچ ڳانا، مخمور ڦران مستانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • ڳانڱيون: واحد. ڳاڱي. ث. ڏٿ جو هڪ قسم (ليار جهڙو ننڍڙو هيڊاڻو ٿيندڙ). ڳاڱي ٻوٽي جو ڦر.

پڊ پراڻا ٿوهر ٿرن ۾، ڳم ۽ ڳانڱيون وجهون ورن ۾.

(محمود فقير، ڪافي-19، ص-55)

  • ڳُجههُ: ذ. ]سن. گُهيهَ= ڳُجهو [ لڪل ڳالهه- راز- ڀيدُ- منجهه- انت- اندر- هام- وِچ- سُرُ.

ڳائون ڳائون ڳائون، ڳالهه ڳجهي ڳُجهه ڳائون،

اکيان والي اشاري، اناالحق الائون.

(محمد فقير، سُر ججهونتي، ڪافي-3، ص-231)

  • ڳَچُ: ذ. صفت. جهجهو- ڪافي- جال- ڄام- هيڪاندو- زياده- وڌيڪ- گهڻو- گهڻيون. ڳپل- ٽُڪر- ڀاڱو- حصو- ٽوٽو. ماس جو ٽُڪر- دڳل- مانيءَ جو چوٿو. وقت جو وقفو. فاصلي جي وِٿي.

پوپٽ پتنگ پاڻ ۾، ڪن ٿا ڳالهيون ڳچ،

هُو ٿا گهرن گلزار کي، هُو ٿا چون پچ.

(محمد فقير، بيت-24، ص-268)

  • ڳِڌل: فعل ماضي. ڳنهڻ مصدر مان اسم مفعول. خريد ڪيو- ورتو. سوديو- وڻجيو- مُلهه ورتو.

آهيان ٻول ٻڌل، موکي جي محفل، مٽ تي مُلهه ڳڌل،

سرهو سرسو ساهه، سخي ڪيو، ساغر سان سهڻل.

(محمد فقير، سُر پيلو ڪافي-21، ص118)

  • ڳر: مصدر. ڳرڻ. ڳري پاڻي ٿيڻ- رِجڻ- وگهرڻ- آئٽڻ. پگهرڻ. نٽڻ.

ڏينهن اسان ڪون شينهن لڳا، جنهن نينهن لڳا هي نر،

هڪ ڏينهن مر ”محمود“ وڃي خاڪ مٽي دي ڳر.

(محمود فقير، ٽيهه اکر، ص-124)

  • ڳراٽِي: ث. ڳلي ملڻ واري حالت- ڳراٽي- ڳراٽڙي.

حسن هُل هُلائي، وصل وک وڌائي،

پائي ڳل ڳراٽي، ڳڻن سان ڳالهائي.

(محمد فقير، سر بنس، ڪافي-13، ص-160)

  • ڳُرهاڙيون: واحد. گُرهاڙي. (ل) ذ. ڳُر ۽ گيهه وجهي ڪڻڪ جي اٽي جي پچايل ماني- بُسري- ڳُراڙي.

نڪاح پڙهون ٿا ننگ جا، ميڙي نبيءَ سٿ،

کائون ڳُرهاڙيون ڳوٺ جون، ڀرم وڏي سان ڀت.

(محمود فقير، موالي، ص-129)

  • ڳَلو: ت. ذ. رستو- لنگهه- ڳلي- گهٽي.

تون مَڏي کڻ مٿي تي، ڏي ڳوٺن کي ڳلو،

پيءُ تنهنجو پنڪيون کائي، در در تي دَلو.

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • ڳَلِي ڳَلِي: ث. ]سن. گل+ ايڪا= گلي [ سنهو ۽ سوڙهو رستو- گهرن جي وچان سنهڙو لنگهه- گهٽي- ڪوءِ.

پيرين وچ گهنگهرو ڳَل پيشوازان،

ڳلي ڳلي وچ ڳئونداهي.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-14، ص-152)

  • ڳَمُ: ذ. گاهه جو هڪ قسم. ڏٿ جو هڪ قسم.

پڊ پراڻا ٿوهر ٿرن ۾، ڳم ۽ ڳانڱيون وجهون ورن ۾.

(محمود فقير، ڪافي-19، ص-55)

  • ڳُڻن: واحد. ڳُڻ. ذ. ]سن. گڻ [ احسان- ٿورو- مهرباني- ڀلائي- لائق- ڀال- وڙ- گُڻُ- لڇڻ- عادت- خصلت- خوءِ- خوبي- هنر- فن- لياقت.

حُسن هُل هُلائي، وصل وک وڌائي،

پائي ڳل ڳراٽي، ڳڻن سان ڳالهائي.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-13، ص-160)

  • ڳوڌا: واحد. ڳوڌُ. ذ. صفت. ]سن. گودا [ وڏو ڏاند. ڳرو مڙس. جنگي جوان- بهادر- سورهيه- پهلون- ڳوڌو.

ڳاڙها ڳوڌا ڪپڙا، توکي پهرايان پالي،

هاڻي دنگو ڇڏ دالِي، ته ڪريون پرچاءُ پاڻ ۾.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

گهه

  • گهاتُ: ذ. ]سن. گهات= موت [ مارو- ڪوس- خون- ڪُسَ- قتل گاهه- بربادي. هيٺ ڪيرائي وجهڻ جي حالت- ڌَڪ- زخم. وَڍُ. ]پرا. گهتا؛ سن. گهوتا= وجههُ [ وقت- موقعو- وارُ- ول- اوسر- سمجهه. ارادو- خيال. ڦاهي- ڦند.

’محمد‘ منڊ، وحدت ونڊ، جهولي چنڊ جهلايا،

ڪجل ڪات، بزم بات، ڪئين گهات ڪرايا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-72، ص-49)

  • گهارِي: ث. ڪپڙي جي پيٽيءَ مان نڪتل ڪجهه نندن واري حالت- وٽي- وڇوٽي- جاءِ- گنجائش- دنگ- ڪٽ- خيال. ڦوٽ- جدائي- ويڇو- رخنو- رنڊڪ. وڇوڙو- فراق.

جوڙي جوان پائن ٿا جهاتيون، رندي رمز سان ڏينهان راتيون،

نڪا گهوٽ وجهن ٿا گهارِي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-2، ص-75)

  • گهاڻي: (گهاڻو) ذ. ]پرا. گهاڻي< گهات؛ سن. گهات، گهان+ ايڪا= گهاڻو [ تيل ڪڍڻ جي مشين- تيلي ٻج پيڙڻ جو اوزار- چيچڙو- ڪولهو.

برهه بن بلاول بهاري بشر ديِ،

آپي آپ گهائي پيڙا وڻ تئون صدقي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-38، ص-140)

  • گُهرِي: (گُهرَ) ث. تقاضا- خواهش- مرضي- چاهه- طلب- دعويٰ- استدعا. ڌڻي سائين جي مرضي. پسندي. لهڻو- قرض.

رمز رقيب جي، آڌيءَ عجيب جي،

گهُرِي هُئي نصيب جي، سا ته ڪين ٽري.

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-48)

  • گهولا: (گهوريو) خيرات ڪيل- صديقي ڪيل- قربان ڪيل- ٻن پيو- بيڪار- نڪمون- فضول- اجايو- ٺهيو- ڦيريو.

گيت گگن جو ”محمد“ گاوي، گيان اُسي گهر گهولاري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-2، ص-174)

  • گُهنڊُ: ذ. جُهنڊُ- نقاب- پردو- ناز- نخرو- ماڻو- انگل- لاڏ. شورُ- سُونڊَ- مُنهن ۾ گهڻو گهُنڊ.

گهُنڊ کول نقاب شتاب مٺا،

مين تن وچ طلب داتاب ڏٺا.

(محمد فقير، سُر ٽوڙي، ڪافي-1، ص-216)

  • گُهنگهُرو: ذ. ]سن. گهَر گهَرا= زيور جهڙو گهنڊ< گهن=هن= مارڻ+ گهر آواز ڪرڻ< ڪنڪِڻي= گهنڊڻي [ ڇير- ڇير جو هڪ داڻو- ميٽر. بارن جي پيرن جا زيور. هڪ ساز جي وڄت جو قسم.

گهمين ”محمد“ گام گگن دي، گهڻ گهڻ گهنگهرو دِي گهڻڪار.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-2، ص-228)

  • گهيڙُ: ]سن. گهَٽَ= واٽ [ پاڻيءَ ۾ گهڙڻ جو هنڌ- لنگهه- رستو- گهٽ- گهيرُ- لانگهو.

جانب ڳوليان جهنگ جبل ۾، شاهه به رکندو منهنجو شان،

پير کڻان ٿي شير پنهل جا، رستا گهيڙ گسن.

(محمود فقير، ڪافي-10، ص-50)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ل

  • لاَ: ]ع. لا= نه [ حرف نفي. نه. ناڪار- بغير- بنا- کانسواءِ. مرڪبات ۾ لفظ جي اڳيان اجي ”نه“ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ. جيئن ”لاشڪ، لاثاني وغيره“. دنيوي ديوتائن يا خُدائيءَ جو انڪار- ڪلمي توهيد جو پهريون حرف (جنهن سان دنياوي ديوتائن، خدائن جو انڪار). عدم- نفي- نيستي. تصوف جي پهرين منزل نفي. نفيءَ کان پوءِ ئي اثبات حاصل ٿي سگهندو آهي.

اکيان والي اور اشاري، ظاهر ذاتي سهني ساري،

لا دِي لالي لائي، صاف صفائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • لاَ اِلھَ اِلا هُوَ:

ساري رات سيج تي، سورهيه ڪين سُمهن،

’لا اِلھٰ هُوَ‘ پر ۾ پاڻ پَسن،

ڪنهن سان ڪين ڪَهن، قيل قرب جي ڪار جي.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-257)

  • لابُ: فائدو- وياج- سُود.

ڏکيا سُکيا ڏينهڙا، کاڻا ڀائنج خواب،

تون اَمل کائين اِلاهي، توکي مَهتي وارو لاب.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • لاَحَدُ: صفت. ]ع [ بناحد- بي حد- اپار. حد کان ٻاهر- بي انتها- ڪُلي- مطلق. لامڪان.

ڇڏي شرڪ شرارت شارڪ شڪ،

لهي لاحد وارو لائق لڪ.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • لاَخوفُ: (لاخوفُ عليهم ولاهُم يحزنون (ق) سوره البقره، آيت 122). ترجمو: هنن کي خوف ڪونهي، نڪو هنن کي ڏک رسندو يعني اوليائن کي. (لاخوف جي لغوي معنيٰ) بي خوف- بهادر- دلير- بي پرواهه. مصيبتن کان نه ڊڄڻ وارو.
  • لاڏُ: ]سن. لَڊ= کيڏائڻ [ ناز- نخرو-ڇانجلائي- البيلائي- چاڳلائي- بودلائي- ماڻو- آر- انگل- ڪوڏ- پيار- محبت- نينهن- لنئون- موهه- هيج. اخلاص- مامتا- دُلارا- ٺٺ- فخر.

لُنگ جي لاڏ سان، لائق لال آهيان،

خُوبان خُوب خوديءَ جو، خيال آهيان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-28، ص-121)

  • لاري: مصدر. لاري لڳڻ. پناري پوڻ- آسري تي رهڻ- آڌار تي هجڻ. ڪنهن جي ڏٽي لڳڻ.

خود ٿي ’محمد‘ نويميان، برسر برسي الا،

لاحد والي لاري، ’لا‘ دِي لالي به مين هُون.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-5، ص-192)

  • لاريبُ: صفت. ]ع. لاريب= بي شڪ [ بي شڪ- بناشڪ شبه جي- تحقيق. يقيناً. سچي پڪ سان.

گُر گُونا گُون گياني، لاريب لقب لاثاني،

اظهار اسم انساني، ٿي صوفي صاف سجانا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-59، ص-98)

  • لاغَمُ: بي غم- پريشاني کان سواءِ- بي فڪرو. خوش باش.

لامڪان لاهوتي لنگهيا، ’لا‘ سين ٿي لاغم.

(محمد فقير، سُر ڪوهياري، ڪافي-9، ص-185)

  • لافَ: ث. ]ف. لاف= لٻاڙ، سن. لَپَ= اجايو ڳالهائڻ [ اجائي يا واهيات ڳالهه- بڪوات- لاف زني- ٻٽاڪ- لٻاڙ- ڊاڙ- پڏائڻ واري حالت- پڏ- غرور.

لام- لاڙو لاف ڏي، ڪيم ڪر کٽياڻ،

سارو دوز دنيا جو، فنا فاني ڄاڻ.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-259)

  • لاکِي: ذ. صفت. لاک جي رنگ تي رڱيل- لاک وارو- لاک جي رنگ تي مائل.

ملڪ اباڻو مون لئه ماکي، لوئي اباڻي نه لاهيان لاکي،

سور سوين هِت مون لئه ساکي، ڳڻيتن ۾ پاڻ ڳاريان.

(محمود فقير، ڪافي-26، ص-59)

  • لاڳُ: ذ. ث. لاڙو، رغبت- لاهه. چاهه- خواهش- اِڇا- منشا. رضا- مرضي- الفت- پيار- محبت- پريت- موهه- ڀالؤ- ارواح- حُب- پريم- قرب- چاهه- شوق- دوستي- اخلاص- مائٽي.

ڏنِگِ عِشَق دا ڏينڀو چڪ لڳا پئي چُڙدي،

ڌنوَڻِ ڌڳي، عشق اڳي، لاڳ لڳي هِن لوليان.

(محمود فقير، ڪافي-57، ص-81)

لاوجودي لاڳ سان، ’لا‘ جي سنگهي لام،

’محمد‘ واري مام، پسڻ ۾ پگدار ٿي.

(محمود فقير، بيت-43، ص-270)

  • لاڳاپا: واحد. لاڳاپو. ذ. لڳل يا ڳنڍيل هئڻ واري حالت- ڳانڍاپو- واسطو- تعلق- ڳنڍ- ناتو- ميلاپ- گهرائي- پيار- موهه- پيوند- لڳاءُ- ربطه. نسبت- مائٽي- عزيزي- ياراني- عزازت.

ايرادو عشق جو آهي، ڏسڻ محبوب کي ڪاهي،

لاڳاپا لوڪ جا لاهي، نهاري ناٿ نوراني.

(محمد فقير، سُر شاهه ڪلياڻ، ڪافي-4، ص-210)

  • لالُ: ذ. ]ف. لالُ= ياقوت؛ ع. لَعلُ= ڳاڙهو [ صفت. ڳاڙهو- رتڙو- سُرخ- رَتل يا رَتو. ڳاڙهي جواهرات جو هڪ قسم- ڳاڙهي رنگ جو هڪ قيمتي پٿر- ياقوت- ماڻڪ- موتي.

لنگ جي لاڏ سان، لائق لال آهيان،

خوبان خوب خودي جو، خيال آهيان.

(محمد فقير، سُر پيلو ، ڪافي-28، ص-121)

  • لالِي: ڳاڙهو رنگ- لالاڻ. عشق جي لالاڻ- ڳاڙهاڻ.

اکيان والي اور اشاري، ظاهر ذاتي سهڻي ساري،

’لا‘ دي لالي لائي، صاف صفاتي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-92)

  • لام: وڻ جي سنهي ٽاري- ڏار- ٽاري- شاخ. ڊيگهه- ڊگهائي- لنبائي- طول. مهاري اُٺ. اجهو- آسرو- پنارو- دامن- پناهه.

لاوجودي لاڳ سان، لا جي لنگهي لام،

محمد واري مام، پسڻ ۾ پڳدار ٿيو.

(محمد فقير، بيت- 43، ص-270)

  • لاماري: ]سن [ مصدر. لامارو ڏيڻ. جهٽيون ڏيڻ- واري واري اچڻ- ڦيريون پائڻ- پرواز ڪرڻ. اَلي وڃڻ- اٽڪل ڪرڻ. لوڏو ڏيڻ.

صاف ساڌو، زلف جادو، منڊ واڌو وڙهه دي،

ونگ واري، ڪر اُلاري، ڏي لاماري لڙ دي.

(محمود فقير، ڪافي-64، ص-85)

  • لامقصد: بنامقصد جي- بنا مطلب جي- لالچ ۽ لوڀ کان سواءِ. بي لوث.

معنيٰ واري ميگهه ملار، لامقصد ٿيو مقصد منهنجو.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-1، ص-146)

  • لامقصود في الدارين اِلا هُوَ: (حديث) يعني: ٻنهي جهانن ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه مقصد يا مطلب ڪونهي.

ت- توڪل تار ۾، طالب ٿيا تمام،

لامقصود في الدارين، ڪهي اِيءُ ڪلام.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-254)

  • لامڪانُ: صفت. ]ع [ بنا ڪنهن نظريي جي- بنا طرفن ۽ حدن وارو مڪان- عالم اِلاهيءَ وارو مڪان. بنا طرفن جي مڪان. بنا مڪان. اڻ ڏٺو غائب. وحدت جي منزل- لاهوت.

لامڪان مڪان ’محمد‘، لال لاهوتي لهي لهي،

لاثان لحجن للڪار سان.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-5، ص-106)

  • لاموجود: غيرموجود- پنهنجي هستيءَ جو نه هجڻ. الله جي ذات ۾ گم ٿي وڃڻ. لاموجود اِلا الله (قول الفقراءِ) الله کان سواءِ ڪابه شيءِ موجود نه آهي.

ميم جو مولهيو ٻڌي، موجود لاموجود ٿي،

’محمد‘ سندي مصلات ڪيو، مظهر علي مظهر علي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-15، ص-128)

  • لانگوٽيا: واحد. لانگوٽيو. ذ. صفت. لانگوٽي ٻڌڻ وارو. لانگوٽ ٻڌندڙ. پرهيزگار.

لُنگ بند لعل لانگوٽيا، لاهوتي لاثان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-27، ص-23)

  • لاهُوت: ذ. ]ع. لاهوتُ= عالم ذات الاهي [ عالم ذات الاهي، جنهن ۾ سالڪ کي فنا في الله جو مقام حاصل آهي- صوفين جي چوٿين منزل. لنئون- محويت (اسم خاص) ڪراچيءَ کان ڇٽيهه ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ زيارتگاهه جو نالو- پٻ جبل جي هڪ وڏي صفي جو نالو. هڪ مڪان جو نالو.

ناسوت ڇا ملڪوت، معنيٰ جبروت، ڇا لاهوت لام،

ها هوت ڇا همدم هنگامون، باهوت ڇا آهي بيان.

(محمد فقير، ڀيم پلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • لاهوتي: ذ. صفت. عبادت ۾ محو يا غلطان- آديسي- الله لوڪ- سيلاني- سيار. سچو عاشق- بي پرواهه- لاهوت لامڪان جي خبر رکندڙ (فقير).

لُنگ بند لعل لانگوٽيا، لاهوتي لاثان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-27، ص-23)

  • لائق: ذ. صفت. نيڪ- ديانتدار- وڙائتو- ڳڻن وارو- لياقت وارو- قابل- سمجهُو- هوشيار- شائستو- جوڳو- جوڳو- شايان- واجب- موزون- مُباح- ٺيڪ- معقول- اُچت.

لامقصود لاهوتي لائق، شاهنشاني شرابي شائق،

لاحد جي سي ڪن ٿا لات.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-21، ص-82)

  • لَبان: واحد. لبُ. ذ. ]ف. لَبُ= چپ [ هڪ عضوي جو نالو- چَپُ.

ڪجل ڪاڪل ڪيف ڪمالي، ڪج ڪار ڪجل ڪي ڪالي،

ڪج لعل لبان سِر لالي، ڪج روپ روحي رُخسار.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-6، ص-223)

  • لڄ: ث. ]سن. لَجا= لَڄَ؛ پرا. لجا= لڄ [ شرم- حياءُ- ڦڪائي- ڀرم- لِيهه- شرمندگي- پردو- ڍڪ- سچائي- ست- آبرو- حُرمت- ننگ- عزت- ناموس. نڪاح ٻڌل زال- گهرواري- منڪوحه- ٻانهن.

لوڪ لاڳاپا لاههِ ڇڏي لڄ، لوڪ لاڳاپا لاههِ ڇڏي لڄ.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-1، ص-221)

  • لَس: صفت. بيشمار- گهڻا- هڪٻئي مٿان- هڪ ٻئي پٺيان- اڻ ڳڻت- اڪيچار- ڳچ- ڪيئن- جام- انيڪ- ڪيترائي- گهڻائي.

باغ ڏٺوسين بيگم جو، جت ليمان ڳاڙها لس،

ڦاروا فقير چئي، کڻي توت پرايان تس.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-116)

  • لَغور: ذ. صفت. ]سن. لنگُور[ بزدل- گيدي- بي حياءُ- بي شرم- لُچ- بدمعاش- بي ايمان- لوفر. بي همت- ڊڄڻو- سست- بيڪار- ڪم چور. ٽوڪبازيءَ جو هڪ لفظ.

طاهر، طيب، پيراڻي جا پٽ، ماڻهو مون وٽ مور،

تون برميچين ٿو ڀائٽيي سان، آهين ڪو لُچ لغور.

(محمود فقير، گنگو، ص-108)

  • لقائي: (لقاءُ) ذ. ]ع [ ديدار- درشن- ملاقات. نظارو- چهرو- صورت- لقاءُ.

ڇلا ”ط“ دي طاقتِ، صفائي صداقت،

لقائي لياقت، بَنِرا برابر.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • لکيسرِي: لکيسِر. اسم خاص. تعلقي کپرو ۾ هڪ ديهه جو نالو. لکيسِر جي رهڻ واري.

فضيلت سان فقير چئي، تون وِک وڌائي وَرڙِي،

تنهنجو لاڏ لکيسري، تون پنپوران پَرڙي.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • للڪار: ث. مٺو آواز. سُرُ- ترانو- لات- آلاپ- هاڪار- سڏ- نعرو- ڌمڪي، رعبدار آواز- پُڪار- چئلينج. سونهن- سوڀيا- حُسن- زينت. للهڪار.

للڪار لڳي، نروار نيسنگ هلڪار، ڇپر منجهه ڇولي،

مشڪ عطر، ميدان رنگيا، هنڪار لڳي ويئي هرلي.

(محمد فقير، ڪافي-11، ص-51)

  • لَلي: خوشامد- مِنت- عاجزي- محتاجي.

قربان وڃان، مهربان اُتون، جنون لَلي جُهڪايا ليڙا.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-124)

  • لُنگ: ذ. گوڏ يا سلوار هيٺان ڪپڙي جو لُنگ- لُنگ ٻڌڻ جو ڪپڙو- ننڍي گوڏ- لانگوٽو- ڪڇو- لانگوٽي- ننڍي ڇڊي- لانگوٽ. پرهيز. پارسائي.

ڪري سيفي سُنگ، ثابوتي سلطان.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-10، ص-71)

  • لُنگ بند: لُنگ ٻڌل- لُنگ چاڙهيل. پرهيزگار- پاڪباز- پارسا (ماڻهو).

لُنگ بند لعل لانگوٽيا، لاهوتي لاثان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-27، ص-23)

  • لنگهي: لنگها. اسم خاص. هڪ ذات جو نالو- مڱڻهار.

ليار هيٺيون هڪ وارنه وڃان،

مار گهتن چا لنگهي.

(محمود فقير، ڪافي-72، ص-96)

  • لوف: ذ. اگهاڙو- لوٺيو. لوفر- بدڪار.

ڇوڙ ڀڄايئي ٻروچ بيشڪ، لوف لنگهي وڃ لانگها.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-123)

  • لولاڪ: ]ع [ رسول الله صه جن جي تعريف. حديث قدسي ۾ سرورڪائنات جي تعريف ۾ چيل هڪ ڪلمو (جي ڪڏهن تون نه هجين ها ته هي آسمان به نه خلقيان ها).

شاهنشاهي شان جنهيندا، لقب اصل لولاڪ تَهيندا،

سِر وِچ صاف سمايا، هي.

(محمد فقير، سُر ڪسوري، ڪافي-1، ص-181)

  • لُون لُون: رڳ رڳ- تند تند- تار تار. وار وار.

لُون لُون دي وِچ لالڻ لايا، نينهن نسنگ نروازيدا،

چشمان دا چالان ڏٺم.

(محمد فقير، سور ڌناسري، ڪافي-8، ص-230)

  • لوهُو: ذ. ]سن. لوهِتَ= رَتُ [ رَتُ- خُون. اصل- بنياد- نسل- مائٽ- مِٽُ.

برهه بازار جا بانگا، نسنگ نروار ٿي نانگا،

لنگهي لاحد وارا لانگها، لڱين لوهو لڳائن ٿا.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-12، ص-214)

  • لِيارُ: اسم خاص. وڻ جو هڪ قسم- جهنگ جي ميوي جو هڪ قسم.

ليار هيٺيون هڪ وار نه وڃان،

مار گهتن چا لنگهي.

(محمود فقير، بيت-1، ص-96)

  • لِياقَتَ: ث ]ع [ لياقت- قابليت- صفت- حيثيت- عليت- صلاحيت- عقل- درجو- حاصلات- جوڳائي- سگهه- لائقي- شرافت. لطافت- گُڻ- صداقت- خاصيت- خوبي.

لقائي لياقت، بنرا برابر، سنرا سراسر.

(محمد فقير، سي حرفي-1، ص-245)

  • لَيڙِي: واحد. ليڙو. صفت. ڍرڙو ماڻهو- سُست ڦِلڙو- موڳو- ڍرو- آرسي- ٽوٽي. ڪم ذهن- مورک.

پرڀات جو اوطاق، ڏسي تاڪ تاڙيون،

هنئين هور ٿيئم زور، ڏسي محل ماڙيون،

لڳو عيب عمر جو، لقب ڪيس ليڙي.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-45)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

م

  • ماڃر: (مَڃر= وڻن ٽڻن جا گونچ يا ٻور) سايون ٽاريون (ساواڻ)- سرسبز مياڻن وارو ملڪ. (اسم خاص). ميرپور بٺوري تعلقي جي ڏکڻ ۽ سجاول جي اتر ۾ سرسبز ۽ آباد ڍنڍن واري ايراضي. (صفت) ماڃرائي- ماڃر جو ويٺل.

ساريان تنهن سردار کي، جنهن جي محبت ٻاريا مچ،

تون ڪارِي ديجهان ڪُني جهڙي، ماڃر جي آهين مڇ!

(محمود فقير، خيري، ص-134)

  • ماڙُ: ث. ]سن. مَڙِ= خوش ڪرڻ ۽ سينگار [ مدد- حمايت- واهر- سُهائتا. دستگيري. رهنمائي- همراهي. اوٽ- پٺڀرائي- آڌر. مهرباني- احسان- وڙ- ڀلائي- ڪِرپا.

’محمد‘ تي ڪرهاڙ مُدامي، هادي حزبُ الله،

ورهه جي ويراڳ وسڻ جي.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي-10، ص-227)

  • مام: مطلب- اشارو. دل جي مراد- رمز- ڳجهارت- راز واري ڳالهه- لڪل بات.

’محمد‘ منور ماڳ مُدامي، ڏيئي مستي جي مک مام آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-2، ص-107)

  • مانجو: منهنجو.

گهنڊ گنگو، شاعر کٽيا نراري گانرو،

عاشق اڳي ها، لڳو نِينهن نعرو،

من مانجو سو ڦيري جا سِي ملتان.

(محمود فقير، ڪافي-74، ص-98)

  • مانجهاندي: (مانجهاندو) منجهند جي ماني- ٻپهرو- سفر جي وقت ۾ ٿورو ڊاٻو- ساعت جو آرام- ويرم کان پوءِ ڪنهن زال جو پهريون دفعو پيڪي ۾ اچڻ جي حالت. سفر ڪندي آخري منزل تي پهچڻ کان اڳ وچ ۾ ٿوري وقت لاءِ آرام يا ڊاٻي کي مانجهاندو چوندا آهن. شاعر مطابق هن دنيا ۾ انسان وقتي طرح رهڻ لاءِ آيو آهي ۽ هن جي آخري منزل خدا جو وصال آهي.

تو جو ساڻيهه ڀانئجو، مانجهاندي جو ماڳ.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-3، ص-191)

  • مانجهي: بهادر- پهلوان- سورهيه. ٻيڙيءَ جو ونجهه هلائيندڙ- ناکئو- ملاح.

’محمد‘ مُدام موکي، مختيار جي نموني،

مخمور مست مانجهي، مهندار جي نموني.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-17، ص-116)

  • ماڻُ: مائو- فخر- گهمنڊ- تڪبر- غرور- رتبو- وڏائي- ناز- انداز. اَن ڀرڻ جو ٿانءُ- ماپو- ماپ- پئمانو- ڇڄ.

هردم هلندڙ تنهن ۾، محڪم آهي ماڻ،

مُقام ۽ مساڻ، ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-259)

  • ماهه: (ماهه پاره) ذ. چنڊ جو ٽڪر. (صفت) تمام حسين- خُوبرو- سهڻو- جميل.

بي مثل جو ’محمد‘ مالڪ، مثل وارو ماهه اسانوٽ آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-20، ص-117)

  • مايا: ]سن. مايا. ما= ماپڻ نه + يا = جيڪا دراصل نه هجي پر سمجهجي ته آهي [ فريب- مڪر. ڌن- دولت. طلسم- ظاهري روپ. قدرتي طاقت- رچنا- کيل- ڪرشمو.

’محمد‘ مست و مست مدامي، مستي والِي مايا هي.

(محمد فقير، سُر ڪاريهل، ڪافي-5، ص-186)

هنڌ کٽولي، طول وهاڻي، ڪين ٿئي ڪنهن دي بلي،

مال مايا، سٽ اجايا، چا اِٿون ڳئي هٿ ٺلهي.

(محمود فقير، ڪافي-53، ص-79)

  • مَتِ: ث. ]سن. مَتِ= سمجهه [ سمجهه- ٻُوجهه- هوش- فهم- ادراڪ- پُرجهه- پروڙ- هوش- حوصلو- چيتو- عقل. دانائي- سڃاڻپ- هوشياري- سوچ ويچار- خيال- غور- قياص- خوض. ڌيان. ڪَٿ- ڏَس- صلاح- راءِ. هدايت- نصيحت- سمجهاڻي- سبق.

لامقصود في الدارين اِلا هُوَ، اُلٽو سمجهي اَت،

’محمد‘ مئي جي مَت، همه سان همذات ٿي.

(محمد فقير، بيت-10، ص-266)

  • متارا: واحد. متارو. ٿلهو- موٽو (بدن ۾)- ڀريل- ڏَٽو مُٽو- جٻرو- جانٺو- رتوبت وارو- ماس چڙهيل. شاعر جو اشارو. انهن متارن ڏانهن آهي، جيڪي موکي وٽ شراب پيئڻ ايندا هئا. صوفين مطابق توحيد جي شراب پيئڻ وارا.

جزب سان جلالي، دلاور ڌمالي،

’محمد‘ مئي موالي، مَئيءَ تي متارا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-21، ص-132)

  • متوال: (متوالو) ذ. صفت. ]سن. مَت< مَدَ= مستي [ مستيءَ وارو- مست- مستانو- ديوانو- مجنون- جنوني. مدهوش- مخمور- خماري- مؤجي.

خود خيال، متوال، احوال عالي- خصلات، وصلات والي،

حُسنات، حرفات، حضرات حالي، بيدار، بازار، بردار بالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-53، ص-37)

  • مَجازي: (عشق) صوفين جي مستي موجب حقيقي عشق ڏاڪو. ”اَلمجاز قنطرةُ الحَقيقه“ (صوفين جو قول) هن عشق ۾ صانع جي ڪنهن سهڻي شيءِ جو ڌيان ڪري، انسان صانع جي ڳولا ڪري ٿو.

اظهار ٿي آوازي، محلي مچي مجازي،

قائم ڪري قرازي، اثبات جو آڇاڙو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-8، ص-110)

  • مُجتبيٰ: صفت. ]ع [ برگزيده- پسنديده- چُونڊيل.

مرشد مڪمل مهلقا، محبت واري ميدان ۾،

محڪم مُدامي مجتبيٰ، مثلات جو مغفور ٿيو.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-2، ص-54)

  • مُجرا: واحد. مجرو. ذ. آداب- بندگي- ڪرنش- تسليمات- نياز- سلامي. نمسڪار سلام. ديدار- زيارت- راڳ- ناچ يا ڪنهن حيرت انگيز ڪم تي ڪيل آفرين- شاباس.

ديڳ، زهر جي ويڳ ولوٽيين، مجني کي مُجرا،

جهنگ جبل ۾ جنت جايون، هنڌ اُتي حُجرا.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-53)

  • مُجربُ: صفت ]ع [ تجربو ڪيل- آزمايل- پرکيل- چڪا سيل- جاچيل- سُوڌيل- ثابت ڪيل- سڌِ ڪيل. تصديق ڪيل- ڪشيل. مؤثر- اثرائتو- تاثير وارو. ڪارگر- فائده مند- مفيد.

صاف صفاتي سير جي سانگي، سڀائي سانگ صورت جو،

صُراحي صاف جي سُرڪِي، پيئان مُرڪي مجرب ٿو.،

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-1، ص-188)

  • مَجمعُ: ذ. ]ع [ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي حالت- اجماع- هجوم- ميڙ- مجموعو. منڊلي- مجلس- جماعت- انجمن- اجلاس.

مجمع مثل مُحسن منڊل، مخلوق مظهر معنوي،

منور ملثالي مرتبا، منظور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مُجيب: صفت. ]ع [ جواب ڏيندڙ- قبول ڪندڙ- هائوڪار ڪندڙ- اقرار ڪندڙ (محبوب).

عشق عجيب، نر نجيب، مُنهن مُجيب وِکايو،

نرت ناٿ، ڪري هاٿ، سُرت ساٿ سنڀايو.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-17، ص-163)

  • مَڇندَرُ: ذ. صفت. بيوقوف- مُورک- اناڙي- ڇُسو- احمق- ڪُند- لُچ- حرڪتي- شرارتي.

موکي هُون ڪِٿ مظهر هُون،

ڪٿ گورکناٿ مڇندر هُون.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-46، ص-93)

  • محرابُ: ذ. ]ع [ هٿيار جو هڪ قسم- ڪمان- ڌنش- ونگ- ڪمان (دروازي جي). مسجد جي اُلهندي طرف کان ٺهيل ونگدار جارو (جنهن ۾ پيش امام بيهي نماز پڙهائي). گول دروازو. گهڻي نماز پڙهڻ سبب پيشانيءَ تي ٿيل ڪارو داغ.

’محمد‘ مثل موج سان، مُورت جي محراب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

  • مَحَرمُ: ذ. صفت. ]ع. حَرم= هُو نااُميد ٿيو [ منع ڪيل- حرام ڪيل- حرام ٺهرايل. ويجهو عزيز- اهو ماڻهو جنهن سان نڪاح ڪرڻ جائز نه هجي (پيءُ، ڀاءُ، چاچو، مامو، نانو، ڏاڏو وغيره). واقف- واقفڪار- گهرو- گهائل مائل. ڄاڻ سڃاڻ- روشناس- آشنا- واقف- رازدار- همراز- دمساز- همدم- واقف حال- حال ڀائي- رازدان- ڀيدي.

’محمد‘ منور محرم من دا، برهه بن بنا بن بن دا،

ڪِٿان عشق اِلاهي امن دا، ڪٿ سير سُوري دا ساياهي.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-4، ص-167)

  • مُحسِنُ: صفت. ]ع [ احسان ڪندڙ- احسان ڪرڻ وارو- ڀلائي ڪندڙ- نوازش ڪندڙ- وڙائتو- سٺو سلوڪ ڪندڙ. داتا- سخي- فياض- دَياوان. مُربي- سرپرست. پيشت پناهه- حامي- دستگير.

مجمع مثل مُحسن منڊل، مخلوق مظهر معنوي،

منور مثالي مرتبا، منظور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مَحصُولُ: ذ. صفت ]ع. حصل= حاصل ڪيو [ حاصل ڪيل- هٿ ڪيل- قبضي ڪليل. دل- رائرُ- ٽُولُ- سُنگ- رَڪب- ٽيڪس. مسواڙ- ڀاڙو- ڪرايو- اُجرت- جزيه.

’محمد‘ مير مجلس جو، ملاحن جي مچي محلي،

ڪري محصول سڀ معافي، ٿيو ماهر مياڻن ۾.

(محمد فقير، سُر کنڀات، ڪافي-8، ص-225)

  • مُحڪَمُ: ذ. صفت. ]ع. حَڪَم[ مضبوط- پائدار- جٽادار- مستحڪم- برقرار- کپ کوڙ- پختو- ڏاڍو- قابو- سوگهو- سخت- اَٽل- اڻٽر.

’محمد‘ ٿي متوالا محڪم، مئي دي مست مقال،

مست و مست ملنگ ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-1، ص-6)

  • مَحُو: صفت. ]ع. مَحَو= گم [ گُم- غائب- لاپته- ويل. شيفته- عاشق. حيران- مدغم- پريشان- وائڙو- غلطان- مگن. بي سُرت- بي خبر- بي هوش. فنا ٿي ويل- مِٽجي ويل- زائل. ڊَٺل.

عجب اخفيٰ جي اثباتي، سُڻي آواز اَنحد جو،

’محمد‘ موج مستيءَ ۾، محو مردان ٿي آيو.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-6، ص-211)

  • مَحويتَ: ث. گُم شدگي- بي خبري- بي سُرتائي- اغراق. شيفتگي- فريفتگي.

محويت دي مام ملاڪي، ملڪ معنيٰ دي ٿي مسرور.

(محمد فقير، سُر ڌناسري، ڪافي4، ص-228)

  • مُحِيطُ: صفت. ]ع [ گهيريندڙ- گهيرو ڪندڙ. قبضو ڪندر- قبضي ۾ آڻيندڙ- وڪوڙي ويندڙ. گنجائش وارو- سمائيندڙ. گهيريل- وڪوڙيل. وسيع- پکڙيل- ڪشادو- ويڪرو.

رندي ريت، ٿي محيط، ڳايم ڳيت، ٻڌ ڳاني،

سُهڻي ساز، دي آواز، ويکيم ناز، نوراني.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-31، ص-26)

  • مَخدُوم: ذ. ]ع [ خدمت ڪيل- جنهن جي خدمت ڪجي. بزرگ. عزت وارو- مان وارو- معزز- سائين- آقا- آغا- آگو- سوامي- مُربي. مذهبي رهبر- پيشوا- هادي- امام.

ميم- معنيٰ ملڪ دا مخدوم ٿيا مالڪ مُدام،

پيالا پرت دا پاڪ پي پُر پيشوا ڪيتا امام.

(محمد فقير، سي حرفي-4، ص-261)

  • مَخفِي: صفت. ]ع. خَفَتَي[ ڳُجهو- پوشيدو- لڪل- خُفيه- اولائتو- نامعلوم.

ناز نظر دا نينهن نزاڪت، ڏيندا پيالا شوق شهادت،

راز ربوبي سِر وِچ ثابت، مرد پروڙن مخفي مام.

(محمد فقير، سر ڀيروي، ڪافي-17، ص-18)

  • مَخمُورُ: ذ. صفت. ]خمر [ شراب پيتل- خمار چڙهيل- نشي ۾ چُور- خماريل- مدهوش- نشئي- کِئو- اَلوٽ- مڳُ- مست- متوالو.

مئيخان ۾ مدامي، مذڪور عشق ڪيو،

متوال مست موکي، مخمور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • مَد: شراب- ماکي- رسيلي- وڻندڙ. وِچ- وچٿرو- طبيعت- مزاج. سرشٽ. مَنڌ- شراب. شاعر مطابق توحيد جو شراب.

’محمد‘ مست پيالو مَد جو، پوءِ پياري ٿو لاحد جو،

دلئون دوست ڏئي دلداري.

(محمد فقير،سُر تلنگ، ڪافي-1، ص-74)

  • مُدامِي: ظرف. هميشه جو- ٻاروهي- نِتُ- سدائين جو- روزمره جو. قديمي- آڳاٽو- پراڻو- ڪُهنو- پراچين- جُهونو.

مست و مست مُدامي محڪم،

’محمد‘ ميگهه ملار دا مهندار دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • مُدعِي: ذ. صفت. دعويٰ ڪندڙ- دعويدار- فريادي- دانهين- ڇيڪو- دان خواهه- مستغيث. وِروڌي- دشمن- ويري- مخالف- رقيب- حريف.

سورهيه سرڪش هئي سرڪارا،

’محمود‘ مُدعِي تي هئي مارا.

(محمود فقير، ڪافي-76، ص-104)

  • مَدَحَ: ث. ]ع. مَدَحَ= هُن ساراهه ڪئي [ تعريف- ساراهه- واکاڻ- ثنا- صفت.

مُطرب مَڌهم مُغني مُغان، معنيٰ مدح مضمون ڪا،

منصف مقالي مجتبيٰ، مخمور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مُدَلَل: صفت. ]ع [ دليل ڏنل- دليل سان ثابت ڪيل. معقول- ٺيڪ- درست- قرين قياس- بَجا- صحيح- برابر.

مهندار موکي ’محمد‘ مُدلل،

مئيخان مسجد، مسجود مندر.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-48، ص-35)

  • مُدما: (مُد ماتا). ]هه [ متوالو- مست- سرشار.

پراپشتي مُدما ويکري، تُريا ساچ سکاتِي ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-13، ص-179)

  • مَدَنُ: ]هه [ محبت- عشق. شُهرت.

محبوبن جو ’محمد‘ مُربي،

مليو مئي قدح جي ملار مدن سان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-26، ص-120)

  • مَڏِي: ث. ]سن. منڊ= سينگارڻ [ سامان- ٽپڙ- اسباب- سامان سڙو- ٽپڙ ٽاڙي. لڏپلاڻ جو سامان.

اجهي اوٺي آيا، مون ڳليءَ ڳليءَ  ۾ ڳايا،

هي سرڙو صدقي، مَڏي مال مايا.

(محمود فقير، ڪافي-27، ص-60)

  • مذڪور: ذڪر- ڳالهه- پچار- مصلحت- صلاح. ذڪر ڪيل- ذڪر ٿيل.

مئيخان ۾ مُدامي، مذڪور عشق ڪيو،

متوال مست موکي، مخمور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • مُربي: ذ. صفت. ]ع. رب= پاليندڙ [ نپائيندڙ- پرورش ڪندر. تربيت ڪندڙ- سرپرست. سهائتا ڪندڙ- پُٺ ڀَرو- انگراهي- پُشت پناهه- دستگير- حامي- مددگار. بزرگ.

’محمد‘ مُربي ميلي مئي جي، ملي ماهر ٿي مهندار آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-1، ص-107)

’محمود‘ چئي مُربي، تنهنجي مدد گهُربي،

آري ڄام عربي، ڪندو ڇپر ڇانيون.

(محمود فقير، ڪافي-4، ص-47)

  • مَرجان: ذ. ]ع [ پٿر جو هڪ قسم (ڳاڙهاڻ تي مائل)- حجرالبحر- ڳڻوٺي. سمنڊ مان نڪتل ڳاڙهي مٽيءَ جهڙي سخت شيءِ (جا ڪن جيتن جو سڪل کوپو هوندي آهي).

سُون عمر تنهنجو ڪين قبوليان، موتي ڇا مرجان،

باغ عمر تنهنجا داغ دلين تي، اوسيئڙو ارمان.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • مُردارُ: ذ. صفت. ]ف. مُردار= پنهنجي موت مئل [ مُئو- مرده. مري ويل- (ڪو حلال) جانور (جنهن کي تڪبير نه پئي هجي). مري ويل جانور- ڍُونڍ- پليت- ناجائز- نِجس- غيرشرعي- حرام.

ڳِيَسُ پلڪ پاڙي، لنگهه خلق ڪيتي دي

ملڪ مهڻي مُردار ڪرين.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-112)

  • مِرڌَنگُ: ]سن. مردنگ= پخواز [ ساز جو هڪ قسم- دُهل جو هڪ ننڍو قسم- ڍولڪ. پڪواز- پخواز.

منڌم ’محمد‘ مِرڌَنگ مُرلي، مُک سي بين بجائون.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-5، ص-52)

  • مَرغُ: ذ ]ف [ پکي- پرندو- پرند- پکيڙو- طير- پنڇي- پڪشي. اُڏامندڙ. ساهوارو- اُڏند. ڪڪڙ- مُرغو- خروس.

مرغ وانگي مرد مريندا، ’محمد‘ مارو مار.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • مَرغُوبُ: صفت. ]ع. رَغَبَ= زغبت ڪئي [ رغبت ڪيل- دل لُڀائيندڙ- من کي وڻندڙ- دل پسند- وڻندڙ- دلچسپ- دلير- دلربا- دلڪش- دلفريب- پيارو- هردل عزيز- خوبصورت- سُهڻو- سُندر. مزيدار- سَلوڻو.

مل ’محمد‘ جا محبوب مُغان، مسجود مٺا مطلوب مُغان،

مخمور پسن مرغوب مُغان، منهن مو تو قبلل مرد مري.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • مَرڪُ: ظرف. لائق- واجب- مناسب- ٺهندڙ- جُڳاءُ- سُهائيندڙ- پوندڙ (منهن تي)- شايانُ.

ترڪ دنيا ترڪ عقبيٰ، ترڪ موليٰ ترڪ ترڪ،

مقصد ڇڏي مخمور ٿيڻ، مردن سندو آهي مرڪ.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • مِرگُهه: ذ. ]سن. مِر (ي)+ گهه= هرڻ [ جانور جو هڪ قسم- مِرگ- هرڻ- آهو- روجهه- هَراڪ- چڪارو- ڇيڪارو.

ڀنڀا وار ڪُنڍا ڀرون ڪارا،

مِرگهه مثالي چوڏس چنڊ تارا.

(محمود فقير، ڪافي-44، ص-70)

  • مُرلِي: ث. ]سن. مُرَلَ< مُرلي= مرلي [ وات سان وڄائڻ جي ساز جو هڪ قسم (جيئن بانسري، بين، بانسلي، وَنجلي، الغوزو، بئنسري). تُنبي، ڪَدوءَ ۽ ڪنگور مان ٺاهيل ساز.

منڌم ’محمد‘ مرڌنگ مُرلي، مک سي بين بجائون.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-5، ص-52)

  • مَساڻُ: ذ. ]سن. شمشان= جنگ جو ميدان جي جتي ماڻهو هرن [ هندن جي مڙدن جلائڻ جي جاءِ- شمشان ڀومي- مڙدا گهاٽ- مَسڻ. مساڻن جي رک- سُڃ- ڀينگ- ڏُتڙيل جاءِ- فساد- جهڳڙو.

هردم هلندڙ تنهن ۾، محڪم آهي ماڻ،

مقام ۽ مَساڻُ، ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-259)

  • مَسجُودُ: ذ. جنهن کي سجدو ڪيو وڃي.

مهندار موکي مُدَلِل، مئيخان مسجد مسجود مندر

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-48، ص-35)

  • مَسرُورُ: ذ. صفت. ]ع. سَرُ= خوشي [ سَرهو- خوش نهال- شاد- پرسن- شادمان- منگهن- خرسند- راضي.

گهُورن سان گيان کولي، ٻولِي عجب ٿو ٻولي،

آواز انس اولي، مسرور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • مُشتاقُ: ذ. صفت. ]ع. شوق [ اشتياق رکندڙ- شائق- چاهيندڙ- آرزومند- طالب- خواهشمند- گهورو- خواهان. سڪايل- اُڪنڊيو- موهيل- وَسُ ڪيل- عاشق- موهت- اڪن ڇڪن- انتظار ڪندڙ.

’محمد‘ مشتاق محبت ۾، ڏسن عشق جو آرو،

عجب اسرار اندر ۾، فڪر فرقان ٿي آيو.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-8، ص-212)

  • مَشربُ: ]ع [ پاڻي پيئڻ جي جاءِ- چشمو- ڍنڍ- دين- مذهب- ملت- طريقو- ڍنگ- نمونو.

آهيان مان عشق جو عاشق، رکان رندي مشرب ٿو،

رقص ۽ راڳ جي رنگ ۾، سڏايان رمز سان رب ٿو.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-1، ص-188)

  • مُشرڪُ: صفت. ]ع. شِرڪ ڪندڙ [ خدا سان ڪنهن کي شريڪ ڪندڙ- شرڪ ڪندر. بت پرست.

سهڻي صورت سِر سُبحان، مشرڪ ٻاجهون ڪير سُڃاڻي.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-17، ص-153)

  • مُشڪل ڪُشا: صفت. مشڪلاتون دُور ڪندڙ- ڏک لاهيندڙ- اهنج دور ڪندڙ. مصيبتون دفع ڪندڙ. حضرت علي عه جو لقب.

مظهر سندو مسجود تون، ’محمد‘ مُدامي مُرتضيٰ،

موليٰ علي مُشڪل ڪُشا، مهندار مالڪ مختيار.

(محمد فقير سُر بهاڳ، ڪافي-18، ص-63)

  • مُصَلي: مُصلو. ذ. ]ع. صلي [ نماز پڙهڻ جي جاءِ- عبادت گاهه- مسجد. نماز پڙهڻ لاءِ ننڍو تڏو يا غاليچو- نماز پڙهڻ وارو ڪپڙو- جاءِ نماز.

ڇوڙ مُصلي عصا ڪوزا، وير وسانوڻ واري،

جوڳي جُڳ جُڳ جو ڪماون، جوش جگر ڪر جاري.

(محمد فقير، سُر ڪسوري، ڪافي-3، ص-181)

  • مُصَورُ: ذ. صفت. ]ع [ تصويرون ٺاهيندڙ- چترڪار- ڪمانگر- نقاش. رنگ ڏيندڙ- رنگ ساز. (اسم خاص) الله تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

’محمد‘ ٿي مصور، مورت مک صورت جو،

معنيٰ جي ملت سان، منڊل مئي مچايان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-63، ص-43)

  • مُطِرَبُ: ذ. صفت. ]ع. طَرَبَ= هُو نچيو [ ڳائيندڙ- گويو- ڪلاونت- ميراثي- قوال- راڳيندڙ- خوش ڪندڙ.

مُطربَ مَڌهم مُغني مُغان، معنيٰ مدح مضمون ڪا،

منصف مقالي مجتبيٰ، مخمور مئيخاني ۾ هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مَطلوُب: صفت. ]ع. طَلَبَ [ طلب ڪيل- طلبيل- گهُر ڪيل- گهُريل. سڏيل- ڪوٺيل. خواهش مطابق- دلپسند- محبوب- معشوق.

مل ’محمد‘ جا محبوب مُغان، مسجود مٺا مطلوب مُغان،

مخمور پسن مرغوب مُغان، مُنهن موتو قبلل مرد مري.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • مُطِيعُ: صفت. ]ع. طوع [ اطاعت ڪندڙ- فرمانبردار- تابعدار- حڪم هيٺ- تابع- ماتحت- تابيني- تانِي- تخت ۾- جوڳو- وسِيڪو- خادم- ٻانهو- پوئلڳ- مُريد- ٻالڪو.

تنهنجا مُطيع شمس و قمر، ماڻهو مَلڪ جن و بشر،

ارض و سماء تارا شجر، توڙي گداگر ڇا امير.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-24، ص-67)

  • مُظفرُ: صفت. ]ع. ظفر [ فتحمند- فتحياب- ظفرياب- ڪامياب- جيتيل- کٽيل- ڪامران- غالب.

مالڪ مُلڪ مظفر مَلَڪَ، موکي مگهن مئيگون سي،

’محمد‘ مُدامي مصطفيٰ، منصور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مُظفري: فتحمندي- فتحيابي- ڪاميابي- ڪامراني.

’محمد‘ بار ملامت والي، مظفري ميدان،

مجتبيٰ مهندار ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-4، ص-8)

  • مَظهَرُ: صفت. ]ع. ظَهر= ظاهر ٿيڻ جي جاءِ [ تماشگاهه- کيل ڏيکارڻ جي جاءِ- اسٽيج- آکاڙو- ظاهر ٿيڻ جي جاءِ.

’محمد‘ هر مظهر جو مالڪ، حُسن واري فوج،

قُم بِاِذنِي قواز منهنجو.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-9، ص-5)

  • مُعافي: (محافو) ذ. ڏولي- لوڏي- پالڪي- چؤڏول- ڪجائو.

معافي چڙهيا مير منور، پوندي آوي ڀيڄ ڀيڄ،

پوندي آوي ڀيڄ ڀيڄ، پوندي آوي پوش پوش.

(محمد فقير سُر راڻو، ڪافي-1، ص-232)

  • مَعبُودُ: ذ. ]ع. عَبدَ [ عبادت ڪيل- عبادت لائق- بندگيءَ جوڳو- خُدا- الله تعاليٰ. ڌڻي تعاليٰ.

مسجود، مشهود، معبود ’محمد‘ سِر صاف، مصحاف، انصاف احمد،

لاهوت، آڌوت، ثابوت سرمد، مخمور مشهور، مذڪور معالم.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-54، ص-38)

  • مَعِنوي: صفت. معنيٰ وارو- مُراد وارو- سمجهاڻيءَ وارو- مقصد وارو. ڳجهو- لڪل.

مجمع مثل مُحسن منڊل، مخلوق مظهر معنوي،

منور مثالي مرتبا، منظور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مُغان: (پير مُغان) ذ. آتشن پرستن جو پيشوا. آتش خاني جو مجاور. شراب خاني جو مجاور- ساقي. مرشد- روحاني راهه جو راهبر- توحيد جي مئي پياريندڙ- راههِ حق جو سُونهون.

احمد زمان ’محمد‘ مُغان، مشهرو معنيٰ ميم جي،

مالڪ مَلڪ مظهر ملڪ، مهندار مک منور ٿيو.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-5، ص-56)

  • مَغفُورُ: ذ. صفت. ]ع. غَفَر= بخشيل [ معاف ڪيل- معافي ڏنل- رِها ڪيل- ڇڏيل.

مرشد مڪمل مھ لقاء، محبت واري ميدان ۾،

محڪم مُدامي مجتبيٰ، مثلات جو مغفور ٿيو.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-2، ص-54)

  • مُغَنِي: صفت. ]ع [ راڳائي- گَوَيو- ڪلاوَنت- ڳائڻو.

مُطرب مَڌهم مُغَنِي مُغان، معنيٰ مدح مضمون ڪا،

منصف مقالي مجتبيٰ، مخمور مئيخاني مين هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-40، ص-142)

  • مقال: پهاڪو- واڪيه- مثل. قول- وَچن- چوڻي- ڳالهه ٻولهه- گفتگو. تات.

’محمد‘ ٿي متوال محڪم، مئي دِي مست مقال،

مست و مست ملنگ ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-1، ص-6)

  • مُقامُ: ذ. اسم ]ع. مُقام= جڳهه [ ترسڻ جي جاءِ- مَسڪن- آستان- ٺِڪاڻو- آستانو- جڳهه- جاءِ مڪان- گهر- منزل- ڊاٻو- ويساهي- منزل گاهه- ڀاڻو- قيامو- اُتارو- لاشن دفن ڪرڻ واري زمين- قبرستان- گورستان.

هردم هلندڙ تنهن ۾، محڪم آهي مساڻ،

مُقام ۽ مَساڻ، ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-259)

  • مَقبوُلُ: ذ. صفت. ]ع. قبل [ قبول ڪيل- مڃيل- منظور ڪيل. پسند ڪيل- چُونڊيل- مرغوب- پسنديده. وڻندڙ- پيارو- محبوب- دلربا. مشهور.

وصالي ونهوار سان، وحدت واري واڳ،

’محمد‘ منور ماڳ، مقابل مقبول ٿيو.

(محمد فقير، هفتو-1م ص-263)

  • مَقرَب: ذ. صفت. ]ع. قَرَبَ [ نزديڪ ڪيل- ويجهو ڪيل- اوري ڪيل- قريب. ويجهو دوست- محرم راز.

محيسي مام معنيٰ جي، متل مئيخاني ’محمد‘ جي،

مقابل موج منصوري، مچايان مچ مقرب ٿو.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-1، ص-188)

  • مقصد: ذ. ]ع. قَصَدُ [ قصد- ارادو. عزم- مطلب- مُراد- اَرٿ- غرض- نيت- مُنشا- منصوبو- سِٽَ- سِٽا.

ترڪ دنيا ترڪ عُقبيٰ، ترڪ موليٰ ترڪ ترڪ،

مقصد ڇڏي مخمور ٿيڻ، مردن سندو آهي مرڪ.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-1، ص-199)

  • مَڪَ: ث. کٻڙ (وڻ) يا ڄار جا ڪچا پيرون- کٻڙ جو ڦر- سڪل پيرون.

رنگ ڀريون آهن ريتيون تن جون، چست چڱيون چاليون،

ٿر ٿوهر مَڪ مانڌاڻا، منهنجا ويڙهيچا ور ڪن!

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • مَڪانُ: ذ. ]ع [ رهڻ جي جاءِ- جڳهه- هنڌ- آستان- ٺڪاڻو- رهائش- مَسڪن. اوتارو- بيٺڪ. فقيرن جي رهڻ جي جاءِ- دائرو. شهر- گام- ننگر- ملڪ- ديس- وطن- علائقو.

لامڪان مڪان ’محمد‘، لعل لاهوتي لهي لهي،

لاثان لحن للڪار سان.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-5، ص-106)

  • مُڪايا: مصدر. مُڪائڻ. ]سن. مُچ= موڪلڻ [ گهرائڻ- سڏائڻ- ڪوٺائڻ- فيصلو ڪرڻ- حساب ڪتاب صاف ڪرڻ- ختم ڪرڻ- بس ڪرڻ- پورو ڪرڻ- خاتمو ڪرڻ- نڀائڻ.

موحد ٿي موجود منڊل وِچ، مهرا مام مُڪايا،

مستي والي ملڪ مُدامي، مزگان مچ مچايا.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-13، ص-114)

  • مُکُ: ذ. ]سن. مُکَم [ چهرو- شڪل- مهانڊو- صورت- پيشاني- مٿو- نراڙ.

نڪوسيءَ سرير ۾، نڪا لڳس لُڪ،

’محمد‘ ٿيو سو مُک، منصوري مئيخان ۾.

(محمد فقير، بيت-266، ص-296)

  • مَلامَتَ: ث. بددعا- پِٽ- پاراتو- لعنت- ڌڪار- عتاب. ويڻ- مهڻو- ڏوراپو- طعنو- جُٺ- ڦِٺ. صوفين جي ملامتي طريقو (جنهن ۾ صوفي بظاهر اهڙا ڪم ڪندا آهن، جن سان سندن ملامت ٿيندي آهي).

ڪري پاڻ پسڻ جي پوري پڪ،

کڻي بار ملامت سِر تي ڳرو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • مَڻِ: مڻيا- ڪَلا- قدرت- نور- تجلو- جوت- تجلي. مڻيو- موتي- قيمتي. پٿر- جواهر- رتن- هيرو.

مڻ جتي جي مغز ۾، سي ڪي ڪي ڪلادار،

شاهي ڪن شڪار، ڏيئي ڦوڪ ڦڻ سان.

(محمد فقير، بيت-138، ص-280)

  • موتيا: واحد. موتيو. گل جو هڪ قسم. هتي موتئي گل جي مولانا رومي سان تشبيهه ڏني وئي آهي.

موتيا رومي ’محمد‘ مندر، برس باغ بقائي بندر،

ڪٿان آس الاسي اندر، اُسر عدم ڪنون آئي هي.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-5، ص-168)

  • مُوتُو قَبِلَل اَنتَ مُوتو: (حديث). مرڻ کان اڳي مرو يعني پنهنجي نفس کي ماريو (ته جيئن حياتِ جاودان حاصل ٿي سگهي).

مُوتو قبلل اَنت مُوتو، سالڪ سِر سُڃاڻ.

(محمد فقير، سر آسا، ڪافي-3، ص-2)

  • موجُودُ: وجود وارو- هستيءَ وارو. هڪيو- حاضر ناظر.

ميم جو مولهيو ٻَڌي، موجود لاموجود ٿي،

’محمد‘ سندي مصلات ڪيو، مظهر علي مظهر علي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-15، ص-128)

  • موجودات: ث. موجوده جو جمع. پيدا ڪيل شيون- مخلوقات- خلق- هستي. دنيا- ڪائنات- الله تعاليٰ جون پيدا ڪيل شيون. فطرت. حاضري- موجودگي.

’محمد‘ موجودات رنگي، راز ڪيو مون.

(محمد فقير، سُر ديسڪار، ڪافي-1، ص-231)

  • مُوَحد: ]ع. مَوَحَدَ [ خدا کي هڪ ڪري ڄاڻندڙ- توحيد پرست- ايشور- ايڪ واري ايڪائي- پڪو مسلمان. خدا جي وحدت مڃيندڙ.

’محمد‘ موحد ماهر مظهر، ميم معنيٰ مهلاتي.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-3، ص-105)

  • مُورت: ظاهري تصوير- عڪس. صفاتي وجود. مهورت- بت- جسم. سڳوري يا نيڪ ساعت يا گهڙي.

مورت محلات وِچ ماهر، محو ’محمد‘ ٿيا ظاهر،

جيڪا نادر تيها ٻاهر، نظر نروار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-15، ص-17)

  • مُورک: نادان- بي عقل- بيوقوف- بي سمجهه- ڪم عقل- ڪم فهم- جاهل- احمق- ڀُوڪ- اناڙي- ڇُسو- ڀورڙو- موڳو- سادو سودو- پرمتڙيو.

چاطر سُڌ اَبناسي نرگن، مورک ڪيا ٻڌواني ري.

(محمد فقير، سور ڪونسيه، ڪافي-4، ص-175)

  • موڪ: جالارو پاڻي- وهندڙ پاڻي- گهڻو- جام- موج- گهڻي- جهجهي. ڪسي- نالي- واهه. پاڻيءَ جي اٿل- پالوٽ. هيٺائين زمين جنهن تي پاڻي وهي.

ميگهه ’محمد‘ موڪ ملاران، ٿئيان ٿئيان ڪر ٿئيان وي.

(محمد فقير، سُر سارنگ، ڪافي-1، ص-205)

ميڏا جلويدار هئي جاني،

ملي موڪ ’محمود‘ ڪون ماني.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-145)

  • مَوڪَشِ: ذ. ]سن [ ڇوٽڪارو- آزادي- آزادگي- نجات- موکا- مُڪتي.

ڇَو ٿِي منزل مَوڪَشِ اَڇيا، ’محمد‘ ميگهه ملار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • موکَ: ذ. ڇوٽڪارو- معافي- آخرين ۽ دائمي خوشي. ڏنل شيءِ جو عيوض.

منگهن موک مڪتي شريماني شڪتي،

ڀڄن ميري ڀڳتي سرودي سجاني.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-176)

  • موکِي: موک ڪندڙ- ساتي- شراب پياريندڙ. هڪ عورت جو نالو جا شراب جو دڪان هلائيندي هئي، جنهن کي شاهه صاحب پنهنجي ڪردار بڻايو. عزت ڏيئي چونڊي.

’محمد‘ مام مِلا ٿي موکي، مستي دي مُختيار يار.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-6، ص-3)

  • مُولِ: ظرف. مُور.

عشق ڪريندا شڪار، تڙڦڻ مُول نه ڏيندا ڏيندا.

(محمد فقير، سُر مانجهه، ڪافي-6، ص-107)

  • مولهِيو: مولهاڻو- پٽڪو- پڳ- دستار. ڪلنگيدار پڳ يعني ڇٽ واري پڳ يا پٽڪو.

الله عالم جو ڌڻي، احمد زمان اطهر ٿيو،

ميم جو مولهيو ٻڌي، موجود حق مظهر ٿيو.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-5، ص-56)

  • مُونجَهه: ذ. ساهه گهُٽجڻ جي حالت- گهُٽ- ٻُوسٽ. سخت گرمي- سخت گهُٽ- سخت گرميءَ سبب بيهوش ٿي وڃڻ جي حالت. آنڌ مانڌ- بي آرامي- بي قراري. بي چيني- ڳڻتي- فڪرات. هنيانءُ تي بار- غُبار. حيراني- پريشاني- وائڙائي. مُنجهڻ جي حالت- مُونجهارو- گڙٻڙ- گهوٽالو.

بيوس بي حال مان ڀوري،

ملڻ جي مُونجهه آهيان مارِي.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-1، ص-208)

  • مُونَن: واحد. مُونو. گوڏو- گوڏن سان هڻي. گوڏن سان لائي- مروڙي.

پائي مُنهن مُونن ۾، پسي نيڻين نور.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-1، ص-191)

  • موهَر: مُهراڻو (کپري ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾، سنڌ جي آباد خطي ۽ ٿر جي ڀٽن واريءَ ڪس جي سرحدي (ايراضي). اڳيان. آڏو. اڳتي.

زيور زهر ڀانيان ٿي زرجا، مولا مليج مير موهر ۾،

ڪين وڻن ٿا چٽيل چاندي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-2، ص-10)

ديدن ڪيا درسن، اڄ ڀيڄ ڀني برسن،

ماڙيچا منهنجا موهر ۾، شل پاڙيچا پرچن.

(محمود فقير، ڪافي-9، ص-49)

  • مِلت: ذ. گڏيل- گڏ وچڙ- شامل- هم صلاحي- ساز باز- صلاحڪار.

مذهب ملت ڀُل ڳيوسي، رمز جڏهان رنگ لايا،

’محمد‘ ڀيد بتايا، مالڪ ملڪ حُسن دي.

(محمد فقير، بيت-105، ص-276)

  • مُلحِدُ: ذ. ]ع. لحد [ حق جي رستي کان ڦريل- گمراهه- بي دين- لامذهب.

’محمد‘ ملحد نال مُدامي، لاهه نقاب لڙيجي يار،

اندر گهور نفي اثباتي، پُختا پيچ پڙيجي يار.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-1، ص-74)

  • مَلڪُوتُ: ذ. ]ع [ بدشاهت- بادشاهي- حڪمراني. حڪومت- سلطاني- تاجداري. ارواح- عالم معنيٰ- عالمِ الغيب. فرشتن جي عبادت جو مقام. فرشتا- ملائڪ- مَلَڪَ.

ناسوت ڇا ملڪوت معنيٰ، جبروت ڇا لاهوت لام،

هاهوت ڇا هڊم هنگامون، باهوت ڇا آهي بيان.

(محمد فقير، سُر ڀيم ڀلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • مَلنگُ: ذ. صفت. ]ف؛ سن. مَهولنگ [ ڊگهو ۽ بت ۾ ڀريل (ماڻهو). بيخود- بيهوش- نانگو. الله لوڪ- فقير- طالب.

ملنگ موج محبت، ڪري سانگ صحبت،

ڪيئن ناد نوبت، وڄائن نقارا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-21، ص-132)

  • مَلِي: مصدر. مَلڻ. ]ف. ماليدن= مهٽڻ [ مهٽڻ- رڳڙڻ- گيهڻ- گسڪائڻ. لسو ڪرڻ. صاف ڪري- اُجر ڪري- ڪَسُ لاهي.

مُوتو قبلل واري ’محمد‘، ميندي مٺي مهندار مَلِي آ.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-27، ص-121)

  • مَنَترُ: مصور. منتر پڙهڻ. جادو ڪرڻ- منڊ پڙهڻ- منتر ڪرڻ- ڦيڻو وجهڻ- ٽوڻو ڪرڻ- جهاڙ وِجهڻ.

مُزگان ’محمد‘ ماري مَنتر، صاف صورت جي سهڻي منتر،

لهي لعل لقب ڪري لاڏ لڙيون لڙيون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-21، ص-20)

  • مُنڌَ: ث. ]سن. مگڌا [ ننڍي نوجوان زال واسطي عزت ڀريو لفظ. سهڻي نوجوان زال. زال- ناري- عورت.

چي، سونهان ٿي ڙِي سانگهڙ ۾، تو ويتر ٻڌي وِنڌ،

بوگا ڪڍي بڇڙا، مولهيا نه پئي مُنڌ.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • مَنشا: ث. ]ع. مَتشا [ خيال پيدا ٿيڻ جي جاءِ- ارادي پيدا ٿيڻ وارو هنڌ- ارادو- اِڇا- خواهش- مرضي- سڌ- لاڙو- رغبت. نيت- مقصد- مطلب- مراد. خيال- معنيٰ.

سُرت نرت ۾ آپ گنواوي، من ڪي منشا من ۾ پاوي،

ڌرڪي ڌُن ڪا ڌياني، هو ٻڌواني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • مَنصَبُ: ذ. ]ع. نَصَبَ= هُن کُپايو [ قائم ٿيڻ جي جاءِ- رتبو- عهدو- پدوي. خدمت- ڪم. ڊيوٽي. منصف جي ڪورٽ- ڪچهري- حڪومت. عاملي.

’محمد‘ مُطرب واري منصب، ساز سُرود سُڻايان ٿو،

سمجهي صورت جو سالم.

(محمد فقير، سُر پوريا، ڪافي-9، ص-150)

  • مُنصفي: ث. انصاف- نِياءُ ڪاري- ٽياڪڙي-ثالثي- سچائي- رِهندائي- امانت- نبيرو- فيصلو.

ماڳ مستيءَ جو ملهائي، منصفي ميزان ۾،

ڪري لاهوتي لاثان مون کي.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-6، ص-109)

  • مَنصُورُ: صفت. ]ع. نصر= هُن مدد ڪئي [ ياري ڏنل- مدد ڏنل- همراهي ڪيل- سُهائتا ڏنل. نُصرت ڏنل- مظفر- فتحياب- سوڀارو. (اسم خاص) مشهور صوفي حُسين بن منصور حلاج، جنهن ’اناالحق‘ جو نعرو هنيو.

عشق سُوري منصور چڙهايا،

’محمد‘ ڪر مَستان، اَناالحق دي دم مريندا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-60، ص-99)

  • مَنگل: ذ. ]سن. مَنگَلَ= سڀاڳو [ سڀاڳو ڪم- سٺو سوَڻ. خوشي- راحت.

هُو واس وٺن وڻڪار جو، هُو سچ مٿي مختيار،

پروانا پڳدار، ’محمد‘ منگل موج جا.

(محمد فقير، بيت-23، ص-268)

  • مَنگتا: واحد. منگتو. ذ. صفت. ]پرا. منگتيا [ منگندڙ- گهُرندڙ- سوالي- پينو- فقير- بکاري- مڱڻهار- ڀانڊ- گداگر- سائل- پينار.

ياد جي ڪن يار کي، سي منگتا ميراثي،

سورهيه سناسي، سير سڃاڻن سر جي.

(محمد فقير، بيت-97، ص-275)

  • مَنگهَن: ذ. صفت. ]سن. مَنگنَ= محو [ سرشار- ٻڌل- غرق- غلطان- خوشيءَ ۾ ڀريل- مست- بيخود.

مَٽيءَ تي ’محمد‘ مُدامي مسيحيٰ،

ڪئي موج مستي منگهن مئي ملاري.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-58، ص-40)

  • مُنوَرُ: ذ. صفت. ]ع. نور [ نور ڏنل- روشني ڏنل- نوراني- نورانو- روشن- چمڪندڙ- چاڪيدار- تابان. جهاڪا ڏيندڙ- مشهور- پڌرو.

’محمد‘ منور ماڳ مُدامي، ڏيئي مستي جي مک مام آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-2، ص-107)

  • مُنيرِي: (مُنير). ذ. صفت. ]ع. نُور [ نور وارو- منور- چمڪندڙ- جهلڪندڙ- جهلڪڻو- روشن- چلڪندڙ. چمڪيدار- تجليدار.

مُرشد مِيري مُنيرِي بي نظيرِي،

جِهندا برهه  بحال هي، قرب ڪمال هي.

(محمد فقير،سُر پهاڙي، ڪافي-35، ص-139)

  • مَها: صفت. ظرف. ]سن [ وڏو- شاهي- اُتم- عالي- بُلند- اوچو. زوراور- قوري- ڳرو. ڏاڍو- نهايت- تمام- بلڪل- نِڀور.

ڪرون گيان سرون، مها واڪ من نن،

نرجن نڌياسن، ساکيا تي سُڌاني.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • مَهاديو: ذ. صفت. چمڪندڙ چهري وارو. (اسم خاص) هندن ۾، شِو مهراج جو ٻيو نالو.

مهاديو بم بم، سُنا ساز سَرگم،

کيلون کيل کٽ سم، پدڪا پراني.

(محمد فقير،سُر دَرباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • مَهاران: واحد. مَهارَ. ث. ]ف [ اُٺ جي ناڪيلي- لاٽي. ناڪيليءَ ۾ ٻڌل رسو/مهار (جنهن سان اُٺ کي هلائجي).

آري آون، جهول پاون، پيچ پاون پرت دي،

اُٺ قطاران، گهت مَهاران، ڏي هونگاران حرص دي.

(محمود فقير، ڪافي-56، ص-80)

  • مَهَتابُ: ذ. ]ف [ چنڊ- قمر- چندرما- ماهتاب. چنڊ جي روشنائي. چانڊوڪي. معشوق- معشوق جو مُنهُن.

اَلانسان سِري وَانا سِره، اَنوري القاب،

ميم واري مهتاب، احمد ’محمد‘ احد ٿيو.

(محمد فقير، هفتو-1، ص-263)

  • مَهُتُ: ذ. ]سن. مَهتو= وڏائي [ عزت- آبرو- مانُ- آب. سوڀ- فتح- جيت- ڪاميابي.

اثبات عشق اندر، مهندار مهت مندر،

برسر بحال بندر، بيشڪ بقا بدن ۾.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-10، ص-14)

  • مَهدِي: ذ. صفت. ]ع [ هدايت ڪندڙ- هادي- رهنما. (اسم خاص) ٻارهين امام جو نالو.

مهدي منور مهدي منور، پير مُغان پاڳارا هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-24، ص-133)

  • مَهَرِي: ذ ]ع. مَهريه= مَهره قبيلي جو نپايل اُٺ [ اُٺ جو هڪ قسم- سواريءَ جو هلندڙ تيز اُٺ- تمام ڀلو اُٺ- چڙهيءَ جو اُٺ.

مُنهن موڙ مَيَڙَ، اُٺ گوڙ گجن، ڌڌڪا ڪن ديوان،

بينا، برگ، بگا اُٺ بهري، مَهري ٿيا مستان.

(محمود فقير، ڪافي-17، ص-54)

  • مَهِما: ث. ]سن [ وڏائي- غرور- آڪڙ. بزرگي.

رچڪ سي رجوگن، ڀيانڪ تموگن،

يٿارت ستوگن ڪِي مهما ملائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-172)

  • مَهمير: ذ. وڏو بهادر- وڏو دلير- شُجاع.

اسين خلقيا آهيون خاوند جا، اسان جي پُٺ ڀريندو پِير،

اسين سمن شاهه جا پيالا پيئون ٿا، موالي مهمير.

(محمود فقير، موالي، ص-128)

  • مَهميز: ث. ]ف [ ڪنڊو- خار. گهوڙي کي تيز هڪلڻ لاءِ سوار جي کُڙيءَ ۾ لڳل لوهه جي سيخ. اڙي- انگڙي- چؤڪ- چُونگ- چائڪ. چپيٽ. سختي- ڌڪ. مار- سيکت- سزا- گوشمالي.

مارينديسئين مهميز سان، پوري ڄاڻج پَڪَ،

چَراخ مُنهِين، چَپَ تنهنجا ڊُولا جهڙا ڍَڪَ.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • مَهَندارُ: ذ. صفت. اڳ ۾ بيٺل- اڳواڻ- پيشوا- سُونهون- ڀوَميو- اڳرو- پيشرُو- سردار- سالار.

مهندار موکي ’محمد‘ مُدَلِل،

مئيخان مسجد مسجود مندر.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-48، ص-35)

  • مَئي: ]ف. مَڻي= شراب؛ سن. مَدَ= مستي [ شراب- دارون- مَدُ- مدرا- باده. نشو- مستي- خمار. مئو- هٺ- تڪبر. صوفين جي اصطلاح موجب توحيد جو شراب- معرفت جو منڌ.

حبيباڻي هٽ تي هردم، ’محمد‘ مئي مختيار،

رنگ بيرنگي راز آهي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-45، ص-93)

  • مِيثاقُ: ذ. ]ع. وثقَ [ انجام جي پڪائي- قول قرار جي سچائي- وعده وفائي- انجام- قول- وعدو- ٻول- اقرار- سُخن. (ڪنايه) روحن جو خدا تعاليٰ سان ڪيل انجام (ته تون اسان جو رب آهين ۽ اسين تنهنجا فرمانبردار ٻانها رهنداسين).

ميثاق کان مهندار مک، مستي واري مئيخان ۾،

مئي جي مُدامي موج سان، ’محمد‘ موکي معبود تون.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-12، ص-60)

  • مراثِي: ذ. صفت. ڳائيندڙ- ڳائڻو- گائڪ- راڳي- مُطرب- گوئيو- ڪلونت- قوال- لنگهو- مڱڻهار. (صفت) ورثي وارو.

ياد جي ڪن يار کي، سي منگتا ميراثي،

سورهيه سناسي، سير سڃاڻن سِر جي.

(محمد فقير، بيت-97، ص-275)

  • مِيرِي: (مِيرُ) ذ. صفت. ]ع. ’امير‘ جو مخفف [ امير- سردار- والي. سالار. وڏو ماڻهو. هادي- رهبر- پيشوا.

مُرشد ميري، مُنيري بي نظيري،

جِهندا برهه بَحال هي، قرب ڪمال هي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-35، ص-139)

  • مَيريان: جُهڙ. سنهيون سنهيون ڪڪريون. ڇَمر.

’محمد‘ مُدلل مُربي مسيحيٰ، ميگهه منڊل ديان ميريان.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-11، ص-126)

  • ميڙِي: مصدر. ميڙڻ. ]سن. مِل= ملڻ [ ميڙ ڪرڻ- گڏ ڪرڻ- جمع ڪرڻ. ڍير ڪرڻ- مِلائڻ- ميلاپ ڪرڻ- گڏڻ.

جن جي آهيان جهڙي، تن کي ملان تهڙي،

ٿيندو مُرسل ميڙي، بلي ڪنديس ڀيڙي.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-45)

  • ميزانُ: ]ع. وزن [ ساهمي- ترازو- ڪانٽو- تارازي. (حساب ۾) جوڙ- جمع- جُملو- ڪل جوڙ. قيامت جي ڏينهن انصاف جي تارازي.

معنيٰ جي ميزان ’محمد‘، مُدامي مردان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-58، ص-98)

  • ميگههُ: راڳ جو ڇهن راڳن مان چوٿين راڳ جو نالو- ملهار.

ڀيرو، مالڪوس، هڊول، سري، ميگهه، ديپڪ ترنم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-102)

  • ميم: حضرت محمد صه جن جي نالي مبارڪ جو پهريون اکر.

’محمد‘ مظهر ميم مثالِي، ختم خوشتر خوب خيالِي،

چٽِي چشمن واري چالِي، چوڏس ڪيو چمڪارو.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-64، ص-101)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ن

  • ناب: صفت ]ف [ جنهن ۾ ملاوٽ نه هجي- خالص- صاف. مخلص- صادق.

نج نفي اثبات نٽڪي، نازنين ’محمد‘ نگار،

نظم جو ناطق نقارو، نجيبي ٿيو ناب ناب.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-1، ص-170)

  • ناٿ: ذ. ]سن. ناٿ [ بچائيندڙ- پناهه ڏيندڙ- رکپال. خاوند- ڌڻي. (صفت) اڪابر- ڀُڙ. ڌڻي- سردار. جوڳين جو مرشد يا گرو. سوامي- مالڪ- جوڳيسر. تجربه ڪار. ناٿ پنٿي هندو فقيرن جو فرقو- يوگي گُرو. (مڇندرناٿ، گورکناٿ).

نانگا ناٿ نِهاري نيهي، پاڻ ۾ پنهنجي وِڙا پِيهي،

ڳالهه ڪبي ٻِي تن جي ڪيهي، پِرتئون پلپل ٿيا پئيمال.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-5، ص-3)

  • ناٽَڪُ: ذ. ]سن. نَٽُ= نچڻ [ نَٽ جو تماشو- نِماءُ- نمائش- ڏيکاءُ- ناچ- راڳ رنگ- نقل- رُوپ. کيل- ڊرامو- تماشو. جادو ڪرڻ واري حالت- ڪامڻ- سَحرُ- موههُ.

ناٽڪ نُور نظاري واري، نانگو ناچو ناٿ نحال آهيان.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-28، ص-121)

  • ناپيدُ: ذ. صفت. ]ف [ پيدا نه ٿيندڙ- مشڪل هٿ ايندڙ- ناميسر- اڻ لڀ- دُرلڀ- ڪمياب- عنقا- ورلو. چونڊيل- ڌُڻيل- چيدو- برگزيدو. اپر- بي مثال- لاثاني- اڻ جيس. نيست- معدوم- فنا.

نينهن جو نعرو هڻي، ٿيا نظر جي نيشان تي،

نَرپسن ناپيد نيارا، نيڻ نرگس نيم خواب.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-1، ص-170)

  • نادُ: ]سن. نادَ< نَد= آواز ڪرڻ [ آواز- صدا- صوت- سُر- الحان- نِدا- گُونج- آڪاسي آواز. وڄائڻ ۾ ڪم ايندڙ هڪ ساز- سَنکُ.

ڪري، قابو دلبر دلڙي، برهه جي بازار،

نسنگ ناد وڄايو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-12، ص-15)

  • نازبُوءِ: اسم خاص. خوشبودار ٻوٽيءَ جو هڪ قسم.

نازبوءِ نرگس تقمان تُل تُل، گونٽه گوهر غنچه گُهل گهُل،

ڪتي حال حُسن دي هُل هُل، هرجاءِ هٽ هٽ هڪ هُٻڪار.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-6، ص- 168)

  • ناسُوتُ: ذ. ]ع [ جنسمن جي دنيا- عالم اجسام- دنيا- هي جهان. تصوف جي ٽين منزل. (1) جبروت. (2) ملڪوت (3) ناسوت (4) لاهوت.

ناسوت ڇا ملڪوت معنيٰ، جبروت ڇالا هوت لام،

هاهوت ڇا همدم هنگامون، باهوت ڇا آهي بيان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • ناسُون: واحد. ناس. ث. ]سن. نش [ نڪ جو هڪ سوراخ يا ٽنگ. نڪ جي ڇونٽي- ناڪوٽي. ناکوٽي.

چَراخ مُنهين، چپ تنهنجا ڊُلا جهڙا ڍڪ،

ڦڦڙ مُنهين ڦوڪڻي، تنهنجون ناسون ٽوپيان نڪ.

(محمود فقير، خيري، ص-137)

  • ناطق: ذ. صفت. ]ع [ ڳالهائيندڙ- صاحب عقل- سُٻنڌ- سمجهه ڀريو- ڪُليات ۽ جُزئيات سمجهندڙ. ٺهرايل- قطعي- چٽو- صاف. شافي- کَتو- پڪو- تاڪيدي- آخرين. تڪرار.

نامور نيزي نظر ناطق، نظاري نوڪ تي،

نانگو نسنگ نِشان ٿيو، نيڻن واري نچ نار نار.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-6، ص-77)

  • ناقِصُ: ذ. صفت. ]ع [ اڻ پورو- نامڪمل- گهٽ- اڌورو- ڪسو- اَوڻو- ڪسيءَ وارو- گهٽائي وارو- زائل- نِرسو- کٽل (ڀاڱو)- ڪم (عقل)- اڌوگابرو. خاميءَ وارو- عيبدار- ڪوڳڙو- کوٽو- خراب- نڪمون.

نام والا دم ڄاڻ غنيمت، نام بنا دم ناقص هي،

فذڪُروني اَذڪرڪم دا، حڪم هلايا وارث هي.

(محمد فقير، سُر سورٺ، ڪافي-1، ص-201)

  • نالِ: حرف جر. ]سرائيڪي [ سان- ساڻ- سميت- سوڌو- شامل- گڏ.

پنهل پنهنجي پر ۾، ٻَڌي ٻول ويو،

صدقو ٿيان تنهين تان، جنهين نال نِيو.

(محمود فقير، ڪافي-5، ص-47)

  • نام ڪُٺيا: نام ڪٺو. ذ. صفت. نالي وارو- نامور- ناليرو- ناميارو- نالي چڙهيو- ناميو- نامي- نامدار- معروف- مشهور- هاڪارو- ضرب المثال.

بگو ڍڳو بينسرو، سائو سرڪاري،

نام ڪُٺيا نارن ۾، ٿا هر وهن هاري.

(محمود فقير، خيري، ص-133)

  • ناميا: واحد. ناميو. ذ. صفت. نالي وارو- ناميارو- نامي گرامي- نامور.

نسنگ ٿيا ناتي نِگهه جي نقش جانا ميا نقاش،

نئون بنون نازڪ نظارو، نُور جو ٿيڙو نجاب.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-1، ص-170)

  • نانِڪُ: اسم خاص. هڪ نيڪ، مشهور ۽ خداپرست درويش جو نالو- سکن جي في جي اڳواڻ جو نالو- گرونانڪ صاحب.

نانڪ هُون ڪِٿ نجفي هُون،

ڪِٿ سچل صاف سمندر هُون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-46، ص-93)

  • نانگا: واحد. نانگو. جوڳي- آديسي- سنياسي- دنيا کان ڌار- الله لوڪ.

نانگا ناٿ نِهاري نيهِي، پاڻ ۾ پنهنجي ويڙا پيهي،

ڳالهه ڪبي ٻِي تن جي ڪيهِي، پرتئون پلپل ٿيا پئيمال.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-5، ص-3)

  • نانِي: (اسم خاص) لس ٻيلي ضلعي ۾ هڪ زيارت گاهه جو نالو. هنگلاج- هٽ يوگي فرقي جي تيرٿ گاهه جو نالو.

نانگا ناني ناٿ پُڇائن، سمر سڪ ڪيو پاڻ پچائن،

ورق وجودي ۾ ٿا ڄاڻن، سير سڀوئي گهمڻ جو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-37، ص-29)

  • نانهن: نانهه. ث. ڪجهه به نه هئڻ واري حالت- نيستي- نفي- عدد (حرف انڪاري نه. نهڪار- ناڪار- انڪار.

نظر ۾ نانهن ٿي، نانگا ٿيا نِهال،

هٿ ڪيائون خيال، خُدائي خمار سان.

(محمد فقير، بيت-86، ص-274)

  • نايابُ: ذ. ]ف. نه يافتن [ نه لڀندڙ- هٿ نه ايندڙ- اڻ لڀ- ڪمياب- ناپيد. عنقاء- نادر- انوکو.

گناهه ۾ غرق ٿي ثابت ڪيو ثواب،

نسنگ ڪئي نايابُ، ’محمد‘ خبر خلق جي.

(محمد فقير، بيت-256، ص-294)

  • نَٽڪي: (نَٽُ) ذ. ]سن. نٽ [ ناز- نخرو- لوڏ- لاڏ- ڪوڏ- انگل- ماڻهو.

نينا والي نظاري، نٽڪي نقاب نياري،

نروار ناز نغري، نيشان هورها هُون.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-12، ص-15)

  • نَحن اَقربُ: (نَهن اَقرب اِليھِ من حبل الوريد). (سورة، ق، سيپارو-26، رڪوع-2، آيت-16) اسين هن (انسان) کي سندس گردن (شهه رڳ) جي رڳ کان به ويجها آهيون“.

نحن اقرب نور نچ، ناطق نظر جي نوڪ تي،

پاڻهي پسڻ پنهنجو پسي، پڳدار ٿيو احمد زمان.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-4، ص-55)

  • نِدا: آواز- پڙلاءُ- تنوار- دانهن- سڏ- پڪار- صدا. سڏ.

مخلوق نه مين خالق، معشوق نه مين عاشق،

خود عشق عجب اعليٰ، نيهي نسنگ نِداهون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-42، ص-143)

  • نِڌان: ظرف. آخرڪار- نيٺ- پڇاڙيءَ تائين- آخرين- نيثان نيٺ- پڇاڙي- حد- انتها- توڙ- ڇيڙو- ڇيهه- نتيجو.

نيٺ ني کولا نظارا، نقاشي نِڌان ۾،

نُور نر نروار نٽڪي، ناز ڪي نيشان ۾.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • نرُ: ذ. صفت. بهادر- ڏاڍو مڙس- پهلوان- مردانو- جانٺو- پُرهيه.

ٽنڊي ۾ ٽڪاڻا، وحدت ۾ وڪاڻا،

نظر محمد شاهه نر جا هلي ڏسو نيشان.

(محمود فقير، ڪافي-45، ص-71)

رکي نوڪ نظر تي ناتو نر،

پئيمان پسڻ جي پاري پر.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-62، ص-100)

  • نِرتُ: ث. ]سن. نيتر يا نرتي [ نظر- ديد- نهار- اک جي روشني- ڏيٺ. ڌيان- خيال- سمجهه- فهم- ٻوجهه- هوش- حوصلو.

سُرت نِرت وِچ صورت سِردِي، گام گگن دي گياني گُردِي،

ديدن والي دائم دُر دِي، ڌيان دلاور دي درجاتي.

(محمد فقير، سُر لوڙائو، ڪافي-15، ص-74)

  • نَرُگِس: گل جو هڪ قسم (اندران ڪارو، ٻاهران پيلو).

نازبوءِ نرگس، تُقمان ٿَل ٿُل، گونٽه، گوهر غنچه گُهل گهُل،

ڪيتي حال حُسن دي هُل هُل، هر جاءِ هٽ هٽ هڪ هٻڪار.

(محمد فقير، سُر بسنت، ڪافي-6، ص-168)

  • نَرگَن: اوگڻ- بي هنر- نادان- خراب- بد- جنهن ۾ ڪابه سٺي خصلت نه هجي. هندو مت موجب، دنيا يا مايا جا ٽي گڻ آهن: (1) ست (2) رَج (3) ٿم. انهن کان نجات حاصل ڪندڙ.

نرگن ڪا گُن سمجهي صاحب، سچ کنڊ اُس ڪا کولاري.

(محمد فقير، سور ڪونسيه، ڪافي-2، ص-174)

  • نَرڳُ: ذ. دوزخ. جهنم. (ذ. صفت) ڪِنو- خراب- گندو- بدفضيلت.

ارڙهين ڏينهن ڳياهي آري، ثابت نه ٿيم سار،

ننڍ نڀاڳي نرڳ نهوڙيا، دوست ڳيا دلدار.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-121)

  • نِرمَلُ: ذ. صفت. اڻ ميرو- بنا ڪدورت- پاڪ پوتر- صاف- نِج- ڪومل- شفاف- چمڪندڙ- ڌڄاوارا- اوجل- اڇو- اجرو- اَڇُتو- نجو- خاص- نِبار- خالص- اصل. ٺيٺ- چِند- کرو- سچو- بيداغ- نيڪ دل- صاف دل.

ساسَن ساسُ سروپي ساجن، نرت نظاري سُرتي ساڌُن،

نِس دِن نِرمل نج نڌياسن، ساکيا تي سوڀارا ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

ٿئي دُک دُور، کلئي په حضور، وسِي پيا نُور دا نظارا،

چقمق چُور، ڏيون گهُور، هِن ڪي نُور نرمل دي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • نِرِنجنُ: ذ. صفت. بي عيب- لڳت يا موهه کان آزاد. خدا جو طالب. (ظرف) بنا جذبي- بنا حرص و حواس.

ڪرون گيان سرون، مها واڪ من نن،

نِرجن نڌياسن، ساکيا تي سُڌاني.

(محمد فقير، سُر درباري ڪانرو، ڪافي-3، ص-200)

  • نِروارُ: ذ. ظاهر- کليو- پڌرو- عيان.

نيڻن واري نوڪ نظر تي، نچي نازن سان نروار آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-3، ص-108)

  • نَڙو: ذ. ڪورين جي اوزار جو هڪ قسم- سُٽ ويڙهڻ لاءِ ڪاٺ جي پوري نلي- نڙانڊي- نڻانڊي- ڳوٽو- پَهِي- سُٽ سان ڀريل رِيل.

گَج چُني چونڊ سان، پاتو اٿم پڙو،

تون اُستاد آهين، تنهنجو ڏسان ويٺي نڙو.

(محمود فقير، ڪافي-71، ص-92)

  • نِزاڪت: نازڪپائي- خوبي- ناز و انداز- نازڪ مزاجي- سونهن سوڀيا- حُسن- ڏيک ويک- خوبصورتي- سينگار- زينت- زيب- سُهڻائي- سُندرتا- لطافت- ملوڪت- نفاست- نفسيائي- ملوڪائي.

نامور نادر نرالا، ناٿ نر نروار ڪيا،

نوڪ نيزي جي نزاڪت، نيڪ ٿيا ننگي نياب.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-1، ص-170)

  • نِسُ: ]سن. نِشا [ رات- رَئنِ- راتڙي- رينَ- شب- ليل.

ساسن ساس سروپي ساجن، نرت نظاري سرتي ساڌن،

نِس دن نرمل نج نڌياسن، ساکيا تي سوڀار ري.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-12، ص-179)

  • نِسَنگُ: ذ. صفت ]سن. نه= نه+ شنڪا= سنديه [ نه ڊڄندڙ- بي ڊپو- بي فڪر- بي غرض- الغرض. بهادر- سورهيه- پهلوان. (سن. نه= سواءِ+ سنگ= سنگ) نروارِ- ظاهر- جُدا- اڪيلو- اڻ گڏيل- ڌنڌن کان آجو. ڪمن ڪارن کان آجو- تارالدنيا- بي طمع.

نقش نقاشي نور نظاري، نينان وِچ نيشان،

نينهن نِسنگ نروار ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-4، ص-8)

آديسي اڙٻنگ، تازا ڇڪين تنگ،

نيلا اُٺ نِسنگ، هليا ويا هوايون.

(محمود فقير، ڪافي-4، ص-47)

  • نَفسُ: ذ. ث. جان- روح- آتما- دم- ساهه- پساهه- پراڻ- هستي- وجود- عِز. حقيقت- اصليت- اصل. جوهر- ستُ- مغز- لُب لُباب. خود- آتم- پاڻ. حيواني خواهشون- نفسانيت. جسماني خواهشات.

نفس نفي ڪر نوڪ نظر تي، شور شراب مچائون، رنگ لائون.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-31، ص-137)

  • نَفِي: ظرف. انڪار- ناڪار- نهين- نه. اَڀاؤ- عدم- نيستي- ناستيه. اخراج- دوري. اِلاالله چوڻ. (ذ. صفت) ناڪاره ڪندڙ- انڪاري. صوفين جي هڪ منزل.

نفي، قلبي، رُوحي، سِري، خَفِي، اَخفيٰ، ڪسب ڪِرِي،

قتل ڪر شوق شَڪ شِرِي، اَنا اِلاِقرار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-15، ص-17)

  • نَفيلان: واحد. نَفِيلَ. ث. فقيرن جي وچائڻ جو سِڱ- توتارو- نفيري- نادوهه. (ذ. صفت) تمام- ڊگهو- لنبو.

ناد نفيلان نوبت نعري، نينهن واليان دِي نزاڪت هي.

(محمد فقير، سُر راڻو، ڪافي-3، ص-233)

ڪشتا ٻڌ قنديلون، جهنڊا ڏنڊ نفيلون،

طرحين ڪج تحصيلون، نسنگ ٿي نِڪر ڙِي.

(محمود فقير، ڪافي-25، ص-58)

  • نَقشُ: ذ. چِٽُ- ڇِيٽ- گلڪاري- چٽسالي- اُڪَر- قلم ڪاري. ڇاپو- نشان- ٺپو- ڇاپَ- ڇُرَ- پورُ- مُهر. شبيهه- مورتي- تصوير.

نقش نجاب، نينهن نواب، کول نقاب نوراني،

نرمل نار، رندي راز، ساري ساز سبحاني.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • نقش نقاش: چٽ گل ڪڍندڙ- نقشه نويس- رنگ ساز. نقش و نگار ٺاهيندڙ.

نقش نقاش دا ناز نظارا، سورهيه ويکن سِر وِچ سارا،

عاشق ٿي اظهار، ٻولِي ٻولن وحدت والِي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-39، ص-90)

  • نقارا: واحد. نقارو. ذ. وڄائڻ جي ساز جو هڪ قسم- نغارو.

نينان والي نُور نظاري، نِت نِت ناچ نچايا،

مار نقارا اناالحق دا، شاهي طبل وچايا.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-13، ص-113)

  • نقاشي: ث. نقش ڪرڻ واري حالت- نقشه نويسي- تصوير ٺاهيندڙ- مصوري- ڪمانگري- چترڪلا- چٽ سالي.

نين ني کولا نظارا نقاشي نِڌان،

نُور نر نروار نٽڪي، نازڪي نيشان ۾.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-4، ص-108)

  • نِکادُ: ذ ]سن. نشادَ [ راڳ موجب آواز جي سٽاءُ (سرگم) جو پڇاڙيءَ وارو ستون سُر.

سُر ريکب گنڌار منڌم، پاڌيوت نِکاد سرگم.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-4، ص-102)

  • نِگارِي: (نِگار) ذ ]ف. نگاشتن [ نقش- چت. تصوير- ڦوٽو- بُت. معشوق- محبوب- دلبر.

نِگاري نظم جِي، بهاري بزم جي،

حُسن جي حڪم جي، ڪيان ڳالهه ڪيهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-1، ص-122)

  • ننگي: ذ. صفت. لڄ بچائڻ وارو- ننگ کڻندڙ- حياءُ دار.

دُرس دلير زوراور زنگي،

ننگ ڀرياسي نرمل ننگي.

(محمود فقير، ڪافي-13، ص-52)

  • نَوابُ: ذ. ]ع. نائب جو جمع [ قائم مقام- نائب- صوبو- حاڪم- سردار. عامل- ناظم- فرمان روا. رئيس. عزت جو لقبُ.

ڀڄي ويو ڏوهه ثواب، نچي نينهن ٿيو نواب.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-52، ص-95)

  • نوائِي: ث. وائي نه هئڻ۾ واري حالت. ماٺ- چپ- چُپات. خاموشي. سُنسان- سُڃ- سانت- صبح.

نرت نرنوائي، سراسر سوائي،

سُرت جي سچائي، سلان سير سارو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-44، ص-144)

  • نوبَتَ: ث. ]نوبَ= ويجهو هجڻ [ وارو- گهمرو- مقرر وقت- ڀيرو- چڪر- گهيرو- وَرُ. وڏو نغارو- ڀيڙ- نقاره- ڌونس. نغاري جي وڄت جو هڪ قسم- واڄو- ڌمامو- طبل. دهلن وغيره جي وڄڻ جي حالت.

’محمد‘ مک مشتاقي محبت، نينهن نوالي واري نوبت،

مئي جي مست مقال سان متوال سان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-41، ص-91)

’محمود‘ چئي محبت، سرور جي صحبت،

لڳو نينهن نوبت، چٽا سڀ ڏوهاري.

(محمود فقير، ڪافي-20، ص-56)

  • نُورالسمٰوات: آسمانَ جو نُور.

فرمُودي فُرقان جي، نورالسمٰوات،

نيڻن واري نوڪ کي، عاشق ڪن اثبات.

(محمد فقير، بيت-238، ص-292)

  • نُورو: ذ ]سن. نُوپر. نيئر [ پيرن ۾ پائڻ جي زيور جو هڪ قسم- پيرن ۾ پائڻ جو ڪڙو (پازيب)- پايل- جهانجهر.

پچي جو پروان جيئن، سو پِرت ۾ پورو،

نوراني نُورو، لائي لاثان ٿيو.

(محمد فقير، بيت-118، ص-278)

  • نوشان نوش: پيءُ پيئان. وٽي تي وٽو پيئڻ.

جوشان جوش، نوشان نوش، پوشان پوش پاساري،

نٽڪي نور، گهري گهُور، پلٽئي پور پرور دي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • نوڪ: ث ]ف [ اَڻي- چُهنب- ڇَتَ- چوٽي. ڌڪ- ايذاءُ. ڪُنڊي. نيش- ڏنگ- پاسُ.

چشمان چوڪ، مُزگان موڪ، نينا نوڪ دي نعري،

ڇم ڇم ڇير، گم ڪر غير، ڪيتي سير سِر ساري.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-30، ص-25)

  • نِيَرُ: ذ. زنجير. هٿ ڪڙي- بند- قيد- قابو. ٻيڙي- ڏاوڻ.

آرانبيون عشق ازل جون، رهيون دل ۾ اندر دل جون،

پيا اٿم ننگ نِيرَ جا.

(محمود فقير، ڪافي-36، ص-65)

  • نيڙا: واحد. نيڙو. ذ. صفت. ]سن. نِڪَٽ= ويجهو [ نزديڪ- ويجهو- قريب- ڀرسان.

ونحن اقرب نِت نِت نيڙا، وحدت ورق ولايا،

ٽوڙ دُوئي دي دام دلاور، دم وِچ دُود دُکايا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-4، ص-123)

دُک درد، ٿيم ڏور، لڳو نور نارو،

هينئون هير، ٿيم سڌير، وريو وير وارو،

ويٺي وِرههُ ولوڙيان، نَهير کي نيڙي.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-46)

  • نيزار: نيزاري. ث ]ف. نيزاري= ڏُٻرائي [ منٿ- آزي- التجا- ليلڙاٽي- زاري- عرض- عجز- عاجزي- نيازمندي.

نون نقطا ڪر نيزار، چوڏس چنڊ چارئي يار،

پنجتن پاڪ اُڪارن پار، آيئي نيلي دي هسوار.

(محمود فقير، سي حرفي، ص-148)

  • نيلن: نيلا. نيل- آب نيرنگ. ڳاڻيٽي جو هڪ وڏو عدد.

ڪوڙيين پدم نيلن ڪَنان، هڪ دم جپڻ آهي وڌيڪ،

دم خزانو هٿ ڪري، جُڳ جُڳ جيئڻ آهي وڌيڪ.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-21، ص-65)

  • نيلي: واحد. نيلو. ذ. صفت. نيلي رنگ جو- نيلي رنگ وارو- آسماني- نيرو- بلو. (خطرناڪ زهريلو نانگ).

عشق اصيلي، رنگ پيلي، نانگ نيلي اٽڪي،

لٽڪ لهرن، پلٽ پهرن، زلف جوهر جهٽڪي.

(محمود فقير، ڪافي-56، ص-80)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

و

  • واڄا: واحد. واڄو. ذ ]سن. وادِيَه< وَدُ= وڄڻ [ وڄائڻ جو ساز- دهلن، نعارن وغيره جو آواز. دَسُ. واڄٽ- گوڙ- آواز. ساز جو هڪ قسم- باجو نغارو.

سوين ساز وڄن ٿا، اڏي واري آر،

قدم وارو قواز آهي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-45، ص-93)

کوءِ پيا عمر تنهنجا خُومچا کاڄا،

توڻي وڄن هِت سؤ سؤ واڄا.

(محمود فقير، ڪافي-26، ص-59)

  • وارِثُ: ذ. ]ع. ورث= وارث ٿيڻ [ ورثو وٺڻ وارو- ميراث وٺڻ وارو- ترڪو. وٺندڙ- حقدار- مستحق- فوتي جي ملڪيت مان حصو وٺندڙ. مالڪ- خاوند- ڌڻي- ميان- سنڀاليندڙ- نگهبان- سرپرست.

پسي پنهنجي پسڻ کي، پسڻ واري پَر،

’محمد‘ وارث وَر، وحدت جي ويساهه سان.

(محمد فقير، بيت-212، ص-288)

  • واسينگ: ذ. ]سن. واسڪ [ ڪاري نانگ جو قسم- ڪاريهر- وسيهر- زهري سپ.

واسينگ جي ويڙهه ۾، جوڳي ڪن ٿا جوڳ،

ڦولهي پسن ڦوڳ، منتر هڻي مام جو.

(محمود فقير، بيت-54، ص-271)

  • واصِلُ: ذ ]ع [ ملڻ وارو- پهچڻ وارو- مليل. ملندڙ- ملڻ وارو- شامل ٿيندڙ- حاصل ٿيڻ وارو- هٿ ايندڙ. وصول ٿيل- وصول ٿيندڙ- ملاقات ڪندڙ.

خبردار خاصل، واري واڳ واصل،

ڪري حال حاصل، حُسن جي هڪل سان.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-45، ص-45)

  • واڪُ: ذ ]سن. واڪيَه [ لفظ- جملو- شبد. ٻولي. ٻول- گفتگو- انجام- قول- قرار- وعدو. پُڄندي- سگهه- طاقت- وس- پهچ- ٻَل- زور- وزن- توفيق. دسترسي- وسعت- اختياري.

واڪ وَويڪ ويراڳي وِديا، کٽ سَمپتِ بڪار ڪيا.

(محمد فقير، ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • واڳ: مصدر. واڳ وارڻ. گهوڙي يا اُٺ جي مهار موڙڻ- رُخ رکڻ- مُنهن ڪرڻ- وطن ڏانهن ورڻ. اچڻ جو ارادو ڪرڻ- سهي سنڀري نڪرڻ- (نصيب) واپس موٽڻ- موٽي ملڻ- پوئتي موٽائڻ.

ملڪيت سِر ’محمود‘ چوي، ۽ ساهه صدق سؤ ڀيرا،

ڀاڳ ڀلو ٿيو ماڳ ملڪ تي، اوڳ وطن تي واريندو!

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • واگهو: ذ. ]سن. وياگهر [ پاڻيءَ جي جانور جو هڪ قسم- واڳو.

سمنڊ سواريان، ٻڌ سونهاريان، باز بحريان بر اُڏار،

مرد چڙهندي، مُول نه مڙندي، واگهو وڙهندي ڪرشڪار.

(محمود فقير، ڪافي-53، ص-79)

  • واهُو: ذ. رستي سان لنگهي ويندڙ- لنگهي ويل ماڻهو. وهندڙ- جاري- هلندڙ.

اڄ سُڀاهُو، واٽ واهُو، يار تيڏي، هِن ادا،

توءِ جيڏي، يار تيڏي، راند کيڏي ٿئي جُدا.

(محمود فقير، ڪافي-53، ص-79)

  • وَٽُ: ونڊ- وراهه- ورهاڱو. سوغات- پاکر- سٺي شيءِ- نذرانو- نياز- حصو- ورڇ.

اکين ۾ اثبات، جهاتي اندر جهات،

ڪري ظاهري ذات، وحدت واري وٽ.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-26، ص-23)

  • وِڄُلِي: ث. بجلي- وِڄُ- کنوڻ- بفرق- تجلو.

دل دڙٻاٽ، ڪر ڪڙڪاٽ، پئي وڻڪار وچ وِڄلِي،

برسر بار، مٿي تي وار، تُرهي يار توڪل دي.

(محمود فقير، ڪافي-51، ص-77)

  • وَڇارُ: ذ. وڇن وارو ۽ انهن جو چاريندڙ. وڇون ڌاريندڙ- وڇن وارو. ميهار.

ونحن واري ويڙهه وِرهه جي، وصل جو ووڙي وٿاڻ،

وحده واحد وجودي، وجھ اِلاهي ٿي ويچار.

(محمد فقير، سور لوڙائو، ڪافي-13، ص-73)

  • وَحدتَ: ث. ]ع [هيڪڙائي- يڪ وجودي- ايڪتا- ايڪائي. فرديت- تنهائي- اڪيلائي. توحيد- ايڪو- اتحاد.

ونحن اقرب واري ويڙهي، وحدت جي ويساهه،

وصل واڳ ورائي آيس.

(محمد فقير، سور تلنگ، ڪافي-36، ص-89)

  • وِدِيا: ث. ]سن [ علم- ڄاڻ- پروڙ- ٻُڌي- عقل- هوش- فِهم.

واڪ وَويڪ ويراڳي وِديا، کٽ سَمپت برڪار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • وَرُ: ڏنگ ڦِڏ- وڪڙ- وٽ- پيچ- ڦير- ڦند. واٽ- راهه. وِنگ- وراڪو.

وندر وڻڪار جي ور ۾، وسائي وس وِره واري،

ويراڳي واٽ وحدت جي، وصالي وک وڌايان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-14، ص-190)

  • وَرُ (2): ذ ]سن. وَرُ= مڙس چونڊڻ [ مڙس- خاوند- ڌڻي- ميان. سنڀاليندڙ- نگهبان- سرپرست. گهروارو- مالڪ- والي.

پسي پنهنجي پسڻ کي، پسڻ واري پَر،

’محمد‘ وارث وَرُ، وحدت جي ويساهه سان.

(محمد فقير، بيت-212، ص-288)

  • وَرتُ: ذ ]سن. وَرَتو [ نوڙي- رسي- واڍُ- واجهه- رسو- نوڙ. چم سان وٽيل رسي جنهن سان کوهه مان پاڻي ڇڪي ڪڍجي- چم جو ڊگهو رسو- نيٽو- سيٽ.

ليار هيٺون هڪ وار نه وڃان، مار گهتن چا لنگهي،

مول نه ڇوڙان محمد ڪون، ورت وڪوڙي چا ونگي.

(محمود فقير، بيت-2، ص-96)

  • وَرقُ: ذ. ڪتاب جو ورق يا صفحو- پنو- پني ڪاغذ جو ٽڪر- ڪٽيل ڪاغذ.

نانگو نظر نظاري، وحدت جو ورق واري،

پيالو پڌر پياري، منظور عشق ڪيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-7، ص-110)

  • وَرنَ: ذ. جدا جدا رنگن وارو- ڀانت ڀانت شڪلين وارو- رنگارنگي- گوناگون- چٽڪمرو- وچتر- چِٽ چٽ- ڦلڦليو.

واسينگ ڪيئن ورن سان، ڪاريهل ڪروڙ،

کپر، کڻ، پدم ٻيا، تليهر توڙان توڙ.

(محمد فقير، بيت-56، ص-272)

  • وَريامُ: ذ. ]سن. ويروان [ سورهيه- پهلوان- غازي- سورمو- جوڌو- ڪوپو- ڳوڌو.

آهي عشق اسان جو امام آيو، ويڙهي وحدت جي وريام آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-2، ص-107)

  • وَسَ: مصدر. وَسَ ٿيڻ. مينهن جو وسڪارو ٿيڻ- برسات پوڻ- گهڻي بارش پوڻ.

وندر وڻڪار جي ور ۾، وسائي وَس وِره واري،

ويراڳي واٽ وحدت جي، وصالي وک وڌايان ٿو.

(محمد فقير، سور ڪلنگڙو، ڪافي-14، ص-190)

  • وُسعَتَ: ث ]ع [ ٻل- طاقت- وِتُ- توفيق- پهچ- قوت- پڄندي- هوند. جمعيت شاهي وسيعتَ مندي- بيٺلائي- شاهوڪاري. فراخي- ڪشادگي- ويڪرائي- ويڪراڻ- موٽاڻ.

وارث وسعت وارا، ڏسان آريءَ جا اوتارا،

برسيا باغ بلوچ جا، ٿيا هاڙهي ۾ هٻڪارا.

(محمود فقير، ڪافي-18، ص-55)

  • وِسُوڙلُ: ذ. صفت. وسوڙ- صاف دل- سڌو- سادو- ٻالو ڀولو- نرچل- شُدمتي- بي ڊوهو- ڀورڙو- ويسريو- موڳو- نادان- مورک- منجهيل- بي عقل. مت موڙهل.

ديرا جن جون دايون، جنت ۾ اٿن جايون،

وِسوڙل وڻڪار ۾، اَجهي انهن جي آيون.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • وِصالِي: وصال جو طالبو- ميلاپ جو خواهشمند.

اسم جسم دِي جوڙ جلالِي، ونحن اقرب ويسن وصالِي،

بيرنگ بات بتائي، وحدت وائي.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-42، ص-91)

  • وَصَلُ: ذ. ]ع [ لاڳاپو- ڳانڍاپو- وڇوڙي بعد ملڻ- ميلاپ- ملاقات- جوڙ- وصال.

’محمد‘ سنڀاريان سنڀاريان نا وساريان،

واحد ورق واريان، وصل ويس وارو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-44، ص-144)

  • وَفِيُ اَنفُسڪُم: ]قرآن شريف [ توهان جي وجود ۾ ئي ڪيتريون نشانيون آهن، پوءِ توهان ڏسو نٿا؟

وَفي انفسڪم فرق نه ڪوئي، فالم فائق دي فرمان.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-7، ص-77)

  • وِگيانِي: (وِگيان) ذ. ]سن. جئڃا= ڄاڻڻ [ علم- ڏاهپ- ڄاڻ- معلوميت.

ڪرم ڪُل ويدانِي، اُپاشن سڌانِي،

گيانِي و گِياني ڪي سِر مين سمائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-173)

  • وڳر: ذ. ]سن. وَرُگَ= مجموعو [ ڌڻ- گلو- وڳ- ولر. سٿ- جماعت- ٿهي- مجموعو- اولاد- ڪٽنب- قبيلو- گهراڻو- ڪُڙم- آڪهه- عزيز- مِٽ مائٽ. انيڪ- گهڻا.

اٿم اميد اهڙي، اباڻي اچان ٿي،

ملڻ ’محمود‘ پنهنجي وڳر کي وڃان ٿي.

(محمود فقير، ڪافي-6، ص-48)

  • وَلَ ڇَل: ور وڪڙ- مڪر- ٺڳي- ٻيائي- فريب- اٽڪل- حرفت- چالاڪي- بهانا ڪرڻ.

عشق بازيءَ جو مزو، ماڻن جتي مشتاق ٿا،

صنم سنگدل به هجي، اُتي وَل ڇل به هجي.

(محمد فقير، سُر بهاڳ، ڪافي-20، ص-64)

  • وَنحن اَقرب: ]قرآن شريف [ وَ نحن اقرب اِليھ من حيلا الوريد. (سورة، ق. آيت-16) ترجمو: ”اسين هن (انسان) کي ڪنڌ جي رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون“.

ونحن اقرب اُلٽ اشارو، ڄاڻِ اهو تون ڇاڻ.

(محمد فقير، سُر آسا، ڪافي-3، ص-2)

  • وَنَفَختُ: ]قرآن شريف [ وَنَفخت فِيھِ مِنَ الروحِي. ترجمو: ”ڦوڪيو مان روح پنهنجي کي، اُن ۾.

ونفخت في الحال، من الروصي دِي مقال،

خود خُدائي خيال، ميگهه، ديپڪ، ملار.

(محمد فقير، سُر چلو لوڙائو، ڪافي-1، ص-242)

  • وِندُرُ: اسم خاص. لس ٻيلي ۾ هڪ علائقي ۽ نئين جو نالو.

وندر وڻڪار جي وَر ۾، وسائي وس وِره وارِي،

ويراڳي واٽ وحدت جي، وصالي وک وڌايان ٿو.

(محمد فقير، سُر ڪلنگڙو، ڪافي-14، ص-190)

  • وِنڌَ: ث. ونڌڻ جي حالت. بڪ بڪ- يخي- ٽر ٽر- بڪوات- هُرکر- چِنتا- اتنظار. چوڀڻ. ساڳي ساڳي ڳالهه ورجائڻ، دهرائڻ.

چي، سونهان ٿي سانگهڙ ۾، تو ويتر ٻڌي وِنڌ،

بوگا ڪڍي بڇڙا، مولهيا نه پئي مُنڌ.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • وَنگُ: ذ. ]سن. وڪر= ڏنگو [ ڏِنگ- پيچ- وڪڙ. ور- وراڪو- ڏاوڻ- ڏاڻ.

ڪجل ڪار، واري ڌار، ڪري مار مڃايو،

صورت سنگ، واري ونگ، رنگي رنگ رچايو.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-21، ص-165)

جنهن بختاور تي بارو، سمجهي جڳ ٿو سارو،

ونگ، پنهل جا انگ، لکيا تنهن ننگ پنهونءَ تي نعرو.

(محمود فقير، ڪافي-1، ص-45)

  • وَنگارُ: ث. اسم. آبت- ڇيڙ- وانگار.

وڃ وطن تي واڳ واري، واٽ ويراڳي وٺي،

وهٽ ويسه کان سواءِ ٻي وهم جي آهي ونگار.

(محمد فقير، سُر لوڙاڻو، ڪافي-13، ص-73)

  • وَنگي: مصدر. ونگڻ. ڍور کي ڏُهڻ لاءِ پوئين ٽنگن ۾ ونگ وجهڻ- جڪڙڻ- ٻڌڻ- قابو ڪرڻ. ڏاوڻ وجهڻ. پيچ وجهڻ- وڪڙ وجهڻ.

اي مائي، تون زال ڌمالي، دِي حال ڀائِي،

وَل تال ڪرين پئي ويڙهه ونگي.

(محمود فقير، ڌمالي، ص-113)

  • ونهيا: واحد. ونهيو. ذ. صفت. هَريو- آسودو- سُکيو- ڀاڳيو- سائو- خوشحال.

لٽا ليڙون اڳڙيون، ٽُٽي ٿيون ٽڳا،

ونهيا ڪيئن وساريان، ساريان سيڻ سڳا.

(محمود فقير، ڪافي-29، ص-61)

  • وَڻِجُ: ذ. ]سن. بَڻجَ= واپاري [ واپار- ڌنڌو- ڪِرت- تجارت- سودو- سوداگري- جنس- وکري. وکر- مال.

وڻج وحدت دا ’محمد‘ ڪَرتون، پپر نه پٺتي بلڪل ڀَر تون،

توڪل والي تُرهي تَر تون، جَهل جگر دا جوش جلال.

(محمد فقير، سُر ڪوهياري، ڪافي-1، ص-182)

  • وؤڙي: ڳولها ڦولها- جانچ.

قلب ۾ پاءِ جهاتي جوڙي، نيڙو نيشان ۾ کوڙي،

مٺي محبوب کي وؤڙي، سِري ڪر ساهه قرباني.

(محمد فقير، سُر شام ڪلياڻ، ڪافي-4، ص-210)

  • وِههُ: ذ. ]سن. وش [ زهر- وک. موت آڻيندڙ دوا. رمز.

وِههُ سان ڪيئن واسينگ وِهاٽيا، تليهر ٿيا تر تار ميان.

(محمد فقير، سُر ملار، ڪافي-2، ص-102)

  • وِهاٽِيا: سُرت پاهوش کان موڳا ڪيا- ڳهر ۾ ڪري ڇڏيو- ڳهر ۾ وڌو. چريا ڪيا- حوصلي کان وڃايا. وِهه ۾ زهر سان چريا ڪيا- ماريا.

سٽي سانگ سِر جو، پيئن صاف سُرڪي،

ڪيئن وِير وارث، وِهاٽيا وٽيءَ تي.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-55، ص-38)

  • وِهِسَنُ: مصدر. وِهسڻ. ]سن. و= تمام+ هسن= کلڻ [ تمام گهڻو کلڻ- خوش ٿيڻ- سرهو ٿيڻ- گد گد ٿيڻ- مُرڪڻ- ڇاتي ٺرڻ- جشن ڪرڻ- ٽڙڻ.

ف- فوج فراق ۾، فائق ڪيا فضل،

عاشق اُڃ اُساٽ ۾، وِهسن لاءِ وصل.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-257)

  • وهلور: ذ. صفت. ]سن. وهول+ آور [ حيران- پريشان- عاجز- بيقرار- ويڳاڻو- مُنهن لٿل- بي دل- اُداس- تنگ- بيزار- آفت زدو- دُکي- ڪڪ. مُونجهه ۾- تڙ تڪڙ ۾- ٺَهه پَهه- تڪڙو.

ڪوڪو ڳالهيان يار پنهل ديان، ول ول وڃان وهلور،

ڏک اسان ڪون بک برهه دِي، سک اهي هن سور.

(محمود فقير، ٽيهه ڏينهن، ص-122)

  • وَهِنوارُ: ذ. ]سن. ونوهار= ڏيتي ليتي [ هلت چلت- واهپو- آڏت- وهي واٽ- لهه وچڙ- واسطو. دستور- ڌنڌو. (صفت) سچ- حقيقت- برابر- ٺيڪ- درست- صحيح.

ونحن اقرب والِي وائِي، فثم وَجھُ الله وڌائِي،

وَفِي اَنفسڪُم ويس وڏائِي، واحد ڪر وهنوار آيا.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-25، ص-134)

  • وِينجهارُ: ذ. صفت. وينجهر- اُڪريندڙ- ڪاڪ- مُنڊيون- ٻيڙا وغيره ٺاهيندڙ- قلم ڪار- ڪُنده ڪار- هيرا وغيره پالش ڪندڙ- جوهر تراش- هيرن ۽ ڪچ جو ڪم ڪندڙ. هوشيار- سمجهو- ڏاهو- سياڻو- چالاڪ.

جاڳڻ سندي جُهن ۾، وحدت جا وينجهار،

ٻيائي ٻاري ٻارُ، غرق ٿيا گرداب ۾.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-254)

  • ويدُ: ذ. ڄاڻ- پروڙ- سمجهه- عقل علم- بحث راز- سوز- حڪيم- طيب- ويد راج- طبابت ڪندڙ- ويدي. هندن جو هڪ مذهبي پوتر پُستڪ- ڌرمي ڪتاب.1[9]

ويد يجر، رگ، شام اٿرون، برمان مُک پرچار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • ويدانِي: ذ. صفت. ويدڪو- ويد جو- طبيب جو- طبيباڻو- ويڄوڪو- طبي.

ڪرم ڪُل ويدانِي، اُپاشن سِڌانِي،

گياني و گياني، ڪي سُرمين سمائون.

(محمد فقير، سُر ڪانرو، ڪافي-6، ص-173)

  • وِيرُ: ذ. صفت. بهادر- پهلوان- جوڌو - سُورمو- سگهارو- ٻلواڻ- ڪونڌر- طاقتور. مضبوط- جانٺو- سوريه - ڀلو- ڀلارو- سياڻو- عاقل- داناءُ- ڀاءُ- برادري- ابي امان ڄائو.

ڇوڙ مُصلي عصا ڪُوزا، وِير وَساون واري،

جوڳي جُڳ جُڳ جوڳ ڪماون جوش جگر ڪر جاري.

(محمد فقير، سُر ڪسوري، ڪافي-3، ص-181)

  • ويراڳي: ذ. دنيائي خواهشن کان پري- ويراڳ وارو- بيراڳي- سنياسي- فقير- تارڪ الدنيا. عابد- زاهد. جوڳي. عاشق.

گنوت گام گگن ڪا گوبند، مني مرد محيسي ’محمد‘،

ويراڳي ويداني، ورو دواني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-56، ص-97)

  • وِيرمُٺ: ث. ماڻهوءَ کي ماريندڙ جادو يا زهر- ڪارو جادو.

عشق دل انگِي، وِير مُٺ سان ونگِي،

جوڳي ڪڍ گاروڙي آروڙي اڙ ٻنگي.

(محمود فقير، ڪافي-39، ص-67)

  • ويڙِههُ: ث. گهاٽو جهنگ- ڳُتيل جهنگ- گهاٽا وڻ- جُهمٽ- جوهر- جُهو. (اسم خاص) ولين ٻوڙن واري سائي زمين.

بادل برسي ڀاڳ ڀٽن تي، ڇوهي ڪيا ڇڇڪار،

کنوڻيون کڙيون، گجگاهه گوڙيون، ويڙهه مٿي وسڪار.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-49)

  • ويڙِهي: (ويڙهو) پاڙو- محلو- مارن جو ملڪ.

آهي عشق اسان جو امام آيو، ويڙهي وحدت جي وريام آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-2، ص-107)

  • ويڙهيچن: واحد. ويڙيچو. ذ. صفت. ويڙيچل- هم وطن.

تار لڳي وئي تن، منهنجو موج ڪري ٿو من!

ڪير ٽِڪي هِت ڪوٽن ۾؟ آئون وينديس ويڙهيچن!

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • ويساههُ: ذ. اعتبار- يقين- ڀروَسو- ويسهه- عقيدو- صديق- اعنقاد- پڪ.

وَنحن اقرب واري ويڙهي، وحدت جي ويساهه،

وصل واڳ ورائي آيس.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-36، ص-89)

  • وِيڪَ: ث. گهٽتائي- عيب- وڏُ- خامي- نَقصُ- اوڻائي- ڪَمي- سُقم- گِلا- غيبت- غلطي- ڀُل.

پير نه ٽِڪي پٽ تي، مُلان ڏنو تو ڍِيڪ،

نه رکو ادب اشرافن جو، اها وِلها اوهان ۾ وِيڪ.

(محمود فقير، موالي، ص-127)

  • وينگسِ: ذ. صفت. حَسين- سُندر- نڪور- ٺاهوڪو- سهڻو- سوڀياوان- صورتوند- خوبصورت.

منهنجا وينگس ولر ويا ويڙهه ۾، آئون ساڳيا سڳر پنهنجا ساريان،

نيڻ کڻي ٿي نهاريان، آئون ڪيئن گهڙي هِت گهاريان.

(محمود فقير، ڪافي-19، ص-55)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هه

  • هاٿُ: ذ. ]هه [ هٿ- دست- پَدُ. (هاٿ ڪرڻ) هٿ ڪرڻ.

عشق عجيب، نر نجيب،  مُنهن مُجيب وِکايو،

نر ناٿ، ڪري هاٿ، سُرت ساٿ سنڀايو.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-17، ص-163)

  • هاڙهي: (هاڙهو) اسم خاص. لس ٻيلي جي اولهه طرف جبلن جي هڪ قطار جو نالو.

رمز رندي دارايا، گهن هاڙهي ڏي هل تون.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-38، ص-89)

  • هالار: (اسم خاص) سنڌ جي اُلهندي طرف واري جبلن جي قطار جو نالو (جنهن ۾ مکيه ٽي جبل اچي وڃن ٿا: ڪُرو جبل، کيرٿر جبل ۽ پَٻُ جبل. ڪڇ، ڪاٺياواڙ جي اُلهندي پٽيءَ جو نالو (جنهن ۾ ڄام ننگر شامل آهي).

سيد سالار، حُسن هالار، ڏٺي ديدار لٿي ڌوڪي،

فوج فقير، پارس پير، اجهو اڪثير اُمت دي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • هامَ: ث. ]سن. آم= هائو [ هائوڪار- اقرار- قبوليت- دَمُ- دعويٰ. ٻٽاڪ- لاف.

عشق حُسن جا هُل هُلائِي، هڻي حملي سان هڪ هام آيو.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-2، ص-107)

هام انهيءَ ۾ عاشق اڳهين، گوهر ٿي گذريا،

ديڳ زهر جي ويڳ ولوٽيين، مجني کي مُجرا.

(محمود فقير، ڪافي-16، ص-53)

  • هاهُوتُ: صوفين جي پنڌ (سلوڪ) جي هڪ منزل. لاهوت کان مٿي سلوڪ جي پنجين منزل.

ناسوت ڇا ملڪوت معنيٰ، جبروت ڇا لاهوت لام،

هاهوت ڇا همدم هنگامون، باهوت ڇا آهي بيان.

(محمد فقير، سُر ڀيم پلاس، ڪافي-8، ص-53)

  • هُٻڪارا: واحد. هُٻڪارو. ذ. خوشبوءِ اوٻارو- دل کي وڻندڙ جهوٽو. سُرهاڻ- سُرهاڻ واري هوا.

هڪل حقيقت والي هادي، حال هميشه حياتي،

حُسن حقيقي هُل هُلاڪي، هرجاءِ ڪر هٻڪارا.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-23، ص-119)

  • هِجر: ث. ]ع. هَجَرَ= هُو لڏي ويو [ جُدائي- وڇوڙو- فراق- آراڌي- وکرائي. ڦوڙائو.

هِجر وَصل دا سير سُڃاتم، لاشڪ ٿي لاثاني، گوهر گياني.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-37، ص-89)

  • هَچا: (هچارو) ذ. صفت. قاتل- خوني- گهاتڪ- ظالم- قهار. وحشي- درندو- خونخوار- راڪشس- دئيت- پاٻي- ڏوهي- گنهگار- لعنتي- عيبدار. ذليل- بدنام- خوار.

تون ڪسبياڻي ڪميڻي حرامڙي هَچا،

ديس ڇڏيئي ديواني، ڪٿي ٻار ٻچا.

(محمود فقير، خيري، ص-136)

  • هِردي: (هِردو) ذ. ]سن. هرديه. هرڌ، مَن [ خيال ڪرڻ جي جاءِ. من- چِت- دل. هنيون- قلب- ضمير- چيتو- جگر- هِيانءُ. علم- پروڙ- ڄاڻ- سمجهه. گيان- فهم- زيرڪي- ٻَڌي.

هِردي ۾ هرنام، تيرٿ تنهنجو تو ۾ آهي،

هري هرچند هندو مومن، هنگلاچي ها گام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-2، ص-54)

  • هَرڻا: واحد. هرڻو. اُهو ڏاند وغيره جنهن جا سِڱ سڌا هجن ۽ هرڻ جهڙو رنگ هجي. هرڻ رنگو.

ڏاڍا جوان ڏُنگرا، سي دُهرا ڌمالِي،

اندريان هڻن اوچتو، سي هرڻا حمالِي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • هَرِي: ذ. ]سن [ اسم خاص. هندن جي اوتار جو نالو- وشنوءَ جو نالو- ڪرشن مَهاديو- شِوُ. پرميشر- برهما- ڀڳوان- ايشور.

هِر دي ۾ هرنام، تيرٿ تنهنجو تو ۾ آهي،

هرِي هرچند هندو مومن، هنگلاچي ها گام.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-11، ص-79)

  • هَڙپُ: ذ. صفت. سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويندڙ- سڀ شيءِ هضم ڪري ويندڙ. پراڻو مال ڦٻائيندڙ- لالچي- حريص- تاڪائو- طاماعو- لوڀي. ناجائز طريقي پئسو وٺندڙ- رشوتي- رشوتخور.

ٽور هلي هڪ او عجائب، آوندا مور متارا،

رخت رلي تي جهڙپ ڏيندا، ول آوندا هڙپ هزارا.

(محمود فقير، گهوڙو، ص-101)

  • هَسُ: ذ. ]گ. هاسلي [ زيور جو هڪ قسم- ٻهراڙيءَ جي زالن جو ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳهه يا زيور- ڳچيءَ ۾ پائڻ جو چانديءَ جو وڏو ڪڙو- ڪڙولو- وارلو.

سير سمونڊ جي پير اُڪاري، آئون ويندين ويڙهه وري،

هس، دُهري، ڪٺمال، ڪڙولا، ساڙيان سون زري.

(محمود فقير، ڪافي-8، ص-48)

  • هَسنُ: مصدر. هسڻ. ]ٿ [ کلڻ- ٽهڪ ڏيڻ- خوش ٿيڻ- ٽهڪڙو ڪرڻ.

ڏند مبارڪ موتي موهن پئي متوالي،

هر هر هسن، دلڙي کسن، رس ٻانهپ مين ٻولان.

(محمود فقير، ڪافي-7، ص-81)

پيرِ مُغان ٿي پيچ پسڻ دي، رنگ برنگي راز رُسڻ دي،

هرجاءِ حاضر حال هسڻ دي، تازي طبل وَڄائون.

(محمد فقير، سُر پيلو، ڪافي-12، ص-113)

  • هَسوار: ذ. گهوڙي سُوار- گهوڙي تي چڙهيل- سُوار.

حُسن والِي هولِي هرجاءِ، حقيقي هَسوار،

حاضر همدم حال ڏٺوسي.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-3، ص-7)

آيا هسوار، جنهن دي اختيار، مٺا مهندار ٻهڳڻ ٻولي،

مخدوم نوح، سرور سونهن، لاهه ورونهن دي ويلي.

(محمود فقير، ڪافي-52، ص-78)

  • هُشِي: ث. صفت. چُرچ- چورت- بَڇَ- ڀڙڪي- پُٺ ڀرائي. ٽيڪو- ٽيڪر. مدد- واهر- همراهي.

اڳي هُئم پٺ پِير جي، مون کي ڏاڍي حال هُشي،

رهلو سڀ رُسي ويو، کڻي خيال خوشي.

(محمود فقير، خيري، ص-140)

  • هَلان: هَلان ڪرڻ. مصدر. ڪاهه ڪرڻ- حملو ڪرڻ- چڙهائي ڪرڻ.

حُسن هلان ڪر حڪم هلايا،

جلوه کول جمال دا جلال دا.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص-86)

  • هُلائي: هُلائڻ. مصدر. ظاهر ڪرڻ- پڌرو ڪرڻ- مشهور ڪرڻ- عالم آشڪار ڪرڻ- ٻُڌائڻ.

اول آخر ذات صفت ۾، ڪري ناز نگاهه،

حَقِي هُل هُلائي آيس.

(محمد فقير، سُر تلنگ، ڪافي-31، ص-86)

  • هُماءُ: اسم خاص. هڪ خيالي پکي. هُما سيمرغ.

ونحن اقرب وارِي وائِي، هرِي حال هُماءُ جيئن هوائِي،

چاهيان چاهيان چاهيان.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-45، ص-33)

  • هَمذاتُ: ذ. صفت. ساڳيءَ ذات وارو- ساڳئي ڪٽنب جو- ساڳئي قبيلي جو- ساڳئي نسب جو يا نسل جو- هم قوم- پنهنجي ذات جو.

ناز نيشان، عاليشان، سُرت سُجان سِر سارا،

حال حيات، وِچ هندات، ٿي حُسنات هُٻڪارا.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-65، ص-44)

  • هَموارُ: صفت. برابر- يڪسان- سنئون سڌو- لسو- هڪجهڙو- پٿريل.

حُلاجي هوش حق حق دا، حرف هموار هي ڪيتا،

سُخن سينگار هي ڪيتا.

(محمد فقير، سُر بنس، ڪافي-2، ص-156)

  • هَمَه: صفت. ]ف [سڀ- ڪُل- مڙيوئي- مڙيئي- جُملي.

هرجاءِ همه همذات ٿي، هوڪو حَقِي هَٽ هَٽ ڏئي،

همدم حُلاجي حال جو، حاڪم هلائين ٿو حڪم.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-16، ص-129)

  • همه اوست: سڀ ڪجهه خدا آهي. صوفين جو قول آهي ته خدا کان سواءِ ڪنهن شيءِ جو وجود ناهي. هي خدائي آهي، جيڪو مختلف شڪلين ۾ جلوه گر آهي.

هه- همه اوست جي هڪل هڪ هلالھ،

همه ۾ همذات ٿي، بيشڪ بي مثال.

(محمد فقير، سي حرفي-2، ص-252)

  • هَنباري: ث. هاٿيءَ تي رکيل ڇَٽ- پالڪي- ڪجائو (هاٿيءَ جو) هاٿيءَ تي رکيل ڏولي.

ونگ واهوٽي ڀڃيندا ٽاري،

مليا ”محمود“ ڪُون هاٿي هنباري.

  • هِنگلاجُ: اسم خاص. بلوچستان جي جبل ۾ هڪ مڪان جو نالو- ناٿ پنتي هَٽ. يوگين جو آستان- ياترا جو ماڳ.

سامي سانڍي سور، هليا ويا هنگلاج ڏي.

(محمد فقير، سُر جوڳ، ڪافي-1، ص-191)

  • هنُومانُ: اسم خاص. هندن جي روايتن ۾ هڪ سردار. بندرن جو سردار.

دُوارانند ڪبيرا ڪاشي، ڪرشن ڪنهيا ڪان هُون،

لڇمن رام تي سيتارانون، لنڪائي هنومان هون.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-16، ص-180)

  • هُوَالاَوَلُ هُوَ الآخر: ]ع. قول [ هو (خدا) سڀ کان اول ۽ سڀ کان آخر آهي.

هُوَ اِلاول هُو الآخر، ظاهر باطن جوش جلال.

(محمد فقير، سُر بلاولي، ڪافي-7، ص-9)

  • هوڏَ: ضد- حُجت- شرط بازي- تڪبر- هٺ- وڏائي- غرور.

ر- رباني راهه جو، رندي پروڙي راز،

هڻي هئڻ هوڏ کي، پڙهه نوڙت جي نماز.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-255)

  • هورُ: ذ ]ع. هول [ هورو- هُرکُر- ڳڻتي- کٽڪو- دڙڪو- ڊَپُ- خوف- خطرو- وِنڌَ- وِسوَسو- خيال- ڇِرڪ- ويچار- وَهم- آڊڪو- فڪر. گوندر - غم. اور- ٻيا.

تخت هزاري دي جوڳي جنگي، ڪيتي حملي هور هور،

آيا ماهي ميڏي سانگي.

(محمد فقير، سور جوڳ، ڪافي-13، ص-196)

پرڀات، جو اوطاق، ڏسي تاڪ تاڙيون،

هنئين هور، ٿيم زور، ڏسي محل ماڙيون.

(محمود فقير، ڪافي-2، ص-45)

  • هُوڙا: (هُوڙائي) ث. تڪڙائي- اُٻهرائي- هوڙهائي- بي صبرائي.

ڪڃر ڪنهن ڪٺارجا، سي هُل ڪل هُوڙا،

نانگا پنهنجي نسل تي، سي ڳل پون ڳوڙها.

(محمود فقير، خيري، ص-139)

  • هُونگ: ث. هونگار- هونگارو- هُون جو آواز- بنا ڳالهائڻ جي آواز. هوشياريءَ سان ٻڌڻ جي نشاني. گهڻو گوڙ- هلڻ جي تات. برسات ۾ نئين جي وهڪري جي هونگ. ڳنڀڪو.

ٻوڙ پُلاءَ تي هونگ لڳي پئي آ، کارڪان را کوڙ،

پڻ ڀائٽيو تنهنجو بي عقل آهي، ٽڪران ران رو ٽوڙ.

(محمود فقير، گنگو، ص-109)

  • هولِي: ث. هندن جو هڪ مشهور ڏِڻ. تماشو- رؤنشو. عيش عشرت.

برهه جي بازار ۾، ٿي حُسن جي هولِي،

گهوري گهوٽ پنهونءَ جي، ٿيس ڳوٺن ۾ ڳولي.

(محمود فقير، بيگم، ص-117)

ويک حُسن ديان هوليان، اکيان والي اولي اندر.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-10، ص-126)

  • هُئڻ: مصدر. ]پرا. هوئبو؛: سن. ڀوُ= تي [ هئڻ ٿيڻ- رهڻ. هٺ- خودي- اهنڪار. وجود- هستي- بود.

ر- رباني راهه جو، رندي پروڙي راز،

هڻي هئڻ هوڏکي، پڙهه نوڙت جي نماز.

(محمد فقير، سي حرفي-3، ص-255)

ي

 

  • ياڪي: ذ. صفت. باغي- ڦريل- بغاوتي- جدا رهندڙ- اڪيلو- هڪڙو- اڪيلي سر. بيزار، لا اُبالي، بي پرواهه.

’محمد‘ ميثاقي، اکين ۾ اوطاقي،

ٿيو يار ياڪي، ڪري شوق شاهي.

(محمد فقير، سُر پهاڙي، ڪافي-2، ص-122)

يار ياڪي، ٿيون اوطاقي، مين فراقڻ ڦِر دِي،

سچي سيالي، پون پالي، مين پُڪاران ڪر دِي.

(محمود فقير، ڪافي-64، -85)

  • ياوَرُ: ذ. صفت ]ف [ دوست- يار. مددگار- مُعاون- نائب- يارغار- ساٿي- دستگير- حمايتي- حامي. لهندڙ- لڀندڙ- ڳوليندڙ- جاچيندڙ.

’محمد‘ يوسف جو ياور يرانو،

يڪدم يسر ٿيو ياڪي يگانو.

(محمد فقير، سُر ڀيروي، ڪافي-7، ص-12)

  • يَجَرويدُ: ذ. ]سن [ چئن ويدن مان ٻيو نمبر ويد (هندن جو) ڌرمي پستڪ.

ويد يجر، رگ، شام، اٿرون، برمان مُک پرچار ڪيا.

(محمد فقير، سُر ڪونسيه، ڪافي-6، ص-176)

  • يڪبار: (يڪ بارُ) ظرف. هڪ دفعي- هڪ ڀيري- هڪ وقت.
  • يڪدل: (يَڪ دِل) ظرف. هڪ صلاحو- يڪ زبانو- هڪ هٿيو- متفق راءِ.

’محمد‘ مَهڻي مرد قبولن، محبت دِي مهندارِي،

يڪدل ٿي يڪبار يگاني، ياور ڪرڪي يارِي.

(محمد فقير، سُر ڪسوري، ڪافي-3، ص-182)

  • يَگانُو: ذ. صفت. نرالو- علحدو. پنهنجي هنر ۾ قابل- ماهر- هوشيار.

يگانو يار ٿي ياڪي، ڀلي آيو ڀلي آيو،

صُراحي جو سخي ساقي، ڀلي آيو ڀلي آيو.

(محمد فقير، سُر پهاڙي. ڪافي-29، ص-136)

 

[1]  هڪ دفعي محمود فقير کٽياڻ کي بڙد جي بيماري ٿي پئي. پاڻ ان دور جي مشهور حڪيم سيد حاجي علي مردان شاهه راشديءَ کان دوا درمل ورتي. حڪيم صاحب موسيٰ کٽياڻ کان ٽي ڪلوميٽر اتر طرف ڳوٺ واحد ڏنو انڙ ۾ رهندو هو. حاجي علي مردان شاهه مشهور بزرگ سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو اولاد هو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ حڪيم پير حاجن شاهه حڪمت ۾ وڏو نالو ڪڍيو. راقم به ننڍپڻ ۾ کيس ڏٺو هو. هو حڪمت کان علاوه ٻني ۽ شڪار جو وڏو شوقين هو. سندس مشهوريءَ جي ڪري، هاڻي هي ڳوٺ سندس نالي سان سڏجي ٿو. سندس عمر سؤ جي لڳ ڀڳ هئي. 1986ع ۾ پاڻ وفات ڪيائين ۽ سندس اولاد به حڪمت سان لاڳاپيل آهي. (اقتباس: ڪلام محمود فقير)

[2]  بابا بلهي شاهه پنجابي زبان جو مشهور شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو سيد محمد عبدالله شاهه هو، پر درويشيءَ ۽ بزرگيءَ جي ڪري ”بلهي شاهه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس والد سخي محمود ’اُچ گيلان‘ (بهاولپور) کان ملڪوال ۾ آيو. جتان ”پانڊو“ ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جيڪو قصور ۾ آهي، بلهي شاهه اتي جند ورتو. سندس ڄم جو سال 1106/ 1692ع ڄاڻايو وڃي ٿو، پر ڪجهه محققن جي خيال موجب بلهي شاهه 1103هه/1691ع ۾ ڄائو. سندس نسبي سلسلو چوڏهينءَ پيڙهيءَ ۾ حضرت عبدالقادر جيلاني رحه سان وڃي ملي ٿو. سندس تعليم بابت مستند احوال نٿو ملي، پر سندس استادن ۾ سندس والد کان سواءِ ٻن عالمن مخدوم غلام محي الدين ۽ خواجه غلام مرتضيٰ جا نالا ورتا وڃن ٿا. بلهي شاهه کي لاهور ۾ پير عنايت شاهه (آرائين) قادري عطاريءَ جي آستاني تي دلي سڪون مليو. پاڻ سڄي زندگي شادي نه ڪيائون. بلهي شاهه 1171هه/ 1757ع ۾ وفات ڪئي ۽ هر سال محرم مهيني ۾ سندس عرس ٿيندو آهي. (اقتباس. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد-1، 79-478).

[3]  بيدل فقير سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب/ شاعريءَ ۾ تاريخ جو اهم نالو آهي. سندس ڪلام، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. بيدل فقير جو اصل نالو قادربخش هو، پر حضرت عبدالقادر جيلاني رحه جي عقيدت منديءَ جي ڪري پاڻ کي قادربخش سڏائڻ لڳو. هن 1815ع مطابق 1231هه ۾ فقير محسن قريشيءَ جي گهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.

فقير قادربخش بيدل تعليم تربيت ۽ سير سياحت کان پوءِ تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. هن 59 سالن جي حياتيءَ ۾ عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو نظم ۽ نثر جا 30 ڪتاب تصنيف ڪيا. جن مان اڪثريت عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. سندس مشهور (ڪتابن ۾ ”مثنوي رياض الفقرا“، ”ديوان ملوڪ الطالبين“، ”رموز القادري“، ”ڪرسي نامه“ (سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين جو مجموعو) ”وحدت نامو“ (سنڌي بيتن جو مجموعو) ”غزليات هندي“ (اردو ڪلام) ”ديوان بيدل“ (فارسي) ”پنج گنج“ وغيره شامل آهن.

پنج گنج فقير بيدل جو مقبول ترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ قرآن، حديث، مثنوي، فارسي شاعري ۽ شاهه جا سنڌي بيت پڻ ڏنل آهن.

بيدل فقير 16 ذوالقعد 1289هه مطابق 15 جنوري 1873ع ۾ وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي روهڙيءَ ۾ ميلو ۽ عرس منعقد ٿيندو آهي. (اقتباس: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون، ص-516-517)

1 شاعر جو پنهنجي ڳوٺ، موسيٰ خان کٽياڻ ڏانهن اشارو.

[4]  1 هتي محمد فقير پنهنجي مرشد ڪامل حضرت سيد حزب الله شاهه راشدي ”مسڪين“ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. جناب پيرسائين حزب الله شاهه ڇنڇر جي ڏينهن تاريخ 18 شوال 1258 هه ۾ ڄائو هو. پاڻ پنهنجي والد پير سائين علي گوهر شاهه ’اصغر‘ عرف ’بنگلي ڌڻي‘ جو اڪيلو فرزند هو. سندس عمر اڃا چار سال ست مهينا کن هئي جو پير سائين ’اصغر‘ صاحب جن 11 جمادي الاول 1263هه ۾ وفات ڪئي. تنهن هوندي به سندن پڙهائيءَ جو سلسلو جاري رهيو. پاڻ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائون. پاڻ فارسيءَ جا اعليٰ اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. فارسي شاعريءَ ۾ پورو ديوان لکيائون، جيڪو ”ديوان مسڪين“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.

پاڻ عمر جي پنجين سال ۾ پنهنجي والد ماجد جا جاءِ نشين، حضرت روضي ڌڻي جي درگاهه ۽ حُر جماعت جا ’پيرپاڳارا‘ ۽ تخت ۽ بخت جا ملڪ ٿيا. پيرصاحب 45 سالن جي وڏي عرصي تائين ’مسند نشين‘ رهيا ۽ جماعت کين ادب ۽ پيار مان ’مسندنشين‘ يا ’تخت ڌڻي‘ ڪري سڏيو آهي.

پاڻ پنجين محرم الحرام سن 1308هه مطابق 21 آگسٽ 1890ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائون،. (قتباس: ’ديوانِ مسڪين‘ ص-12، 13، 14 ۽ 57. فيبروري 1985ع).

[5]  سنڌ ۾ حضرت غوث الحق مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح بحيثيت درويش ۽ وڏي گاديءَ جا سجاده نشين طور مشهور آهن. پاڻ مخدوم نعمت الله جا وڏا فرزند آهن. سندن ولادت 21 رمضان 911 هه/ 21 فيبروري 1506ع تي ڳوٺ ٽوڙي هالا ڪنڊيءَ ۾ ٿي. هي ڳوٺ پراڻن هالن کان اندازاً ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. مخدوم نوح جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو.

مخدوم نوح، عربي ڌياني وٽ پڙهيو سندس علم، فضل ۽ ڪرامتن جون ڪيئي ڳالهيون مشهور آهن. سندس ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو هڪ شاهڪار آهي.

مخدوم نوح جا ملفوظات به موجود آهن. سندس ڪي شعر به ڪتابن ۾ آهن. مثال طور:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانئيو ماڻهئا،

روئي چوري رات، ڏسي ڏکوين کي.

مخدوم صاحب 27 ذوالقعد 998هه بمطابق 26 سيپٽمبر 1590ع ۾  وفات ڪئي.

(سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون) ص. 61، 62 ۽ 64.

[6]  سنڌ جو هي ناميارو صوفي ۽ انسان دوست انقلابي درويش، تعلقي ميرپور بٺوري جي نصريه ڳوٺ ۾ 1656ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ جوانيءَ جي دور ۾ حق ۽ علم جي طلب ۾ پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ويو. سير سفر ڪندو حيدرآباد دکن ۾ هڪ درويش شاهه عبدالملڪ سان ملاقي ٿيو. ظاهري علم شاهه غلام محمد کان حاصل ڪيائين. اهو شاهه عنايت سان گڏ شاهه جهان آباد کان سنڌ موٽيو. شاهه غلام محمد جي عقيدت ۽ شاهه عنايت ڏانهن خلق جي رجوعات نه ٺٽي جا ظاهر پرست برداشت ڪي سگهيا ۽ نه مقامي مُلا موراڻا، وڏيرا، گادي نشين ۽ حاڪم سهي سگهيا. لهٰذا هڪ سازش سٽي ويئي ۽ ان ۾ ٺٽي جو نواب، مقامي ماڻهن مان ڪريمي درگاهه جو مسند نشين سيد عبدالواسع، وڏيرو نورمحمد پليجو ۽ حمل جت شامل ٿيا.

هوڏانهن حاڪم جي ڇاڙتن اهو مشهور ڪيو ته شاهه عنايت ۽ صوفي فقير پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا. بادشاهه لاءِ اها هڪ قسم جي گار هئي. تنبيهه جي تياري هيئن ٿي جو ميان يارمحمد جي مدد سان مقامي ڇاڙتن، صوفين تي لشڪر چاڙهيو. هن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪافي مريد شهيد ٿي ويا. شاهه عنايت جي مريد مير جان الله شاهه رضويءَ مقابلي جي اجازت گهري، پر صوفي شاهه عنايت اجازت نه ڏني. گهيرو اٽڪل ڇهه مهينا هليو. ٺاهه جون ڪوششون ٿيون. شاهه عنايت کي گورنر جي درٻار ۾ گهرايو ويو. اها به هڪ سازش هئي. ڳالهين مان جڏهن کڙ تيل نه نڪتو ته گورنر شاهه عنايت کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. نواب ۽ شاهه عنايت جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ۾ شاهه عنايت هر سوال جو جواب فارسي شعر ۾ ڏنو آهي. جڏهن هي ارڏو انسان پنهنجي اصول تان نه هٽيو ته جلاد کي اشارو ڪيو ويو. شاهه عنايت شعر پڙهيو:

رهانيدي مرا از شرهستي- جزاک الله في الدارين خيرا.

سر دڙکان ڌار ٿيو ۽ جان، جان آفرين جي حوالي ٿي ويئي، صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو واقعو 1130 هه/ 1718ع ۾ ٿيو.

(سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. ص: 177-179)

[7] 1. حضرت پيرسائين شاهه مردان شاهه اول 7 صفرالمظفر سن 1279هه آچر جي ڏينهن ”پيرجوڳوٺ“ خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيا. پاڻ پير سيد حزب الله جا چوٿون نمبر فرزند هئا. پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ حضرت پير سيد علي گوهر شاهه ثاني محافي ڌڻيءَ جي وفات 27 جمادي الآخر سن 1314 هه کان پوءِ 35 ورهين جي عمر ۾ گاديءَ تي ويٺا. پاڻ علم وارن جي عزت ۽ تمام گهڻو قدر ڪندا هئا.

پاڻ جمات ۽ عام مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ سندن والد جو لکرايل قرآن شريف جو تفسير، ”تفسير ڪوثر“ ڇپرائي مسلمانن ۾ مفت تقسيم ڪرايائون. ان کان علاوه چار رسالا هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي جماعت ۾ تقسيم ڪرايائون.

آخرڪار اهو فيض، هدايت ۽ جودو سخا جو سج 7 ربيع الاول سن 1340 هه بروز اڱارو، 61 ورهين جي ڄمار ۾ وصال ڪري ويا.

(اقتباس: جامعھ راشديه، ص-217، 221، 223)

محمد فقير هيٺين ڪافي ۾ سندن سڄي سوانح حيات کي منظوم ڪيو آهي:

شاههِ مردان شيرِ يزادان، شمس علماءُ شاندار،

شوق جي شاديَ شفيع ڪئي، عشق واري آشڪار.

  1. سن اُڻاسي: بارهين صدي، ثابت ستين صفر ٿيو،

ستاويهين ماهه ثاني، تخت تي ٿيو تاجدار.

  1. شان شفقت جي شرح جو، ڇا ڪندو شاعر شمار،

شَه شهادت شاد ڪيڙو، ستا شغل جو شرفدار.

  1. ستين سر ربيع الاول جي، سن تيرهن سو چاليهين،

ايڪهٺ عمر عجائب، ڪج ڪُلھ ڪئي قربدار.

  1. بيرنگي بازي بنائي، برهه جي بازار ۾،

نينهن جو نعرو هنيو، نرناٿ نيهي نامدار.

5.پير مُغان پارس پساري، پرت جي پيمان جو،

محو ٿيو مخمور ”محمد“ پاڪ پرور پاڳدار.

(منطوق محمد، سُر راڻو، ص-233)

[8]  ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ ٺارو خاصخيلي نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جو ٽنگ کان منڊو هوندو هو. کل مک ۽ چرچائي به هوندو هو. هڪ دفعي، محمود فقير تي به چرچو ڪيائين ۽ فقير کي چيائين ته، ”اهڙو شاعر پٽ آهي، ته مون تي ته ڪا اِتي جو اِتي ڪافي ٺاهي ڏيکار“! جنهن تي محمود فقير مٿانئس ڪافي ٺاهي. (ڪلام محمود فقير کٽياڻ)

1[9]  لفظ ويد جو مطلب معنيٰ جاچڻ، سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ آهي. ويد لفظ مشهور ڪتابن جي لاءِ استعمال نه ٿيو آهي، پر هي اهو ادب آهي جيڪو ٻه هزار ورهين جي عرصي ۾ هند وارن مختلف علمن ۽ رسمن جي باري ۾ گڏ ڪيو ۽ ان جو نالو ”ويد“ رکيو.

هونئن ته ويد مختلف ڪتابن جو نالو آهي، جيئن ايورد ويد (طب) سرپ ويد (نانگ جو ويد) پشاج ويد (چڙهيلن جو ويد)، آگر ويد (شيطانن جو ويد) ڌرويد تير ڪمان جو ويد)، اتهاس ويد (تاريخ)، پر ان ويد (قصن ڪهاڻين جو ويد).

ويد جا هيٺيان چار مشهور ڪتاب آهن:

  • رگ ويد: ان جا ڏهه هزار منتر آهن. هي 128 بابن ۽ 10 منڊلن ۾ ورهايل آهي. سڄو ويد نظم ئي آهي. ان ۾ خدائن جي تعريف ۽ سندن وڏائيءَ جا گيت آهن ۽ ديوي ۽ ديوتائن کي مخاطب ٿي انهن کان دعائون گهريون ويون آهن. رگويد سڀني ويدن کان آڳاٽو آهي. پراڻن جي مطابق سڀ کان اڳ يجر ويد هو، ان کي جوڙي چارويد جوڙيا ويا.
  • يجر ويد: سڄو رگويد تان ورتل آهي، قربانين جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن ۾، يگيه ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين کي مخاطب ڪيو ويو آهي.
  • سام ويد: ان ۾ صرف راڳ ۽ گيت آهن. رگويد جي اڌ جيترو آهي. ڪيترائي منتر رگويد تان ورتل آهن. يگيه جي رسمن تي ڳايو ويندو آهي. تاريخي لحاظ سان هن ويد جي ڪا خاص اهميت نه آهي. انهن ٽنهي ويدن کي ”تري وديا“ يعني ٽنهي علمن جو نالو ڏنو ويو آهي.
  • اٿر ويد: ان ۾ ڪل 6 هزار منتر آهن، جيڪي تقريباً 24 حصن ۾ ورهايا ويا آهن. اٽڪل هڪ هزار ٻه سؤ منتر رگويد تان کنيل آهن. تقريباً اڌ نثر ۾ آهن، انهن جو گهڻو حصو جادوءَ جي باري ۾ آهي. اهي ويد قديم آرين جي تمدن جو آئينو آهن، انهن ۾ همه اوست (وحدت الوجود) جي تعليم ڏنل آهي.

(اقتباس: غير سامي مذهبن جا باني، ص-32، 31)