اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (757) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83906   ڀيرا پڙهيو ويو

محمد فقير کٽياڻ (سوانح حيات ۽ ڪلام)


محمد فقير ولد رئيس حيدر خان کٽياڻ 1296هه بمطابق 1878ع ۾ ڳوٺ سليمان کٽياڻ (ضلع حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو. وقت جي رواج مطابق قرآن شريف، سنڌي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو، تنهن ڪري، سندس تعليم جو سلسلو منقطع ٿي ويو. تنهن هوندي به فرصت جي وقت مولوي حاجي عبدالرحمان سمي صاحب کان طب توڙي فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو رهيو. فقير صاحب رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وٽ سندس زمين چنڊهل تي عام مختيار ٿي وڃي رهيو. جتي سندس ملاقات فقير محمد هاشم مجذوب سان ٿي. محمد فقير جي فقيري طبيعت کي هيءَ نوڪري نه آئڙي، تنهن ڪري هيءَ نوڪري ڇڏي ڏنائين.

فقير صاحب نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ اچي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ ڪي ڪورائي فقير سندس صحبت ۾ رهڻ لڳا. راڳ ويراڳ سان فقير صاحب جي تمام گهڻي محبت هوندي هئي.

فقير صاحب جي دل فطرتاً حسن ڏانهن مائل هئي ۽ مجازي عشق به کيس گهڻيون مهميزون چکايون. سندس آواز ۾ وڏو ميٺاج ۽ اثر هو، جنهن ڪري راڳ سندس واسطي روح جي راحت بنيو.

محمد فقير جا وڏا اصل کان پير سائين حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رح جا مريد هئا ۽ پاڻ به وڃي پير صاحب پاڳاري حضرت شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻيءَ کان توحيد جي تلقين ورتائين. فقير صاحب جي پنهنجي مرشد سان تمام گهڻي عقيدت هئي. جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي (1914ع) ۾ انگريزن پير صاحب پاڳاري کان لڙائيءَ لاءِ ڪجهه نقدي امداد توڙي، بهادر فقيرن مان رنگروٽ طلب ڪيا ته فقير صاحب فوج ۾ ڀرتيءَ واسطي درگاهه شريف تي وڃي پهتو، پر فقير صاحب رياضتن ۽ مجاهدن جي ڪري ڪمزور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ڊاڪٽر کيس ناپاس ڪيو پر فقير صاحب جو صدق ڏسي، پير صاحب جي سفارش سان فوج ۾ ڀرتي ٿي محاذ تي ويو. محاذ تي غازين سميت سلامت وطن موٽي آيو.

فقير صاحب جو پنهنجي مرشد جي هڪ ٻئي درويش ميان داد فقير سان به پريت جو پيچ هوندو هو. فقير صاحب وقتاً فوقتاً ساڻس سالڪانه صحبتون ڪرڻ وٽس ويندو هو.

فقير صاحب جي ڳوٺ جي ويجهو هڪ مشهور صوفي شاعر ۽ اهل معرفت فقير نواب ولي محمد لغاري تاجپور ۾ رهندو هو. فقير ولي محمد سائينءَ، فقير صاحب کي پنهنجي شاعري مطالعي ڪرڻ لاءِ ڏنائين ۽ راهه سلوڪ ۾ به سندس رهنمائي ڪيائين.

ان وقت حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي درگاهه جو سجاده نشين مخدوم ظهير الدين عرف مخدوم پَروُ ڄام جن هئا. سندن ولي عهد هڪ نيڪ سيرت ۽ نيڪ مرد جناب مخدوم غلام محمد جن هئا. هڪ عجيب اتفاق بنيو، جو سندس ۽ فقير صاحب جي وچ ۾ الاهي انس جو رشتو قائم ٿي ويو. هالا ۾ حضرت پکن ڌڻي جي قبي ۾ فقير صاحب هڪ مهينو مراقبو به ڪيو هو. فقير صاحب ائين به چوندو هو ته ”اسان کي حضرت پکن وارن صاحبن کان باطني عشق جي راهه ۾ امداد ٿيل آهي.“

محمد فقير 63 ورهين جي ڄمار ۾، اڱاري جي ڏينهن 7 محرم الحرام 1360هه بمطابق 4 فيبروري 1941ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري، پنهنجي حقيقي محبوب سان وڃي مليو.

  • شاعري:

محمد فقير جو سڄو ڪلام ’منظوق محمدي‘ جي نالي سان، قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 1950ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو. 52 سالن جي طويل عرصي کانپوءِ، رئيس احمد خان کٽياڻ، هن مجموعي جو ٻيو ڇاپو 2002ع ۾ ۽ ٽيون ڀيرو 2008ع ۾ منظر عام تي آندو. محمد فقير جو سڄو رسالو مختلف راڳن ۽ راڳڻين ۾ ورهائي، ترتيب ڏنل آهي. محمد فقير جو سڄو ڪلام 42 سُرن تي مشتمل آهي. فقير صاحب جو 95 سيڪڙو ڪلام ڪافي ۾ چيل آهي ۽ باقي ڪلام پنهنجي دور جي مقبول صنفن ۾ چيل آهي، جنهن 275 بيت، 4 سي حرفيون ، 1 هفتو ۽ 1 مثنوي شامل آهي.

اسلوب بيان خواهه معنيٰ جي لحاظ سان سندس ڪلام نرالو آهي ۽ جنهن تي فقير صاحب جي شخصيت ۽ ذاتي فڪر جو گهرو رنگ چڙهيل آهي. هن قسم جو امتيازي ڪلام نسبتاً زياده آهي. حقيقت ۾ اسلوب بيان جي جدت ۽ فڪر جي عبقريت، فقير صاحب جون ٻه امتيازي خصوصيتون آهن.

سرائيڪي ٻولي فقير جي مادري زبان هئي، هو سنڌ جي سرزمين جو نيپاج هو ۽ سنڌ جو چپو چپو گهمي ڏٺو هئائين، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ تي به ملڪو هئس. ان کان علاوه فارسي، عربي، هندي ۽ موسيقيءَ جي اصطلاحن جي به پوري پروڙ هئس. مختلف ٻولين جي ڄاڻ کانسواءِ سندس ذاتي تجربي ۽ مخصوص شغلن به سندس واسطي مختلف الفاظ ۽ محاورا مهيا ڪيا، جن کي پنهنجي خيالات جي اظهار لاءِ پوري طرح استعمال ڪيو اٿس.

فقير صاحب کي لغت جي وسيع ڄاڻ هئي، جنهن جي ڪري الفاظ ۽ قافيه سندس واسطي ارزان ٿيا ۽ شعر سهل ۽ آسان بنجي پيو آهي، جنگ جا محاورا، سندس جذبي ۽ جوش لاءِ موزون بنيا. ٻوليءَ جي وسعت سان، جي چاهيائين ته ڪلام جي مختلف مصراعن کي علحده تجنيس حرفي جي صفت سان سينگاريائين.

حُسن جي هلان ۽ مجازي عشق جي مهميزن، سندس طبيعت ۾ جذبه جوش جو اهو طوفان پيدا ڪيو، جنهن جو زور، سندس ڪلام توڙي ڪردار ۾ نمايان رهيو، سچائي ۽ بي ريائي سندس طبيعت جا جز ۽ جوهر هئا ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي حال کي قال جي پردي ۾ ڪين لڪايائين. فقيري حال آيس ته ڪفني ڳچيءَ ۾ وڌائين، ڳايائين ته نچي نچي ڳايائين. رقص ڪيائين ته سر بازار ڪيائين ۽ مئڪشي ڪيائين ته به بانگ - دُهل ڪيائين.

جيئن ته اسين پهرين وضاحت ڪري چڪا آهيون ته فقير صاحب پنهنجي طالبن جو هڪ ٽولو بنايو ۽ سازن جي پوري وڄت سان ڳائڻ ۾ محو رهيو. راڳ جي کيس پوري ڄان هئي ۽ سُر تار جو شيدائي هو. فقير صاحب جي نظريي مطابق هن ڪائنات جي ابتدا توڙي وجود، سُر تار جي تنظيم تي مبني آهي. پاڻ چوندو هو ته ”ڌڻي تعاليٰ لفظ ڪُن“ به سُر سان آوازيو، تڏهن ڪائنات پنهنجي مڪمل تنظيم سان وجود ۾ آئي. راڳ، سُر تار ۽ سازن جي معلومات سندس واسطي، انهن فنن جا خاص الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح ارزان ڪيا، جن کي پنهنجي خيالات جي اظهار خاطر پوريءَ طرح استعمال ڪيائين.

سندس شخصيت جي خوبين توڙي خامين جو عڪس، سندس ڪلام ۾ نمايان نظر اچي ٿو. جرئت رندا نه، خودي ۽ خود خيالي، دم جي ڌُن، خيال جي تلاش، جلالي جذبو، مستي ۽ موج، راڳ ۽ رقص، مئڪشي ۽ مدهوشي، اهي مڙيئي نه صرف سندس ڪلام جا عنوان آهن، بلڪ ان جو مغز ۽ روح آهن. انهن خصوصيتن سبب سندس فڪر به جمله ڪافي گو شاعرن ۾ هڪ امتيازي حيثيت رکي ٿو.