اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (756) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83899   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


ڪجهه سال اڳ  سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس ۽ پبلڪيشن ڪميٽيءَ طرفان ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ جي تسلسل ۾سنڌ جي ڪيترن رهجي ويل ڪلاسيڪي شاعرن سان گڏ  ٻين وچئين دور جي ۽  جديد دور جي اهم شاعرن جون لغتون جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي. هن وقت موجود  ”ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ ۽ قاضي قادن کان خليفي نبي بخش تائين ڏهن شاعرن جي ڪلام ۾ موجود ڏکين لفظن جي معنائون شامل آهن. اُها لغت منهنجي نگرانيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر  پاران تيارڪئي وئي هئي جنهن  جي ايڊيٽنگ  ۽ ترتيب ڪرڻ مهل ئي مون کي احساس ٿيويو هو ته اڃا به ڪيترا شاعر رهجي ويا آهن جن جي لغتن جوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. شاعر جيئن ته ٻوليءَ جا وينجهار هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي  دور ۽  پنهنجي علائقي جي لهجي جي مخصوص لفظن، اصطلاحن ۽ بناوٽن  کي پنهنجي  انداز  ۾  استعمال  ڪندا آهن ان ڪري انهن کي سمجهڻ لاءِ  ۽ اهو ذخيرو گڏ ڪرڻ لاءِ پڻ اهڙين لغتن جي ضرورت پوندي آهي. ان سلسلي ۾ اٿارٽيءَ طرفان اڳ ۾ هڪ لغت ”اکر اکر آرسي“ نالي  سان شايع ٿيل آهي ۽ هيءَ ٻي لغت اوهان جي هٿن ۾ آهي جيڪا محترم عنايت  انڙ تمام محنت سان تيار ڪئي آهي.

          محمود فقير کٽياڻ ۽ محمد فقير جي ڪلام  ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام گڏيو پيو آهي ان ڪري پڙهندڙن کي هن لغت ۾ سنڌي ۽ سرائڪي لفظ گڏيل نظر ايندا. جيئن ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهرن ڳوٺن پاڙن ۽گهرن ۾ سنڌي ۽ سرائڪي  هڪ ٻُليءَ جي ٻن لهجن طور مروج آهن ۽ منجهن لفظي خزانو يا شبد ڀنڊا (Vacubulary)  ٿوري فرق سان يا تقريبن ساڳيو آهي ان ڪري انهن جو هڪ ئي لغت ۾ هئڻ هڪ طرف نئين روايت آهي ته ٻئي طرف هڪ ماءُ جي ٻن ڌيئرن طور انهن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ سان منجهن هڪجهڙائيءَ ۽ فرق جي به خبر خبر پوندي جنهن جو لساني مطالعو پڻ اهم ٿيندو.

          اسان کي اميد آهي ته هيءَ لغت سنڌي ادب جي شاگردن، استادن ۽ پڙهندڙن کي پسند پوندي.

 

        ڊاڪٽر فهميده حسين       

15 فيبروري 2015ع