اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (757) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83907   ڀيرا پڙهيو ويو

ارپنا


امان جي نالي!!

ماءُ، هِن ڪائنات جي اُها عظيم هستي آهي، جنهن جي ڪنهن سان به ڀيٽ نٿي ٿي سگهي! هِن ڪائنات جي وجود کي سُونهن بخشڻ ۾ ماءُ جو به وڏو ڪمال آهي!

اِها اُها بي مثال هستي آهي، جيڪا ٻار کي پهريون ڀيرو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لولي ڏئي، ٻوليءَ جو تحفو ڏيندي آهي، جنهن جي مدد سان پوءِ اُهو ٻار پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خيالن جي اظهار جو ذريعو حاصل ڪرڻ سِکي وٺندو آهي!

آئون پنهنجو هيءُ قلمي پورهيو، پنهنجي امڙ جي نالي ارپيان ٿو، جنهن نه رڳو مون کي منهنجي ٻولي ڏني، پاٻوهه ۽ پيار مان مامتا ڀري لولي ڏني، پر منهنجي هڪ مثالي تربيت ڪري، مون کي جيئڻ جو هُنر سيکاريو، حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي سَگَهه ۽ سُرت بخشي ۽ منهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ اُهو ڪردار ادا ڪيو،  جو اڄ آئون پاڻ کي هن مقام تي پهچائي سگهيو آهيان.

سندس عظمت، سندس پورهيت هٿن ۽ سندس جبل جيڏي حوصلي جي مهانتا آڏو آئون اڄ به پنهنجو سر جهڪائي، سلام ٿو پيش ڪريان.

شال خدا، سندس شفقت ۽ ڇانورو، مون تي قائم رکي!

۽ آرزو اٿم ته سندس عظمت جو احساس، سدائين ساهن ۾ سلامت رکندو رهان!

امان! ڪتاب توکي ارپيان ٿو.

 

تنهنجو پُٽ

عنايت انڙ