اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (754) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83494   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    جُڳن کان جيئري، سنڌ سونهاري جي ادبي تاريخ جا جڏهن ورق ورائجن ٿا ته جيجل سنڌ جو هر دور، سونهري دور ٿو محسوس ٿئي. هر دور ۾ ڪيترائي شاعر، سگهڙ ۽ ڏاها ادبي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪندي نظر ايندا رهيا آهن. سنڌ جي سپوت شاعرن سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي ٿرن برن، سنڌ جي جبلن ۽ جهنگن، سنڌ جي ساون پٽن ۽ پوٺن، سنڌ جي سانگين ۽ جهانگي، گاهن ۽ گلن، ولين ۽ وڻن کي پنهنجي ڪلام ۾ سموهيو آهي. انگريزن جي دور ۾ جتي نثر ۾ لکندڙن، سنڌي ٻوليءَ کي جديد لاڙا ۽ نيون جهتون ڏنيون، اتي صوفي شاعرن به پنهنجو ڪردار خوب نڀايو آهي. صوفين سڳورن، سنڌ جي ڪلاسيڪي صنفن جهڙوڪ: بيت، وائي ۽ ڪافي ۾ خوب طبع آزمائي ڪري هنن صنفن کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. هن دور جي مشهور صوفي شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل، محمد محسن بيڪس، حمل فقير لغاري، حسين فقير ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ، مخدوم امين محمد، رمضان ڪنڀر، ڇتو سانگي، پير رشيد الدين، پير رُشد الله، فقير غلام حيدر تيرهيو، شاهه نصير الدين نقشبندي، حسن بخش شاهه، مصري شاهه، قطب علي شاهه، روشن علي شاهه، سيد مهدي شاهه، فقير ولي محمد لغاري، سيد صاحب ڏنو شاهه، حاجي خانڻ چنجڻي، زمان شاهه ساقي، منٺار فقير راڄڙ، سيد رکيل شاهه، محمود فقير کٽياڻ، خواهه محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻيا هئا. مصري شاهه، محمود فقير کٽياڻ، فقير ولي محمد لغاري ۽ محمد فقير نه فقط همعصر شاعر هئا بلڪ هڪ ٻئي جا پاڙيسري به هئا. چئني جو ڪلام ڇپجي چڪو آهي. محمود فقير جو ڪلام 1959ع ۾ ”ڪلام محمود فقير کٽياڻ، جي نالي سان ڇپيو، وري نه هن جو ٻيو ايڊيشن سامهون آيو ۽ نه ئي مٿس ڪو تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ڪنهن ضرورت محسوس ڪئي. اهڙي طرح محمد فقير کٽياڻ جو ڪلام ”منطوق محمدي“ جي نالي سان 1950ع ۾ ڇپيو ۽ تنهن کانپوءِ 2002ع ۽ 2008ع ۾ وري ساڳيو مجموعو ڇپجي چڪو آهي، پر ان تي به ڪو تحقيقي ڪم ٿي نه سگهيو آهي. ٻنهي شاعرن جي شاعري لوڪ ادب جي کاڻ آهي پر اڄ جو نوجوان ان کان بي خبر آهي، ان ڪري گهڻي وقت کان هنن شاعرن جي ڪلام تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. مان جڏهن 06-2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (سنڌي) ڪري رهيو هئس ته مون کي سنڌ جا سمورا شاعر ۽ اديب، ادبي تاريخن ۾، آسانيءَ سان ملي ويا هئا، پر محمود فقير ۽ محمد فقير کٽياڻ جو سرسري ذڪر ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيو هئس ۽ من ئي من ۾ پنهنجو پاڻ سان وچن ڪيو هئم ته هنن ٻنهي فقيرن تي پنهنجي وس آهر ڪم ضرور ڪندس. شايد موليٰ پاڪ منهنجي ارادي کي پروڙي ورتو هو ۽ هڪ سبب پيدا ڪيائين، جنهن ڪري هي ڪٺن ڪم آسان ٿي پيو. ٿيو هينئن، جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ويهين گڏجاڻيءَ ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جي تجويز تي، محمود فقير ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي ڏکين لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي لغت ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محترم ولي محمد کٽياڻ جي معرفت منهنجو نالو تجويز ڪيو ويو ۽ مسلسل سال کن ڪم ڪرڻ کانپوءِ هيءَ لغت تيار ٿي توهان آڏو پهتي آهي. لغت جي ترتيب هن ريت آهي: لفظن جي سمجهاڻي: هر لفظ جي سمجهاڻي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (الف) پهريائين لفظ جي نحوي صورت نروار ڪئي وئي آهي (ب) ان بعد لفظن اصول ٻولي ۽ ڪوشش ڪري اشتقاق ڏنو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ (ج) ان جي معنيٰ سمجهائي وئي آهي. (1) لفظن جي نحوي حالت نروار ڪرڻ لاءِ ۽ بنيادي ٻوليءَ کي نروار ڪرڻ لاءِ هيٺيون نشانيون قائم ڪيون ويون آهن: (الف) نحوي حالت: ذ= اسم، مذڪر. ث = اسم، مؤنث. ذ. صفت = صفت مذڪر ث . صفت = صف مؤنث صفت = صفت، مذڪر توڙي مؤنث. (ب) بنيادي ٻوليون: سن= سنسڪرت هه = هندي پرا = پراڪرت بل = بلوچي. ع = عربي انگ = انگريزي ف= فارسي (2) هر معنيٰ کي پوريءَ طرح سمجهائڻ لاءِ، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هم معنيٰ لفظ ڏنا ويا آهن ۽ اهڙن هم معنيٰ لفظن جي وچ ۾ ننڍي ليڪ (-) ڏني وئي آهي. (3) جيڪڏهن ڪنهن لفظ جون معنائون هڪ کان وڌيڪ آهن ته ”دم“ جي نشاني (.) سان هڪ معنيٰ کي ٻيءَ معنيٰ کان جدا ڪيو ويو آهي. (4) هر لفظ جي معنيٰ جي هيٺان، شاعر جو بيت يا ڪافيءَ جي مصرع وغيره شاهديءَ طور ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ ساڳيو لفظ موجود آهي، ته ٻنهي جو ڪلام شاهدي طور آندو ويو آهي. (5) هر شاهدي واري ڪلام جو مڪمل مڪمل حوالو ڏنو ويو آهي. (6) ٻنهي شاعرن جي زندگيءَ ۽ ڪلام جو مختصر احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي بنيادي معلومات مهيا ڪري سگهجي. (7) شاعرن، پنهنجي پسنديده شخصيتن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي، تنهن ڪري انهن شخصيتن جي مختصر سوانح حيات به حاشيه ۾ ڏني وئي آهي. (8) راڳ، راڳڻين ۽ موسيقيءَ جي اصطلاحن جي، ممڪنه حد تائين وضاحت ڪئي وئي آهي. (9) قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جو ترجمو حوالي سميت ڏنو ويو آهي. (10) هندو ڌرم جي اصطلاحن ۽ چئني ويدن جي بنيادي معلومات ڏني وئي آهي. مون ڪوشش ڪري، هر لفظ جون ممڪنه معنائون، هن لغت ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن پڙهندڙن کي مطلوبه لفظ جي هر معنيٰ، هن لغت ۾ ملي سگهي. محمود فقير کٽياڻ ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي لغت ترتيب ڏيڻ وقت هيٺ ڄاڻايل لغتون ۽ ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ رهيا: (1) نئين جامع سنڌي لغات (ٽي جلد) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. (2) سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت، ڊاڪٽر فهميده حسين. (3) هندي- سنڌي لغت، محمد پناهه ڦرڙو. (4) فيروز اللغات (اردو) مولوي فيروز الدين. (5) فرهنگ فارسي (اردو() مولانا محمد رفيع ۽ مولوي حڪيم ابوالفضل محمد. (6) سنڌي ادب جي تاريخ (ٽي جلد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. (7) انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا. (جلد پهريون) نگران: ڊاڪٽر فهميده حسين. (8) غير سامي مذهبن جا باني. الطاف جاويد/ جاويد ميمڻ. (9) توريان جيڪرتند، اظهر سمون. (10) جامعه راشديديه. مرتب: مفتي محمد رحيم سڪندري. (11) ديوانِ مسڪين، سيد حزب الله شاهه راشدي، مسڪين. (12) ڪلام محمود فقير کٽياڻ، مرتب محمد صالح سپيو. (13) منطوق محمدي، محمد فقير کٽياڻ. محمود فقير کٽياڻ ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي ترتيب ڏنل هن لغت ۾ اصطلاحن، فقرن ۽ لفظن جون جيڪي معنائون درج ڪيون ويون آهن، انهن سان اختلاف به ٿي سگهن ٿا. هيءُ ڪم ڪو حتمي نه آهي، پر هن ڪم کي شروعاتي ڪم سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هنن صوفي شاعرن جي ڪلام ۽ ٻوليءَ تي هن سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ جي گنجائش سدائين رهندي، پر مون کي يقين آهي ته منهنجو هي پورهيو رائيگان نه ويندو. آخر ۾ آئون شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو محترم پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر فهميده حسين، خان محمد جروار ۽ ولي محمد کٽياڻ صاحب جو، جن جي معرفت، مان هيءَ لغت ترتيب ڏئي توهان جي هٿن ۾ پهچائي رهيو آهيان. 12 مئي 2011ع عنايت انڙ ڳوٺ دين محمد انڙ