اکر اکر ۾ اسرار

ڪتاب جو نالو اکر اکر ۾ اسرار
ليکڪ عنايت انڙ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-019-7
قيمت 400    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (756) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     83903   ڀيرا پڙهيو ويو

محمود فقير کٽياڻ (سوانح حيات ۽ ڪلام)


محمود فقير ولد علي خان کٽياڻ، ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ، ضلعي حيدرآباد ۾ 1852ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعلق کٽياڻن جي هيبتاڻي پاڙي سان هو. سندس والده جو نالو ”زرنار بيگم“ هو، ننڍپڻ ۾ سندس والد وفات ڪري ويو، تنهن ڪري، پاڻ ڪا به مڪتبي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجو ٻني ٻارو ڪرڻ لڳو. ننڍپڻ کان ئي سندس طبيعت فقيريءَ ڏانهن مائل هئي. طبيعتاً خوش مزاج ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. خندهه پيشاني ته ڄڻڪ سندس ورثو هئي. کل مک ۽ چرچائي به هو. ان جو اثر سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو ڳچ حصو طنز مزاح تي مشتمل آهي.

محمود فقير قدبت ۾ پورو پنو هو، مٿي تي اڪثر وڏو پٽڪو ٻڌندو هو. سلوار گهڻو ڪري ڪاري ۽ ڪپڙ جو ڊگهو اڇو پهراڻ پائيندو هو. ڪلهن ۾ اجرڪ يا ٽوال ضرور هوندو هئس. سونهاري مُٺ جيڏي هوندي هُئس.

محمود فقير اڪثر ڪري مهينن جا مهينا سير سفر تي نڪري ويندو هو. خاص ڪري ٿر ۾ ناري جي پاسي گهڻو ويندو هو، جتي ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد بنجي ويا، جن ۾ مرحوم شاهه محمد خان ڀرڳڙي به هڪ هو.

فقير صاحب عاشق مزاج ۽ حُسن جو ته طالب هوندو هو. ڪٿي به ڪا سهڻي صورت ۽ من مُهڻي مورت ڏسندو هو ته مٿس مفتون ٿي پوندو هو. سندس محبت پاڪ ۽ نظر نيڪ هوندي هئي. هڪ دفعي ”نبيسر“ جي پاسي ويو ته اُتي ڪي حسين ناريون کوهه تان پاڻي ڀريندي ڏٺائين ته بي اختيار ڪافي چئي ڏنائين. سندس خاص عشق، ڳوٺ موسيٰ خان کٽياڻ جي رهواسي ”محمد مڱڻهار“ سان هو. فقير صاحب جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو. چون ٿا، فقير چوندو هو ”ابا منهنجو ته محمد (صه) جي نالي سان پيار آهي.“

محمود فقير پنجويهن ورهين جي عمر ۾، پنهنجي عزيزن مان شادي ڪئي. فقير صاحب جو پنهنجي فيقهء حيات سان به گهڻو پيار هوندو هو. البت شاديءَ کانپوءِ به سندس فقيري طبيعت ۾ ڪو فرق نه آيو. کيس چار پُٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ٿيون. سندس خاندان اڃا تائين موسيٰ خان کٽياڻ ۾ رهندو آهي.

فقير صاحب پهريائين لنواريءَ وارن بزرگن جو معتقد هو، پر پوءِ سگهو ئي محمد مڱڻهار جي مرشد، پير موج علي شاهه (ٽنڊوالهيار) واري جو مريد ٿيو. فقير صاحب، پنهنجي ڪيترين ئي ڪافين ۾ پنهنجي مرشد جي تعريف ڪئي آهي. تنهن کانسواءِ پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي رح ۽ سندس اولاد ڏانهن به سندس رغبت ۽ لاڙو هوندو هو. تنهن ڪري سندس خاندان اڄ سوڌو پير صاحب پاڳاري جو مريد آهي.

محمود فقير جي دور ۾ ڪيترائي صوفي شاعر ۽ اهل الله موجود هئا، جن سان فقير جون رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. فقير صاحب جي خاص صحبت، ڪافين جي بادشاهه حضرت سيد مصري شاهه امام رضوي، فقير نواب ولي محمد لغاري ۽ سيد سلطان علي شاهه جن سان هئي. حضرت مصري شاهه کيس چوندا هئا ته ”تون شاهوڪار شاعر آهين.“

زندگيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾، فقير صاحب کي ”بڙد واءُ“ جي بيماري ٿي پئي، جنهن کيس ڏاڍو لاچار ڪري ڇڏيو. هن ئي بيماريءَ وگهي 1907ع ۾ وصال ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ”پير حاجي رتناڻي“ واري قبرستان ۾ واقع آهي.

شاعري:

محمود فقير جي زندگيءَ ۾ يا سندس وفات کان سُتت پوءِ، ڪنهن کي سندس ڪلام سهيڙڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، پر فقير صاحب سان محنت ڪرڻ وارا ڪي موچارا ماڻهو، پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ضرور ڪريو ويٺا هئا. ائين ئي 52 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳوٺ ابوطالب سپيو جي رهواسي مرحوم محمد صالح سپيو کي محمود فقير جي ڪلام سهيڙڻ جو خيال پيدا ٿيو. محمد صالح سپيو هڪ سال تائين مختلف ماڻهن کان، فقير جو ڪلام ٻڌي نقل ڪندو رهيو ۽ آخرڪار ”ڪلام محمود فقير کٽياڻ“ جي نالي سان، 1959ع ۾ منظر عام تي اچي ويو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو هو. تنهن کانپوءِ سال گذري ويا، نه ئي هن مجموعي جو ٻيو ايڊيشن آيو ۽ نه ئي ڪنهن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

”ڪلام محمود فقير“ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين حصي ۾ 76 ڪافيون ۽ 2 بيت آهن، جڏهن ته ٻيو حصو ”متفرقه“ ڪلام تي مشتمل آهي، جيڪو هيٺين عنوانن تي آڌاريل آهي. فقير صاحب ۽ گنگو مينگهواڙ، ڌمالي ۽ جوڻس جو جڳڙو، محمود فقير ۽ بيگم جي ملاقات، ٽيهه ڏينهن، مُلي ۽ مواليءَ جو جهيڙو، خيري ۽ سڀائيءَ جو جهيڙو ۽ هڪ سي حرفي.

فقير صاحب جو گهڻو تڻو ڪلام سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ آهي. البته ”گنگوءَ واري ڪردار ۾ مينگهواڙي ٻوليءَ جا لفظ، پڻ ڪتب آندا اٿس. فقير صاحب جي ڪافين جو وڏو موضوع وحدانيت، سسئي پنهون ۽ عمر مارئي جا لوڪ داستان آهن.

فقير صاحب جي شاعريءَ ۾ وزن جي گهٽ وڌائي وڏو عيب آهي پر انهيءَ جا به ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته فقير صاحب اڻپڙهيل هو ۽ پنهنجي لا اُبالي طبيعت جي ڪري هن کي هڪ هنڌ ويهڻ نٿي آيو جو ڪنهن استاد شاعر جي صحبت مان ڪجهه سکي وٺي ها. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب جو ڪلام، جن ماڻهن جي واتان ٻڌي نقل ڪيو ويو هو، اهي سڀ اڻپڙهيل ۽ پوڙها هئا، تنهن ڪري گمان غالب آهي ته ويسر جي ڪري به وزن ۾ گهٽ وڌائي ٿي هجي! وزن ۾ جهول هجڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ رواني، موسيقيت، سلاست ۽ اندرئين قافئي جي ڪري، وزن وارو جهول ڪافي قدر لڪيو وڃي ٿو.

سندس ٻولي نج، سليس ۽ عوامي آهي. خوبصورت محاورا ۽ تشبيهون استعمال ڪيون اٿس. سندس مزاحيه ڪلام ۾ به سٺي منظر ڪشي ڪيل آهي. ”خيري ۽ سڀائيءَ جي جهيڙي“ ۾ عورتاڻا لفظ، محاورا ۽ اصطلاح ڪتب ٿيل آهن. مُلو، موالي ۽ گنگوءَ جا ڪردار به جاندار ڪردار آهن. ماحول ۽ ڪردار حقيقي رنگ ۾ پيش ڪيا اٿس. اسان چئي سگهون ٿا ته محمود فقير، پنهنجي دور جو هڪ بهترين سُگهڙ هو ۽ سندس ڪلام ۾ سُگهڙائپ واضح نظر اچي ٿي.