برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

23 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4631   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي گرامر جو خاڪو - حرف علت


سڌاريل هندو سنڌي اکرن ۾

سنڌيءَ ۾ گھربل واڌو اکر فارسيءَ- عربيءَ رسم الخط ۾ مختلف لکندڙ مختلف نموني لکندا ملن ٿا. حڪومت طرفان رائج ڪيل جوڙ جڪ، جنهن کي هن جائزي ۾ به اختيار ڪيو ويو آهي، اها هت ڏجي ٿي، هن جي ترتيب شرٽ، ٿانورداس ۽ مرزا جي ڊڪشنريءَ موجب آهي.

ا ڃ س گھه
ب چ ش ل
ٻ ڇ ص م
ڀ ح ض ن
ت خ ط ڻ
ٿ د ظ و
ٽ ڌ ع هه
ٺ ڏ غ ي
ث ڊ ف
پ ڍ ق
ڦ ذ ڪ
ج ر ڱ
ڄ ڙ گ
جھه ز ڳ

ٻه اهڙا به لفظ آهن جن کي فارسي- عربيءَ رسم الخط ۾ لکڻ سان اهي ننڍڙا ڪيل لڳن ٿا. اهي آهن ”اَئين“ جي لاءِ ”۽“ ۽ ”مين“ جي لاءِ ”۾“. انهن مان پهريون ته سڀ استعمال ڪن ٿا پر ٻئي لاءِ ڪي ڪي ماڻهو ساڳيو ”مين“ به لکن ٿا. سُر به ڪتب آڻڻ جو هر هنڌ ساڳيو اصول آهي پر ”ي“ مجھول يا ”اٖي“ جو آواز اکر هيٺان اڀي زير سان ظاهر ڪيو ويندو آهي اهڙيءَ ريت ”جيــٖڪو“ ۾ هيٺان اڀي زير ڏبي آهي. عربيءَ واري تنوين جي نشاني عام طرح سان لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ نڪائين يا گھڻي سُر يا آواز کي ظاهر ڪندي آهي ايئن ”آنْ“، ”اينْ“ ۽ ”ءٌ“ ،”اونْ“ کي به ظاهر ڪندي آهي. گھڻا لکندڙ وري ڊگھي گُھڻي ”آنْ“ کي “مد“ جي نشاني به لڳائيندا آهن ۽ آخري گُـھـڻي ”ايـنْ“ جي آواز ۾ ”ي ٖ“ هيٺان نشاني هڻندا آهن جيئن ”ي“ ۾ آهي. اهڙي ريت هيٺان لفظ ڏسو:
پَـنـﮣً جو ( ) (پنهن جو)
تَنـﮣً جو (تنهن جو)
تُنـﮣً جو (تُنهن جو)
اَڃاً (اڃا)
اِيئي ً (ائين)
ٻئي طرف اکر هيٺان ٻٽي زير جي نشاني يا مٿان ٻٽي پيش جي نشاني ”اِين“ ۽ ”اُون“ آوازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏبيون آهن جيئن ”چياءِِ“ ’چيائين‘ لاءِ ۽ ’آءٌ‘- ’آئون‘ لاءِ لکبو. لفظ جي صورتخطيءَ مان اهو فرق ڪرڻ ڏکيو آهي ته ”جڏههً“ کي ”جڏهن“ پڙهجي يا ”جڏهين“ پڙهجي. پنهنجي ٽئين مثال ۾ مون ان کي ۽ جڏهين وغيره کي گرامر جي حساب سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن لفظ ۾ ٻن گڏ ايندڙ سُرن يا حروف علت کي ڌار ڪرڻو هوندو آهي ته ء (همزه) کي گُھڻو استعمال ڪندا آهن، جيئن ”اِيئي“، ”چياءِ“ ۽ ”آءٌ“ ( ) ۾ ڪيو ويو آهي ان جا ٻيا مثال آهن ”هـئَـنر“، ”پيءُ“ ۽ ”ٻنيءَ ۾“.
اهو به ڏٺو وڃي ٿو ته ”ن“ پنهنجي زور واري اچار کان سواءِ ڪنهن سُر جي گُھڻي آواز لاءِ به ڪم آڻيندا آهن، مثال طور لفظ ” پَـنـﮣً جو“ ۾ ٻن گڏ ايندڙ پدن ۾ ايندڙ ٻئي سُر گُھڻا آهن پر رواج اهو آهي ته ٻنهي گُھڻن سُرن لاءِ ”ن“ هڪ دفعو لکبو آهي جيئن ”پـْهنجو“ ۾، جنهن کي لکڻ جو ٻيو طريقو ” پَـنـﮣً جو“ ( ) آهي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن هڪ گُھڻي سُر آواز کي تنوين سان ظاهر ڪبو آهي ته ٻئي لاءِ اها تنوين ضروري نٿي سمجھي وڃي جيئن ”چياءِِ“ (چيائين)( )
اُچار: (Pronunciation)
سنڌيءَ ۾ جڏهن ”اِي“ واري سُر کان پهرين يا پوءِ ”هه“ اچي، يا اهو آخر ۾ ايندو هجي جنهن ۾ ڪا اهڙي پڇاڙي ڳنڍيل هجي جنهن ۾ پڻ سُر هجي ته ان کي بنهه ننڍڙو سُر ڪري ڇڏبو. سو ان ريت ”ايهڙو“ کي ”اهڙو“ چئبو (”اِي“ کي گم يا هلڪو ڪري ڇڏبو) آهي. ميهيت (mihit)کي ’مِهتِ‘ mehet)) (معنيٰ مسجد) چئبو ۽ ”هُئنيئون“ معنيٰ ”اسان جا هجن“ ”هُئننِ“ معنيٰ ”هُنن جا هجن“ ان کان سواءِ هن ٻوليءَ ۾ هرڪو لفظ ڪنهن سُر تي ختم ٿيندو آهي، ۽ جڏهن اهو سُر ڇوٽو هوندو آهي ته بنهه اڻ لکو اچاربو آهي، ۽ ٻڌڻ ۾ گھڻو محسوس ڪونه ٿيندو آهي.
انهيءَ ڪري مون انهن ڇوٽن سُرن کي آخري حرفن تي ننڍڙي نشانيءَ سان ظاهر ڪيو آهي جيئن khata ”کٽ“angaru ”اڱـرُ“ ۽ mehete ”مهتِ“ ۾ ڪيو اٿئون، جيتوڻيڪ آخر ۾ آيل اهي ڇوٽا سُر ٻڌڻ ۾ به مشڪل سان ٿا اچن پر ته به اهي ضروري ۽ اهم آهن، ڇو ته اڪثر لفظ جي معنيٰ تي اثر وجھندڙ آهن. مثلاً: ”ڇوڪـرُ“ مذڪر آهي ۽ ”ڇوڪرِ“ مونث آهي. انهن جي اچار ۾ جيڪو معمولي فرق آهي اهو ڪنهن يورپيءَ کي محسوس به ڪو نه ٿيندو پر سنڌين لاءِ اهو ظاهر ۽ چٽو هوندو آهي.
سنڌيءَ جا مخصوص اکر آهن:
ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ- اهي هڪ قسم جي زور سان اچاربا آهن جيڪي ڪاڪڙي يا بند نڙيءَ کي ڇڪي سخت ڪرڻ سان نڪرندا آهن. اهي در حقيقت ايئن ٻڌڻ ۾ ايندا آهن جيئن هندستان جي ٻين حصن ۾ ٻٽن اکرن کي اچارڻ وقت لڳندو آهي پر اهي آواز لفظن جي شروع ۾ به ڪتب اچن ٿا. مثال طور: ”ڏُٻلُ“ (ڪمزور) “ٻاٻو“ معنيٰ چاچو پر ”بابو“ معنيٰ ”پيءُ“. ”اَڄُ“ ، ”ڄايو“، ”وڏو“، ”ڏٺو“، پر ”ڊٺو“ معنيٰ ”نٺر“ ”لڳو“ ، ”ڳرو“ (”گرو“ معنيٰ ميرو) ڌماڪيدار سنڌيءَ ۾ اصل ۾ اهي ئي ٻٽا اکر آهن. ناگريءَ ۾ سڀ ڌماڪيدار اوسرگ اکر (sonant unaspirited mutes) سواءِ ’د‘ جي شامل آهن. حقيقت ۾ ’د‘ کي به پاڻ سنڌيءَ ۾ اڪثر ٻٽو ڪيو ويندو آهي جيڪو پوءِ ’ڏ‘ بنجي ٿو، جيئن ”ڏيڻ“ ۾ آهي، جڏهن ته هنديءَ ۾ ”دينا“ آهي، ان کان سواءِ اسين ڏسون ٿا ته سڀئي ڌماڪيدار اچار(surd mutes) ”ڪ“، ”چ“ ، ”ٽ“، ”ت“، ”پ“ ۽ وسرگ آواز ٻٽا ڪڏهن به نٿا ٿين، جيتوڻيڪ اهڙي خاصيت پنجابي، هندي ۽ ٻين ڪن مشرقي ٻولين ۾ عام آهي.
سنڌيءَ ۾ ’ر‘ جڏهن ”ٽ“، ”ڊ“، يا ”ڍ“ سان ملندي آهي ته اها لکڻ ۾ نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن يا ان جي ابتڙ به ٿئي ٿو ته ”ٽ“، ”ڊ“، يا ”ڍ“ ۾ ”ر“ اڪثر ملائي ويندي آهي جڏهن ته لکبي ڪانهي. ايئن خاص طرح سري ۾ يا اتر سنڌ ۾ ٿيندو آهي، جتي ”پٽُ“ کي ”پٽرُ“ اچاريندا آهن، ”منڊُ“ کي ”منڊرُ“ ۽ ”ڏڍ“ (بيماري/خارش) کي ”ڏڍر“ چوندا آهن. سنڌيءَ ۾ مورڌني (cerebral)آوازن جو رواج وڌيڪ آهي ۽ اهي آهن به وڌيڪ، جڏهن ته ٻين هندستاني ٻولين ۾ ڏندن وارا (dentals) آواز وڌيڪ آهن، جيئن ٽامو (يا ٽرامو) هنديءَ ۾ ”تانبا“ آهي، ”ڏيڻ“ هنديءَ ۾ ”دينا“ آهي.
سنڌيءَ ۾ اها ڳالهه به عام آهي ته ٻن ويجنن جي هڪ ٻئي ڀرسان هئڻ جي صورت ۾ انهن جي وچ ۾ هڪ سُر لڳايو ويندو آهي ته جيئن اچار ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي. ان طرح سان وچ ۾ آندل سُر اڪثر ”اِ“ هوندو آهي يا وري جڏهن ”اي“ کان اڳ ۾ يا پوءِ ”هه“ ايندي آهي. هيٺين نمونن ۾ اهڙا مثال آهن.
آسمان کي سنڌيءَ ۾ آسِمانُ چوندا آهن.
دوست ، سنڌيءَ ۾ دوسِتُ ٿي ويندو آهي.
حُڪم ٿيندو حُڪُمُ،
خِـذمت مان خـذِمتَ،
۽ مهماني مان مِهِماني.
مُنشي ڦري مُنِشي ٿيندو،
عُمر- عُمرِ
۽ وقت، وقتُ ٿي ويندو.