برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

23 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4628   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


مقدمو

 

1 -            هن ڪتاب جي مترجم، ڊاڪٽر فهميده حسين اديبه بنت اديب آهي، جيترو به هن ڪتاب  جي اهميت جي باري ۾ لکي سگھجي ٿو، اوترو ئي ڊاڪٽر فهميده حسين جي قابليت، ذهانت، محنت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس پيار، محبت ، عشق، صداقت ۽ سچائيءَ لاءِ صفحن جا صفحا لکي سگھجن ٿا. آءٌ هن نياڻيءَ کي سالن کان سڃاڻان. سندس والد، محترم محمد يعقوب ميمڻ مرحوم سان منهنجي پهرين ملاقات، 1954ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾ واقع، ’سنڌي ڊڪشنري آفيس‘ ۾ ٿي، جتي پاڻ هڪ ريسرچر طور خدمت ڪندو هو. ميمڻ صاحب مانَ، مريادا ۽ ڏيا وارو انسان هو. جھڙو هو پاڻ قربائتو، تهڙو ئي آهي سندس اولاد، ڌڻي ڪري سندس سڀ ٻار سدائين شاد ۽ آباد هجن!

ڊاڪٽر فهميده هونئن ته ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪا آهي ۽ اُن سان گڏ ڪيترائي ڪتاب تاليف به ڪيا اٿس ته ايڊٽ به، ڊاڪٽر صاحبه پنهنجيءَ قابليت ۽ ذهانت جو سڄو ڪمال، هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ ڪم آندو آهي، هونئن به ته هيءُ ڪتاب نه فقط هڪ جڳ مشهور ڪتاب آهي، پر سنڌي ۽ لهندا زبانن جي ڳالهائيندڙن لاءِ، هيءُ هڪ اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد“  جي مطالعي، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي مطالعي، سنڌي ۽ برصغير جي ٻين زبانن جي تقابلي مطالعي، سنڌي ۽ لهندا جي لهجن جي اونهي تقابلي اڀياس ۾ تمام گھڻي مدد ڪري ٿو. ان کان سواءِ سر گريئرسن طرفان برصغير ۾ هند- آريائيءَ ٻولين جي پکيڙ جي باري ۾، هند ـــ آريائي ٻولين جي شاخن جا نقشا، سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻين ٻولين جي سرحدن ۽ ٻئي مواد جي باري ۾ هن ڪتاب ۾ گھڻي ڄاڻ ڏنل آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين صحيح چيو آهي ته: ”هيءُ ڪتاب، سنڌيءَ جي بڻ بنياد، ارتقا، توڙي بنيادي سٽاءَ ۽ ساخت يا گرامر جي بيان جي سلسلي ۾، هڪ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي.“ پر منهنجي خيال ۾ هاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد تي نظرثاني ٿيڻ گھرجي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌيءَ ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾، هن مهاڳ ۾ دليلن سان بحث ڪري سر گريئرسن جي هڪ سئو ساله پراڻي نظريي تي نئين سر نظر وڌي ويئي آهي، ۽ نتيجا پيش ڪيا ويا آهن.

2 -        هيءُ ڪتاب هر دؤر ۾ پنهنجي اهميت جتائيندو رهيو آهي ۽ اڳتي به جتائيندو رهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف ماهرن جي نظرين جو اڀياس ڪري سر گريئرسن، بر صغير جي ٻولين جي باري ۾  جيڪي نظريا پيش ڪيا هئا، سي اُن وقت (1919ع) ۾ ته بلڪل تازا، نوان ۽ نئين سوچ وارا پئي لڳا، پر پوءِ جيئن جيئن لسانيات جي موضوع تي يورپ، آمريڪا ۽ برصغير ۾ ماڻهن جو مطالعو وڌندو ويو ۽ نوان نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا ويا، تيئن تيئن ٻين موضوعن سان گڏ علم التاريخ، علم اللسان ۽ علم الانسان وارن موضوعن تي ماڻهن جي سوچ ويچار ۾ به انقلابي تبديليون آيون؛ ويتر موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ، سنڌو ـــ تهذيب ۽ برصغير جي تاريخ ۾ نوان انقلاب آندا. سر جان مارشل جي هنن ڪاوشن، دنيا جي ماهرن کي، سنڌو ـــ تهذيب جي روشن باب تي نئين سر سوچڻ ۽ لکڻ جي دعوت ڏني. علم آثار قديمه جي ماهرن جي کوجنائن، دنيا جي تهذيب ۽ تمدن واري تاريخي مواد، آريا ۽ آڻ ــــ آريا واري نظريي ۽ اهڙين ٻين ڳالهين تي نئين سر سوچڻ ۽ لکڻ لاءِ ماهرن کي مجبور ڪيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي آثارن جي کوٽائيءَ، سنڌو - تهذيب، اُن جي رهواسين، اُن تهذيب جي ڌار ڌار پهلوئن، اُن تهذيب جي ٺاهيندڙن ۽ اُن تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ وارا موضوع، ماهرن جي تحقيق جو مرڪز بڻجي ويا. نيٺ هن نظرئي ته: ”برصغير جون سڀ ٻوليون سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل آهن“، تي نئين سري سان کوجنا ڪرڻ ماهرن پنهنجو فرض سمجھيو. ساڳيءَ طرح سان هيءُ نظريو ته ”سنڌي ٻوليءَ، وراچڊ اپڀرنش جي ذريعي، سنسڪرت جي هڪ شاخ آهي.“ ۽ ”موجوده سنڌي ٻولي يارهين صدي عيسويءَ ڌاري وجود ۾ آئي آهي“، به ڪمزور محسوس ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته اها سوچ برهمڻ جي هئي، جنهن کي پوءِ، پهرين ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ، پنهنجي ڪتابA Grammar Of  Sindhi Language  ۾ پيش ڪيو، ۽ پوءِ سر گريئرسن به ساڳيءَ راءِ کي پنهنجي هن ڪتاب جي جلد اٺين ۾ بيان ڪيو.

 سر گريئرسن ’لساني لڳ لاڳاپا‘ واري عنوان هيٺ لکيو ته:

”هن جلد ۾ لهندا جي تعارف واري حصي ۾ اهو سمجھايو ويندو ته سنڌي ۽ لهندا گڏجي، هند  آريائي ديسي ٻولين جي ٻاهرئين گھيري جو اتر ـــ الهندو گروهه ٺاهين ٿيون، ۽  انهن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون خاصيتون آهن، جيڪي کين اُتر اولهه واريءَ سرحد(N.W.F)  جي داردي ٻولين سان ڳنڍين ٿيون، خاص ڪري ڪشميريءَ سان. آءٌ هتي ان عام حقيقت جي باري ۾ اڳواٽ راءِ ڏيڻ بدران انهن نڪتن ڏانهن ڌيان ڏيندس، جيڪي خاص ڪري سنڌيءَ سان واسطو رکن ٿا.“

اهڙيءَ طرح هن اڳتي ’سنڌيءَ جو بنياد‘ ، عنوان هيٺ وري هيئن لکيو آهي:

”اسان جي اڳيان  پراڪرت ويا ڪرڻي، مارڪڻديه xviii-I) ) جي وضاحت آهي ته سنڌ ۾ ڳالهائجڻ واري ’اپڀرنش پراڪرت‘ کي، ’وراچڊ‘ سڏيو ويندو هو، جنهن مان سنڌي ڦٽي نڪتي آهي.“

3 -        بهرحال جيتري آهي سنڌو ـــ تهذيب جي تاريخ قديم، اوتري ئي آهي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ قديم. هن تهذيب ۽ ٻوليءَ جي قدامت ۽ بڻ بنياد لاءِ ماهرن ڌار ڌار رايا ڏنا آهن. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ کان وٺي سر گريئرسن تائين، ۽ ويجھڙائيءَ ۾ مسٽر ڪولن ماسيڪا سميت اڪثر پرڏيهي ماهرن ۽ ڏيهي ماهرن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻيا هن راءِ جا آهن ته ”سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي شاخ آهي ۽ اُن لحاظ سان سنڌي زبان هند ـــ آريائي ٻولين سان واسطو رکي ٿي.“

4 -  (الف)  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پهريون ڏيهي عالم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، اُن جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾، مٿي ڄاڻايل سڀني ماهرن جي راءِ سان اختلاف ڪيو، ۽ رايو ڏنو ته: ([1])

موجوده سنڌي ٻولي، سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اُسري. اُها هند- آريائي ٻولي آهي. لهندا (سرائڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديري والي، هندڪو) ڪشميري ۽ اُترئين سنڌو- ماٿر جون داردي ٻوليون، اُن جون ڀينرون آهن. بودباش جي لحاظ سان اهي مڙيئي سنڌو- ماٿر جون آڳاٽيون هند- آريائي ٻوليون آهن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اهي هن براعظم جي ٻين هند- آريائي ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُنڊا ۽ داردي ٻولين کان سواءِ  هند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي.“

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل راين ۾ تضاد به گھڻو آهي. هُو هڪ طرف لکي ٿو ته:

”بود باش جي لحاظ کان اِهي مڙيئي سنڌو- ماٿر جون آڳاٽيون ’هند- آريائي‘ ٻوليون آهن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سان اهي هن براعظم جي هند- آريائي ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ مُنڊا ۽ داردي ٻولين کان سواءِ، هند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آهي.“ (ص 33)

(ب)      ته ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”سنڌي، انهيءَ وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانهي، جنهن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو؛ ان جو بنياد، اُن جو پنهنجو موروثي سرمايو آهي، جنهن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري پروٽو- پراڪرت يا پهرين پراڪرت تائين پهچي ٿي.“ (ص 33).

(ت) ته وري ٽئين هنڌ لکي ٿو ته:

”قديم دؤر اٽڪل چوٿين صدي عيسويءَ ۽ اُن کان اڳ وارو زمانو آهي، جنهن کي ’سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دؤر‘ چئي سگھجي ٿو، اُن وقت سنڌي ٻولي يا ٻوليون ضرور هيون، مگر ’سنڌي ٻولي‘ جنهن جي اسان کي علمي ڄاڻ آهي، سا اڃا ناپيد هئي. هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻوليءَ يا ٻولين تي سامي، دراوڙي ۽ آريائي ٻولين جو اثر پيو.

’مئن جي دڙي‘  جي آثار قديمه مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناء تي چئي سگھجي ٿو ته ’سنڌ جي قديم ٻولي‘ شايد ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي دراوڙي ۽ پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان، هن قديم زماني ۾ سنڌ جي ٻوليءَ تي گھڻي ۾ گھڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو، ۽ اُن بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو. ( ص 1- 2)

بهرحال ڊاڪٽر صاحب اڳتي هلي پنهنجن انهن خيالن کي بدلايو آهي.

5 - (الف) هن سلسلي ۾ ٽئين نظرئي جو محرڪ محترم سراج الحق ميمڻ آهي، سراج صاحب جو رايو آهي ته:

”سنڌي، سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌي جي ڄائي آهي.“ ([2])

سراج صاحب، پنهنجي هن نظرئي جي مدد سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مشرق توڙي مغرب جي تهذيب ۽ ٻولين جو اصل مقام ۽ بنياد، سنڌو- ماٿر آهي، جتان سنڌ ملڪ جي ماڻهن، اولهه طرف يعني بابل ۽ ميسوپوٽيميا وارن خطن ڏانهن پنهنجي تهذيب ۽  زبان کي پکيڙيو. سراج صاحب جو خيال آهي ته ’سميري تهذيب جو، سنڌو-تهذيب تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو آهي، بلڪه ’الٽو بابل‘ ۽ ’سمير‘ جي تهذيب تي، سنڌو-تهذيب (هڙپا ۽ موهن جي دڙي واري تهذيب) جا اثر نمايان نظر اچن ٿا، جيڪا واپارين ۽ تاجرن جي معرفت اوڏانهن پهتي ۽ پکڙجي وئي.“

(ب) سراج صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:

سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌيءَ جو اُن کان به وڏو قرض آهي، سنسڪرت ته هڪ طرف سان سنڌيءَ جي ڄائي آهي، سڌيءَ طرح نه سهي، اڻ سڌيءَ طرح ئي سهي.“ ([3])

6 ـــ (الف) اهڙيءَ طرح ڀارت جي مشهور سنڌي ڀاشا وگياني، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ رايا ڏنا آهن، هن مهراڻ رسالي لاءِ انٽرويو ۾ فرمايو ته:

”مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪا موهن جي دڙي جي ٻولي هئي، تنهن کي پروٽو-انڊو-يورپيئن نسل جي ٻولي مڃڻي پوندي. اسان کي مڃڻو پوندو ته اُتي ڪا اهڙي قوم هئي، جيڪا پروٽو-انڊو ـــ  يورپيئن يا آرين کان اڳ هن جو نسل هو. هنن جي ٻولي ويدن جي سنسڪرت کان اڳ وارن لهجن مان هڪ پراڻو لهجو هو، جيڪو هُو ڳالهائيندا هئا.“ ([4])

(ب)      ڊاڪٽر جيٽلي ٻئي هنڌ سنڌي ٻوليءَ کي ’ناگر اپڀرنش‘ جي شاخ ٿو ڪوٺي. هو International Encyclopedia Of Indian Literature جي جلد اٺين (سنڌي ٻوليءَ جو ادب) جي مهاڳ ۾ Brief Survey جي سري هيٺ، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ٻه رايا ٿو ڏي.

هُو لکي ٿو ته:

”جيتري قدر ’وچ واري هند ـــ آريائي‘ Middle Indo –Aryan جي حيثيت جو واسطو آهي، موجوده سنڌي ’ناگر يا‘ يا ’شئورسيني اپڀرنش‘ سان گھڻي هڪ جھڙائي ڏيکاري ٿي، جيڪا (شئورسيني اپڀرنش) هندستان جي اُن زماني ۾ ساهتيه ٻولي هئي، جيڪو زمانو نئين هند-آريائي ٻولين جي وجود کان اڳ هو، پر اسان وٽ لکت ۾ ڪوبه اهڙو رڪارڊ موجود ڪونهي، جيڪو ’ناگر اپڀرنش‘ جي هڪ مقامي لهجي جي مختلف خصوصيتن جي اڀياس ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري؛ ڇو ته ’ناگر اپڀرنش‘، سنڌو-ماٿر جي هيٺئين خطي، جتان سنڌي ٻولي، هڪ نئين هند-آريائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ غالباً  1000ع ڌاري وجود ۾ اچي اُسري هئي.“ ([5])

مارڪڻڊيه جو حوالو ڏيندي ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته:

”مارڪڻڊيه (17 صدي عيسوي) پنهنجي ڪتاب  Prakrta-Sarvasa ۾ لکي ٿو ته ’وراچڊ اپڀرنش‘، سنڌو-ديش ۾ ڳالهائي ويندي هئي. هن  (مارڪڻڊيه) وراچڊ جون خاص خاص خصوصيتون به بيان ڪيون آهن، پر افسوس آهي جو مارڪڻڊيه جا بيان ڪيل اهي مثال ۽ وراچڊ جون اهي خصوصيتون سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي خصوصيتن سان هڪ جھڙائي نٿيون رکن، ۽ نه وري وراچڊ ۾ ڪو ادبي مواد ملي ٿو، جيڪو اسان کي اُن ٻوليءَ جي لسانياتي ساخت ڄاڻڻ ۾ مدد ڪري سگھي.“ ([6])

7 - (الف)  ڪي ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر، آرين جي، هن برصغير ۾ ٻاهران اچڻ واريءَ راءِ کي قبول ئي نٿا ڪن. هنن جو رايو آيو آهي ته آريا اصل سنڌو ـــ ماٿر جا اصلوڪا ۽ قديم رهاڪو آهن. هُو ڪٿان به ٻاهران ڪونه آيا آهن؛ ان ڪري آريائي ٻولين کي ٻاهريون ٻوليون سڏڻ درست راءِ نه آهي.“

هن سلسلي ۾   ’پنڊت دوارڪا پرساد‘ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو پراچين اتهاس‘ ڀاڱي ٻئي ۾، آرين کي سنڌو تهذيب جا اصلوڪا رهاڪو ٿو سڏي. هُو لکي ٿو ته:

مون کي وشواس آهي ته اسان جي سڀيتا، ڌارين ملڪن جي سڀيتا جي درخت جي شاخ نه، پر انهن جو بنياد آهي، يعني سميريئن ۽ مصري سڀيتا، اسان جي سنڌو-يعني ڀارت ورش جي سڀيتا  جا ميوا آهن.“ ([7])

پنڊت دوارڪا پرشاد اڳتي لکي ٿو ته:

”سڀيتا ۽ ڌوم جي ڀيٽ ڪندي به ڏسڻ ۾ ايندو ته موهن جي دڙي جا ماڻهو وئدڪ هندو آريا هئا. “ ([8])

پنڊت دوارڪا پرشاد جي 1944ع ۾ ڏنل اها راءِ، ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ جي 1982ع ۾ ڏنل راءِ سان هڪ جھڙائي رکي ٿي. پنڊت دوارڪا اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته مهن جي دڙي يا هڙاپا ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا، تن مان گھڻو اندازو وئدڪ يعني هاڻوڪن هندن جي وڏن جو هو، مگر انهن جي سڀيتا ۾ زماني گذرڻ سبب، انقلاب ضرور اچي ويو.“ ([9])

بهرحال جڏهن رگ ويد ئي ڇهه سئو ق- م ڌاري لکيو ويو هو ته پوءِ موهن جي دڙي وارا آريا ويدڪ ڪيئن ٿيا؟ ان سلسلي ۾ اڳتي بيان ڪيل ڳالهين مان خبر پوندي.

(i) ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ، پنهنجيءَ تحقيق ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌو- ماٿر جي رهاڪن جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ماهرن جي راءِ ۾ گھڻو اختلاف آهي. هڪڙن جو رايو آهي ته سنڌو- ماٿر جا رهاڪو دراوڙ  يا مُنڊا گروهه واري نسل سان واسطو رکن ٿا، جڏهن ته ٻين جو خيال آهي ته اِهي در اصل آريا نسل وارا هئا. ’فادر هيراس‘ ۽ ويجھڙائيءَ ۾ روسي ودوانن، سندن ٻوليءَ جي نشانين جي، لفظن جي شروع ۽ آخر ۾ استعمال جي تجزيي جي مدد سان رايو ڏنو آهي ته انهن لوڪن جي ٻولي ’قديم دراوڙي‘ (Proto- Dravidian) هئي. انهيءَ هوندي به اهي سڀئي رايا ظني آهن ۽ ’هڪ اندازي‘ (assumption) تي مدار رکن ٿا.“ ([10])

(ii) ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ اڳتي لکي ٿو:

”سنڌو- ماٿر جي لکت جي پڙهڻيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ اصلوڪي قوم، ’آريا‘ ۽ ’اشور‘، هڪ گڏيل نسل  واري اُها قوم هئي، جنهن جو اصل نسل، تهذيب ۽ تمدن ساڳئي بڻ بنياد وارو هو. اها جاتي، سنڌو- ماٿر ۾ ڪٿان ٻاهران آيل ’نئين جاتي‘  (new comers)  ڪانهي، پر اها قوم ۽ اُن جا ماڻهو جُڳن کان، هن ئي ’سرزمين‘ (سنڌو- ماٿر) جا اصلوڪا رهاڪو آهن، ۽ اُهي ماڻهو (اشور ۽ آريا)، تيستائين هن ئي ماٿريءَ ۾ رهندا هئا، جيستائين سنڌو- تهذيب قائم هئي، يعني اُن جو خاتمو نه ٿيو هو.

اهي ماڻهو هڪ ٻئي کان تڏهن الڳ ٿيا، جڏهن سنڌو- تهذيب جو خاتمو ٿيو، اُها قوم، آريا (Aryans) جي نالي سان، سندن همعصر تهذيب ۽ تمدن وارين قومن وٽ، سڃاتي ويندي هئي. اها گڏيل نسل واري (آريا ۽ اشور) قوم، انسان ذات جي چئن وڏين ۽ طاقتور قومن ۾ شمار ٿيندي هئي. اُنهن مان هڪ قوم ته هئي سنڌو- ماٿر واري قوم ۽ باقي ٽي قومون هيون: سامي، هامي ۽ توراني.“ ([11])

بهرحال پنڊت دوراڪا پرشاد ۽ ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ جي انهن راين کي سامهون رکي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ۽ سرگريئرسن جي آرين جي ٻاهران اچڻ واريي نظريي کي رد ڪرڻ لاءِ دليل سامهون اچن ٿا. ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ جي انهيءَ نظرئي، شري گنگا رام سمراٽ ۽ سوامي سنڪراند جي نظرين جي پٺڀرائي ڪئي آهي. هنن راين جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته اهو مڃڻ درست نه آهي ته ڪو ڌارين جي حملن جي ڪري سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي، ڀر وارن جھنگلن، جبلن ۽ پناه گاهن ۾ پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين ۽ مال سميت وڃي لڪا هوندا.

جيڪڏهن آرين جي حملي واري راءِ کي کڻي قبول به ڪجي، تڏهن به هڪ ته حملي آور ايتري وڏي تعداد ۾ هئا ڪونه، جو سنڌو- ماٿر جا سڀ جا سڀ رهاڪو، پنهنجا اَجھا ڇڏي ڀڄي ويا هجن، ۽ آرين سڄي سنڌو - ماٿر واري علائقي تي هڪ ئي وقت قبضو ڪري ورتو هوندو؛ البت سنڌو- ماٿر جي قومن ۽ قبيلن، حملي آورن  جي آڻ مڃي هوندي؛ ۽ اُنهن کي پنهنجو فاتح قبول ڪري هٿيار ڦٽا ڪيا هوندائون. اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن جي گذري  وڃڻ جي باوجود، سنڌو- تهذيب ۽ تمدن جي ڪيترن ئي پهلوئن ۾ تسلسل قائم رهيو آهي ۽ اڄ تائين اهو رهندو آيو آهي.

8-  (الف) منهنجي خيال ۾ سنڌ جي اڪثر ماهرن، سر گريئرسن جي ساڳئي موضوع تي لکيل هن جڳ مشهور ڪتاب جي، جلد پهرئين جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. انهن گھڻو ڪري جلد اٺين کي ئي پڙهيو آهي، ۽ اُن ۾ ڏنل راءِ کي ئي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ آڌار بنايو آهي، پر جڏهن ساڳئي ڪتاب جي جلد پهرئين جو اڀياس ٿو ڪجي ته اهو چٽيءَ طرح معلوم ٿو ٿئي ته خود سر گريئرسن ، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي سلسلي ۾ جلد اٺين ۾ پنهنجي ڏنل راءِ تان ڦري ويو آهي. پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ ڪتاب جو جلد اٺون 1919ع ۾ شايع ٿيو هو،  جڏهن ته ساڳئي ڪتاب جو جلد پهريون، اٺين جلد جي ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان اٺ سال پوءِ، يعني 1927ع  ۾ شايع ٿيو هو. جلد پهرئين ۾ قابلِ احترام مصنف، سندس اُنهن سڀني جلدن ۾ ڏنل راين جو نئينءَ نظر سان تجزيو ڪيو آهي، ۽ جلد پهرئين ۾ سنسڪرت ٻوليءَ کي آرين جي اصلوڪي زبان نه، پر اُن (سنسڪرت) کي، سنڌو- تهذيب جي اتر- اولهه طرف سنڌوءَ جي ڪناري تي روزانه وهنوار ۾ استعمال ٿيندڙ پراڪرت جي هڪ لهجي ’اڌيچيه‘ جي به هڪ شاخ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ بيان ڪيو آهي.

سر گريئرسن پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي جلد پهرئين ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ وارن لهجن مان هڪ لهجي، سنسڪرت جو روپ ورتو هو.“ ([12])

سر گريئرسن ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:

”ٻئي طرف برصغير جي سَر اولهه طرف، ايراني ٻولين واري خطي سان لڳو لڳ، هڪ لهجو ڪلاسيڪل سنسڪرت جي اوسر جو سرچشمو بڻيو. هن لهجي جي وجود جي شاهدي، پراڪرت جي ٻئي درجي مان ملي ٿي.“  ([13])

(ب)      ساڳيءَ طرح امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا جو ايڊيٽر به سنسڪرت کي اُڌيچيه پراڪرت جي، هڪ لهجي جو ، سڌاريل ۽ سنواريل روپ ٿو ڄاڻائي. هُو لکي ٿو ته:

”اها دعويٰ ڪرڻ هڪ غلطي آهي ته برصغيرجي ڪابه ’هاڻوڪي‘ (modern)  ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. وڌ ۾ وڌ ايئن چئي سگھجي ٿو ته اُها ٻولي ۽  سنسڪرت ساڳئي بنياد مان ڦُـٽي نڪتل آهن.“ ([14])

(ت)      هن بيان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته برصغير جي ڪابه ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل ڪانهي،  پر سنسڪرت ته پاڻ اتر- اولهه واري خطي ۾ رائج پراڪرت جي هڪ لهجي، ’اڌيچيه‘ جي ان شاخ جو سڌاريل ۽  سنواريل روپ آهي، جيڪو سنڌو- ماٿر جي ڪناري واري اُن علائقي ۾ ڳالهايو ويندو هو.

9-         هن راءِ کي هاڻ گھڻو ڪري  هر ماهر قبول ڪيو آهي ته سنڌو- ماٿر جي تهذيب، آرين جي بر صغير ۾ اچڻ کان اڳ جي تهذيب آهي. آثار قديمه، علم الانسان ۽ علم التاريخ جا سڀ ماهر هاڻ هن فيصلي تي پهتا آهن ته سنڌو- تهذيب ۽ ان جي تهذيب جا ٺاهيندڙ، ڪٿان ٻاهران، ڪنهن ٻئي علائقي مان لڏي، هت ڪونه آيا هئا، پر سنڌو تهذيب، سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي ۽ مقامي تهذيب آهي، جيڪا سنڌو- ماٿر جي سر زمين ۾ ئي پيدا ٿي آهي، هن سر زمين ۾ ئي اها تهذيب اسري آهي، هتي ئي وڌي ۽ ويجھي آهي، ۽ هن ئي واديءَ ۾ نشونما پاتي اٿس. اِها تهذيب ختم ڪانه ٿي آهي، پر ان ۾ تسلسل موجوده زماني تائين رهندو آيو آهي.“

10 - (الف)        اڳ ۾ چيو ويو آهي ته آرين جي حملي وقت سنڌو- ماٿر جا، سڀ جا سڀ رهاڪو، پنهنجا ماڳ ۽ مڪان ڇڏي هتان ڀڄي ڪونه نڪتا هوندا، پر آباديءَ جي اڪثريت، حملي آورن اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري سندن آڻ مڃي هوندي ۽ اُنهن کي پنهنجو حڪمران قبول ڪيو هوندو. جيڪڏهن سئو فيصد آبادي، هتان لڏي وڃي ها ته پوءِ صرف موجوده سنڌ واري علائقي ۾ ئي، سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ قديم جاتين جھڙوڪ: مهاڻن، پڻين (واڻين) ، ماڇين، ميربحرن، اوڏن، ڀيلن، باگڙين، ڪولهين (ڪوهلن) شودرن (سوڍرن) آهيرن، اڀيرن، پرهياڙن، ۽ بروهين جو وجود ئي نه هجي ها.

(ب) (i)  سنڌو- ماٿر جي قديم لوڪن جي، پنهنجي پنهنجي علائقي ۾، رهجي وڃڻ ڪري، ۽ هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، هن ماٿر ۾، تهذيب ۽ تمدن جو تسلسل قائم رهندو آيو آهي، جيئن اڳ ۾  چيو ويو آهي؛ البت اهو قبول ڪرڻو پوندو ته وقت به وقت فاتح قومن جي ٻولين جو اثر، سنڌو- تهذيب جي قديم ٻوليءَ تي ٿيندو رهيو آهي.انهيءَ ڪري ئي ’سئنڌوئُي‘ لوڪن جي ٻوليءَ جو لغوي خزانو، گاڏڙ ٿيندو ويو آهي، پر ’سئنڌوئُي ٻوليءَ‘ جي صوتي، صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ تي، آرين توڙي ٻين فاتح قومن جي ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو ايترو گھڻو اثر ڪونه ٿيو، اهو سٽاءَ اڄ به اهوئي قديم آهي.

(ii)        اها دعويٰ به صحيح ڪانهي ته سنڌو- تهذيب ۾ رائج ٻولي، آرين جي فتح کان پوءِ بلڪل ختم ٿي ويئي يا مري  ويئي. جيڪڏهن ايئن ٿيو هجي ها ته پوءِ سنڌو- ماٿر جي قديم ٻوليءَ جي باقيات، ’اوڏن‘، ’ڀيلن‘،  ’باگڙين‘ ۽ ’بروهين‘ توڙي سنڌو- ماٿر مان لڏي ويل ’جپسين‘ جي ٻولين جي روپ ۾ زندهه نه هجي ها. هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، اهي قديم ٻوليون، موجوده وقت تائين زندهه رهنديون آيون آهن. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته قديم ٻوليءَ ۾ تسلسل قائم رهندو آيو آهي.

11 -      سنڌو تهذيب مقامي تهذيب آهي:

سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن توڙي اُن علائقي ۾ رائج ٻوليءَ ۾ تسلسل جي باري ۾  دليل ڏيڻ کان اڳ، هن موضوع تي بحث ڪرڻو آهي ته سنڌو- تهذيب مقامي يعني هن سر زمين جي اصلوڪي/بنيادي يعني ديسي تهذيب آهي يا هيءَ تهذيب ٻاهران آئي آهي؟ هن سلسلي ۾ آثار قديمه جي ماهرن، سر جان مارشل ۽ مارٽم وهيلر توڙي ٻين ماهرن جي راءِ هاڻ عالم آشڪار آهي. هن سلسلي ۾ بلڪل ويجھڙائيءَ ۾ قائم ڪيل رايا پيش ڪجن ٿا:

(الف)   مٿي ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ جي ڪتاب مان، هُن جي  راءِ کي هُوبهو دُهرايو  ويو آهي، پر هُن جو رايو ۽ جيڪي رايا هيٺ ڏجن ٿا، اُنهن ۾ پڙهندڙ خود فرق محسوس ڪري سگھندا. پاڪستان جو  مشهور ماهر لسانيات، مؤرخ ۽ ماهر بشريات، ڊاڪٽر مهر عبدالحق سنڌو- ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن کي ٻاهران آيل ماڻهو تسليم نٿو ڪري. هن جي راءِ موجب اهي ماڻهو سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو آهن.

هُو لکي ٿو ته:

” اها راءِ ته سنڌو- ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن، ڪٿان ٻاهران آيل ماڻهو، پاڻ سان کڻي آيا، يا سنڌو تهذيب ڪٿان ٻاهران لڏي آيلن جي تهذيب ۽ تمدن تي مدار رکي ٿي، يا اِها تهذيب، هڪ پراڻي سوچ، يا اهو هڪ  پراڻو نظريو آهي: انهيءَ سوچ تي هاڻي نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي،  ڇاڪاڻ ته تحقيق کان پوءِ نيون سوچون ۽ نوان نظريا، انهيءَ پراڻيءَ سوچ ۽ پراڻي تحقيق تي حاوي پئجي چڪا آهن.

نئين تحقيق، نئين سوچ ۽ نون نظرين کي جنم  ڏنو آهي، جنهن موجب 7000 ق ـ م ڌاري، سنڌو- ماٿر جي مقامي تهذيب ۽ تمدن جي نشونما ٿي، ۽ واهن (آبڪلاڻي) ذريعي، زرعي آباديءَ واري طريقي جي ابتدا ٿي.“ ([15])

(ب)      اهڙيءَ طرح پاڪستان جي آرڪيالاجي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ۽ مشهور ماهر آثارِ قديمه، ڊاڪٽر محمد رفيق مغل صاحب، 4 مئي، 1996ع تي، ڪراچيءَ ۾ روزانه ڊان (انگريزي) اخبار ۾، انهيءَ سلسلي ۾ ”سنڌو - تهذيب“ جي باري ۾، پنهنجي انٽرويوءَ ۾ هيئن فرمايو هو:

”وثوق وارن ثبوتن ۽ دليلن سان مون انهيءَ نظرئي کي رد ڪيو آهي ته سنڌو- تهذيب ڪا ڪٿان ٻاهران يعني ميسوپوٽيميا يا ايران کان، هن علائقي ۾ آيل آهي. مون پنهنجيءَ تحقيق ذريعي ثابت ڪيو آهي ته سنڌو- ماٿر جي تهذيب، ڏيهي يعني مقامي (indigenous) تهذيب آهي، جنهن جون پاڙون، سنڌو- تهذيب ۾ ئي کُتل آهن، ۽ جيڪا سنڌو- ماٿر مان اُڀري، اُسري، وڌي ۽ ويجھي آهي، سنڌو-  ماٿر مان ئي پروان چڙهي آهي. هن تهذيب جو خاتمو به، هن ئي واديءَ ۾ ٿيو.“ ([16])

  • ساڳيءَ طرح وسڪانسن- يونيورسٽيءَ جي ائنٿراپالاجي شعبي جو پروفيسر، ڊاڪٽر جي- مارڪ ڪنائر ( Mark, Kenoyer) ڪيتري ئي عرصي کان، هڙپا جي کنڊرن جي کوٽائي ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر ڪنائر، ڪراچيءَ ۾ جون 1997ع ۾ Ancient Cities of Indus Valleyجي موضوع تي ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾، هن موضوع تي، هڪ پيپر ۾، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي   چيو ته:

”اهو سمجھڻ غلط آهي ته سنڌو- تهذيب ۽ اُن جي شهرن کي ڪو ٻاهران آيل ماڻهن يا قومن اچي تعمير ڪيو، پر در اصل هڙپا شهر واري حصي کي، هتي جي مقامي ڏيهي ماڻهن 3300 ق- م کان 2600 ق- م ڌاري آباد ڪيو هو، ۽ اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته هن علائقي ۾ ڪا ٻاهرين/ڌاري قوم اچي قيام پذير/آباد ٿي هئي.“ ([17])

(ث)       هنن بيانن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو- تهذيب ڪا ٻاهران آيل تهذيب ڪانهي، پر اها هن سر زمين جي مقامي تهذيب ئي آهي.

هاڻ ڏسڻو هي آهي ته انهيءَ مقامي تهذيب جا جوڙيندڙ (معمار) ڪير هئا؟ سر گريئرسن اهو به قبول ڪري ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ، بر صغير ۾  دراوڙ قومون آباد هيون، هُو پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي جلد پهرئين ۾ لکي ٿو ته:

آثار قديمه جا سڀ ماهر هن راءِ تي متفق آهن ته آرين جي اچڻ کان اڳ، بر صغير ۾ دراوڙ قومون آباد هيون، اُهي قومون دراوڙي ٻولي ڳالهائينديون هيون.“ ([18])

12 -      اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌو- تهذيب ڪٿان ٻاهران آيل ماڻهن جي تهذيب نه  آهي، پر اها هن سرزمين جي مقامي تهذيب آهي، جيڪا هتي جي ماڻهن ئي ٺاهي هئي. هن دليل جي آڌار تي اها به دعويٰ ڪري سگھجي ٿي ته سنڌي زبان هن مقامي تهذيب جي ئي ڄائي آهي ۽ اها دعويٰ بي بنياد آهي ته سنڌي زبان، ڪا سنسڪرت جي شاخ آهي.

(الف)      مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڊاڪٽر ٽرومپ پهريون عالم هو، جنهن اها دعويٰ ڪئي هئي ته ’سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڌيءَ آهي.‘ ([19])

هن وڌيڪ لکيو ته:

”سنڌي، نج سنسڪرتي ٻولي آهي، هيءَ ٻولي اُتر- اولهه وارين ٻين ڏيهي ٻولين جي ڀيٽ ۾، پرڏيهي (ڌارئين) عناصرن کان وڌيڪ آجي آهي، پراڪرت جا پراڻا وياڪرڻي، شايد ڪو سهڻو سبب ڏيئي سگھن ۽ اهو ٻڌائي سگھن ته اپڀرنش جو اهو ڪهڙو لهجو آهي، جنهن مان سنڌي پراڪرت جي سڀني کان بگڙيل لهجي جي صورت ۾ ڦٽي نڪتي آهي؛ پر جڏهن سنڌيءَ جي پنهنجين ڀينر ٻولين سان، وياڪرڻ جي نقطه نظر سان ڀيٽ ڪجي ٿي، تڏهن اسان، سنڌيءَ کي، ٻين ڏيهي ٻولين جي مقابلي ۾  اولين حيثيت ڏيون ٿا. هيءَ ٻولي هاڻوڪي دؤر جي مرهٽي، هندي، پنجابي ۽ بنگاليءَ کان قديم پراڪرت کي وڌيڪ ويجھي آهي، ۽  هن ٻوليءَ وياڪرڻ جي سڀني مکيه نقطن کي پاڻ وٽ سانڍيو ۽  سنڀاليو آهي؛ انهيءَ ڪري سڀ ڀينر ٻوليون هن سان ساڙ رکن ٿيون.“ ([20])

  • ڊاڪٽر ٽرومپ هيئن به لکيو هو ته:

”سنڌيءَ ۾ جيڪي خصوصيتون آهن، تن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌي، قديم پراڪرت سان ويجھڙائي رکي ٿي.“ ([21])

(ت)      ڊاڪٽر ٽرومپ اڳتي هلي، پنهنجي انهيءَ دعويٰ (سنڌي، اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي) کان پاڻ شڪي ٿيو آهي، ۽ پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

   ”سنڌي ٻوليءَ، پنهنجي اصلي بڻ بنياد کان ڇڄڻ واريءَ حالت جي وقت واريون قديم پراڪرت جھڙيون سڀ خصوصيتون پاڻ وٽ سانڍي سوگھيون رکيون آهن، پر اهي سنڌيءَ جي ٻين ڀينر ٻولين قائم نه رکيون آهن. اسان پنهنجي ڪتاب جي تمهيد ۾ ڄاڻايو آهي ته پراڪرت وياڪرڻي ڪَرمديشوَرَ، اپـڀرنش مان مثال ڏيئي، وياڪرڻ جا جيڪي قاعدا قانون ڄاڻايا آهن، اُهي اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. سنڌي ٻولي، اهڙيءَ طرح هڪ خود مختيار ( independent) ٻولي آهي، جيڪا سندس ڀينر ٻولين واري ساڳئي بُڻ مان آهي، پر در اصل انهن کان مختلف آهي.“ ([22])

(ث)      بهرحال مٿي ڏنل ڳالهين مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته:

(i) سنسڪرت، بر صغير جي ٻولين جو اصل بڻ بنياد نه آهي. 

 (ii) سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌو- ماٿر جي سنڌو- تهذيب سان واسطو ٿو رکي.

(iii)  سنسڪرت ته پاڻ، اُتر ـــ اولهه واريءَ پراڪرت جي هڪ لهجي، اُڌيچيه جي شاخ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ آهي.

(iv) يعني سنسڪرت جو بڻ بنياد، ابتدائي پراڪرت (Primary Prakirat) لهجي جي به هڪ شاخ آهي.

13-  (الف)      انهن دليلن ۽ نقطن جي آڌار تي هيءُ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته پراڪرت ٻوليون سنسڪرت جون بگڙيل صورتون نه، پر اُن جي ابتڙ سنسڪرت خود، پراڪرتن جي اتر- اولهه وارن لهجن مان هڪ لهجي (اڌيچيه) جي هڪ شاخ جو، سڌاريل ۽ سنواريل روپ آهي . لهاذا سنسڪرت جي حيثيت، بر صغير جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ’ماتر ڀاشا‘ واري هرگز ڪانه آهي، پر سنسڪرت ته پاڻ، پراڪرت جي ٻين لهجن وانگر، هڪ لهجي جھڙي رهي آهي، جيڪو (لهجو) برصغيرجي اُتر- اولهه واري خطي ’تنؤل‘ واري خطي ۾ ڳالهايو ويندو هو.

هن موضوع تي، بر صغير جي علم اللسان جي هڪ وڏي ماهر ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجيءَ به وضاحت سان روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر چئٽرجيءَ لکيو آهي ته:

” هڪ هزار ق- م کان 600 ق- م تائين وارو زمانو جيڪو برهمن جي تمام پراڻين لکيتن وارو زمانو هو، اُن زماني دؤران، لکيل ڪتابن ۾، اسان کي ڪٿي ڪٿي هندو  پاڪ جي ٻولين جي حيثيت ۽ حالتن جي باري ۾ لکيل اشارن مان معلوم ٿو ٿئي ته آرين جون عوامي ٻوليون ٽن گروهن ۾ ورهايل هيون: اُهي هي هيون:

(i) اُڌيچيه يا اُتر- اولهه وارو لهجو

(ii)مڌيه ديشيه يعني وچ هندستان وارو لهجو

(iii)پراچيه يا اوڀر وارو لهجو

انهن لهجن مان، اُڌيچيه لهجو، رگ ويد جي ٻوليءَ جي ڪجهه قدر ويجھو هو، جڏهن ته پراچيه لهجو، رگ ويد جي ٻوليءَ کان بلڪل بدليل هو.“ ([23])

ڊاڪٽر چئٽرجي اڃا به اڳتي لکي ٿو ته:

”سنسڪرت ٻولي، اُڌيچيه لهجي جي هڪ محاوري مان اُسري، ۽ برهمن اُن کي مڌيه ديش، پورب ۽ ڏکڻ ۾ گھڻي اُتساهه ۽ چاهه سان پنهنجو ڪيو.“. ([24])

  • اڳ ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌي زبان جي اڪثر سڄڻن سر گريئرسن جي مذڪوره ڪتاب جي جلد پهرئين جو، مطالعو ئي نه ڪيو آهي. جلد اٺين ۾ سرگريئرسن، سنڌيءَ ٻوليءَ کي وراچڊ اپڀرنش جي شاخ ٿو بيان ڪري، پر جلد پهرئين ۾ وري سنسڪرت کي پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي جي سڌاريل سنواريل صورت ٿو سڏي.

مثال طور هُو لکي ٿو ته:

”هندو پاڪ جي آرين جي هند- آريائي ٻولين جا سچا پچا مثال رگ ويد جي گاٿائن مان ملي سگھن ٿا. انهن مان ڪيتريون ئي گاٿائون، شاعرن پنهنجي روزمره واري لهجي ۾، اصلي روپ ۾، جوڙيون هيون. اهو اصلوڪو لهجو اُهو  هو، جنهن جي ٻولي اصلوڪي هئي، ۽ جنهن ۾ ڪا به ڦيرڦار يا تبديلي ٿيل ڪانه هئي. اُن جي مقابلي ۾ ’ڪلاسيڪل سنسڪرت‘، برهمن جي هٿ ۾ وڌيڪ نقلي زبان هئي، ۽ اُها سڌاريل سنواريل زبان هئي، يعني غير اصلي زبان هئي.

’اشوڪا‘ (250 ق- م) جي ڪتبن ۾، برصغير جي مشهور وياڪرڻي ’پتنجليءَ (150 ق- م) جي لکيتن مان، اسان کي معلوم ٿيو ته عيسوي سن کان ٽي سئو سال اڳ، آرين جي هڪ ٻولي (مختلف لهجن ۾)، اُتر- هند ۾ ڳالهائي ٿي ويئي. هيءَ ٻولي آهستي آهستي قديم عوامي ٻولين مان اُسري هئي. اها ٻولي عوام جي اظهار جو ذريعو هئي. ساڳئي دؤر ۾ برهمن جي اثر هيٺ، انهن لهجن مان هڪ لهجو (اُڌيچيه)، سنسڪرت ٻوليءَ جو روپ وٺي، وجود ۾ آيو، ۽ جا در اصل ثانوي ٻولي هئي.“ ([25])

صدين تائين هندستان جي آريائي ٻولين کي پراڪرت سڏيو ويندو هو. پراڪرت مان مراد آهي ’قدرتي‘ يا ’اصلوڪي زبان‘، ان جي مقابلي ۾ سنسڪرت جي معنيٰ آهي، ’سڌاريل، ’سنواريل‘ ۽ ’هٿراڌو ٺاهيل ٻولي‘، پراڪرت لفظ جي انهيءَ معنيٰ ۽ وصف مان ظاهر ٿو ٿئي ته ويدڪ منترن جي دؤر واريون مقامي ٻوليون، هٿراڌو سڌاريل ٻوليءَ يعني سنسڪرت جي مقابلي ۾، اصلوڪيون ٻوليون هيون. انهن کي برصغير جون ابتدائي پراڪرتون( Primary Prakrits) چئي سگھجي ٿو.

اُهي مقامي ٻوليون جيڪي هنن پراڪرتن مان اُسريون، ۽ جيڪي سنسڪرت سان گڏوگڏ ترقي پذير رهيون، ۽ جيڪي برهمن جي اثر کان آجيون هيون، ۽ سنسڪرت جو روپ نه ورتو هئائون، تن کي ثانوي پراڪرتون (Secondary Prakirts)چئي سگھجي ٿو.

”مقامي ٻولين جي هن ڊگھي ارتقائي دؤر سان گڏو گڏ  اسان کي ڪلاسيڪل سنسڪرت به اُسرندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا پرائمري پراڪرت جي هڪ لهجي مان ڇڄي ، سنسڪرت جي نالي سان وجود ۾ اچي رهي هئي.“ ([26])

(ت)      اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي ماهر، سنسڪرت کي، اُتر- اولهه جي پراڪرت جي هڪ لهجي جي سڌاريل ۽ سنواريل صورت بيان ڪن ٿا. مثال طور: ڪي _ اي نيلڪنت (K.A. Nilakanta) جو رايو آهي ته:

”سنسڪرت کي ’پاڻينيءَ‘، ’ڀاشا‘ نالو ڏنو. هيءَ ٻولي برهمڻ جي پاٺشالائن ۾ تعليم جو ذريعو ته بڻي هئي، پر هيءَ ٻولي، اُڌيچيه خطي جي عوامي ٻولي ڪا نه هئي. جتي پاڻيني به ڄائو هو. عوامي ٻوليءَ پنهنجو خود مختيار رخ ورتو هو. اهڙي طرح اُها ٻولي، جنهن کي پاڻينيءَ سُڌاريو ۽ سنواريو هو، سا آهستي آهستي، برهمن جي نظر ۾ پسنديده ۽ مقبول بڻجي ويئي، ۽ پاٺشالائن ۾ تعليم جي ذريعي طور ڪم اچڻ لڳي.“ ([27])

(ث)      ’سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد‘ ڪتاب (ٻئي ڇاپي) ۾ علم اللسان ۽ تاريخ جي ماهرن جي راين جي مدد سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته پراڪرت ٻوليون، اصلوڪيون يعني قدرتي ٻوليون هيون، جن مان ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون آهن. سنسڪرت به، انهن پراڪرتن مان هڪ پراڪرت، جيڪا اُتر- اولهه هند ۾، (موجوده اُتر- اولهه پاڪستان) سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪناري واري خطي، يعني تڪش شلا واري خطي جي سامهون، درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ’تنؤل خطي‘ ۾ ڪم ايندڙ لهجي جو سڌاريل سنواريل روپ آهي. پنڊت پاڻينيءَ اُن کي پهرين ’ڀاشا‘ نالو ڏنو، ۽ پوءِ اُن جو نالو سنسڪرت رکيائون. جنهن جي معنيٰ آهي، ’سڌاريل، سنواريل ۽ صاف ڪيل.‘ ([28])

14- (الف) سنڌي ٻوليءَ لاءِ مٿي چيو ويو آهي ته اها آريائي خاندان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڄائي نه آهي پر هيءَ (سنڌي) ٻولي، در اصل، بر صغير جي سنڌو- ماٿر ۾، آرين جي اچڻ کان ڪئين زمانا اڳ، سنڌو- تهذيب ۾ رائج زبان هئي، يعنيٰ ته هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو- تهذيب جي پاتال ۾ کُتل آهن. هيءَ ٻولي، سنڌو- ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن، يعني سئنڌوئُي لوڪن جي، ’سئنڌوئُي زبان‘ آهي، جنهن تي پوءِ پراڪرت، پالي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جو اثر پيو.

سنڌو- تهذيب جي اُها زبان (سئنڌوئُي)  مُئي ڪانهي، پر اڄ به هن واديءَ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ۾، اُن زماني کان وٺي، موجوده زماني تائين، اُن زبان ۾ تسلسل قائم رهندو آيو آهي.

(ب)      سنڌو- تهذيب جي اڪيچار پهلوئن مان ڪيترائي پهلو ثابت ٿا ڪن ته هن تهذيب ۾ شروع کان وٺي رائج ٻولي، ماڻهن جي روزانه زندگيءَ جي وهنوار، مختلف ڪمن ڪارين، ڌنڌن ۽ ڪرتن ۾ ڪم ايندي رهي آهي. ’ڊاڪٽر پرپولا‘، ’ڊاڪٽر فيئر سروس‘، ’ڊاڪٽر هيريماٿ‘، ’ڊاڪٽر ڪنائر‘، ’ڊاڪٽر عبدالحق مهر‘، ’ڊاڪٽر محمد رفيق مغل‘، ’ڊاڪٽر پديا‘ ، ۽ انهن ماهرن کان اڳ، ’سر جان مارشل‘، ’مارٽم وهيلر‘ ، ’ڊاڪٽر هنٽر‘، ’فادر هيراس‘ ۽ ’جان مئڪي‘ ، سنڌو- تهذيب جي کوٽاين مان حاصل ٿيل مهرن مان ڪن مهرن تي ڪڍيل نشانين، چٽن، گلن، ٻوٽن ۽ شڪلين لاءِ دراوڙي ٻوليءَ جي حوالي سان، ڪي مُلهه  (values) مقرر ڪيا آهن. انهن ماهرن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هن تهذيب مان، موهن جي دڙي واريءَ ايراضيءَ مان حاصل ٿيل بيل گاڏيءَ جي نموني تي ٺهيل مٽيءَ جون گاڏيون، ڪنڀر جي چڪ، مٽيءَ جي ٿانون تي ٺهيل چٽ ۽ گل، اڄ به انهيءَ نموني جا آهن، جھڙا چٽ موجوده وقت به ڪنڀار، برتنن تي ڪڍن ٿا. زيورن تي اهڙا ئي چٽ، گل ۽ ٻوٽا ٺاهيا وڃن ٿا، جن جھڙا موهن جي دڙي جي کنڊرن مان حاصل ٿيل زيورن تي به موجود آهن، ته پوءِ هن دعويٰ ڪرڻ ۾ ڪوبه هرج ڪونهي ته سنڌو- تهذيب جي ڌار ڌار پهلوئن ۾ تسلسل جاري رهندو اچي. جيڪڏهن گلن، ٻوٽن، وڻن، جانورن ۽ چٽن وغيره جي نمونن ۾ تسلسل جاري رهندو آيو آهي ته پوءِ سنڌو- تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ ۾ به، سواءِ ٿوريءَ لغوي تبديليءَ جي تسلسل جاري رهڻ گھرجي.

(ت)      سنڌو- تهذيب جي سئنڌوئُي لوڪن نه صرف پنهنجي تهذيب کي جاري رکيو، پر ساڳئي وقت پنهنجيءَ تهذيب ۽ سماجي وهنوار جي اظهار لاءِ، پنهنجيءَ ’سئنڌوئُي ٻوليءَ‘ کي به جاري رکيو هوندائون. اهڙو تسلسل هر دؤر ۽ هر زماني ۾ قائم رهندو آيو آهي ، ۽ هن وقت به اُن قديم ٻوليءَ جي لفظن جي باقيات، يعني ’ديسي لفظن‘ جي لغوي خزاني کان سواءِ، ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي ساخت ۽ سٽاءُ ۾ به قائم رهندي آئي آهي. هن سلسلي ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ تمام گھڻي تفصيل ۽ مثالن سان بحث ڪيو ويو آهي.

(ث)      منهنجيءَ هن دعويٰ کي مسٽر ’ڪولن ماسيڪا‘ (Colin Masica) به قبول ڪيو آهي.

’جپسي قوم‘ جي ٻوليءَ جو حوالو ڏيندي، مسٽر ’ڪولن موسيڪا‘ لکي ٿو ته:

”آرين جي حملي ۽ تسلط جي ڪري، غيرـ آريائي قبيلن ، سندن تهذيب ۽ ٻولين کي قبول ته ڪيو، جيئن مشرقي بنگال، آسام، اوڙيسا ۽ ڏکڻ بهار وغيره جي ٻولين جا مثال ملن ٿا، پر ٽي مثال اهڙا ملن ٿا، جن جي آڌار تي اهو چئي سگھجي ٿو ته اُهي غير آريائي قبيلا، جيڪي آرين جي اچڻ کان اڳ جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا، يا جنهن سڀيتا کي پنهنجي روز مره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندا هئا، تنهن کي هنن سئو فيصد ڇڏي ڪو نه ڏنو هوندو. اُهي مثال هي آهن:

(i)  قديم زماني ۾ سنڌو- ماٿر مان ’جپسي قبيلن‘ جي لڏ پلاڻ ، پهرين مشرق- قريب وارن ملڪن ۾ ٿي، جتان پوءِ اهي قبيلا يورپ طرف لڏي ويا. ايتري عرصي گذري وڃڻ جي باوجود، جپسين صدين تائين پنهنجيءَ ٻوليءَ کي، پنهنجي جاتيءَ اندر پنهنجي روزانه وهنوار لاءِ، ۽ پنهنجي جاتيءَ جي سڃاڻپ ۽ انفراديت لاءِ مخفي طور قائم رکيو آهي.

(ii)  اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾، بر صغير ۽ ٻين ملڪن مان مزور ۽ واپاري لڏي، فيجي ٻيٽن، موريشس، مشرقي ۽ ڏکڻ آفريڪا، گيانا، ٽرنيڊاڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي ويٺا، پر انهن هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي گذري وڃڻ جي باوجود، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ تهذيب کي، پنهنجيءَ جاتيءَ جي سڃاڻپ ۽ جاتيءَ جي وهنوار لاءِ قائم رکيو آهي.

(iii) ويهين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي کان وٺي، اڳوڻي هندستان، سري لنڪا، برما ۽ برطانوي ڪالونيءَ مان لکن جي تعداد  ۾ ماڻهو، برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن توڙي آمريڪا ۾ وڃي آباد ٿيا. اُنهن ماڻهن، پنهنجيءَ تهذيب ۽ ٻولين کي، پنهنجيءَ جاتيءَ اندر، پنهنجي وهنوار ۽ جاتيءَ جي سڃاڻپ لاءِ قائم رکيو آهي. ([29])

(ج)       جيئن صديون اڳ، سنڌو- ماٿر مان لڏي ويندڙ جت قبيلن، ايران، عراق، مصر ۽ جرمنيءَ تائين پکڙجي، اُنهن ملڪن ۾، پنهنجيءَ تهذيب کي، پنهنجي سماج اندر، قائم رکيو آهي، ته پوءِ سنڌو- ماٿر اندر رهندڙ ’سئنڌوئُي لوڪن‘ پنهنجيءَ تهذيب، پنهنجي سماج ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ڪيئن قائم نه رکيو هوندو؟؛ البت اهو ضرور قبول ڪرڻو پوندو ته انهن مقامي ’سئنڌوئُي لوڪن‘، آرين جي تهذيب ۽ اُنهن جي ٻوليءَ مان ڪي خصوصيتون اُڌاريون ورتيون هونديون، پر پنهنجي لغوي خزاني کي ضرور سانڍيو ۽ سنڀاليو هوندائون.

15-  (الف)         هن کان اڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا، ’سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد‘ جي باري ۾ ٽي رايا ڏنا ويا آهن. خوشي جي ڳالهه هيءَ آهي ته تازو 1994ع ۾، پنهنجي هڪ مقالي ۾، ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو قبول ڪيو آهي ته سنڌو- ماٿر جي قديم زبان جا ڪافي تعداد ۾ اهڃاڻ ۽ لفظ اڃا تائين، موجوده سنڌيءَ جي وڏي لغوي ذخيري طور، سنڌ ۾ روزاني زندگيءَ جي وهنوار ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.

ڊاڪٽر صاحب ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل جي، اپريل- مئي- جون 1994ع واري جلد ۾، پنهنجي مقالي بعنوان ’سنڌو تهذيب جي سنڌو لکت جي ڀاڃ‘ ۾، موجوده سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ مقامي تهذيب واري ٻولي هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته:

” هن سلسلي جو ٻيو ’ڀانيو‘ جيڪو هن وقت محققن وٽ وڌيڪ مقبول آهي، سو هيءُ آهي ته ٻين سڀني قديم ٻولين (مُنڊا، قديم- هند- آريائي وغيره) جي ڀيٽ ۾ ڪا ’دراوڙي ٻولي‘، ’سنڌو لکت‘ ۾ سمايل آهي. هيءُ ’ڀانيو‘ ، انهيءَ سوچ تي ٻڌل آهي ته سنڌو- واديءَ سان لاڳو خطي جي ’بروهڪيءَ ٻوليءَ‘ ۾ دراوڙي جُزا سمايل آهن ، ۽ انهيءَ ڪري ٿي سگھي ٿو ته سنڌو- واديءَ ۾ ڪنهن وقت دراوڙي ڳالهائيندڙ موجود هئا، جن ’مئن جي دڙي‘ واري سنڌو- تهذيب کي جنم ڏنو، انهيءَ ڪري مئن جي دڙي واري ’سنڌو- لکت‘ پڻ ڪنهن دراوڙي ٻوليءَ جي آهي. مگر دراوڙي ٻولي به ڪا هڪ ڪانهي، پر پنجويهه کن آهن، جن مان ’ڪتروخ‘، ’ملٽو‘ ۽ بروهڪي‘ وڌيڪ اثر واريون آهن. هن ’ڀانيي‘ موجب انهن ٻولين مان ڪي قديم دراوڙي الفاظ چونڊي، انهن جي معنائن ۽ معنوي صورتن جي ’سنڌو لکت‘ جي سالم ڪتبن، توڙي سندن ڀاڱن سان مطابقت تلاش ڪرڻي پوندي. “ ([30])

ڊاڪٽر صاحب ساڳئي صفحي تي اڳتي لکي ٿو ته:

”هن سلسلي ۾ ٽيون ’ڀانيو‘ هيءُ پڻ تحرير ڪري سگھجي ٿو ته ’سنڌو لکت‘ کي ڀڃڻ لاءِ، اُن جي ڪتبن ۽ ڀاڱن ۾ خود سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ فقرن جي مطابقت تلاش ڪجي. اهڙي ’ڀانيي‘ تي اعتراض ٿي سگھي ٿو ته سنڌي هن دؤر جي رائج ٻولي آهي، جنهن جو قديم سنڌو تهذيب واريءَ ٻوليءَ سان لاڳاپو تصور ڪري نٿو سگھجي، پر اهو ساڳيو اعتراض دراوڙيءَ تي به ٿي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ جو  اُهي دراوڙي لفظ، جيڪي هن وقت ڳالهائجن ٿا ۽ جن جي معنيٰ هن وقت معلوم آهي، سي ’قديم سنڌو ٻوليءَ جي لکت‘۾ ڪيئن ٿا سمايل ٿي سگھن؟

جيڪڏهن ڪي قديم دراوڙي الفاظ ’قديم سنڌو لکت‘ واريءَ ٻوليءَ جا بچيل آثار آهن ته موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪي قديم الفاظ پڻ، قديم سنڌي تهذيب واريءَ ٻوليءَ جا بچيل آثار ٿي سگھن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي تجزئي مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته اهڙا عام توڙي خاص نالا، جيڪي هن وقت رائج آهن، سي ڪم از ڪم پوڻا تيرهن سئو سال اڳ به رائج ها، جو اُهي اٺين صدي عيسويءَ جي رڪارڊ (جيڪو ڪتاب ’فتح نامي‘ ۾ محفوظ آهي) ۾ لکيل صورت ۾ موجود آهن، جيتوڻيڪ اُهي اڃا به ڪي صديون اڳ جا تسليم ڪري سگھجن ٿا.

  • موجوده ڄاڻ موجب ’سنڌو تهذيب‘ جو آخري دؤر 18 صدي مسيح تائين هو، پر ممڪن آهي ته اُن کان پوءِ تائين هلندڙ هجي، ۽ قديم سنڌو لکت واري ٻولي اُن کان پوءِ به هلندي آئي هجي. جيڪڏهن بحيثيت ٻوليءَ جي، اُها ختم ٿي ويئي هجي ته به ڪي الفاظ باقي بچيا هوندا، جن جو ’قديم سنڌيءَ‘ ۾ سمايل هجڻ جو امڪان ٿي سگھي ٿو.“ ([31])
  • انهيءَ وضاحت کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغات مان ڪي اهڙا لفظ چونڊي، دليل طور پيش ڪيا آهن، جن کي پاڻ ديسي لفظ ٿو سڏي. هُو لکي ٿو ته:

سنڌي لغات مان اهڙا لفظ چونڊي جدا ڪريون، جن جا اشتقاق فارسي، عربي، پالي، سنسڪرت يا تاريخي دؤر واريءَ ٻيءَ ڪنهن معلوم ٻوليءَ مان ثابت نه هجن؛ البت جيڪڏهن اُنهن جي اصل بابت ڪن قديم ٻولين: دراوڙي، پروٽو- ويدڪ، مُنڊا، سميري يا بابليءَ جو گمان هجي ته في الحال اهي ڀل ته تجزياتي لسٽ ۾ شامل هجن.“ ([32])

16- (الف)    ڊاڪٽر صاحب نيٺ  انهيءَ راءِ تي اچي بيٺو آهي، جيڪا راءِ محترم سراج، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ۽ منهنجي نظرئي کي ظاهر ڪري ٿي. اها راءِ هيءَ آهي ته: سنڌو- ماٿر جي تهذيب ڪٿان ٻاهران ڪانه آئي آهي پر هيءَ تهذيب، هتي ئي اُسري آهي، هتي ئي وڌي ۽ ويجھي آهي، ۽ هن ئي واديءَ ۾ نشونما پاتي اٿس. انهيءَ تهذيب مان ئي هتي قديم ۽ مقامي ٻوليءَ ’سئنڌوئُيءَ‘ جنم ورتو، هتي ئي اها مقامي ٻولي اسري، وڌي ۽ ويجھي آهي، ۽ اها هر دؤر ۾ ڪن ٿورين تبديلين يا اثرن سان گڏ زندهه رهندي آئي آهي.

(ب)      ڊاڪٽر صاحب انهيءَ قديم ۽ مقامي ٻوليءَ جا، سنڌي لغات مان، ڪي لفظ چونڊي، مثال طور ڏنا آهن، جيڪي سندس راءِ موجب سنڌو- تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ جي باقيات آهن، جن کي ماهرن ديسي لفظ سڏيو آهي. اُنهن مان ڪي لفظ هي آهن:

عزازت ۽ سماج ۾ رائج

ادو، ادا، اديون، ميان، ميون، گھوٽ ۽ نِهو

ڄم ۽ جسم جا ڀاڱا

ڍُڪي، سُئا، ڄَــرَ، تنجڻ، ٺونٺ، ڏؤنرو ۽ کُڙي

رهائش گاهه، گھر، بستي ۽ گھر جو سامان

وانڍَ، لوڙهو، ڍنگر، کڙهه، ٻُنڀو، ڪِــڙي، گھڙو ۽ رڇ

کيتي ٻاڙي:

اُرلو، هُرلو، کُڙ، گپَ ۽ ڀنجُھو

جانور ۽ مال:

ڏاندُ، ڍڳو، رڍ، گَھٽو، پَهون، ڏاگھو، ڏاچي، رَمڙ ۽ ڌڻ

پاڻي، مڇي ۽ مڇيءَ وارا:

ڍنڍ، ڪُرڙو، ڄرڪو، گوجُ، ميد، ميه، مهاڻو، گھاتو.

رڌ پچاءُ ۽ کاڌو:

ماني، ڍؤ، ٽانڊو

واءُ ۽ مينهن:

ڳڙو، ڳڙا، کنوڻ.

زمين ۽ جبل:

پونو، کرڙو، ڏونگر

معدنيات:

ٻاٽ، ڪُٽ

وزن ۽ تور:

ڪانو، مڻ

ڳاڻيٽي جا عدد:

برک، ٻه

  • ڊاڪٽر صاحب، پنهنجيءَ هن اهم ۽ نئين راءِ کي، هنن لفظن سان ختم ڪيو آهي:

”مٿيان ٿورا لفظ چُونڊيا ويا آهن، پر آڳاٽي وقت جا اهڙا گھڻائي لفظ هن وقت به سنڌيءَ ۾ رائج آهن. اِهي غور طلب آهن، ڇاڪاڻ جو ٿي سگھي ٿو ته انهن مان گھڻا سنڌو لکيت واريءَ قديم ٻوليءَ جا هجن.“ ([33])

 ڊاڪٽر صاحب جي هن پوري بيان مان هي ٿو ثابت ٿئي ته سنڌو- تهذيب ۾ جيڪا ٻولي رائج هئي، سا هن سر زمين جي اصلوڪي ۽ مقامي ٻولي هئي، جيڪا تڏهوڪي زماني کان وٺي سنڌو- ماٿر ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين تسلسل سان قائم ۽ دائم رهندي آئي آهي.

17- (الف)   اڳ ۾ اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته سنڌو- تهذيب جي ڌار ڌار پهلوئن مان، ڪيترائي پهلو اهو ثابت ٿا ڪن ته هن تهذيب ۾ رائج ٻولي، پنهنجي ابتدائي زماني کان وٺي، تسلسل سان، قائم رهندي آئي آهي. هن تهذيب جو تسلسل، عام ماڻهن جي ڪرتن، ڌنڌن، هنرن، وڻن ٽـڻن،گلن ٻوٽن، راڳ ۽ اُن جي سازن، مذهبي ڏڻن وارن، ۽ ڪريا ڪرم ۾ اڄ به قائم رهندو آيو آهي. البت ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ ڪجهه فرق ضرور آيو آهي. اُن هوندي به ايامن کان وٺي ساڳيا ساڳيا پکي، ساڳيا ساڳيا جانور، مڇيءَ جا ساڳيا نمونا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، ڌنڌا ۽ اُنهن ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ سامان به ساڳيو، مڇيءَ مارڻ، ڪنڀارڪي ڪم، کٽيءَ جي ڪم ۾ به گھڻو ڪري ساڳئي قسم جا سنڍ ۽ هٿيار، اڄ به ڪم ايندي ڏسبا آهن.

هن دعويٰ جي دليل لاءِ، پاڪستان آرڪيالاجي کاتي جي هڪ مشهور ماهر ۽ سابق ڊائريڪٽر، شيخ خورشيد حسن جو رايو پيش ڪجي ٿو. هُو لکي ٿو ته:

”سنڌو-  تهذيب جي خاص خصوصيت اُن جي روايتن (Traditions) ۽ رسمن جي قيام جي ڊگھي عرصي گذري وڃڻ جي باوجود تسلسل سان قائم رهڻ آهي. انهن روايتن ۽ رسمن مان ڪي، موجوده وقت تائين رهنديون آيون آهن. موهن جي دڙي جي آسپاس واري علائقي ۾ رهندڙ ڪنڀر، هن وقت به ساڳئي نموني ۽ ساڳئي طرز جا، مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندا آهن، جيئن قديم زماني جا ڪنڀر ٺاهيندا هئا. بار بردار ننڍيون بيل گاڏيون، هن وقت به اُتر سنڌ ۾ ڪم ايندي، ڏسبيون آهن. انهن بيل گاڏين توڙي موهن جي دڙي جي کنڊرن مان هٿ آيل مٽيءَ مان ٺهيل رانديڪن جھڙيون بيل گاڏيون ڏسي ماڻهو حيران ٿيو وڃي. ([34])

(ب)      شيخ خورشيد حسن اڳتي لکي ٿو:

”منهنجيءَ هن دعويٰ لاءِ هي دليل به پيش ڪري سگھجي ٿو ته اڄ به، ڪيتريون ئي اُهي قومون ۽ جاتيون، سنڌو- ماٿر ۾ رهنديون پئي آيون آهن، جن جي ڪار وهنوار، اٿڻي ويهڻيءَ، هنرن ۽ ڪاريگرين، شڪار جي طريقن ۽ مڇيءَ مارڻ جي طريقن ۾ ڪابه تبديلي ڪا نه آئي آهي. اُنهن قديم قومن مان ڪي اُهي آهن، جن جي نالن ۾ صوتي تبديل نه آئي آهي، پر اُهي اڃا تائين نسل در نسل، هن واديءَ ۾ آباد رهنديون آيون آهن، جن مان ڪي هي آهن: پڻي (واڻيا) ميه/مي/مهاڻا، آهيرَ، اَشورَ، اوڏَ، ڀيل، ڪولَ، باگڙي/واگڙي، مالهي، پرهياڙ، شين، سوڍر، پَلي، ۽ کَــرَ.“ ([35])

18- (الف)    آءٌ پنهنجيءَ تحقيق، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ ڪتاب جي ٻئي سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپي ۾، سنڌ جي ڏکڻ- اوڀر، اوڀر، اتر- اوڀر ۾، ڀارت جي موجوده رياستن گجرات (ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي اڳوڻين رياستن سميت) راجسٿان ۾ موجوده هريانا ۽ هماچل پرديش رياستن جي پوريءَ ايراضيءَ، اهڙيءَ طرح سنڌ جي اُتر ۾ موجوده پنجاب ۽ اُن (پنجاب)جي به اتر ۾ ڪشمير؛ اُتر- اولهه طرف داردستان ۽ اولهه بلوچستان ۽ ايران جي خوزستان واري علائقي ۾ رائج ٻولين، جن ۾ مجموعي طور ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، راجسٿان جي ٻولين،هريانا جي ٻولي بانگھرو ۽ موجوده پنجاب صوبي جي ٻولين (ڏسو نقشو) لهندي (اُن جي ڌار ڌار لهجن) هندڪو، داردستان جي ٻولين ۽ موجوده سنڌي زبان جي لسانياتي، تهذيبي ۽ تمدني هڪ جھڙائيءَ جي تقابلي اڀياس کان پوءِ، هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جيئن ته مٿي ڄاڻايل سڀ علائقا، قديم زماني ۾، سنڌو- ماٿر جي تهذيبي، تمدني، سماجي ۽ سياسي دائري ۾ داخل هئا، انهيءَ ڪري انهن سڀني علائقن ۾، سنڌو- ماٿر ۾ رائج قديم زبان ’سئنڌوئُي‘، پنهنجن ڌار ڌار لهجن جي وسيلي اثر انداز هئي ۽ سڀني علائقن ۾ پکڙيل هئي. انهن مان ڌار ڌار هر علائقي ۾ ، ’سئنڌوئُيءَ ٻوليءَ جو ڌار ڌار لهجو‘، اُن علائقي جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اثر موجب ڳالهايو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو موجوده سنڌي ٻوليءَ سان، ۽ گجراتيءَ ۽ سنڌيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ مارواڙيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ميواتيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ بانگڙو ۾،  سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ملتانيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ پوٺوهاريءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ڌنيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ شاهپوريءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ڇاڇيءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ڪشميريءَ ۾، سنڌيءَ ۽ دارديءَ ۾، سنڌيءَ ۽ ڀيليءَ ۾، سنڌيءَ ۽ باگڙيءَ جي وچ ۾ تمام گھڻي لسانياتي، تهذيبي ۽ تمدني هڪ جھڙائي نظر اچي ٿي.

(ب)      سر گريئرسن ، جمنا نديءَ جي اورئين ڀر کان وٺي چترال واريءَ ٻوليءَ کوار تائين، سڄي ملڪ ۾ رائج ٻولين کي، جن  گروهن- اندروني، درمياني، وسطي ۽ بيروني ۾ ورهائي، ٻولين جي تقسيم ڪئي آهي، اُها به ’هڪ اندازي‘ (ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم آندل لفظ ’ڀانيي‘ يعني  (assumption) تي ٻڌل آهي.

سر گريئرسن اها ورهاست انهيءَ ڪري ڪئي، جو ڪنهن کي به اُن وقت اِها خبر ڪانه هئي ته سنڌو- تهذيب جو دائرو ڏکڻ- اوڀر، اوڀر، اُتر، اُتر ـــ اوڀر، اُتر- اولهه ۽ اولهه وارن ملڪن تائين پکڙيل هو، جنهن جو پتو تڏهن پيو، جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ، سنڌو- تهذيب جي پهچ ۽ پکيڙ جا ثبوت هڪ طرف موجوده گجرات جي اوڀر واري ڇيڙي ۾ ’لوٿل‘ تائين ثابت ٿيا ته ٻئي طرف هريانا ۾ ’ڪاليبنگن‘ تائين، ته وري ٽئين طرف ڪشمير تائين ۽ چوٿين طرف اُتر- اولهه ۾ داردي ٻولين جي خطي تائين ثابت ٿيا.

  • ڪڇ- گجرات واري علائقي مان، سنڌو- تهذيب جا آثار 2800 ق- م کان 2200 ق- م واري عرصي جا مليا آهن، ۽ اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌو- تهذيب، ڪڇ جي ذريعي، ڪاٺياواڙ ۽ ڀارت جي اولهه وارن خطن ۾ پکڙي، هن ملڪ ۽ اُن جي ٻنهي ڪنارن تي  Microlithic دؤر جا هٿ آيل آثار ڪڇ ملڪ جي قدامت جي شاهدي ڏين ٿا.“ ([36])
  • سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي اوڀر طرف ڀارتي راجسٿان وارين رياستن جي ٻولين ۾ هڪ جھڙائيءَ جو هڪ وڏو سبب هيءُ به آهي جو هڪ طرف گجرات جي سورت بندر تائين، ٻئي طرف نرمدا نديءَ جي اورئين ڪناري ۽ اراولي ٽڪرين تائين، نه صرف سنڌو- تهذيب ۽ تمدن ۽ اُن ۾ رائج ’سئنڌوئُي ٻوليءَ‘ جون شاخون ڳالهايون وينديون هيون، پر برهمڻ گھراڻي جي حڪومت واري زماني (642ع کان 712ع) ۾، اهي سمورا علائقا، قديم سنڌ جي سلطنت جي ماتحت هئا. اهو ئي سبب آهي جو انهن سڀني رياستن ۾، سئنڌوئُي ٻوليءَ جا لهجا (ڪڇي لهجو، اُڀرنديون لهجو، اُتر- اوڀر وارو لهجو) ڳالهايا ويندا هئا. اهو ئي وڏو سبب آهي جو پروفيسر جھمٽ مل ڀاوناڻيءَ کي سنڌيءَ ۽ اولهه راجسٿاني ٻولين ۾ گھڻي علحدگي نظر ڪانه آئي.

لهاذا جوڌپور، جئپور، جيسلمير، اُڌيپور، بيڪانير ۽ هريانا ۽ هماچل پرديش کان سواءِ، سئوراشٽر، گجرات ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ ڪڇ وارن علائقن ۾ ٻولين جا مکيه نالا هي هئا: ڪڇ ۾ ڪڇي، راجسٿان ۾ اپڀرنش ۽ گجرات ۾ ناگر اپڀرنش وغيره. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ڍٽ واري خطي،  جوڌپور ۽ جيسلمير وارن علائقن ۾ جيڪي لهجا ڳالهايا ويندا هئا، تن کي ’پُنگل‘ ۽ ’ڊنگل‘ جي نالن سان سڏيو ويندو هو. اهي لهجا علم ادب، خاص ڪري لوڪ ادب واري کيتر ۾، اهم لهجا شمار ڪيا ويندا هئا. انهن لهجن ۾ وير گاٿائون، سينگار رس وارا بيت، ’گرچيلي جا بيت‘ ۽ ’ٻول‘ جوڙيا ويندا هئا. جن جا مثال به ملن ٿا. سر گريئرسن به قديم زماني ۾ گجرات، ڪاٺياواڙ، راجسٿان ۽ اُن جي اولهه واري علائقي ۾ علم ادب جو ذريعو ناگر اپڀرنش کي بيان ڪيو آهي. اها زبان ادبي لحاظ کان ، هنن خطن تي ڇانيل هئي. ([37])

  • هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٿريلي لهجي‘ جو ذڪر ڪندي سر گريئرسن پاڻ قبول ڪيو آهي ته جيسلمير ۾ سنڌي ٻولي هڪ گاڏڙ ٻولي آهي. هُو لکي ٿو ته:

”جيسلمير خطي جي ٻولي، سنڌ ۽ جيلسمير ۾ ڳالهائجندڙ مارواڙيءَ جو ميلاپ آهي. جيسلمير واري راجپوتانه رياست جي ڏکڻ ۾، ٿر ۽ پارڪر جي اڃا به اوڀر ۾، راجپوتانا اندر ئي مارواڙ رياست جو ’ملني خطو‘ پوي ٿو. ’ملنيءَ‘ جي مکيه ٻولي مارواڙي آهي، پر اُن جي ۽ ٿر ۽ پارڪر جي وچ واريءَ سرحد سان لاڳو هڪ سوڙهو پٽو اهڙو آهي، جتي جي ٻوليءَ کي مارواڙي ماڻهو ’سنڌي‘ چوندا آهن. اهو سنڌيءَ ۽ مارواڙيءَ جو گاڏڙ  لهجو آهي، جيڪو منصوريءَ سرحد سان لاڳو علائقي کان ويندي جيسلمير واري ڍٽ تائين ڳالهائجي ٿو. ان پٽي ۽ ڍٽ جي اوڀر ۾، اُهو ريگستان يڪو هلندو وڃي، راجپوتانا جي وچ ۾ پوي ٿو، جتي، پهرين ٻولي جيڪا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، سا آهي راجسٿانيءَ جي مارواڙي لهجي جي هڪ صورت ’ٿلي‘.

مجموعي طرح سان، اسان وٽ ڏکڻ- اولهه ۾ ’مارواڙي ملني‘ آهي، ۽ ٿر يا پارڪر ۽ جيلسمير جي ڍٽ ۾ ڳالهائڻ جا مختلف قسم ملن ٿا، جيڪي سڀ سنڌيءَ ۽ مارواڙيءَ جي مختلف تناسب سان ٿيل ملاوت جو نتيجو آهن. انهن کي سنڌيءَ جا يا مارواڙيءَ جا  لهجا چئي سگھجي ٿو، سنڌ ۾ انهن کي پهرئين گروهه ۾ شامل ڪندا آهن، ۽ ’ٿريلي‘ نالو ڏيندا آهن.

گريئرسن اڳتي لکي ٿو ته:

”جلد نائين ۾ انهن لهجن (مارواڙي ۽ سنڌي) جي باري ۾ لکڻ مهل، مون کي اهو تاثر هو ته انهن لهجن کان سواءِ، سنڌيءَ جو هڪ واضح لهجو ’ٿريليءَ‘ جي نالي سان به آهي، پر هاڻي سنڌيءَ بابت حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته ايئن ڪونهي. ٿريليءَ نالي، سنڌيءَ جو لهجو، مارواڙيءَ ۽ سنڌيءَ جي گاڏڙ لهجن مان هڪ لهجو آهي، جن کي اڳ ئي بحث هيٺ آڻي چڪا آهيون، ان ڪري سنڌيءَ جي سري هيٺ، انهيءَ جا تفصيل ڏيڻ غير ضروري سمجھان ٿو، پر ڪجهه سهولت خاطر هتي آءٌ ٿر ۽ پارڪر جي ٿريليءَ جو هڪ نمونو ڏيان ٿو، جيڪو اڳ ئي جلد نائين ۾ اچي چڪو آهي. ان کان سواءِ ’خرچائو پٽ‘ واري نقل جو به هڪ نمونو، ۽ جيلسمير  جي ڍاٽڪيءَ جو مشهور گيت به  ڏيان ٿو. اهو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي سڀ مثال گاڏڙ ٻوليءَ جا آهن، جيتوڻيڪ  انهن ۾ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٿر ۽ پارڪر جي نمونن جي ڀيٽ ۾، جيلسمير وارا نمونا، معياري سنڌيءَ کي وڌيڪ ويجھا آهن. اهو صاف ظاهر آهي ته ٻولين جو اهو ميلاپ مڪانڪي آهي.“

سر گريئرسن جي ڪتاب جي مترجمه؛ ڊاڪٽر فهميده حسين ان جي آيل ذڪر هيٺ حاشئي ۾ انهي لهجي تي پنهنجو رايو ڏيندي لکي ٿي ته:

گريئرسن هن ٻوليءَ کي جيلسمير جي گاڏڙ ٻوليءَ جي نموني طور ڄاڻايو آهي ۽ سندس خيال آهي ته ٻ، ڏ، ڳ وارا سنڌي اُچارن وارا آواز، اِن ۾ ڪونه آهن پر منهنجو خيال آهي ته اها لکڻ جي غلطي آهي؛ ٻوليءَ ۾ اڻ لکو فرق آهي، هي نمونو اصل ۾ ديوناگريءَ رسم الخط ۾ هئڻ سبب اهي غلطيون ٿيون آهن. جيسلمير پاسي، سنڌي آوازن لاءِ مقرر نشانيون استعمال نه ٿيون آهن (سواءِ هڪ ٻن هنڌن جي)، ان ڪري اهڙو تاثر پيدا ٿيو آهي. اها ٻولي معياري سنڌيءَ جي بلڪل ويجھي آهي، سواءِ ڪن  لفظن  مثلا: گيو، ’ڪيون- جو‘، ’پييو‘ ۽ اگر گوج‘ وغيرهه جيڪي مارواڙي ٿي سگھن ٿا.“

(ح)       راجسٿاني ٻولين ۽ سنڌي جي وچ ۾ هڪ جھڙائيءَ جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر عزيز انصاري، پنهنجي پي ايڇ ڊِي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته:

”راجسٿاني ٻولين کي، ’هندستاني لسانيات جو جائزو‘ ڪتاب ۾ سر گريئرسن ، وسطي گروهن جي زبانن ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته هن سنڌي ٻوليءَ کي شمال (اتر اولهه گروپ) جي زبان سڏيو آهي، ۽ اُن جو تعلق لهندا ٻولين سان بيان ڪيو اٿس، پر انهيءَ جي باوجود ڏٺو ويو آهي ته راجسٿانيءَ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جو مزاج، هڪ ٻئي جي بلڪل ويجھو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ راجسٿانيءَ ۾ صوتي، صرفي ۽ نحوي هڪ جھڙائي تمام گھڻي آهي. اها ڪا حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه ڪانهي. سنڌ ۽ راجسٿان جو سياسي ۽ سماجي ميل جول گھڻو ۽ پراڻي زماني کان رهيو آهي.“ ([38] )

(خ)       سئنڌوئُي ٻوليءَ جي اُڀرندئين لهجي کي ’اپڀرنش‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، اهو لهجو وري خطي وار شاخن ۾ ورهايل هو؛ پروفيسر جھمٽ مل ڀاوناڻي لکي ٿو ته:

’اپڀرنش مان جدا جدا ديش ڀاشائون ، جھڙوڪ: سنڌيءَ گجراتي ۽ هندي  وغيره ڇڄي ڌار ٿيون.“ ([39] )

19- (الف) هن کان اڳ چيو ويو آهي ته سئنڌوئُي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ جون حدون، اتر ۽ اتر- اولهه ۾ ڪشمير ۽ داردستان واري علائقي ۾ پنهنجو اثر قائم ڪري چڪيون هيون. هن سلسلي ۾ داردي علائقي جا لسانيات جا ماهر ڊاڪٽر مهر عبدالحق، محترم محمد پرويش شاهين ۽ ٻيا داردي ٻولين جو غير- آريائي هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. ([40] )

محمد پرويش شاهين لکي ٿو:

”داردي قبيلا در اصل دراوڙ آهن ۽ توراني قوميت سان نسبت رکن ٿا، جنهن ۾ ڌار ڌار قبيلا شامل هئا. اهي قبيلا اڄ کان ڇهه هزار سال اڳ، سنڌو ماٿر ۽ صوبه سرحد جي گنڌارا تهذيب جا امين هئا. اُنهن مان ڪي بلوچستان ۾ ڪي سنڌو- ڪوهستان ۾، ته ڪي گلگت، دير، باجوڙ ۽ سوات- ڪوهستان ۾ وڃي آباد ٿيا، پر اُن جي باوجود سندن زبان جي باقيات اڄ به سنڌيءَ، پنجابيءَ ۽ لهندا کان سواءِ جعفرڪي ۽ سرائڪيءَ ۾ ملي ٿي.“ ([41])

(ب)      محمد پرويش شاهين جي انهيءَ دعويٰ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي، لهندي ۽ ڪوهستاني ٻولين جي وچ ۾ هڪ جھڙائي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ هيءُ آهي ته داردستان جون ڪوهستاني ٻوليون، سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي مقامي زبان، سئنڌوئُيءَ سان واسطو رکن ٿيون. اُنهن ٻولين ۾ جيڪا هڪ جھڙائي آهي، تنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته سنڌو- ماٿر جي قديم ٻوليءَ، سئنڌوئُي جي پهچ ۽ پکيڙ، گنڌارا تهذيب واري خطي کي به پنهنجي دائري ۾ آندو هو، ۽ اھا زبان (سئنڌوئُي) اڳتي، اولهه ۽ اتر ـــ اولهه طرف ’سنڌو- ڪوهستان‘ ۽ ’سوات- ڪوهستان‘ بلڪه ’پنجڪوره ڪوهستان‘ تائين پکڙجي چڪي هئي، جنهن کي اُتي ڌار ڌار قبيلا ڳالهائيندا هئا. انهن اثرن کان ئي متاثر ٿي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب چيو آهي ته: ”لهندا، داردي، ڪشميري، سنڌيءَ جون ڀينر ٻوليون آهن.“

(ت)      اهڙيءَ طرح سئنڌوئُي ٻوليءَ جي اُترين شاخ، ڪشمير واري پوري علائقي تي ڇانئجي ويئي هئي.

(ث)      اولهه طرف جي ’ڏاکڻئين حصي ۾، سئنڌوئُي ٻولي، ايراني سرحد پار ڪري، ڪرمان ۾ پنهنجو جدگال خطو قائم ڪيو هو، ۽ اُن جي اتر-  اولهه ۾ ايران جي خوزستان واري علائقي ۾ پنهنجا اثر قائم ڪيا.

20- (الف)  حاصل مطلب ته سنڌو- ماٿر جي سئنڌوئُي ٻوليءَ جي مٿي بيان ڪيل پهچ ۽ پکيڙ کي سامهون رکي، اسان کي  سر گريئرسن واري نقشي ۾ تبديلي آڻڻي پيئي آهي، ڇاڪاڻ ته سر گريئرسن جو نظريو هڪ ته سنڌو- ماٿر جي کوٽائيءَ، خاص ڪري موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي آثارن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل نتيجن  جي ڪري پراڻو ٿي چڪو آهي، ۽ ٻيو ته سر گريئرسن جو نظريو لڳ ڀڳ هڪ سئو سال پراڻو آهي، تنهن ڪري اُن تي سنڌو- تهذيب جي نئين تاريخ جي حوالي سان، نئين سر نظر وجھڻ جي ضرورت آهي.

(ب)      سر گريئرسن جو ٺاهيل نقشو ضميمي ’الف‘ تي پيش ڪيو  ويو آهي. اُن نقشي جي آڌار تي اها دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته سنڌي ٻولي، هند- آريائي ٻولين جي ٻاهرئين گروهه يعني Outer Branch جي اُتر- اولهه گروهه جي شاخ آهي، جڏهن ته هاڻ نئين ٺاهيل نقشي جي آڌار تي اها دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته سنڌي ٻولي، سنڌو- ماٿر جي، سنڌو- تهذيب ۾ ڪٿان ٻاهران آيل، ڪنهن قوم جي زبان جي شاخ نه آهي، پر هيءَ  زبان، سنڌو- ماٿر جي، قديم سنڌو- تهذيب ۾ رائج، قديم، اصلوڪي ۽ مقامي سئنڌوئُي زبان آهي، جيڪا اڳتي هلي ڌار ڌار دؤرن ۾ سئنڌوئُي، لهندي، داردي، براهوئي، قديم دراوڙي زبان ماءُ، اُترين زبان ڪشميري، اوڀر ۾ اپڀرنش، ڏکڻ- اوڀر ۾ ناگر اپڀرنش، ڪڇ ۾ ڪڇي، هريانا ۾ بانگڙو وغيره، لهجن ۾ ورهائجي ويئي هئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته هاڻ هن راءِ جو آهي ته:

”سنڌيءَ جو خمير، سنڌ جي سر زمين ۾ تيار ٿيو، اُن جو بڻ بنياد، اُن جو پنهنجو موروثي سرمايو آهي.“

موجوده پنجاب جو نالو ته مغلن جي دؤر ۾ پيو، مغلن ڌار ڌار خطن، رياستن ۽ علائقن کي ملائي، هڪ صوبو ٺاهيو ۽ اُن جو نالو  پنجاب رکيائون؛ انهيءَ ڪري، اُن نئين صوبي (سرڪار) جي دائري ۾ جيڪي زبانون اچي ٿي وئيون، اُنهن کي سرڪاري طرح هڪ ئي نالي سان، يعني ’پنجابي‘ سڏيو  ويو، پر در اصل هر خطي ۾ اُها زبان پنهنجي پنهنجي خطي جي نالي سان سڏبي آهي، انهيءَ ڪري پنجاب ۾  عوامي طور ’پنجابي ٻوليءَ‘ کي اڃا تائين ڪابه اهميت ڏني ڪانه ويئي آهي.

مطلب ته هن ڪتاب ۾ سر گريئرسن، سنڌي ۽ لهندي زبانن جي بڻ بنياد لاءِ جيڪا راءِ ڏني آهي، تنهن کي هاڻ نئين نظر سان پڙهڻ گھرجي.

سر گريئرسن جي ڪتاب کي پڙهندي به ڪي سال گذري ويا، پر سندس ڪتاب جي ترجمي کي پڙهندي ۽ ايڊٽ ڪندي جڏهن گجراتي، ڪڇي، لهندا ۽ لاڙي لهجن واري مواد ۾ ڏنل لفظن جي اُچارن کي نظر مان ڪڍيم، تڏهن مون محسوس ڪيو ته سر گريئرسن انهن ٻولين جي لفظن جا اُچار، صحيح طرح سان داخل نه ڪيا آهن، بلڪه سندس طرفان ڏنل لفظ ۽ اُنهن جا اُچار ۽ آواز گمراهه ڪندڙ آهن. آءٌ ڪڇي، گجراتي ۽ سرائڪي (لهندا) ڄاڻندو آهيان. ترجمي واري مواد کي نظر مان ڪڍندي مون محسوس ڪيو آهي ته گريئرسن سنڌي، ڪڇي، گجراتي ۽ لهندا ۾ رائج   چو سڻن آوازن ـــ ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ ۽ جن جن لفظن ۾ اُهي آواز استعمال ٿيا آهن، اُنهن جي لکڻي صحيح ڪانه ڏني آهي.

هن سلسلي  ۾ ڀارت جي مشهور سماجي لسانيات جي ماهرن ڊاڪٽر ڏاسواڻي ۽  سندس ڌرم پتني ڊاڪٽر سندري پرچاڻيءَ ، پنهنجي تحقيقي پروجيڪٽ ۾ گريئرسن طرفان لاڙي، وچولي ۽ ڪڇي لهجي جي لفظن ۽ اُنهن جي داخلا کي گمراهه ڪندڙ سڏيو آهي. غلط داخلا جو سبب ڄاڻائيندي، ڀارت جا اهي ٻئي ماهر لکن ٿا ته:

سر گريئرسن جي معلومات  (Survey)  جو ذريعو هئا:

(الف) معياري پئراگرافن جو ترجمو

(ب) وضاحتي بيان

(ت) لفظن جي فهرست

هُو اڳتي لکن ٿا ته گريئرسن پاڻ ته سڄي برصغير جون ٻوليون ڪونه ڄاڻندو هو، پر هُن جي تحقيقي پروجيڪٽ جي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ هن جا اطلاع ڏيندڙ ٻيا هئا؛ اُهي هئا، هند سرڪار جا ضلعي ڪامورا، عيسائي پادري ۽ ڪي الهڙ نوجوان.

هر ضلعي سرڪاري ڪامورو، انهيءَ لاءِ  مقرر ڪيو هئائين ته شايد هو مقامي ٻولي ڄاڻندا هئا ۽ هُو پنهنجن ماتحت ڪامورن کان مدد وٺي سگھندا. ضلعي ۽ مقامي ڪامورا، مقامي ٻوليءَ جي لفظن جون لڙهيون، اُچارن سميت ۽ اُنهن جا نمونا سمجھايل فهرست موجب هٿ ڪري موڪليندا. يقيناً، گريئرسن کي اطلاع ڏيندڙ  ڪامورا. نه مقامي ٻولين جي لهجن تي ايتري ڄاڻ رکندا هئا، ۽ نه ئي هُو وياڪرڻ جي قانونن کان واقف هئا؛ انهيءَ ڪري هُو گھربل معلومات هٿ ڪري ڏيڻ کان قاصر به هئا. اُهوئي سبب آهي جو ڪن ڪن لفظن ۽ اُنهن جي لهجي جي داخلا گمراهه ڪندڙ آهي.

ان کان سواءِ  گريئرسن کي اطلاع ڏيندڙ فيلڊ ورڪرن کي لسانيات جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، ۽ نه ئي وري اُنهن کي تربيت ڏني وئي هئي، انهيءَ ڪري انهن جي موڪليل معلومات ۽ مواد، ۽ اُن جي انگريزيءَ ۾ Transliteration هميشه اعتبار جوڳي ڪا نه هئي.

فيلڊ ورڪرن طرفان جيڪا معلومات موڪلي ويندي هئي، اُها Roman الف- ب ۾ لکيل هوندي هئي، ۽ جن به ٻولين يا اُنهن جي لهجن، لفظن ۽ آوازن جي لاءِ فيلڊ ورڪر Roman اکر لکندا هئا، اُنهن ۾ اڪثر غلطيون هونديون هيون. انهيءَ ڪري اها داخلا گھڻو ڪري صحيح نه آهي. ([42])

اُهو ئي سبب آهي جو گريئرسن جي ساري مواد تي نئين سر نظر وجھڻ جي ضرورت آهي.

هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پنهنجن فرضن جي پورائيءَ لاءِ هڪ قدم ضرور کنيو آهي. هن وقت تائين لسانيات ۽ سنڌي وياڪرڻ جي موضوعن تي گھڻو  ڪري ڊاڪٽر ٽرومپ ۽  سر گريئرسن جي جڳ مشهور ڪتابن جو ترجمو ئي پيش ٿيو آهي. جيڪڏهن سنڌي وياڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي ته اُهو وري عربي ۽ فارسي وياڪرڻن جو چَربو آهي. ڪن بزرگن ته اها به ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءَ ۽ رچنا تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي بدران، هنن عربي ۽ فارسي ٻولين جي وياڪرڻي سٽاءَ کي سامهون رکي، سنڌيءَ ٻوليءَ کي عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ويس وٺايو آهي.

هاڻ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ تي، سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي، نحوي سٽاءَ تي ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي نئين سوچ ۽ نئين نظر سان لکيو وڃي. اهڙيءَ طرح هن ڳالهه جي به ضرورت آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي Etymological Dictionary کي به هٿ ۾ کڻجي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ڌاتو صرف عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جي لغات کي سامهون رکي نه ڪڍيا وڃن، پر دراوڙي ۽ منڊا ٻولين جي ڌاتوئن کان سواءِ، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا اصلوڪا يعني پنهنجا ڌاتو به ڳوليا وڃن. انهيءَ ڪم لاءِ ڀارت جي مانائتن ۽ بي ريا ودوانن کان به مدد وٺڻ گھرجي.

مون کي اميد آهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، انهيءَ اهم ڪم کي به هٿ ۾ کڻي، جس کٽندي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا

[1] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1990ع/1411هه ص 44.

[2] سراج الحق ميمڻ، سنڌي ٻولي، حيدرآباد سنڌ، عظيم پبليڪيشن، 1964ع، پيش لفظ، ص 4

[3] ايضاً

[4] جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر: ڳالهه ٻولهه، سماهي مهراڻ 1991/1، ص ص 187 ۽ 188

[5]  Ganga Ram Garg, Dr, International Encyclopedia of Indian Literature, Vol: viii, Sindhi Literature, p.10

[6] Ganga  Ram Garg, Dr, Op, Cit. p.10

[7] دوراڪا پرشاد: سنڌ جو پراچين اتهاس، ڀاڱو 2 ، حيدرآباد سنڌ، جون 1944ع، ص 135.

[8] ايضاً . ص 135

[9]  ايضاً ص. 137

[10] Krisna Rao, Dr. M.V.N. Indus script Deciphered Delhi, 110035, B.N. Printers 4240, Budh Nagar, Rampura, 1982, Inner Cover, p.2

[11]  Krisna Rao, Dr. Op. Cit, P.2

[12] Grierson G, Linguistic Survey of India. Vol:1   Part 1, p.123

[13] Ibid.

[14] Ethnology, Languages, Literature and Religions of India, Reprinted from the third edition of the Imperial Gazetteer of India, (1907-09), Oxford at Clarenden Press, 1931. pp. 357-358

[15] Mahar Abdul Haq, Dr, The Soomras, Multan, Beacon Books, 1992, P.4

[16] Mughal M. Rafique, Dr: Interview, Published in Daily Dawn, Karachi, May 4, 1996.

[17]  Kenoyer, J.Mark, Lecture on Ancient Cities of Indus Valley, Karachi, Dawn (English) June, 1997.  

[18]  Grierson. G, Linguistic Survey of India. Vol: I, Op. Cit, 1927, P.130

[19]   Trumpp, E, Dr, A Grammar of Sindhi Language, Op. Cit. Introduction, PP. i&ii.

[20] Ibid.

[21]  Ibid.

[22]  Trumpp, E, Introduction.

[23] Chatterji, S.K., Indo Aryan & Hindi, Gujarat Vernacular Society, Ahmedabad 1942, P.69.

[24] Chatterji, S.K., Indo Aryan & Hindi, Gujarat Vernacular Society, Ahmed abad 1942, P.69.

[25] Grierson G, Linguistic Survey of India. Vol: I, Part I, P.121.

[26] Grierson G, Linguistic Survey of India. Vol: I, Part I, P.121

[27]  Nilakanta, K.N. A Comprehensive History of India, Bombay, the India History Congress, Orient Longmans, 1957, pp. 627 and 628.

[28] ڀيرومل آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع. ص ص 396 ۽ 397.

[29] Colin Masica. Op.Cit: P.

[30] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: مقالو، ’سنڌو تهذيب جي سنڌو لکت جي ڀاڃ‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، حيدرآباد ، اپريل مئي، جون 1994ع، ص 5.

[31] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: مقالو، ’سنڌي ٻولي‘، حوالو  ڏنل آهي، ص /6/5.

[32] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: مقالو، ’سنڌي ٻولي‘، حوالو  ڏنل آهي، ص /6/5.

[33] بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: مقالو، ’سنڌي ٻولي، حوالو  ڏنل آهي، ص /7.

[34] Sheikh Khurshid Hassan, Ethno-archaeology as aid to interpret Indus Civilization, Paper Published in Pakistan Archaeology, Number 26-1991, Vol: 11, p.8

[35] Ibid.

[36] Rush Brook Williams, L.F. the Black Hills, Kutch in History and Legends, Widenfeld and Nicolson, London, 1958, pp. 58 & 72-77

[37]  Grierson G, Linguistic Survey of India. Vol: I, Part I 1927, p.124.

[38]  پي ايڇ ڊيءَ (اردو) لاءِ مقالو، شعبه اردو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ص .  103 عزيز انصاري، ڊاڪٽر؛  اردو اور راجسٿاني بوليان،

[39]جھٽ مل ڀاوناڻي، پروفيسر: ڍولا مارو، بمبئي، هندستان ساهتيه مالا، 1956ع، ص 77

[40] محمد پرويش شاهين، ڪالام ڪوهستان، ص ص 69، 112، 159، ۽ 199

[41]محمد پرويش شاهين، ڪالام ڪوهستان، ص 203

[42] Daswani, C.J.R. Parchani. S. Sociolinguistic Survey of India, Sindhi, Mysore, 570006 Central Institute of Indian Languages, 1978. pp-15-18