برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

23 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4627   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي گرامر جو خاڪو


الف- ب:
سنڌي لکڻ لاءِ مسلمان فارسيءَ ۽ عربيءَ جي الف- ب ۾ ڦير ڦار ڪري لکندا آهن جڏهن ته هندو وري لنڊا )معنيٰ ڪتريل clipped) اکر استعمال ڪندا آهن جنهن جو ذڪر پنجابي ۽ لهندا جي سري هيٺ ڪيو ويو آهي.( ) لنڊا کي سنڌيءَ ۾ ’بنيا‘ يا ’واڻڪا اکر‘ به چوندا آهن، جيڪو تمام اڻ پورو رسم الخط آهي جنهن ۾ وچ وارا سُـر يا حرف علت (vowels) ڪونه هوندا آهن. اها اصلوڪي لکندڙ کان سواءِ ٻين کي گھٽ سمجهه ۾ ايندي، بلڪ خود ان کي به ڪڏهن ڪڏهن سمجھه ۾ ڪانه ايندي آهي. سنڌيءَ جي الف- ب بابت موجود احوال ۾ ان جي جاءِ تي آءٌ ’ناگري‘ رسم الخط استعمال ڪندس. هت ڏنل جدول ۾ ڪئپٽن اسٽئڪ جي گرامر ۾ ڏنل لنڊي لکـڻيءَ جا مختلف نمونا ڏيکاريا ويا آهن.

 


جدول
واڻڪي لکڻيءَ کي پڙهڻ لائق بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويو ن آهن. 1868ع ۾ ان موضوع تي هڪ سرڪاري ڪاميٽيءَ غور ڪيو هو، جنهن هڪ بهتر صورتخطي ٺاهي، جنهن ۾ اهڙا اکر هئا جيڪي مڪاني صورتخطيءَ ۾ ڪونه هئا. اها ’خدا وادي‘ نموني تي ٻڌل هئي پر ”ر“ جو اکر وري شڪارپوريءَ مان کنيو ويو هو. اها سڌاريل هندو سنڌي الف- ب اسڪولن ۾ به سيکاري وئي، ۽ ان ۾ ڪتاب به ڇاپيا ويا، پر سرڪاري سرپرستيءَ جي باوجود ڪامياب نه ٿي. ان لاءِ ٿيندڙ ڪلاس ختم ٿي ويا ۽ ماڻهو هاڻ به پنهنجي طريقي سان لکڻ کي ترجيح ڏين ٿا. سامهون ڏنل جدول ۾ انهيءَ سڌاريل صورتخطيءَ جا اکر ڏيکاريل آهن، ۽ گڏ و گڏ انهن جا خداوندي متبادل به ڏنل آهن جيڪي مختلف ڪاتبن کان لکرائڻ جي ڪري پٺيان ڏنل اکرن کان مختلف لڳندا.