ڪتاب جو نالو | برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو |
---|---|
ليکڪ | جي. اي. گريئرسن |
سنڌيڪار / ترتيب | ڊاڪٽر فهميده حسين |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-66-6 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 23 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 4915 ڀيرا پڙهيو ويو |
هند- آريائي ٻولين جي اتر- الهندي گروهه ۾ ٻه ٻوليون شامل آهن: سنڌي ۽ لَهندا. انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو تعداد هن جائزي لاءِ معلوم ڪيو ويو ته:
سنڌي .................... 3,069,470
لهندا ...................... 7,092,781
ڪل تعداد .......... 10,162,251 آهي.
ڪٿي ڪٿي ڳالهائجن ٿيون:
جيئن نالي مان ظاهر آهي ته انهيءَ گروهه جون ٻوليون هندستان جي بنهه اتر اولهه ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اهي پنجاب ۾، اڀرندي ڊگھائي ڦاڪ جي 74 هين ڊگريءَ جي اولهه ۾، ۽ سنڌ، پنجاب ۽ ڪڇ جي ڏکڻ ۾ ڳالهائجن ٿيون. پنجاب ۾ ان جي سرحدي حد اولهه طرف افغانستان آهي ۽ سنڌ ۾ ان جي سرحدي حد بلوچستان آهي، تنهن هوندي به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ”ڪڇي گنداوا“ (Kachchi Gandava) ۽ لس ٻيلي جي سياسي سرحدن کي پار ڪري ٿي وڃي، جيڪي ٻئي علائقا بلوچستان جي جاگرافيائي حدن اندر آهن.
لساني سرحدون:
افغانستان ۽ بلوچستان ۾ ايراني ٻوليون ڳالهائجن ۾ اچن ٿيون، جيڪي سنڌي ۽ لهندا کان مختلف آهن. اتر ۾ اتر- اولهندي گروهه جون ٻوليون، اتر- اولهه واريءَ سرحد (North-West Frontier) جي داردي ( ) ٻولين سان لڳن ٿيون جن مان ڪشميري سڀني کان اهم آهي. اهي ٻوليون ذڪر هيٺ آيل ٻولين (سنڌي ۽ لَهندا) سان ويجھو لاڳاپو رکن ٿيون. اوڀر طرف لهندا سان پنجابي لڳي ٿي ۽ سنڌيءَ سان راجسٿاني. ڏکڻ طرف لهندا سان سنڌي ۽ سنڌيءَ سان گجراتي لڳي ٿي.
پاڙيسري هندستاني ٻولين ۾ حيثيت:
لهندا جي پنجابيءَ سان خاص نسبت آهي، جنهن کي اڳتي بيان ڪيو ويو آهي. هتي مختصر طور اهو چئي سگھجي ٿو ته سمورو پنجاب ٻن بنهه مختلف ٻولين جي لاڳاپي وارو مقام آهي، جيئن لهندا جي دارديءُ ٻولي (parent)، جيڪا سنڌو ماٿر جي اڀرندي طرف پکڙيل آهي، ۽ پراڻيءَ مڌهيه ديش (Mid land) جي ٻولي، جيڪا موجوده مغربي هنديءَ جي ماءُ ٻولي آهي، جيڪا جمنا ماٿريءَ جي اولهه طرف پکڙيل آهي. پنجاب ۾ اهي هڪ ٻئي ۾ شامل ٿيو وڃن. مشرقي پنجاب ۾ پراڻي لهندا جي لهر تقريباً ختم ٿي رهي هئي، ۽ ان مٿان پراڻي مغربي هنديءَ جو راڄ ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻولي آهي پنجابي. مغربي پنجاب ۾ پراڻي مغربي هنديءَ جي لهر ختم ٿيندي وئي ۽ ان مٿان وري لهندا جو راڄ قائم ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ موجوده لهندا ٻولي قائم ٿي. ان ڪري چئبو ته لهندا جو مکيه بنياد داردي آهي، پر پراڻي مغربي هنديءَ جا آثار به منجھس آهن. اهڙا آثار پنجابيءَ ۾ وڌيڪ آهن ۽ اهي وڏي اهميت وارا آهن. لهندا کي هڪ اهڙي داردي ٻولي چئي سگھجي ٿو، جنهن تي مغربي هنديءَ جو اثر آهي. جڏهن ته پنجابي، مغربي هنديءَ جي هڪ شڪل آهي جنهن تي داردي اثر آهي. ان جي برعڪس سنڌي، داردي ٻولين سان وڌيڪ چٽو لاڳاپو ڏيکاري ٿي ڇو ته ان جي اوڀر ۾ موجود مغربي راجپوتانه جو رڻ پٽ ان کي ڌارين ملاوٽ کان بچائي ٿو. جيئن لهندا پنهنجي بنياد کان غير محسوس طريقي سان پنجابيءَ ۾ مدغم ٿي وڃي ٿي، تيئن راجسٿانيءَ ۾ ڪانه ٿي ملي بلڪه ان کان گھڻي قدر مختلف رهي ٿي. اتي ڪي سرحدي لهجا محض گاڏڙ ساڏڙ آهن، ڪنهن باقاعدي لساني تبديليءَ جا درجا ڪونه آهن.
ٻين هندستاني ٻولين ۾ حيثيت يا مقام (Position):
ٻولين جو اتر- اولهه وارو گروهه، هند آريائي ٻولين جي ٻاهرئين گھيري ۾ شامل آهي. انهيءَ ٻاهرئين گھيري ۾، ڏاکڻي ٻولي مراٺي ۽ مشرقي گروهه جي ٻولين مان اڙيا، بنگالي، بهاري ۽ آسامي اچي وڃن ٿيون. انهن سڀني ٻولين جو پاڻ ۾ رشتو ۽ وچ وارين ٻولين- راجسٿاني، پهاڙي، مغربي هندي ۽ مشرقي هنديءَ سان لاڳاپو، هن جائزي جي تعارفي جلد ۾ بحث هيٺ آڻينداسين. انهن منجھان جيڪي ٻوليون اتر- الهندي گروهه جي ٻولين سان ڪو لڳ لاڳاپو ڏيکاري سگھن ٿيون، سي آهن ٽي پهاڙي ٻوليون، (جيئن جلد نائين ۾ ڏسبو) انهن ٻولين جو سنڌيءَ وانگي داردي ٻولين سان بنياد ڳنڍيل آهي.
قديم تاريخ:
اهو ملڪ جنهن ۾ اتر- الهندي گروهه جون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، ’مها ڀارت‘ ۾ خشڪ، رُکو ۽ سنگدل ڄاڻايل آهي ۽ آريائي تهذيب جي دائري کان تقريباً خارج ڪيل آهي (جلد نائون، ڀاڱو چوٿون ۽ صفحو 4 ڏسو.( ان زماني ۾ لهندا جو علائقو ٻن راڄن يا بادشاهتن (Kingdoms)تي مشتمل هو، جن مان هڪ ’گنڌارا‘ (موجوده پشاور جي آسپاس جو ملڪ) ۽ ٻيو ’ڪيڪايه‘ (سنڌو نديءَ کان هيٺ ان جي کاٻي ڪپ تي) هو، جڏهن ته سنڌي جي علائقي ۾ ان وقت ’سنڌوس‘ ۽ ’سو ويراس‘ شامل هئا. جيتوڻيڪ ’مهاڀارت‘ ۾ هن ملڪ جي رهاڪن کي برو ڪردار ڏنو ويو آهي، ان هوندي به اها پڪ آهي ته گنڌارا جي گاديءَ وارو شهر ’تڪش سِلا‘ (Takshasila)حضرت عيسيٰ کان ڇهه صديون اڳ، هندستان ( )جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽيءَ جو هنڌ هو. ان جا ڊٺل آثار اڃا به راولپنڊي ضلعي ۾ موجود آهن. هن يونيورسٽيءَ جي ويجھو ’سلاتورا‘ (Salatura) ۾ سنسڪرت جو وڏي ۾ وڏو ’وياڪرڻي‘ (grammarian)’پاڻيني‘ ، چوٿين يا پنجين صدي قبل مسيح ۾ ڄائو هو. انهيءَ زماني ۾ ڪيڪايه جي سر زمين به پنهنجي علميت جي ڪري مشهور هئي. اسان کي ڇاندوگيا اپنشد Chhandogya Upanished) VOL xi) (۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن هڪڙا پنج مذهبي ماهر(Theologians)، هڪڙي برهمڻ وٽ ڪي ڏکيا سوال کڻي آيا هئا، جن جو هو جواب ڪونه ڏئي سگھيو هو. ان ڪري هن کين ڪيڪايه جي کتري راجا ڏانهن موڪليو ، جنهن، هڪ ٻئي حضرت سليمان وانگي، سندن سڀ ڏکيائون دور ڪيون هيون.
هندستاني ڏند ڪٿا ۾ ٻه مشهور ڪردار بيان ٿيل آهن، جن جو تعلق لهندا علائقي سان هو. گنڌارا مان ’ڌرتارا شـتـرا‘ ( Dhritarashtra) جي زال گـنـڌاري، جـيـڪا ’دريـوڌن‘ (Duryo dhana) ۽ سنـدس 9 ڀــائرن جي ماءُ هئي، جيڪي ’مها ڀارت‘ واريءَ وڏي لڙائيءَ ۾ مکيه ڪردار ’ڪورُو‘ هئا. ٻي ڪـيـڪايـه مان ڪيڪئي آئي، جيڪا ’دسرٿ‘ جي زال، ۽ ’رام چندر‘ جي ماٽيلي ماءُ هئي. اها ئي هئي جنهن جي سازش سبب رام چندر کي بنواس وٺڻو پيو هو، جيئن هڪ ٻئي عظيم هندستاني جنگي داستان ’رامايڻ‘ ۾ بيان ٿيل آهي.
مغربي پنجاب هميشه اتر ۽ اولهه کان ايندڙ حمله آورن جي زد ۾ رهيو آهي. اتان ئي هندستان ۾ آريا گھڙيا هئا. ٻيو معلوم حملو فارس جي ’دارا اول‘ (485-521 ق.م) جو هو ، جيڪو گوتم ٻڌ جي دؤر کان فوراً پوءِ ٿيو. ’هيروڊوٽس‘ موجب هن ان کي فتح ڪري ٻن اهڙن پرڳڻن ۾ ورهائي ڇڏيو، جن مان هڪ ۾ گنڌارا شامل هو. (هيروڊوٽس iii-91) جڏهن ته سنڌي- سنڌو ماٿري جا رهاڪو، پنهنجي ليکي ويهون پرڳـڻو (iii-94) ( ) ٺاهيـو ويـٺا هئا. ان کان اڳتي دارا جو اختيار نٿي هليو (iii-101). هيروڊوٽس وڌيڪ لکي ٿو ته اهي ’انڊين‘( )انهن سڀني قومن کان وڌيڪ تعداد ۾ آهن جن سان اسان جي سڃاڻپ ٿي آهي، ۽ ٻين قومن کان وڌيڪ خراج پڻ ڏنائون، جيڪو 360 ٽيلنٽ (Talent) سون جو رءُ (Gold dust) هو. ’دارا‘ جو، ’انڊيا‘ جي هن حصي ( ) تي، ايترو ته مڪمل اختيار هو، (يا شايد جنهن کي هن ۽ ’هيروڊوٽس انڊيا‘ ٿي سمجھيو) جو، هن اسڪائيليڪس جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌوءَ کان هيٺ سمنڊ ڏانهن هڪ سامونڊي جھازن جو ٻيڙو موڪليو هو، جتان هو اولهه طرف هاڪاري، وطن ڏانهن روانا ٿيا. (44-iv). سندس جاءِ نشين ’زرڪسس‘ (Xerxes)(480 ق.م) ، يونان جي خلاف جنهن لشڪر جي اڳواڻي ڪئي هئي ان ۾ گنڌارا ۽ مغربي پنجاب جا ماڻهو به شامل هئا. هيروڊوٽس جي چوڻ موجب (66-65 vii) مغربي پنجاب وارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هئا ۽ وٽن بيد جا تير ۽ بيد جا ئي ڪمان ها، جن جون چُنهبون لوهه جون هيون.
سڪندر اعظم (325-327 ق. م) جو حملو پڻ مغربي پنجاب ۽ سنڌ تائين محدود هو. هڪ خاص نڪتو جيڪو هيستائين توجهه هيٺ ڪو نه آيو آهي سو اهو، ته ڪيترائي هندستاني نالا جيڪي هن جي يوناني مورخن لکيا آهن، سي مغربي پنجاب جي ماڻهن کان ٻڌي لکيا آهن، ۽ اهي ڏيکارين ٿا ته ان دؤر ۾ مڪاني ڳالهائڻ ڪهڙو هوندو هو. اهو ضرور پئشاچي پراڪرت ٻوليءَ جو ڪو خاص روپ هوندو، جيڪا ٻولي موجوده ليکڪ موجب مغربي پنجاب ۽ سنڌ جي جديد ٻولين جو مکيه بنياد هئي، ان کان سواءِ اها ئي ٻولي اتر الهندي واريءَ سرحد جي داردي ٻولين جو پڻ بنياد هئي.
جيئن هندستاني نالن ’پکالوتي‘، (Pukkhalveati)’چندرڀاڳ‘ يا ’چندر گپتا‘ ۾ يونانيءَ ۾ ڪجهه تبديليون آڻي لکيو ويندو آهي، تيئن پئشاچي پراڪرت لاءِ به ضروري آهي. ( )
350 ق.م ۾ سيليوڪس نڪيٽر هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌو درياهه پار ڪرڻ کان پوءِ چندر گپتا سان امن جو معاهدو ڪيو هو، جنهن جو ذڪر اڳ ڪنهن جلد ۾ ڪيو هوسين. ٻيءَ صديءَ ق.م ۾، بئڪٽريا جي ٻن يوناني گھراڻن، مغربي پنجاب ۾ بادشاهتون قائم ڪيون. پهرين جيڪا يوٿيڊيمس قائم ڪئي هئي سا 156 ق.م ۾ ختم ٿي ۽ ٻي يوڪريٽائيڊس جي 20 ق.م ۾ ختم ٿي.
انهن کان پوءِ مختلف وقتن تي مختلف قومن هندستان تي ڪاهون ڪيون، جن ۾ سٿين، (Seythians) پارٿين، (Parthians) ڪُشان (Kushanas) ۽ هَن (Huns) وغيره شامل آهن، جيڪي اتر اولهه کان آيا، ۽ آخر ۾ ساڳئي رستي، يا سنڌ جي رستي، هندستانن ۾ مسلمان حمله آور گھڙيا، جن ۾ غزنيءَ جي محمود جا ۽ مغلن جا ماڻهو شامل آهن.
اهڙيءَ ريت اسان ڏٺو ته جنهن علائقي ۾ هند آريائي ٻولين جي اتر- الهندي واري گروهه جون مڪاني ٻوليون ڳالهايون ٿي ويون، اهو قديم دؤر کان ڌارئين اثر هيٺ رهيو آهي، ۽ اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته ان، هتان جي ماڻهن جي ڳالهائڻ تي تمام ٿورو اثر ڇڏيو آهي، سواءِ مسلمان تسلط واري دؤر جي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي فارسي لفظ (عربيءَ سميت) هتان جي لفظن جي ذخيري ۾ ملي ويا آهن. ڪن اصلوڪين داردي ٻولين ۾ ڪي يوناني لفظ اڃا تائين موجود آهن، مثال طور ڪشميريءَ ۾ ’ديار‘dyar)) (جمع) ، معنيٰ سڪن ۾ ناڻو، جيڪو يونانيءَ جو بگڙيل لفظ آهي، يا وري ’کوار‘ (Khower) جو ’دروخم‘ يعني چاندي، جيڪو پڻ بگڙيل يوناني لفظ آهي، پر مون کي اهڙا مثال سنڌيءَ ۽ لهندا ۾ نٿا سجھن. ايتري قدر جو سنڌ جي درياهه جو نالو ’سنڌو‘ به ڪونه بدليو آهي ۽ اسين پراڻي فارسيءَ واري ’هندو‘ لفظ جھڙو ڪو مثال نٿا ڏسون، جيڪو اصل ۾ يونانيءَ جي ’انڊوس‘ ۽ اسان واري ’انڊيا‘ مان ٺهيل آهي.
لسانياتي بڻ بنياد يا اصل نسل:
هنن ٻولين جي لسانياتي اصل نسل بابت ڪا گھڻي ڄاڻ ڪانهي. سنڌيءَ جي موجوده صورت کان پهرين هڪ ’اپڀرنش‘ پراڪرت موجود هئي، جنهن کي ’وراچڊ‘ چيو ويندو آهي، جنهن جي باري ۾ هندستاني وياڪرڻ جي ماهر مارڪڻڊيه ڪجهه ڳالهيون ڪيون آهن، ان کان سواءِ هو، علائقي ۾ ’وراچڊ پئشاچيءَ‘ جي ڳالهائجڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو، ۽ ان حقيقت تي زور ٿو ڏي ته ڪيڪايه پئشاچي ان پراڪرت جو خاص روپ آهي. اسان کي لهندا واري پٽي تي ڳالهايل اپڀرنش جي ڪنهن خاص روپ جي باري ۾ ڪا معلومات ڪانهي، جيڪا قديم گنڌارا ۽ ڪيڪايه جي علائقن ۾ رائج هجي، سواءِ ان جي ته اتان جا ماڻهو تسلسل يا ورجاءَ لاءِ ساڳئي لفظ کي ٻه ڀيرا اچارڻ جا شوقين هئا (ساويپسا، ڪيڪئي) ، پر گنڌارا ۾ ’شهباز ڳڙهي‘ ۽ ’مانسهره‘ وٽ مهاراجا اشوڪ (اٽڪل 250 ق.م) جا پٿر تي نقش ڪتبا آهن جيڪي انهيءَ ٻوليءَ ۾ آهن، جيڪا ان وقت سرڪاري زبان هئي. اهو پاليءَ جو هڪ لهجو هو، جيڪو پنهنجن ڪيترين ئي صوتي خصوصيتن سبب نمايان آهي، جيڪي اڃا تائين داردي ٻولين ۾، لهندا ۽ سنڌيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿيون. ( )
وڌيڪ تفصيل سنڌي ۽ لهندا وارن ڀاڱن جي تعارف ۾ ملندا.