برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

23 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4965   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي


ٻوليءَ جو نالو:
لفظ ’سنڌي‘ هڪ صفت آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ’سنڌ جي صوبي جو/جي‘ يا ’سنڌ جي صوبي سان واسطو رکندڙ‘، انهيءَ ڪري اهو هن ملڪ جي ٻوليءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ٻوليءَ جو نالو ان علائقي کي چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو جتي اها ڳالهائي وڃي ٿي، پر پوءِ به اسين ڏسنداسين ته اها چؤطرف سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر تائين پکڙيل آهي. اتر ۾ بلوچستان ۽ پنجاب، اوڀر ۾ راجپوتانه، ڏکڻ ۾ ڪڇ ۽ اولهه ۾ لس ٻيلي تائين هلي وڃي ٿي.
سنڌ جو صوبو ٽن واضح پٽن ۾ ورهايل آهي: (1) ڪوهستان يا جابلو ملڪ، جيڪو ڪراچيءَ ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ پختو بيٺو آهي، جيڪو اتر ۾ هڪ سنهي جھالر جي شڪل ۾ کيرٿر سلسلي سان هلندو وڃي. (2) خاص سنڌ جو ڪچي وارو پٽ جنهن کي سنڌوءَ جو پاڻي ملي ٿو ۽ (3) ريگستان يا ٿر، جيڪو اڀرندي واريءَ سرحد جو رڻ پٽ چئجي ٿو. خاص سنڌ (Sindh proper) کي روايتي طرح ٽن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي: هڪڙو ’لاڙ‘ (هيٺين سنڌ) ، جيڪو سامونڊي ڪنارن کان حيدرآباد جي ويجھو تائين پکڙيل آهي. ٻيو ’وچولو‘ (وچين سنڌ) لاڙ کان اڳتي اتر طرف هلندي سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي جي وچ تائين پکڙيل آهي. ۽ ٽيون ’سرو‘ (مٿين سنڌ) جيڪو وچولي جي اتر ۾ آهي. اها ورهاست ياد رکڻ ضروري آهي، ڇو ته جڏهن اسين اڳتي لهجن جي باري ۾ ڳالهائينداسين ته انهن جو حوالو ايندو. سنڌي، سموريءَ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي آهي، ۽ اتر سنڌ کان اتر اولهه ۾ بلوچستان ۾ گھڙي وئي آهي؛ اتر ۽ اتر- اوڀر ڏانهن پنجاب ۽ بهاولپور رياست ۾ هلي وئي آهي. اولهه ۾ سنڌ کي بلوچستان کان ڌار ڪندڙ جابلو سلسلي ان کي پابند ڪيو آهي، جنهن کي ڪوهستان جي ڏاکڻي حصي ۽ ڪراچي کان سواءِ سنڌي پار ڪري نه سگھي آهي. اتي عام ٻولي بلوچي آهي پر سنڌي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ لس ٻيلي جي ڄام جي سرزمين ۾ گھڙي وئي آهي. ڏکڻ ۾ سنڌيءَ ڪڇ جو رڻ پار ڪيو آهي؛ ۽ ڪڇ ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ انهيءَ علائقي جي ٻين ٻولين سان گڏ وگڏ اها پڻ ڳالهائي ٿو. اتان وري انهيءَ گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي اپٻيٽ جا ٻنا پار ڪري اندر جاءِ ورتي آهي. ڪڇ ۾ سڀاويڪ طور سنڌي ڳالهائيندڙن (ڪڇي لهجي ۾) جو تعداد اپٻيٽ جي اتر- اولهه ۾ وڌيڪ آهي. اولهه طرف سنڌي ٿر جي اندر هلي وڃي ٿي، انهيءَ ڪري اها راجپوتانه جي رياستن مارواڙ ۽ جيسلمير جي ويجھن حصن تائين پهچي وڃي ٿي.
اولهه ۾ سنڌيءَ سان بلوچي لڳي ٿي، جيڪا هڪ ايراني ٻولي آهي ۽ ان سان تمام ڏورانهون واسطو اٿس. ان ڪري ان جو ڪوبه اثر ڪونه اٿس. اتر طرف اها لهندا سان لڳي ٿي، جنهن سان اها ويجھو لاڳاپو رکي ٿي. لهندا نه صرف سنڌيءَ جي اتر طرف ڳالهائجي ٿي، پر سموري سنڌ ۾ سنڌين سان گڏ وسيل، هڪ لک کان وڌيڪ لڏي اچي آباد ٿيل ماڻهو به سنڌيءَ سان گڏ اها ڳالهائين ٿا.
جيتوڻيڪ سنڌيءَ جو لهندا سان ويجھو لاڳاپو آهي ته به اتر واري علائقي کان سواءِ اها ڪٿي به ان جو اثر نٿي ڏيکاري ۽ جيڪو اثر آهي ته اهو به صرف لفظن جي حد تائين آهي، ان جي برعڪس نه صرف پاڙيسري ٻوليءَ جي حيثيت ۾ سنڌيءَ، سنڌ ۾ ڳالهايل لهندا تي اثر ڪيو آهي پر سنڌ جي سرحد ويجھو ڏکڻ اولهه پنجاب جي لهندا تي به ان جو اثر آهي.
اوڀر ۾ سنڌيءَ جي سرحد، راجسٿانيءَ جي مارواڙي لهجي سان لڳي ٿي. ٿر ۽ مارواڙ ۾ سنڌي ۽ مارواڙي ڳالهائڻ وارا هڪ ٻئي ۾ گڏيا پيا آهن، ان ڪري ظاهر آهي ته اتي سنڌي ۽ مارواڙيءَ جي ملاوٽ واريون ڪيترين ئي شڪلين واريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنڌي ۽ مارواڙي، هند آريائي ديسي زبانن جي مختلف گروهن سان تعلق رکن ٿيون، ان ڪري اهي انهن وچ وارن لهجن جي باوجود، هڪ ٻئي ۾ ملي ، هڪ نه ٿيون ٿين. اهي گاڏڙ ساڏڙ لهجا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، ميڪانيڪي نموني ٺهيل آهن جن ۾ لفظ ۽ مختلف ٻيون شيون، ويجھا لهجا هڪ ٻئي کي اڌارا ڏين ٿا جيڪي ڌارئين عنصر وانگر موجود رهن ٿا. اڄڪلهه انگريزي ٻولي، فرينچ لفظ اڌارا وٺـي ٿي يا جيئن فرينچن اسان کان شام جو پنجين وڳي واريءَ چانهن جو رواج اڌارو ورتو آهي، ۽ ان حوالي سان هڪ نئون فرينچ فعل جوڙيو آهي (Five O Eloquer)
ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾، سنڌيءَ سان گجراتيءَ جا ڪيترائي لهجا لڳن ٿا. جلد نائين، ڀاڱي ٻئي جي صفحي 327 ۾ ڏسبو ته جيتوڻيڪ گجراتي، هند آريائي ديسي ٻولين جي مرڪزي گروهه جي ميمبر آهي پر تڏهن به ان جي بنياد ۾ ان ٻاهرئين گھيري جي ڪا متروڪ پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي سنڌي پڻ هڪ ميمبر آهي، ان ڪري اها گم ٿي ويل متروڪ ٻولي، سنڌيءَ جي به مائٽياڻي هئڻ ڪري جڏهن ڏکڻ ۽ اوڀر ۾، سنڌي گجراتيءَ سان تعلق ۾ اچي ٿي ته آسانيءَ سان ٻئي ٻوليون هڪ ٻئي ۾ گڏجي ٿيون وڃن ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ سنڌيءَ جو هڪ چٽو لهجو ٺهي ٿو پوي، جيڪو محض سنڌي گجراتيءَ جي ملاوٽ طور نه، پر باقاعده ڪڇيءَ جي مختلف صورتن ۾ سامهون اچي ٿو. اهو نه سمجھڻ گھرجي ته هتي ميڪانڪي ملاوٽ ڪا نه ٿيندي هوندي. اها به گھڻي ٿئي ٿي ۽ ڇو ته گجراتي پڻ سموري ڪڇ جي علائقي ۾ ڳالهائجي ٿي ان ڪري ان جو اثر به ماڻهن جي تعداد يا علائقي جي حساب سان ٿيندو هوندو. ان ڪري چئبو ته گجراتيءَ جي تناسب جو دارومدار علائقي تي پڻ هوندو آهي.
لساني لڳ لاڳاپا:
هن جلد ۾ لهندا جي تعارف واري حصي ۾ اهو سمجهايو ويندو ته سنڌي ۽ لهندا گڏجي، هند آريائي ديسي ٻولين جي ٻاهرئين گھيري جو، اتر- اولهه وارو گروهه ٺاهين ٿيون، ۽ انهن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي کين اتر اولهه واريءَ سرحد (NWF) جي داردي ٻولين سان ڳنڍين ٿيون، خاص ڪري ڪشميريءَ سان، آءٌ هتي ان عام حقيقت جي باري ۾ ڪا اڳواٽ راءِ ڏيڻ بدران انهن نڪتن ڏانهن ڌيان ڏيندس، جيڪي خاص طور سنڌيءَ سان واسطو رکن ٿا.
جديد داردي ٻولين ۾ مورڌني (cerebral)۽ ڏندن وارن (dental)آوازن ۾ فرق نٿو ڪيو وڃي، يا بنهه ٿورو ٿو ڪيو وڃي، اسين ڏسنداسين ته لهندا جي ’ٿلي‘ (Thali) لهجي ۾ اڪثر ڪري ’د‘ کي ’ڊ‘ ۾ بدلايو ويندو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ’ت‘ ۽ ’د‘ اڪثر ڪري، ’ٽ‘ ۽ ’ڊ‘ ۽ ’ڏ‘ سان مٽجي ويندا آهن. مثال طور هنديءَ جو ’تانبا‘ سنڌيءَ ۾ ’ٽامو‘ يا اڃا به ’ٽرامو‘ ٿيو پوي. هندي ’دينا‘، سنڌيءَ ۾ وري ’ڏيڻ‘ آهي، اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته قديم پراڪرت جي وياڪرڻين جو چوڻ آهي ته وراچڊ اپڀرنش ۾ پڻ اهڙي تبديلي ٿيندي هئي، جنهن مان سنڌي نڪتي آهي. ان کان سواءِ لاڙي لهجي ۾ هڪ مورڌني (cerebral)’ڙ‘ کي گھڻو ڪري ڏندن واري (dental)’ر‘ سان مٽايو ويندو آهي.
ان حقيقت ڏانهن به ڌيان ڏيڻو پوي ٿو ته هڪ طرف اڪثر هند آريائي ديسي ٻوليون ٻن سُرن (Vowels)جي وچ واري ’ت‘ حذف ڪري ڇڏينديون آهن، پر پنجابي ۽ لهندا ۾ ايئن ڪونهي، جيئن لهندا ۽ پنجابيءَ ۾ ’سيتا‘ آهي، پر هنديءَ ۾ ’سيا‘ آهي. لهندا ۽ پنجابيءَ ۾ ’پيتا‘ آهي ۽ هنديءَ ۾ ’پيا‘ آهي. سنڌيءَ ۾ به اها ’ت‘ قائم رکڻ جو لاڙو آهي جيئن سنڌيءَ ۾ ’پيتو‘ ۾ آهي، جڏهن ته هنديءَ ۾ ’پيا‘ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ’ڇُتو‘ (ڇهڻ مان) ۽ هندي ’ڇُئا‘ آهي. سنسڪرت ۾ ’ڃاتڪهه‘ (Jnatakah) سنڌيءَ ۾ ’ڄاتو‘ ، سنسڪرت ۾ سمڃاتڪهه‘(Samjnatakah) سنڌيءَ ۾ ’سڃاتو‘ ، سنڌيءَ ۾ ’ڪيو‘ يا ’ڪيتو‘ پر هنديءَ ۾ ’ڪيا‘؛ سنڌيءَ ۾ ’سُتو‘ پر هنديءَ ۾ ’سويا‘ ۽ اهڙا ٻيا مثال آهن.
داردي ٻولين ۾ ٻن سُرن (يا حروف علت) جي وچ واري ’ر‘ اڪثر ڪري حذف ڪئي ويندي آهي. ان ڪري ’پشائيءَ‘ (Pashi) ۾ اسين ’ڪرم‘ ۽ ’ڪم‘ (معنيٰ ”آءٌ ڪريان ٿو“ ) ٻئي ڏسون ٿا، ۽ بنگاليءَ ۾ ’دائو‘ ۽ سنسڪرت ۾ ’دارو‘ آهي (معنيٰ ڪاٺ). معياري سنڌيءَ ۾ اهڙا مثال ڪونه ٿا ملن پر ڪڇي لهجي ۾ ڪي مثال آهن؛ جيئن ’چارڻ لا‘ جي بدران ’چايڻ لا‘، ’ڪرڻ لڳا‘ جي بدران ’ڪيڻ لڳا‘ وغيره. اهڙيءَ طرح ’ر‘ حذف ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهو به نوٽ ڪري سگھجي ٿو ته معياري لهجي وارا ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ لاڙي لهجي ۾ ’ٽ‘ ۽ ’ڊ‘ اچاريا وڃن ٿا، اهڙيءَ ريت معياري لهجي وارو ’پٽر‘ لاڙيءَ ۾ ’پٽ‘ ٿئي ٿو ۽ ’منڊر‘ ڦري ’منڊ‘ (جادو) ٿئي ٿو.
اهو ياد رکڻ گھرجي ته غير ادبي لهجن ۾ اڪثر خصوصيتون قائم رهنديون آهن جيڪي اعليٰ ادبي معيار ۾ گم هونديون آهن. اهو اسان وچ واري ’ر‘ جي حوالي سان ڏٺو ۽ ٻيا مثال وسرگ ڌماڪيدار وينجن (aspirated sonant consonants) گهه، جھه، ڍ، ڌ، ۽ ڀ جي اچارڻ سان معلوم ٿيندا. داردي ٻولين ۾ اهي آواز ڪونه ٿيندا آهن، ۽ هميشه اوسرگ (disaspirated)هوندا آهن، جيڪي اوسرگ ڌماڪيدار (disadpirated sonants)جا بدل آهن؛ مثلاً: گ، ج، ڊ، ۽ ب وغيره. اسين ڏسنداسين ته ساڳي اوسرگائي، لهندا ۾ به گھٽ موجود ڪانهي. ادبي سنڌيءَ ۾ اها گھٽ آهي. ٽرومپ پنهنجي گرامر ۾ هڪ ئي لفظ جو مثال ڏنو آهي، اهو ’مد‘ آهي، جيڪو سنسڪرت ۾ ’مڌُ‘ (شراب) ٿيندو آهي، پر ڏاکڻي لهجي ۾ اها اوسرگائي عام آهي. اهڙن لاڙي مثالن جي هڪ ڊگھي فهرست اڳين صفحن تي ڏسي سگھجي ٿي.
اڳتي ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته هند آريائي ديسي ٻولين ۾ پراڪرت مان ڦٽل ٻٽا وينجن ڪيئن استعمال ٿيندا آهن. انهن مان گھڻين ٻولين ۾ ٻٽن وينجنن مان هڪ کي ڪيرائي ان کان پهرين اچڻ واري سُر کي ڊگھو ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سنسڪرت جو ’ڀڪتهه‘ (Bhaktah)معنيٰ رڌل چانور اپڀرنش پراڪرت ۾ ’ڀتّ‘ (Bhattu)ٿي ويو. جنهن مان پوءِ جديد ٻولين ۾ ’ڀات‘ (Bhat)ٺهيو، جنهن ۾ هڪ ’ت‘ حذف ڪري، ان کان پهرين ايندڙ سُر کي ڊگھو ڪيو ويو آهي. پنجابيءَ ۾ توڙي لهندا ۾ به، جيڪا هونءَ ئي پنجابيءَ جو نقل ڪندي آهي، ايئن ڪونهي. اتي ٻٽا وينجن قائم آهن ان ڪري ان جي جاءِ تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪنهن سُر کي ڊگھو ڪرڻ جي به ڪا ضرورت ڪانهي. ان ڪري انهن ٻنهي ٻولين ۾ ’ڀتّ‘ (Bhatt)چئبو آهي. پر ان جي بدران سُر کي ڊگھو ڪونه ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪشميريءَ ۾ ’بَت‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ڀتُ‘ موجود آهن. اهو تمام اهم نڪتو آهي ڇو ته جيئن مون اڳ ۾ ڪٿي ڏيکاريو آهي ته اها تمام قديم دؤر جي خاصيت آهي. بنهه مهاراجا اشوڪ (250 ق.م) جي لکتن جي وقت جيتري قديم آهي ۽ سنڌيءَ ۽ داردي ٻولين ۾ واضح لاڳاپو ڏيکاري ٿي.
سنڌيءَ ۾ ( ) ۾ اهو اصول هميشه هڪ جھڙو ڪونهي. اهو ڌماڪيدار (sonant)وينجنن گ، ج، ڊ، د، ۽ ب سان لاڳو ڪو نه ٿو ٿئي. انهن ۾ پراڪرت وارو ٻٽو پڻ قائم رکيل آهي. ٻٽو ’د‘ اهڙن موقعن تي هميشه مورڌني (cerebralized)بنجي چوسڪاري وارو آواز ’ڏ‘ ٿيو پوي. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ انهن ٻٽن ڌماڪيدار (sonants)وينجنن جو اهڙو ته لاڙو آهي جو اها ايترو گھڻو انهن کي ٻٽو ڪري ٿي، جنهن جو ڪو پراڪرتي جواز به ڪونهي، مثال طور هي لفظ ڏسو:

اپڀرنش پراڪرت سنڌي

اگــﱠـهُه Aggahu آڳو
اَجﱡ Ajju اڄُ
ڇَدّٖئـهِ Chhaddai ڇڏي
سَــدﱡ Saddu سڏُ
اُ بـّـالئهِ Ubbalei اُٻاري


مٿين سڀني مثالن ۾ سنڌي ءَ جي ٻٽن ويجنن جي موجودگيءَ جو جواز پراڪرت ۾ آهي پر هيٺ ڏنل ڪجهه ٻين مثالن ۾ سنڌيءَ جا ٻٽا وينجن اصلوڪا ڪونه آهن.
پراڪرت مان سنڌي
گوٿُ (gothu) ڳوٺ ( ggoth)

پنجابيءَ مان سنڌي
جٽّ (Jatt) ڄٽ (jjat)

پراڪرت مان سنڌي
ڊرائي (drai) ڏري (ddare)

هندي سنڌي
دينا (dena) ڏيڻ (ddian)

سنسڪرت سنڌي
باشپَ (bashpa) ٻاڦ (bbaph)
اهو ڏسو ته مٿين مثالن ۾ پهريون اکر ٻٽو ٿيو آهي ۽ اهو ئي عام اصول آهي.
هڪ ڳالهه ۾ سنڌي. داردي ٻولين ۽ لهندا سان هڪ جھڙائي نٿي رکي. اها آهي آواز جو مَٽجڻ (epenthesis). اها ان ڳالهه ۾ مختلف آهي. ڪشميريءَ ۾ سُر جي آواز جو مٽجڻ (epenthesis) موجود آهي: مثال طور ’بڊ‘ (معنيٰ وڏو) کي ’بُڊ‘ اچاربو آهي پر سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ طرح اَ (زبر) قائم رهي ٿي، ۽ اهو لفظ ’وڏو‘ آهي. ’ڪَرڻ‘ لهندا ۾ ’ڪَرڻُ‘‘ آهي ۽ ڪشميريءَ ۾ ’ڪَرُن‘ ٿئي ٿو. انهن ٻنهي مثالن ۾ ٻي يا پوئين ’اَ‘ (زبر) ، ’اُ‘ (پيش) ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ اصلي طريقي موجب پٺيان پيش (اُ) اچي ٿو وڃي، پر اهو جديد ٻولين مان نڪري ويو آهي. ان لحاظ کان لهندا ۽ ڪشميريءَ جي ڀيٽ ۾، سنڌي قديم درجي تي آهي، اُن ۾ سُر(vowel) جي تبديلي اڃا عمل ۾ ڪانه آئي آهي.
هتي اهو ڏيکارڻ جي ضرورت ڪانهي ته سنڌيءَ جي خالص ضميرن جا جمع، لهندا ۽ داردي ٻولين جي، انهن جھڙن لفظن واري ساڳئي اصلوڪي بنياد تي ٺهيل آهن، ڇو ته اهو لهندا جي سري هيٺ ڏيکاريو ويندو. ساڳيءَ طرح اهو به ڏيکارينداسين ته ضميري پڇاڙين جو استعمال داردي ٻولين، سنڌي ۽ لهندا ۾ بلڪل ساڳيو آهي، جيئن ڪشميري ’مورُ- م‘، لهندا ۾ ’مارئــ - م‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’ماريُـم‘ معنيٰ ’مون ماريو.‘
فعلن جي ڦيرن ۾ به نڪتن تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سنڌيءَ ۾ مصدر جي پڇاڙي، ڪشميريءَ ۾ ساڳئي نموني سان ٿئي ٿي، جيئن مٿي ڏيکاريوسين، ۽ اڳيان ايندڙ صفحن تي به آهي ته ڪشميريءَ جو ’ڪَرُن‘ اصلوڪي ”ڪَــرَڻُ“ جي نمائندگي ڪري ٿو، ۽ سنڌيءَ ۾ ته اسان وٽ اصل آهي ئي ’ڪَرَڻُ‘، وري اهو به اڳتي ڏيکاريل آهي ته ڪشميريءَ ۾ اسم حاليه (present participle)’ن‘ تي ختم ٿيندو آهي، جيئن ’ماران‘ (mara-n)، اتر اڀرندي واري لهندا ۾ ’نا‘ تي ختم ٿيندو آهي، جيئن ’مار- نا‘، معياري سنڌيءَ ۾ اسم حاليه ’ندو‘ تي ختم ٿيندو آهي پر وري به ڏسو ته لهجن ۾ اسان کي ’ڻو‘ سان ختم ٿيندڙ اسم حاليه پڻ ملندا. اهڙيءَ ريت هن تعارف جي گرامر واري ڀاڱي ۾ اسين ڏسنداسين ته سنڌيءَ ۾ مستقبل ٺاهڻ لاءِ، ضميري پڇاڙيون زمان سان ڳنڍبيون آهن، ۽ ڪڇي لهجي ۾ آهي ’مارينين‘ ، جڏهن ته معياري لهجي ۾ ’ماريندين‘، ان جي ڀيٽ ۾ موجود آهي. مجھول (passive voice) ٺاهڻ مهل داردي ٻوليءَ شينا ۾ بنياد سان ’اج‘ پڇاڙي ملائبي آهي. اهڙيءَ ريت ’شدِ- اَمُس‘ (معنيٰ ماريان پيو) اهو ڦري ٿيندو ’شدِ- اِج- امُس‘ (آءٌ ماريو پيو وڃان/مارجان پيو) ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به مجھول ٺاهڻ لاءِ ’اِج‘‘ ملائيندا آهن (پر ڇوٽي سُر ’اِ‘ سان) جيئن ”ماري ٿو“، مان ٿي ويندو، ”مارِجي ٿو.“
سنڌيءَ ۾ هڪ اهم خصوصيت آهي، جيڪا صرف هڪ ٻن هندستاني ٻولين ۾ هوندي، ته هرڪو لفظ ڪنهن سُر (vowel) تي ختم ٿئي ٿو. جڏهن اهو سُر ڇوٽو هوندو آهي ته ان جو هلڪو اُچار ڪبو آهي، جيڪو ڪنهن يورپيءَ کي ٻڌڻ ۾ به شايد نه اچي، ان ڳالهه ۾ سنڌيءَ ۽ ڪشميريءَ ۾ هڪ جھڙائي آهي.
سنڌيءَ جو بنياد:
اسان جي اڳيان پراڪرت وياڪرڻي مارڪڻڊيه (xviii-I) جي وضاحت آهي ته سنڌ ۾ ڳالهائجڻ واري اپڀرنش پراڪرت کي وراچڊ سڏيو ويندو هو، جنهن مان سنڌي ڦٽي نڪتي آهي. مارڪڻڊيه انهيءَ اپڀرنش جون ڪي خاص ڳالهيون بيان ڪري ٿو. هو چوي ٿو (xviii-5) ته لفظن جي شروعات ۾ ڪڏهن ڪڏهن ’ت‘ ۽ ’د‘، ترتيبوار ’ٽ‘ ۽ ’ڊ‘ ٿي سگھن ٿا. اهو اسين سنڌيءَ ۾ اڳئي ڏسي آيا آهيون. وراچڊ ۾ (xviii-3) سڀني گھڪيدار آوازن (sibilants)کي ’ش‘ ڪري اچاربو هو، جيئن سنڌي ۾ سنسڪرت لفظ وشيه (vishaya) ڦري، وشُ (vish) ٿي وڃي ٿو. مارڪڻڊيه جون بيان ڪيل ٻيون ڳالهيون يا ته تمام تفصيلي آهن يا اسان جي موجوده ڄاڻ موجب اهي سمجھه ۾ نٿيون اچن.
لهجا:
عام رواجي حساب سان ته سنڌيءَ جا چار لهجا آهن، جيئن معياري (يا وچولي)، سرائڪي (سريلي)، ٿريلي ۽ لاڙي. هن جائزي لاءِ پهتل مثالن مان لڳي ٿو ته سنڌي جي لهجي طور سرائڪيءَ جو ڪو وجود ڪونهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ٻه ٻيا لهجا ڪڇي ۽ لاسي هن انگ ۾ شامل ڪرڻ گھرجن.

وچولي ۽ سرائڪي (سريلي):
اسان اڳ ئي ڏٺو ته خاص سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: ”لاڙ“ يا هيٺين سنڌ، ’وچولو‘ يا مرڪزي سنڌ ۽ ’سرو‘ يا مٿين سنڌ. سنڌيءَ جو معياري لهجو جنهن کي ’وچولي‘ چئجي ٿو، سنڌ جي وچولي ۾ ڳالهائبو آهي، جيڪو اندازاً حيدرآباد جي چوگرد وارو علائقو آهي. اهو ئي سنڌي لهجو آهي جيڪو هيٺ ڏنل گرامر واري خاڪي ۾ ڏنو ۽ سمجھايو ويو آهي، ۽ اهو ئي ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي، ۽ سنڌ جا سڀ پڙهيل ماڻهو اهو ڪتب آڻيندا آهن.
لفظ ’سرو‘ جي معنيٰ آهي ’مٿيون‘ ۽ ’اپر‘، يا ’مٿين سنڌ جي حوالي سان‘ معنيٰ آهي ته ’مٿيون وهڪرو‘. بهرحال ان جي اصل معنيٰ آهي ’ڪو به اهڙو علائقو جيڪو سنڌوءَ جي وهڪري کان مٿان هجي‘، ان ڪري ان ۾، اولهه پنجاب جو لهندا ڳالهائڻ وارو اوستائين حصو به اچي ويو، جيستائين سنڌي ڳالهائڻ وارن جي حد آهي. انهيءَ لفظ ’سرو‘ مان ’سرائڪي‘ ٺهيو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ’مٿئين وهڪري واري ملڪ جي ٻولي‘. ان مان ظاهر آهي ته ان جون ٻه معنائون ٿي سگھن ٿيون، يا ته ان جو مطلب ٿيندو ’مٿئين سنڌ ۾ ڳالهائجڻ واري ٻولي‘ يا وري ان جو مطلب ٿيندو ته ’سنڌوءَ کان مٿي ڳالهائجڻ واري لهندا‘، ۽ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ کي ٻنهي مفهومن سان استعمال ڪندا آهن. مونجھاري کان بچڻ لاءِ پهرينءَ کي آءٌ ’سرائڪي سنڌي‘ ( ) چوندس ۽ پوئينءَ کي ’سرائڪي لهندا‘. سنڌ ۾ لهندا واري علائقي مان گھڻا ئي ماڻهو لڏي آيل آباد آهن، ان ڪري هن صوبي ۾ چڱيءَ وڏي آباديءَ جي ٻولي سرائڪي لهندا آهي. سندن ٻوليءَ جي نموني بابت تفصيل سان اسين اڳتي هلي اهو بحث ڪنداسين جنهن جو عنوان ئي لهندا آهي.
جيتري قدر سرائڪي (سريلي) سنڌيءَ جو تعلق آهي، مختلف نمونن جي ڇنڊ ڇاڻ ڏيکاري ٿي ته اها وچولي جي معياري سنڌيءَ کان واضح صاف ۽ چٽي اچار سبب، مختلف آهي، ۽ ڪجهه لفظن ۾ به فرق آهي. ( ) انهيءَ سبب جي ڪري اهو ڌار لهجو ڪونه چئبو، ۽ آءٌ ته سرائڪي (سريلي) سنڌيءَ کي وچوليءَ جو هڪ روپ چوندس. سنڌ ۾ ۽ آسپاس معياري سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد هن جائزي لاءِ 1819ع واري آدم شماريءَ وارو ورتو ويو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
لهجي جو نالو:
وچولي: ڳالهائڻ وارا
ڪراچي .............. 780، 730
حيدرآباد ............ 000، 791
ٿر ۽ پارڪر ...........556، 166
ڪڇ ........................ 350، 1
ڪاٺياواڙ ................000، 46

ڪل ..... 686، 375، 1

 

سرائڪي (سريلي) سنڌي

شڪارپور ( ) .................... 000، 824
خيرپور (رياست) ................. 000، 119
مٿيئن سنڌ جي سرحد ......... 000، 100
بهاولپور (رياست) ................. 416، 21
بلوچستان ........................... 510، 48

ڪل ........... 926، 112، 1
۽ ڪل سڀ گڏي . 2488612

ٿريلي:
’ٿريلي‘ ٿر يا ريگستان ۾ ڳالهائجڻ واري سنڌيءَ جو نالو آهي جيڪو سنڌ جي اڀرندي واريءَ سرحد تي موجود رڻ پٽ آهي، جيڪو راجپوتانه کان سنڌ کي جدا ڪري ٿو. ان جو هڪڙو ٻيو به ٿورو مختلف نالو آهي ’ٿريچي‘. مارواڙ ۾ رڻ پٽ کي ’ڍاٽ‘ چوندا آهن. ان ڪري لهجي کي ’ڍاٽڪي‘ به چوندا آهن. نالو ڪهڙو به هجي، اهو سنڌيءَ ۽ مارواڙيءَ جو مڪسچر يا گاڏڙ لهجو آهي، ۽ هڪ جي ٻئي مٿان اثر جي لحاظ کان مختلف جاين تي ٿورو فرق رکي ٿو. اهو لهجو 749، 204 ماڻهو ڳالهائن ٿا پر ٻولي گاڏڙ هئڻ سبب اهي انگ اکر جُلد نائين ، ڀاڱي ٻئي جي صفحي 22 تي، ’مارواڙيءَ‘ جي سري هيٺ شامل ڪيو ويو آهي. ان ڪري هتي سنڌيءَ واري انگ سان ڪونه ملايو اٿئون. ان ڪري جدول ۾ اهي انگ ڏنگين ۾ ڏنا اٿئون ۽ ڪل تعداد ۾ شامل ڪونه ڪيا اٿئون.
لاسي:
وچولي جي ڏکڻ- اولهه طرف، ڪراچي ضلعي کان جابلو علائقي ڪوهستان ذريعي ڌار ٿيندڙ، هڪ علائقو آهي لس ٻيلي جي ڄام جو. ڪوهستان ۾ مکيه ٻولي ته بلوچي آهي پر 200 کن سنڌي ڳالهائيندڙ به ملن ٿا. لس ۾ سنڌي، بروهي ۽ بلوچي مختلف قبيلن جون ٻوليون آهن، انهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 42413 ٻڌايو وڃي ٿي. ڪوهستان ۽ لس ۾ جيڪو سنڌيءَ جو روپ ڳالهايو وڃي ٿو ان کي ’لاسي‘ چوندا آهن. اها وچوليءَ کان گھڻي مختلف ڪانهي پر ڪراچيءَ ۾ ڳالهائجڻ واري لاڙيءَ جي اثر جا ڪجهه اهڃاڻ اٿس. ان کان سواءِ ان ۾ ڪي پنهنجون خصوصيتون به آهن، لاسي ڳالهائڻ وارن جو تعداد هن ريت آهي.
ڪراچي ............................ 200
لس ٻيلو ......................... 42413

ڪل تعداد...... 42613

لاڙي:
وچولي جي ڏکڻ ۾ ’لاڙ‘ يا هيٺين سنڌ (لوئر سنڌ) آهي. ’لاڙ‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’لاهيءَ وارو پَـٽُ‘ (sloping ground)، بلڪل ايئن ئي جيئن ’سِرو‘ جي معنيٰ ’مٿانهون‘ (اپر) ۽ ’وچولو‘ جي معنيٰ ’وچيون‘ (سينٽرل)، اهو سنڌ جي ان حصي لاءِ مخصوص آهي جيڪو سنڌوءَ جي دو- آبي (ڊيلٽا) ۾ آهي. لاڙ جو لهجو ’لاڙي‘، ’وچوليءَ‘ کان ڪافي مختلف آهي. مڪاني ماڻهو ان کي بي ڊولو ۽ رُکو سمجھندا آهن، ۽ ادب ۾ استعمال ڪو نه ڪيو ويندو آهي. تنهن هوندي به اسين ڏسون ٿا ته ٻوليءَ جي ماهرن لاءِ اهو دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ڇو ته ان پاڻ ۾ ڪي نمايان داردي خصوصيتون اهڙيون قائم رکيون آهن جيڪي ’وچولي‘ وڃائي چڪي آهي. اهو لهجو 000، 40 ماڻهو ڳالهائين ٿا، جيڪي سڀئي ڪراچي ضلعي سان تعلق رکن ٿا.
ڪڇي:
سنڌ جي ڏکڻ ۾ ’ڪڇ‘ جو اپٻيٽ (Peninsula)آهي. اهو گھڻين ئي ٻولين جي گڏجڻ وارو هنڌ آهي، جن ۾ سنڌي، مارواڙي ۽ گجراتيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ ٽي لهجا اچي وڃن ٿا. ٻولين جي ورهاست علائقي بدران جاتين موجب وڌيڪ آهي پر ته به اتر- اولهه ۾ سنڌي وڌيڪ مضبوط آهي. سنڌيءَ جو اهو لهجو ’ڪڇي‘ سڏجي ٿو، ۽ اهو نه صرف ڪڇ ۾، پر ويجھي ڪاٺياواڙ جي اپٻيٽ ۾ به ڳالهايو وڃي ٿو. اتي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اهو ڳالهائيندڙ ن جو تعداد 437714 ڳڻيو ويو آهي. ڪڇ جا ماڻهو شاهوڪار واپاري آهن ۽ مٿئين تعداد کان سواءِ 53500 وڌيڪ ماڻهو اهو لهجو بمبئيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ ڪڇي ڳالهائيندڙ جو ڪل تعداد هن ريت آهي؛
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ........................................... 437714
بمبئيءَ ۽ ٻيا پاڙيسري علائقا ....... ...................... 53500

ڪل تعداد .... 214، 491
ڪڇيءَ جي سري هيٺ وڌيڪ ٻن ننڍن لهجن (sub-dialects) جا انگ اکر به اچن ٿا، جيڪي آهن ’ڪايئسٿي‘ (Kayasthi) ۽ ’ڀاٽيا‘ جن جو ذڪر مناسب هنڌ تي ڪنداسين.
ڳالهائڻ وارن جو ڪل تعداد:
هن جائزي لاءِ آيل انگن اکرن ۾ پنجاب، بلوچستان، راجپوتانا ۽ سنڌ کان سواءِ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو سمورو تعداد اچي ويو. لهجن جي ترتيب موجب انهن انگن اکرن کي ترتيب ڏئي سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ان جي اصل گھر ۾ هن ريت بيهي ٿو.
لهجو ڳالهائيندڙن جو تعداد
وچولي (معياري) ۽ سرائڪي سنڌي (سريلي). 2488612
ٿريلي ( ) .................................................... (204749)
لاسي ............................................................... 42613
لاڙي ................................................................ 40000
ڪڇي .......................................................... 491214

ڪل تعداد .... 3،062،439
جيڪڏهن انهن ۾ اسين ٿريليءَ جا 204740 ڳالهائيندڙ جوڙ ڪريون (جيڪي اڳ ئي مارواڙيءَ ۾ ڳڻجي چڪا آهن) ته اسان جو تعداد وڌي وڃي 3267188 بيهندو.
مٿيان انگ اکر به، هن جائزي جي ٻين انگن اکرن جيان 1891ع واري آدم شماريءَ جي انگن اکرن جي اندازي تي دارو مدار رکن ٿا، پوءِ وارين آدم شماريءَ جي رپورٽن ۾ لهجن مطابق تفصيل ڪونه ڏنل آهن، انهن ۾ سواءِ چند موقعن جي اڪثر صرف ٻولين جا انگ اکر ڏنل آهن. ان ڪري 1901ع يا 1911ع وارين آدم شمارين جي انگن اکرن کي اسان جي هن مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ تقريباً ناممڪن آهي. هتي ڏنل لهجن وارا تفصيل اسان کي مڪاني عملدارن مهيا ڪيا، ۽ سڀني جا اندازا 1891ع واري آدم شماريءَ واري مڪاني ڄاڻ تي ٻڌل هئا، ۽ اهي حاصل ڪرڻ جو بس اهو ئي طريقو ميسر هو. ان ڪري اسين 1911ع واري آدم شماري رپورٽ ۾ ڄاڻايل سنڌي (سڀ لهجا) ڳالهائيندڙن جي تعداد کي هن ريت سهيڙي سگھون ٿا.
صوبو يا رياست سنڌي ڳالهائيندڙ
بلوچستان .............................................................. 6،346
بمبئي ............................................................. 2،897،267
بلوچستان جون رياستون ....................................... 63،628
بڙودا رياست ..... ................................................... 16،089
بمبئيءَ جون رياستون ......................................... 599،287
پنجاب جون رياستون .......................................... 22،169
راجپوتانا ايجنسي .............................................. 58،118

ڪل تعداد ..... 3،662،904

مٿئين حساب ۾ راجپوتانا ايجنسيءَ جا انگ اکر ڪجهه وڌيڪ آهن ڇو ته ان ۾ سنڌ جي سرحد وارين رياستن جا انگ به شامل آهن، پر اها ڪا ايڏي وڏي غلطي ڪانهي ڇو ته فرق صرف ڪجهه سوَن جو هوندو.
اڃا به اهڙيون جايون رهن ٿيون جتي سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي پر اها اتان جي ديسي ٻولي نٿي چئي سگھجي، اُن جاءِ تي اسين 1911ع وارا انگ اکر کڻنداسين ڇو ته ان مان لهجن جي ورهاست نٿي ڪري سگھجي.
صوبو يا رياست سنڌي ڳالهائيندڙ
بنگال ....................................................................... 235
بهار ۽ اُڙيسا .............................................................. 282
وچيان صوبا (Central Provinces)(سي پي) ۽ برار ......1583
مدراس ..................................................................... 495
پنجاب ................................................................... 1997
گڏيل صوبا (يو پي) ................................................... 362
سينٽرل انڊيا ايجنسي .............................................. 462
حيدرآباد رياست (دکن) ............................................. 307
مدراس رياستون ........................................................ 730
ميسور رياست ........................................................... 209
ٻيا صوبا ................................................................... 369

ڪل تعداد ..... 7،031
هتي شايد پنجاب جا انگ اکر ڪجهه وڌيل آهن، جتي ڪي ماڻهو سرحدي سنڌ جي علائقن مان آيل به ٿي سگھن ٿا، جتي سنڌي ديسي زبان آهي، پر انهن کي ٻين کان ڌار ڪرڻ مشڪل آهي.
هاڻي سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جا انگ اکر ۽ ٻاهر سنڌي ڳالهائيندڙن جا انگ اکر (1911ع جي آدم شماريءَ موجب) گڏي اسين پوري هندستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد معلوم ڪري سگھون ٿا.
پنهنجي وطن ۾ ڳالهائيندڙ ................................ 3062،439
ٻاهر ڳالهائيندڙ ....................................................... 7031

ڪل تعداد ...... 3069،470

جيڪڏهن ٻنهي لاءِ 1911ع واري آدم شماريءَ جا انگ اکر کڻنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪل تعداد ڪيترو آهي.
وطن ۾ ڳالهائيندڙ ........................................... 3662،940
ٻاهر ڳالهائيندڙ ...................................................... 7031

ڪل تعداد ..... 3669،935
انهن ٻنهي ۾ ڪل فرق 600465 جو آهي، ۽ جيڪڏهن اسين ان مان اهو سمجھون ته 1891ع کان 1911ع تائين آبادي ۾ واڌ ايتري ٿي، ۽ وري اها به غير يقيني حالت ذهن ۾ رکون جيڪا سرحد تي ڳالهايل ٻولين ٿريلي ۽ سرائڪي لهندا جي ڳڻپ ۾ موجود آهي ته اسان کي مٿيان انگ اکر قبول ڪرڻا پوندا، ۽ سنڌ جي صوبي ۾ آباديءَ جي واڌ گذريل ويهن سالن ۾ 638335 ثابت ٿئي ٿي.
سنڌي ادب:
سنڌيءَ جو تحريري ادب تمام ٿورو آهي، جنهن جو به تمام ننڍو حصو ڇپيو هوندو. سڀ کان وڌيڪ مڃيل ليکڪ عبداللطيف آهي، جيڪو سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ مشهور ٿيو.
هو تمام وڏي ڪلام جو مصنف هو، جنهن جو نالو ’شاهه جو رسالو‘ آهي، جنهن کي گھڻو پسند ڪيو ٿو وڃي. اهو هڪ صوفياڻو ڪلام آهي جنهن ۾ هن جو متو ڪجهه ڪهاڻين جي معرفت سمجھايل آهي. انهيءَ کي ٽرومپ ايڊٽ ڪيو آهي. (هيٺ ٻين ڪجهه ڪتابن جي فهرست به ڏنل آهي). انهيءَ مصنف جي باري ۾ برٽن ( ) لکي ٿو ته هن جا هم وطن هن کي سنڌ جو حافظ ٿا سمجھن ۽ اهڙو ڪوبه پڙهيل اڻ پڙهيل ماڻهو ڪونهي جنهن هن جا ڏک ڀريا بيت پڙهيا يا ٻڌا نه هجن. هن جي شاعري انهن سڀني لاءِ موهيندڙ آهي، جيڪي ان کي سمجھي سگھن ٿا. پڙهيل ماڻهو ان جي خوبصورتيءَ سبب ان کي ساراهين ٿا، اها دنبوري جي آواز سان ٻڌڻ سان لطف حاصل ڪن ٿا. اڻپڙهيل ماڻهن کي به عام طرح ان جا خاص حصا بر زبان ياد هوندا آهن ۽ انهن جي معنيٰ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ٽرومپ ان کان ڪجهه گھٽ اهميت وارا ڪي ٻيا ليکڪ به پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ريڊنگ بڪ‘ ۾ ڄاڻايا آهن جن ۾ يورپين جا ايڊٽ ڪيل سنڌي ڪتاب به اچي وڃن ٿا. هندستان ۾ ڇپجندڙ سنڌي ڪتابن جي فهرست ننڍي آهي ۽ گھڻو ڪري اسڪولي ڪتاب ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪتاب آهن. سنڌيءَ ۾ڪيترائي عوامي شاعريءَ جا اعليٰ نمونا ملن ٿا. برٽن انهن مان مکيه جو بيان ڪيو آهي جنهن مان هڪ نمونو اڳيان ٿريليءَ لاءِ مخصوص حصي ۾ ڏنو ويو آهي.
سنڌيءَ ۾ انجيل جي ڪنهن حصي جو قديم ترين ترجمو سيرامپور مشنرين (Serampor missionaries) طرفان 1825ع ۾ تيار ڪرايل ملي ٿو جيڪو سينٽ مئٿيو واري نسخي جو آهي. اها پڪ ڪانهي ته اهو ڇپيو هو يا نه. ان کان پوءِ ساڳئي نسخي جو هڪ نئون ترجمو ناگري نموني (رسم الخط) تي ڪئپٽن اسٽئڪ 1850ع ۾ سينٽ جان ۾ ڪيو، جنهن جي اڳئين سال انهيءَ ساڳئي ترجمي کي هندو طريقي تي گرمکي رسم الخط ۾ ظاهر ڪيو ويو. اهي ٽيئي وري بمبئيءَ جي انجيل سوسائٽيءَ (Auxiliary Bible Society) طرفان ڇپايا ويا آهن. انهن کان پوءِ انجيل جي مختلف حصن جي ترجمي کي گڏي يڪو ’نئون عهدنامو‘ (New Testament) عربي نموني جو برطانوي ۽ غير ملڪي انجيل سوسائٽيءَ لنڊن طرفان، 1890ع ۾ ڇپايو ويو هو، ان کان پوءِ ڪيترائي سڌاريل ڀاڱا وري به ڇپجندا رهيا آهن.

 

 

 

 

 

 

 

 


ڪتابن جي فهرست


(1) ڊبليو ايڇ واٿن : سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ۽ لفظي خزانو ، بمبئي، 1836ع
(2) اي بي ايسٽوِڪ: سنڌي ٻوليءَ جو لفظي خزانو، فوليو بمبئي، 1843ع
(3) آر ليچ: سنڌيءَ جي اولهه ۾ ڳالهائجندڙ ستن ٻولين جا لفظي خزانا، بمبئي، 1843ع
(4) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ: انگريزي- سنڌي ڊڪشنري، بمبئي ، 1849ع
(5) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ: سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، بمبئي، 1855ع
(6) سر رچرڊ برٽن: سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون (صوبي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي اهميت سميت) ، لنڊن، 1851ع
(7) اي پي آرٿر: دوسا ڀائيءَ سهراب جيءَ جي اصطلاحي جملن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ گلاڊون جي ’پرشين منشي‘ مان پنجهتر ڪهاڻين جو ترجمو، اي پي آرٿر سان سهڪار ڪندڙ هو منشي غلام علي- ڪراچي، 1852ع
(8) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ: هڪ ’سنڌي ريڊنگ بڪ‘ ، سنسڪرت ۽ عربي رسم الخط ۾، مرتب پادري ارنيسٽ ٽرومپ، ايم- اي- پي- ايڇ- ڊي، لنڊن، 1858ع
(9) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ
Das Sindhi im Vergleieh Zum Prakrit und den underen nenereu-(Dialecten Sanskritischen ursprungs Zeitechrift der Deuteehen Morgenlandisehen Gasellschaft vol xv 1861 pp 690 ff)
(10) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ
Das Stammbil des Sindhi im Vergleieh Zum Prakrit und den underen nenereu-(Dialecten Sanskritischen ursprungs Zeitechrift der Deuteehen Morgentandlscha Greseuschaft vol xvi 1862 pp 127 ff)
(11) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ
Eine Sindhi-spraehprobe Sorathi-Ein Sindhi- Gedieht aus dem grossen Dwian des Sayyid Abd-ul-Latif, bekannt unter dem Namen SHAH JO RESALO order buck des Sah Zeitschrift dee deutschan. Morgenlendischen gesellschraft vol xviii 1863 pp245 ff.
(12) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ: سنڌي لٽريچر، عبدالطيف شاهه جو ديوان جيڪو ’شاهه جو رسالو‘ سڏجي ٿو، ايڊٽ ڪندڙ اي- ٽرومپ ، لپسيا، 1866ع.
(13) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ: سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنسڪرت، پراڪرت ۽ ٻين ڄاتل هندستاني ديسي ٻولين سان ڀيٽيل، لنڊن ۽ لپسيا 1872ع
(14) سر ايف جي گولڊ سمڊ: سنڌي صرف ۽ نحو- (ميان محمد ۽ منشي پرڀداس جي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر مان ورتل، جنهن جو مهاڳ انگريزيءَ ۾ سر گولڊ سمڊ لکيو.) ڪراچي، 1860ع.
(15) سر ايف- جي گولڊ سمڊ: سسئي ۽ پنهون، اصلوڪي سنڌيءَ جي شاعري، جيڪا انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪئي وئي. لنڊن، 1863ع.
(16) منشي اڌارام: سنڌي ۽ انگريزيءَ جي شاگردن جي گائيڊ، ڪراچي، 1861ع (شرٽ کي به ڏسو.)
(17) وشنو پراجپائي لڪشمن: انگريزيءَ- سنڌيءَ ڊڪشنري، بمبئي، 1868ع
(18) جان بيمس: هندستان جي جديد آريائي ٻولين جو تقابلي گرامر جنهن ۾ هندي، پنجابي، سنڌي، گجراتي، مراٺي، اڙيه ۽ بنگالي شامل آهن. لنڊن، 1879-1872ع.
(19) پادري جي شرٽ: اڌارام ٿانورداس ۽ ايس ايف مرزا، سنڌي- انگريزي ڊڪشنري، ڪراچي، 1870ع.
(20) اي- ڊبيلو آر هانيل: (Hoernle)
A Comparatime Grammar of the Gaudian languages, with Special Reference to Eastern Hindi, London, 1880.
(21) ايل- ڊبليو سيمور: سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، ڪراچي، 1884ع.
(22) جي ايف بلوم هارڊ: هندي، پنجابي، سنڌي ۽ پشتو ڇپيل ڪتابن جو ڪئٽالاگ. جيڪي برٽش ميوزيم جي لائبريريءَ ۾ آهن. لنڊن، 1893ع.
(23) جي ايف بلوم هارڊ: انڊيا آفيس لائبريريءَ جو ڪئٽالاگ، بلو- II ، ڀاڱو III - هندي، پنجابي، پشتو ۽ سنڌي ڪتاب. لنڊن ، 1902ع.
(24) سر جارج گريئرسن- ڪي سي آي اي: رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو وراچڊ ۽ سنڌيءَ جو جرنل، 1902ع، ص 47.