برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

23 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     4963   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


ناشر پاران

 

 

انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو، بلڪ ان جي لاءِ معياري عربي- سنڌي لپي مقرر ڪري ڪتابن لکڻ لکرائڻ جي روايت وڌي وئي، ان کي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪري مختلف مضمونن جا درسي ڪتاب لکرايا ويا. سرڪاري عملدارن جي لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ لازمي قرار ڏنو ويو ۽ انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ سنڌي- انگريزي، انگريزي- سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي ٻوليءَ جا گرامر ۽ ٻيا تحقيقي ڪتاب لکرايا ۽ شايع ڪرايا ويا. ديسي عالمن استادن کان سواءِ ڪيترن يورپين اسڪالرن به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪتاب ۽ مقالا لکيا، جن ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ، رچرڊ برٽن وغيره سرفهرست آهن. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سر جارج گريئرسن سموري ننڍي کنڊ جي مادري ٻولين جو هڪ جامع جائزو پيش ڪرڻ لاءِ ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي“ نالي سان مختلف جلد تيار ڪرڻ شروع ڪيا، جن مان جلد اٺون، ڀاڱو پهريون موجوده پاڪستان جي ايراضيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻن وڏين ٻولين ”سنڌي“ ۽ ”لهندا“ بابت هو، جيڪو هن پهريون ڀيرو 1919ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن کان پوءِ ان جا ٻيا ڇاپا به ايندا رهيا. عام خيال اهو هو ته جيئن ته انهيءَ ڪتاب جي ٻولي ڪجهه ڏکي هئي، ان ڪري گهڻا ماڻهو ان مان لاڀ پرائي نه ٿي سگهيا، ان ڪري ان کي ترجمو ڪيو وڃي. انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکي، مون هن ڪتاب کي ترجمو ڪيو. ان وقت هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ هڪ مترجم جي حيثيت ۾ مون لکيو هو ته: ”هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، ارتقا توڙي بنيادي سٽاءُ ۽ ساخت يا گرامر جي بيان ۾ بنيادي ۽ اهم ڪتاب رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ ان کان بهتر ۽ وڌيڪ تحقيق وارا ڪيئي ڪتاب اچي چڪا آهن، ڪيترائي نوان نظريا ان جي ردَ ۾ پيش ٿي چڪا آهن، پر ته به هن ڪتاب جي اهميت گهٽ ڪانه ٿي آهي. سنڌيءَ جي داردي ٻولين ۽ لهندا سان رشتي ناتي قائم ڪرڻ جي ڏِس ۾ گريئرسن جو پنهنجي ليکي هڪ جداگانه ۽ منفرد رايو آهي ۽ ان مان ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ استفادو ڪيو آهي ۽ اهو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي بيان ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو...“

۽ آءٌ اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ته هي هڪ اهڙو بنيادي ڪم هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي مختلف لهجن جي باري ۾ تحقيق جي روايت وڌي. جيتوڻيڪ گريئرسن تي اها به تنقيد ٿي ته هُن هِن ڪتاب جي لاءِ مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ هيٺئين سطح جي روينيو عملدارن کان ڪم ورتو، جن مان ڪن ان ڪم ۾ غير ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ کيس لهجن وغيره جي باري ۾ اڻپوري يا غلط معلومات مهيا ڪئي، پر تنهن هوندي به ان جي اهميت گهٽ ڪانه ٿي.

سنڌي ٻوليءَ تي ٿيندڙ تحقيق جي حوالي سان انهيءَ ڪتاب جي سمورن جلدن جي اهميت هميشه رهندي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ”اينڊو مينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ (سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ واري اينڊو مينٽ فنڊ ٽرسٽ) پاران سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ آڳاٽن ڪلاسڪ ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي ۽ ترجمي واري رٿا اٿارٽيءَ لاءِ منظور ڪئي ويئي ته ان ۾ شامل ڪتابن ۾ هن ڪتاب کي به شامل ڪيو ويو. هن رٿا جو ٻيو حصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ جديد طرز جي سائونڊ اسٽوڊيو جي تعمير آهي، جنهن تي پڻ ڪم هلندڙ آهي ۽ خيال آهي ته 2011ع جي وچ ڌاري اهو اسٽوڊيو تيار ٿيڻ کانپوءِ اٿارٽيءَ پاران سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ محاورن کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي واڌاري، سکيا ۽ استعمال جي ڏس ۾ مختلف پروگرام ترتيب ڏئي، ان جي ترقيءَ ۽ تحفظ جي ڏس ۾ ڪردار ادا ڪيو ويندو.

آخر ۾ آءٌ اينڊو مينٽ فنڊ ٽرسٽ جي چيئرمئن ۽ ميمبرن، خاص ڪري ان جي سيڪريٽري محترم عبدالحميد آخوند جا ٿورا، مڃڻ پنهنجو فرض ٿي ڀانيان جنهن اهو پراجيڪٽ اٿارٽيءَ کي ڏياري، هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ ڪيترو درد کي ٿو.

مون کي اميد آهي ته هن ڪتاب مان اسان جا محقق، عالم اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شاگرد ضرور لاڀ پرائيندا.

 

 

 

حيدرآباد

ڊاڪٽر فهميده حسين