Video
التماس
اهل علم ۽ اهل دل صاحبن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته فدويءَ کي ڪنهن به قسم جو علمي مايو نه آهي، فقط محبت ۽ سڪ درويشيءَ جي سَڌ ڪندڙ آهيان، ڪيترن ڏينهن کان هڪ دوست ستائيندو رهيو ته رقت حال جي سمجهاڻيءَ بابت، هڪ مضمون يادگار تيار ڪري ڏيو. هن وقت هر جاءِ راڳ جي شغل سبب، خيال ٿيو ته راڳ جي باري ۾ دوستن کي خبردار ڪجي، انهيءَ خيال ۾ گذاريندي، ڳچ ڏينهن گذري ويا، هڪ ڏينهن ڪتاب فيض مآب، ”احياءُ علوم الدين“، جناب امام غزالي صاحب جن جو مطالعي ڪندي، سماع ۽ راڳ جي باري ۾ ڪجهه ورق نظر آيا، جن جي مطالعي کان فدويءَ جي دل کي نهايت مزو آيو ۽ موافق حال جي مضمون ملڻ سبب، پنهنجي ناقص عقل ۽ علم آهر ترجمو ڪري، ان ۾ پنهنجي رهبرن جون ڪي هدايتون آميز ڪري، ڪتاب جي صورت ۾ تيار ڪري دوستن جي اڳيان پيش ڪريان ٿو.
جناب ابو غلام بتول فقير، غلام رسول صاحب چشتي، ساڪن شڪارپور جن جو تمام شڪرگذار آهيان، جن پنهنجو قيمتي وقت هن ڪتاب جي لکي پوري ٿيڻ بعد، ٻڌڻ ۽ صلاح ڏيڻ ۾ صرف ڪيو آهي.
سڀني صاحبن جي خدمت ۾ اڳي ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته فدويءَ کي ڪو علمي مايو نه آهي ۽ ان کان سواءِ انسان اصل خطا ۽ ڀُل جو گهر آهي، ان سبب ڀل يا چڪ ۽ ضعيف مضمون جو معافي طلب آهيان.
بنده
- مسرور شڪارپوري