ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جنم يارھين سيپٽمبر 1931ع تي ڳوٺ ماڙي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. ھن ٽي ماسٽرس جون ڊگريون (سنڌي ادب، اسلامڪ ڪلچر ۽ رليجن) ۾ حاصل ڪيون. ان کان سواءِ ايل.ايل.بي ۽ سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو شُمار انھن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن ڏينھن رات محنت ڪري سنڌي ادب جي ذخيري کي مالا مال ڪيو آھي. سندس ڇپيل ڪتابن جو ڪُل تعداد ستيتاليهه آھي. جن مان ٻائيتاليهه سنڌيءَ ۾ ۽ پنج اردوءَ ۾ آھن. انھن ۾ سندس ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب به شامل آھن. سندس مشھور ڪتابن ۾ ”ڏور“، ”شاھ ڪريم جو ڪلام“، ”سنڌي نعتيه شاعري“، ”تذڪره شعراء سکر“، ”فڪرِلطيف“، ”پرک ۽ پروڙ“، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ”شڪارپور جي ٻولي“ ۽ ماڻڪ موتي لال“ وغيره آھن. سندس خاص لاڙو ته شاعرن جي ڪلام، انھن جي فڪرجي سمجھائي ۽ تاريخ ڏانھن آھي، پر ”شڪارپور جي ٻوليءَ“ ۽ ”واحد سنڌي گرامر“ کان سواءِ اردو ۽ سنڌي جي لساني رابطن بابت ڪتابن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھو لسانيات جي علم جي پڻ سٺي ڄاڻ رکندو ھو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 65 سالن جي عمر ۾ 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪري ويو.
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر بابت مختلف عالمن ڪتاب لکيا ۽ ڪن اسڪالرن انهن عالمن سان ڪن ڳالهين تي اختلاف به ڪيا ۽ اهو ئي طريقو آهي، جنهن سان علمي بحث ڇڙن ٿا ۽ تحقيق اڳتي وڌي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جا هڪ درجن کان به مٿي اهڙا عالم آهن، جن ”سنڌي...