سنڌي گرامر جي مختلف پهلوئن تي لکندڙ ”خاتون اول“ رايا ييگورووا جو تعلق روس جي راڄڌاني ماسڪو سان آهي. هن ماسڪو ۾ رهندي سنڌي سکي، هوءَ سنڌي جي ٻن ناميارن عالمن پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سان خط و ڪتابت ڪندي هئي. هن ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن ۾ سنڌي گرامر جي تقريباً سڀني پهلوئن تي روشني وڌي اٿس. ان ڪتاب جو انگريزي ترجمو 1971ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيو. رايا ييگورووا ان ڪتاب کان سواءِ روسي ٻوليءَ ۾ سنڌي متعلق ٻيا مضمون به لکيا آهن، جن ۾ ضميري پڇاڙين ۽ فعل جي صيغن وغيره تي بحث ڪيو اٿس.
سنڌي ٻوليءَ جي گرامر بابت مختلف عالمن ڪتاب لکيا ۽ ڪن اسڪالرن انهن عالمن سان ڪن ڳالهين تي اختلاف به ڪيا ۽ اهو ئي طريقو آهي، جنهن سان علمي بحث ڇڙن ٿا ۽ تحقيق اڳتي وڌي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جا هڪ درجن کان به مٿي اهڙا عالم آهن، جن ”سنڌي...