Video

ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي

ھنن ٻنھي صاحبن جو تعلق تعليم کاتي سان ھو. ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ھو ۽ ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي ٽريننگ ڪاليج جو استاد ھو. ھنن خاص ڪري ننڍن ٻارن لاءِ 1914ع ۾ موجوده صورتخطيءَ ۾ ”سنڌي وياڪرڻ“ (ٻه ڀاڱا نالي سان گرامر لکيو، جيڪو تمام ڪمائتو ڪتاب آھي.