Video

واحد بخش شيخ

واحد بخش شيخ جنوري 1919ع ۾ ڳوٺ ٻٽ سرائي ھاڻوڪي دادو ضلعي تڏھن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم ميھڙ نصيرآباد مان حاصل ڪيائين. شيخ صاحب عربيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، ان کان سواءِ ايڊن برگ برطانيه مان ھڪ سال جو ڊپلوما ڪورس به ڪيو. واحد بخش شيخ صاحب پيشي جي لحاظ کان استاد ھو، مختلف اسڪولن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، حڪومت سنڌ ۽ چيئرمن بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيش حيدرآباد به رھيو. شيخ صاحب کي ادب ۽ شاعريءَ سان به لڳاءُ ھو،  سندس تخلص ”شاھد“ ھو.

شيخ صاحب ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ونحو“ ٻن ڀاڱن ۾ لکيو آھي، هن ڪتاب ۾ هن سنڌي گرامر کي عربي اصولن تي رکي پرکيو آهي ۽ سنڌي کي عربيءَ جي ڀيڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيترائي عربي اصطلاح ڪتب آندا آهن.ان کان علاوه هن انگريزيءَ ۾ “Education Based on Teaching of Holy Quran” ڪتاب به لکيو جيڪو 1993ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌيونيورسٽي ڄام شوري شايع ڪيو آھي. واحد بخش شيخ کي سندس خدمتن جي عيوض 1968ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو ۽ ايسٽ پاڪستان جو مفت دورو ڪرايو ويو.