اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-93-2
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (373) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     15615   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 2


بيت: 2 وَحدهٗ لا شَريڪَ لَــہُ، جن اُتو سين ايمانَ، تِن مڃيو محمد ڪارڻي، قَلبَ ساڻ لِسانَ، اُوءِ فائقَ ۾ فرمان، اَوتَڙِ ڪنهن نه اوليا. وحدهٗ: هو هڪ آهي قَلب: دل، من لاشريڪ لھٗ: سندس ڪو مَٽ نه آهي لِسان: زبان اُتو: سين: چَيو سان فائق: قرآن شريف / مٿاهون، سڀ کان وڌيڪ، اعليٰ، اڳرو اِيمان: عقيدو، ويساهه فرمان: حڪم ڪارڻي: ڪارڻ، سبب، دنيا جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ اَوتَڙ: اوليا: غلط، راهه، خراب تڙ، ڏکيو پتڻ ڌِڪجي ويا، گِھلجي ويا بيت جي سمجهاڻي هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُرڪلياڻ“ جو آهي. هن بيت جي معنيٰ آهي ته جن ماڻهن ويساهه سان چيو ته الله هڪ آهي ۽ سندس ڪو به مَٽ ۽ برابر ڪونهي ۽ انهن دل ۽ زبان سان اهو به مڃيو ته اسان جو پيارو نبي حضرت محمد ﷺ هن دنيا جي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ آهي، انهن لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايو ويو آهي، ته اهڙا ماڻهو ڪڏهن به گمراهه ڪو نه ٿيندا ۽ ڀٽڪي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته پختي ايمان جي لاءِ دل سان ويساهه ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ لازم آهي.