اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-93-2
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (370) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     15493   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سڄي دنيا ۾ اهو دستور آهي ته اتان جا تعليمي ماهر ۽ علمي ادارا پنهنجن ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سندن ڪم جي باري ۾ پنهنجي نئين نسل کي ڄاڻ ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ، انهن جي زندگين توڙي تخليقن بابت ٻاراڻا ايڊيشن ڪڍندا آهن ۽ اهي نه صرف اسڪولن ۾ ’واڌو مددگار مطالعي‘ (supplementary reading) لاءِ پڙهائڻ ضروري سمجهيا ويندا آهن، پر ٻارن جا مائٽ گهر ۾ انهن جي اڀياس کي همٿائيندا آهن ۽ کين ڪنهن ڪاميابيءَ يا سالگره وغيره جهڙن موقعن تي سوکڙيءَ طور به ڏيندا آهن. انگريزي ٻوليءَ جي وڏي شاعر ۽ ڊرامانگار وليم شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامن جا مختصر ٻاراڻا ايڊيشن هجن يا اردوءَ جي شاعر علامه اقبال بابت ’اسان جو اقبال‘ نالي سيريز جا ڪتاب، اهي ٻارن ۾ انهن شاعرن بابت وڏي ساڃاهه پيدا ڪن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جو قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، نه صرف سنڌ، پاڪستان بلڪ سموري دنيا جي وڏن شاعرن ۾ اعليٰ مقام رکي ٿو. ’شاهه جو رسالو‘ هر سنڌيءَ جي گهر ۾ لازمي طور هوندو آهي ۽ وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون ان مان ڪيترائي بيت پهاڪن ۽ چوڻين طور پيا ورجائيندا آهن، پر ڪجهه وقت کان نوجوان نسل ۾ اهو تاثر اُڀريو آهي ته شاهه لطيف جي ٻولي ڏکي آهي ۽ کين اها گهٽ سمجهه ۾ ٿي اچي. منهنجي خيال ۾ ان جو سبب اهو آهي، جو اسان ٻارن کي ننڍي هوندي کان شاهه لطيف ۽ سندس ڪلام جي باري ۾ مناسب ساڃاهه ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي. جيڪڏهن اسين ڪچيءَ کان کين شاهه جا بيت ٻُڌايون ۽ ٻار جي عمر کي ڌيان ۾ رکي، درجيبندي ڪري پهرين سؤلا ۽ پوءِ آهستي آهستي ڳوڙهي معنيٰ رکندڙ بيت سندن ڪنن ۾ وجهون ۽ انهن جي معنيٰ کين سمجهايون ته وڏو ٿي ڪوبه نوجوان ائين ڪونه چوندو ته شاهه جي ٻولي ڏکي آهي. ٻوليءَ کان اڳتي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ معنيٰ جا موتي وکريا پيا آهن. اعليٰ انساني اخلاقي قدرن، وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ سان گڏ دنيا ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جا سبق ڀريا پيا آهن. ضروري آهي ته پنهنجن ٻارن جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت لاءِ اهي کين پڙهايا وڃن. ڪجهه ڏينهن اڳ محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ٻڌايو ته سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلندڙ 25 ’روشن تارا‘ اسڪولن ۾ چوٿين کان اٺين ڪلاس تائين شاهه لطيف پڙهايو ويندو آهي، ان لاءِ پاڻ ڪجهه ڪتاب به تيار ڪرايا هئائون، جيڪي انهن اسڪولن ۾ نصابي ڪتابن طور پڙهايا ويندا آهن. وري هاڻي تازو پاڻ اها خوشخبري به ٻڌايائين ته سنڌ حڪومت به اصولي طور اها ڳالهه قبول ڪئي آهي ۽ جلد ئي ان ڏس ۾ ڪو فيصلو ٿيڻ وارو آهي، جنهن موجب اسڪولن ۾ ”درسِ لطيف“ جو آغاز ڪيو ويندو. انهيءَ حوالي سان اسان بهتر سمجهيو ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي به سنڌي ٻوليءَ جي معمار ۽ محسن شاهه لطيف جي ساڃاهه پيدا ڪرڻ جي مقصد سان ”درسِ لطيف“ ڏيڻ لاءِ ننڍڙا ڪتابڙا ڇپرائي، پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان ڏس ۾ پنج ڪتابڙا تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ ٻارن جي عمرين کي ذهن ۾ رکي تمام سؤلا ۽ سبق آموز بيت درجيوار ڏنا ويا آهن. هر هڪ بيت ۾ موجود ڏکين لفظن جون معنائون ۽ بيت جي سمجهاڻي ڏئي، ٻارن ۾ ڪنهن نه ڪنهن اخلاقي گڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ آءٌ محترم پروفيسر سيد شيرشاهه ۽ محترم پروفيسر تاج جويـي جي ٿورائتي آهيان، جن هنن ڪتابن کي نظر مان ڪڍيو ۽ تمام سهڻيون صلاحون ڏنيون. مون کي اميد آهي ته هنن ڪتابڙن ذريعي سنڌ جي ٻارن ۾ اسان جي پياري ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه جي ساڃاهه پيدا ٿيڻ سان گڏ ساڻس اُنسيت پڻ پيدا ٿيندي. - ڊاڪٽر فھميده حسين