اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-93-2
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (372) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     15604   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام


شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو عظيم صوفي شاعر ۽ اسان جو رهبر ۽ رهنما آهي، جنهن اسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترائي سهڻا سبق ڏنا آهن. سندس ڪلام جو ڪتاب ” شاهه جو رسالو“ سڏجي ٿو، جيڪو پوري دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن جي ڪردارن جا مثال ڏئي ڀليون ڳالهيون سيکاريون ويون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رسالي کي سُرن ۾ ورهائي، بيتن ۽ واين ذريعي پاڻ سڃاڻڻ، ۽ پنهنجي خالق ۽ رب کي سڃاڻڻ جو سبق ڏنو آهي. شاهه صاحب قرآن شريف جي آيتن، حديثن، درويشن ۽ ڏاهن ماڻهن جي زندگيءَ جي تجربن ذريعي چڱن اخلاقن، محنت، محبت ۽ ڀلائيءَ جو پيغام ڏنو آهي. هن پنهنجي رسالي ۾ غريب هارين نارين، ڌنارن، پنهوارن ۽ ٻين پورهيتن جي ڪردارن کي پيش ڪيو آهي، جيڪي هر وقت محنت ڪري پنهنجو گذرسفر ڪن ٿا ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ٿا ڪڍن. هن جي نظر ۾ سمورا پورهيت عزت ۽ احترام لائق آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسانن کي سهڻا عمل ڪرڻ لاءِ چاهه ڏياري ٿو ۽ خراب ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ ٿو چوي. پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، جدوجهد، همت، حوصلي ۽ قربانيءَ جو درس ڏئي ٿو . شاهه صاحب سٺو انسان بنجڻ لاءِ دل مان نفرت ۽ ڪينو ڪڍي وڏائي، ڪاوڙ ۽ ساڙ کان پاسو ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو. هو يقين ڏياري ٿو ته نيڪ ڪم لاءِ سچائيءَ سان ارادو ڪنداسين ته الله سائين مدد ڪندو ۽ اسين پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿينداسين. شاهه سائينءَ کي صوفي شاعر به چيو ويندو آهي. صوفي الله جي هڪ هئڻ ۾ يقين رکندا آهن، جيڪو پنهنجي سموري مخلوق سان هڪجهڙو پيار ڪري ٿو. ان ڪري صوفين جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن. انسان ننڍو يا وڏو نه آهي. دنيا ۾ سڀني انسانن سان برابريءَ جي بنياد تي ڀائپيءَ وارو تعلق رکجي ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪجي. شاهه عبدالطليف ڀٽائيءَ پنهنجو پيغام اسان تائين پهچائڻ لاءِ جن آکاڻين جو سهارو ورتو آهي، انهن مان ڪن جا نالا هي آهن: عمر مارئي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، سورٺ راءِ ڏياج، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو، وغيره. انهن سمورين آکاڻين ۾ جيڪي عورتن جا ڪردار آهن، انهن کي ”شاهه جون سورميون“ به چيو ويندو آهي، جيئن مارئي، سسئي، سهڻي، نوري، سورٺ يا مومل جا ڪردار آهن. شاهه جي رسالي ۾ مختلف سُر انهن لوڪ آکاڻين يا داستانن تي ٻڌل آهن، جن ۾ اهي سورميون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون. انهن جي وسيلي شاهه صاحب ايمان، حب الوطني، جدوجهد، بي ڊپائي، نوڙت، قرباني ۽ پڇتاءَ جا سبق ڏنا آهن، جيڪي اسان کي هِنيين سان هنڊائڻ گهرجن.