اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-93-2
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (372) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     15603   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ نصيحت جا نُڪتا


شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو پهريون سُر ”سُر ڪلياڻ“ آهي. ”ڪلياڻ“ جي معنيٰ آهي سک ۽ سُڪون. هي راڳ جو به هڪ سُر آهي، جيڪو سانجهيءَ جي وقت ڳائبو آهي. شاهه جي رسالي جي هن پهرئين سُر جي شروعات الله سائينءَ جي ساراهه ۽ حمد سان ٿيل آهي. جنهن ۾ سندس ذات مبارڪ جون ڪيئي وصفون بيان ڪيل آهن. هن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ جي ذات واحد آهي ۽ اُن جو ڪو شريڪ ۽ برابر ڪو نه آهي. هن رسالي ۾ الله جي طرفان موڪليل آخري رسول محمد ﷺ جي نبوت جو پڻ اقرار آهي ۽ پاڻ سڳورن جي تعريف ۾ ڪيترائي بيت چيل آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيئن ته صوفي شاعر آهي، ان ڪري سندس ڪلام جو خاص نُڪتو اهو آهي ته الله جي ذات هڪ آهي ۽ هن سموري ڪائنات ۾ سندس ذات جو جلوو سمايل آهي. اُن ريت صوفي اهو مڃين ٿا ته الله پاڻ خالق آهي ۽ سندس خلقيل سموري مخلوق اُن کي پياري آهي، جنهن سان هو هڪ جيترو پيار ڪري ٿو. الله جي مخلوق ۾ اسين سڀ انسان به اچي وڃون ٿا ۽ جيڪڏهن الله سائين سڀني سان هڪجهڙي محبت ٿو ڪري ته اسان کي به سڀني انسانن کي برابر سمجهي، انهن سان پيار محبت سان هلڻ گهرجي. شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ٻيو سر آهي ”يمن ڪلياڻ“ ان ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ پاڻ اسان کي سيکاري ٿو ته پنهنجي پاڻ تي ضابطو رکجي ۽ هر ڪنهن سان اخلاق سان پيش اچجي. ”سرسريراڳ“ ۾ شاهه سائين سمنڊ ۽ مهراڻ جي ملاحن ۽ سامونڊين جي معرفت دنيا ۾ بهتر زندگي گذارڻ جي سکيا ڏني آهي ۽ ٻڌايو آهي ته جيئن سمنڊ ۾ ٻيڙيون، انهن جا ٻيڙياتا، ملاح وغيره خبرداريءَ سان لنگهي پار پوندا آهن، تيئن هر ڪنهن کي دنيا ۾ خبرداريءَ سان پنهنجي استادن جي هدايتن مطابق زندگي گذارڻ گهرجي.