اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (جلد ٽيون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-93-2
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (373) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     15606   ڀيرا پڙهيو ويو

بيت: 1


اَولُ، الله، عَليمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻيِ، قادرُ پنهنجي قُدرتَ سين، قائم آهي قديمُ، واليِ، واحدُ، وحدهُ، رازقُ ربُ، رَحِيمُ، سو ساراههِ سچو ڌڻي، چئيِ حمد حڪيمُ، ڪري پاڻ ڪريمُ، جوڙون جوڙَ جهانَ جِي! اول: پهرين، پهريون والي: مالڪ، وارث (الله جو هڪ نالو) عليم: علم وارو، ڄاڻ وارو (الله جو هڪ نالو) واحد: اڪيلو، هڪ (الله جو هڪ نالو) اعليٰ: اوچو، برتر، مٿانهون وَحدَه: هيڪڙائي وارو، اڪيلائي وارو عالم: جهان، دنيا رازق: رزق ڏيندڙ، روزي رسائيندڙ قادر: وس وارو، اختيار وارو (الله جو هڪ نالو) ربُ: پاليندڙ، پالڻهار ( الله جي صفت) قدرت: قائم: اختيار، سگهه موجود، مستقل، بيٺل رحيم: رحم ڪندڙ، ٻاجهارو (الله جو هڪ نالو) قديم: پراڻو، آڳاٽو، اڳوڻو، هميشه کان حمد: الله جي تعريف، ثنا، واکاڻ حڪيم: ڏاهپ وارو ، سياڻو (الله جوهڪ نالو) جوڙون جوڙ : جھان: اڏاوت، بناوت دنيا، سنسار، ڪائنات ڪريم: ڪرم ڪندڙ، مهربان، ٻاجهارو (الله جو هڪ نالو) بيت جي سمجهاڻي هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُرڪلياڻ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ الله سائينءَ جي ساراهه ڪئي وئي آهي ۽ سندس مختلف وصفون ۽ خوبيون بيان ڪيون ويون آهن ۽ سمجهايو ويو آهي ته الله سائين سڀ کان پهريون، سڀ ڄاڻندڙ، سڀني کان اوچو ۽ سموري ڪائنات جو مالڪ آهي. اهو سڀني کان وڌيڪ سگهارو آهي ۽ پنهنجي قدرت ۽ سگهه سان هميشه کان موجود آهي. هو سڀني جو والي وارث آهي، هو هڪ آهي، روزي ڏيندڙ، پالڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي. تون سندس ساراهه ڪرڻ لاءِ حڪمت وارو حمد پڙهه، ڇو ته هو پاڻ ڪرم ڪرڻ وارو مهربان، سڄي دنيا کي جوڙڻ ۽ ٺاهڻ وارو آهي. تون ان ڏاهپ واري مالڪ ۽ سچي ڌڻيءَ کي ساراهه ۽ ان جي واکاڻ ڪر، جيڪو مهربان پنهنجي ٻاجهه سان ڪائنات ۾ موجود شيون خلقي يا جوڙي ٿو.