جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

ڪتاب جو نالو جدولي حساب (ٻارن لاءِ)
ليکڪ احسان علي لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-73-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1023) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 July 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     61994   ڀيرا پڙهيو ويو

لاڳاپيل چوڻيون، پهاڪا، محاورا ۽ اصطلاح


ڪتاب جي موضوع سان لاڳاپيل پهاڪا ۽ چوڻيون، جيڪي سنڌ ۾ عام مروج آهن، هتي پيش ڪجن ٿا:

ڪوڏي:

  • ڪوڏيءَ ڪاڻ هيرو وڪڻڻ.
  • ڪوڏي ڪوڏيءَ تي ساهه ڏيڻ.
  • ڪوڏي ڪوڏي ڪري گڏ ڪرڻ.
  • عزت ڪوڏيءَ جي ڪرڻ.

دمڙي:

  • دم وڃي پر دمڙي نه وڃي.
  • چمڙي وڃي، پر دمڙي نه وڃي.
  • ديوان جو دمُ، دمڙيءَ جي دال تي.

ڪسيرو:

  • ڪسيرو ملهه ٿيڻ.
  • ڪسيري جو ڪم.
  • ڪسيري جو ڪرڻ.
  • ڪسيري جي ڪُتي، ٽڪي جا کائي ٽُڪر.

آڌيلو:

  • آڌيلا اڌ ڪرڻ.
  • آڌيلو آڌيلو ٿي وڃڻ.

پائي:

  • پائي نه بچڻ.
  • پائي ملهه ڪرڻ.
  • پائيءَ جي اُميد نه هجڻ.
  • عقل پائيءَ جو به نه هئڻ
  • پائي پائيءَ تي ساهه ڏيڻ.
  • پائي نه گهٽ نه وڌ ڪرڻ.
  • پائي پائي ڪري گڏ ڪرڻ.
  • پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني.

پئسو:

  • پئسا پوڻ.
  • پئسا کوٽا ٿيڻ.
  • پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
  • پئسي جو پوڄاري.
  • پئسن جي پٺارڪ.
  • پئسي پرکڻ جو مهل.
  • پئسو، پئسو ٿي وڃڻ.
  • کوٽو پئسو ڪم اچڻ.
  • پئسي جو مريد هُجڻ.
  • پاڻيءَ وانگر پئسو هارڻ.
  • پئسو آهي هٿن جي مير.
  • پئسا پاڻِي ٿيڻ/ ٿي پوڻ.
  • پئسي جو پُٽُ هجڻ/ ٿيڻ.
  • پئسا کير ڌوتا موٽائي ڏيڻ.
  • عيسا نه موسا، بڙا پير پئسا.
  • پئسو آهي شينهن جي پيٽ ۾.
  • پئسي بنا پرساد، هَرُو ڏئي نه هٿ ۾
  • پئسو نه آهي پاس، جيئڙو آهي اداس.
  • پئسي پلو مهانگو، ٽڪي پلو سهانگو.
  • سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گُرُ.
  • پئسو ڪمائجي مرڪ سان، روٽي کائجي شڪر سان.

ٽَڪو :

  • ٽڪو نه لهڻ.
  • ٽڪن ۾ تورڻ.
  • بي ٽڪو هئڻ.
  • ٽڪي جو هجڻ.
  • ٽڪي جو ڪرڻ.
  • ٽڪو مُلهه ڪرڻ.
  • ٽڪو ڏيئي ٻارُ پرچائجي.
  • ٽڪو ڏئي پرائو ٻار کارڻ.
  • ٽڪي واري دانگي وڄائي وٺڻ.
  • ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي!
  • ٽڪي ٽور هلڻ/ ٽڪي ٽور کڻڻ.
  • انڌير ننگري، چرٻٽ راجا،

ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.

  • پائيءَ جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي.
  • ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
  • ٽڪو ڏيئي ٽانڊو کڻائڻ/ ٽڪي ٽانڊو کڻائڻ.
  • ٽڪن تي سڱ ڏيڻ/ وٺڻ
  • ٽڪو ڌرم، ٽڪو ڪرم، ٽڪو هي پَرم تَپَ هه.

يَسيه گيهي ٽڪا ناسِتَ، سَ نرههَ ٽڪٽڪايَتي.

  • مردو سرڳ وڃي يا نرڳ وڃي، هَٽائيءَ جو ٽَڪو به کَڙو.

آنو:

  • اٺين آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي،

ڪري پيئي کوهه ۾، ته ٻه رپيا ڪڍاڻي.

  • سورنهن آنا سچ.

رُپيو:

  • روپين سان رانديون ڪرڻ.
  • رُپئي پلو سستو، چئين آني پلو مهانگو.

هڪ (١):

  • هڪ ڪَنا ٿيڻ.
  • هڪ پير تي نچڻ.
  • هڪ ٿانئيڪو ٿيڻ.
  • هِڪ هڪاڻي ڪرڻ.
  • انڌو ۽ اڻ سونهون، ٻئي هڪ آچار.

ٻه (٢):

  • ٻه ٽنگو ڦاسڻ.
  • ٻئي ڪُلها وهڻ.
  • ٻن باهين ۾ هئڻ.
  • هڪ سج ٻه پاسا.
  • ٻه وکون ڀري اچڻ.
  • ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
  • ٻن ٻيڙين ۾ چڙهڻ.
  • ٻئي مٿا کڻي وڃڻ.
  • ٻئي جهان چٽ ٿيڻ.
  • ٻه گدرا مٺ ۾ ڪرڻ.
  • ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
  • ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
  • سُڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڄي.
  • پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.
  • ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽئين تَڏِي.
  • ٻن گهرن جو مهمان، بُک مري يا ڦاٽي مري.
  • سون پرکجي ڪسوٽيءَ، زيور پرکجي باهه،

ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ.

اڍائي:

  • سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.
  • ڄٽ جي ڄمار اڍائي کٿا.

ٽي (٣):

  • ٽُڪر ٽيڻو ٿيڻ.
  • ٽيئي مارنگ اونڌا ٿيڻ.
  • جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.

چار(٤):

  • چار ڏوڪڙ هئڻ.
  • چار ديواريءَ ۾ رهڻ.
  • چئن ڏينهن جو مهمان.
  • چوٿون چندر مان هئڻ.
  • چئن ڏينهن جو چٽڪو.
  • چريون ڏيئي چار، واڇان ورتم هڪڙي.

پنج (٥):

  • پنج مار هئڻ.
  • پنج ئي آڱريون گيهه ۾.

ست (٧):

  • ست ڌاريو.
  • ست راڄي.
  • ست سمنڊ پار.
  • ست رنگي هئڻ.
  • ست رڇي.
  • ست سُري ٻڌائڻ.
  • چرئي ليکي ست چريا.
  • ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.
  • ستون قلم گهر کي لاڳو، چور ڀڄي ويا ڀاڳيا قابو.

اٺ (٨):

  • اٺين پيڙهي اُٺ، ماڪوڙو ماسات.
  • اٺ ڪاٺيو ڪم.

نَوَ (٩):

  • نَوَ نديون ناڻو هئڻ.
  • نئين ڪنوار نَوَ ڏينهن.

ڏهه (١٠):

  • ڏهه ڏاتار.
  • ڏهو ڪڍڻ.
  • آمون ڏهه گامون.
  • ڏائِڻ به ڏهون گهر ٽاري.
  • ڏهين ڦيري ڏڦير واري ڏيڻ.

سورهن(١٦):

  • سورهن سينگار.
  • سورهن آنا سچ چوڻ.

اوڻٽيهه(٢٩):

  • اوڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ساڌ جي.

ٻٽيهه(٣٢):

  • ٻٽيهه ڀڃڻ.
  • ٻٽيهه دليون هئڻ.

ڇٽيهه(٣٦):

  • ڇٽيهه لکڻو.
  • ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.

سَٺَ (٦٠):

  • جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.

اَسي(٨٠):

  • اسيءَ ۾ ڪاڻو.
  • اَسي مت کسي.

سَو(١٠٠):

  • سَون ۾ پڌرو.
  • سو سنات ٻارهن ذات.
  • سو ساهه صدقي ڪرڻ.
  • سنڌي ماڻهو سون ۾ پڌرو.
  • سَو ڏاچيءَ جو سردار هئڻ.
  • تِر جي گُٿي سَو چوٽون کائي.
  • سَو وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي.
  • سَو ڳالهه جي هڪ ڳالهه ڪرڻ.
  • سو ڌڪ سونار جا، هڪ ڌڪ لوهار جو.
  • سَو ڪري سينگار ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو.

هزار (١٠٠٠):

  • حيف هزار.
  • هزارن ۾ هڪ.
  • هزارن ۾ هڪ هئڻ.
  • هزارين حيلا ڪرڻ.
  • ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ هزار به ٿورا.

لک (١٠٠٠٠٠):

  • لک لهڻ.
  • لک لُٽائو.
  • لک لاکيڻو.
  • لک جي لوڏ.
  • لکن ۾ هڪ.
  • ڪکن هيٺ لک.
  • لڄان تان لک قربان.
  • پنجين لکين پاءُ وڪامڻ.
  • لک ڪهاڙي جو سردار هئڻ.
  • لکن ۾ هئڻ/ لکن ۾ منهن هئڻ.
  • ڪک جو چور، سو لک جو چور.
  • لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
  • جئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو.
  • جئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
  • پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي.
  • پنهنجي جو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي.

ماسو ۽ تولو:

  • گهڙيءَ تولو گهڙيءَ ماسو هئڻ
  • ڪڏهن تولو ڪڏهن ماسو، ڪڏهن خرار ڪڏهن ڪاسو.

 ٽويو:

  • پنج ئي ٽويا ڦٻڻ.
  • ڇهه ئي ٽويا ڇڏڻ.
  • ٽيهه ئي ٽويا ڇڏڻ.
  • اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.

اگهه:

  • ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.

ڪاسو:

  • ڪَڻي گهٽ ڪاسو ٿيڻ.

خرار:

  • اڃَا خرار مان پاٽي مس پيٺي آهي.
  • واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو به نه کاڄي.
  • اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي. (چوٿائي 4/1)

اَنّ:

  • اَنّ پلي، ذات ڀلي.
  • ان جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.

سون:

  • اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇِني.

ناڻو/ مايا/ ڌن/ دولت/ لڇمي:

  • دولت مندن جا ڏاند ويامن.
  • لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
  • دال روٽي کاڌي ڌن کُٽي ته کُٽڻ ڏي.
  • ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
  • ڌن رک ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.
  • ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.