جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

ڪتاب جو نالو جدولي حساب (ٻارن لاءِ)
ليکڪ احسان علي لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-73-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1022) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 July 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     61981   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي پاران


ڪتابَ پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي شوق سبب پُراڻن ڪتابن جي وڪري جا ٿاڪ، تِلڪ چاڙهي تي ڪتابن جو اسٽال، اولڊ ڪئمپس جي ڀَر ۾ محمد علي گاڏي وارو ۽ لجپت روڊ تي هوميوپيٿڪ اسٽورن جي سامهون گاڏي واري وٽ اڪثر چڪر لڳائيندو رهندو هئس/ آهيان. انهن مِڙني اسٽالن تي ڪڏهن ته صفا تازا ڇپيل ڪتاب اڌ مُوڙيءَ ۾ مليو وڃن، ته ڪڏهن اهڙا ناياب ڪتاب به هٿ چڙهيو وڃن، جن جي قيمت ڏئي نه پورو پئجي.

هيءُ چوپڙي نما ڪتاب، پهريان ۽ آخري صفحا ڦاٽل، هڪ اخبار جي جُلد ۾ مون کي لجپت روڊ واري گاڏي تان ڪجهه ٻين ڪتابن خريد ڪرڻ جي عيوض مُفت ۾ مليو. پهريان ۽ آخري صفحا نه هئڻ ڪري نه ته ليکڪ جو نالو ملي سگهيو ۽ نه ئي ڪنهن اداري يا ڇپائيءَ جو سال ملي سگهيو، جو اُن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهان ها.

جڏهن هن ڪتاب جو تفصيلي مطالعو ڪيم ته انگ، کوڙا ۽ جدولون ته سمجهه ۾ آيون، پر  ’زباني حساب‘ سمجهه کان ڏکيا هئا، اُنهن کي سمجهڻ لاءِ پير سيد خير شاهه جيلاني، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، منهنجي والد خير محمد لغاري  ۽  حسين بخش حرفي مدد ڪئي ۽ پوءِ ڪتاب سهيڙي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ مان منظوريءَ لاءِ جمع ڪرايم، جيڪو ايڊٽنگ لاءِ مانواري سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن موڪليو ويو، جنهن نه صرف ان تي راءِ ڏني، ۽ نظرثاني ڪئي، پر خاطرخواهه واڌارا ڪيا ۽ تجويزون ڏئي هن ڪتاب کي وڌيڪ ڪمائتو ۽ ڪارائتو بڻايو، سندن ئي صلاح تي ٽه- رقمي زباني حسابن جي جاءِ تي موجوده دؤر جي تقاضائن موجب نوان جدولي حساب جوڙيا ويا ته جيئن نوجوانن ۽ ٻارن جي ڄاڻ لاءِ هي ڪتاب فائديمند ٿئي.

جيتوڻيڪ هي ڪتاب ٻارڙن لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، پر هن مان سڀئي وڏا توڙي ننڍا فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن قسم جي کوڙن، ڏهاڪن، جدولن ۽ حسابن کان عام ماڻهو گهٽ واقف آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي انگريزي الفابيٽ جي سڃاڻپ، انگن (شماري ۽ قطاري) جي سڃاڻپ، ڏهاڪن ۽ اڻپورن عددن جي سڃاڻپ، ان کانپوءِ کوڙا، جدولن، زباني حساب ۽ آخر ۾ لاڳاپيل پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن.

ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻائڻ لاءِ پراڻن سڪن جي تصويرن جي ڳولا ڪيم، جيڪي مانواري سائين سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي مهربانيءَ سان هٿ ٿيون، سي پڻ ڪتاب ۾ ڏنيون ويون آهن ته جيئن اُهي محفوظ ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻارڙن جي ڄاڻ ۾ اضافي جو باعث ٿين. ڏکين لفظن جي معنيٰ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’جامع سنڌي لغات‘ تان مدد ورتي وئي.

آئون مانواري سائين محمد ابراهيم جويي، چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين (جنهن پڻ ڪتاب لاءِ مفيد مشورا ڏنا ۽ واڌارا ڪيا)، سيڪريٽري جناب تاج جويي صاحب، سائين حاڪم علي شاهه بخاري، محمد عثمان ميمڻ  ۽ پبليڪيشن بيورو جي ساٿين جو تهه دل شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي. ان کان علاوه پنهنجي والدَ محترم خير محمد لغاريءَ ۽ محترم فيض محمد جو پڻ شڪرگذار آهيان، جن وقت به وقت بهتر صلاحون ڏنيون ۽ مدد ڪئي.

 

 

4 ڊسمبر 2012ع

احسان علي لغاري

حيدرآباد