جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

ڪتاب جو نالو جدولي حساب (ٻارن لاءِ)
ليکڪ احسان علي لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-73-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1017) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 July 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     61706   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    هيءُ ڪتاب ”جدولي حساب“ پڙهي اسان جي پيڙهيءَ جا يا اسان کان وڏا ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندا. اها مون کي پڪ آهي، ڇو جو هن ۾ ماپ تور، تعداد، مقدار جي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ۽ اصطلاح ماضيءَ جا يادگار آهن ۽ هاڻي انهن جو استعمال ٻوليءَ مان ناپيد ٿي ويو آهي. اهي وڌ ۾ وڌ ڪن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، باقي نئين نسل کي انهن مان گهڻن جي باري ۾ بنهه ڪا ڄاڻ ڪانه آهي. مون کي ياد آهي ته اهو سنڌ ۾ رواج هوندو هو ته ٻارن کي ننڍي هوندي سياري ۾ گهر اندر سَوَڙهين ۾، ۽ اونهاري ۾ اڱڻ ۾ پيل کٽن تي وڇايل هنڌن تي ليٽڻ کانپوءِ اسان جا وڏڙا زباني حساب ڀڃڻ لاءِ ڏيندا هئا ۽ ٻارن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪرائيندا هئا. ان سان گڏ ڪڏهن عام معلومات جا سوال جواب ٿيندا هئا ته ڪڏهن وري ڳجهارتن ۽ پرولين کي ڀڃڻ لاءِ اتساهيندا هئا. اها اڳوڻن استادن ۽ بزرگن جي ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي مشق ذريعي اجاگر ڪرڻ ۽ منجهن صحتمند مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جو رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي هوندي هئي. ائين راند راند ۾ ٻارن کي ٻوليءَ جون نزاڪتون، حسابي علم سان لاڳاپيل اصطلاح وغيره سيکاريا ويندا هئا ۽ سندن حسابي علم ۽، عام معلومات وغيره ۾ اضافو ڪيو ويندو هو. اهي سمورا لفظ ۽ اصطلاح جيڪي هاڻي گهڻو ڪري متروڪ ٿي ويا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ٻوليءَ جي سرمايي طور محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي. ان کانسواءِ اسڪولي ٻارن کي کوڙا ۽ جدولون وغيره سيکارڻ ۽ حسابي علم ۾ ڀڙ ڪرڻ ۾ به هي ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو. اسان کي اميد آهي ته هن ڪتاب مان مائٽ ۽ استاد گهڻي ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجن ٻارن ۽ شاگردن کي سکيا جي ان طريقي سان گهڻو ڪجهه سيکاري سگهندا. حيدرآباد، سنڌ ڊاڪٽر فهميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي