جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

ڪتاب جو نالو جدولي حساب (ٻارن لاءِ)
ليکڪ احسان علي لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-73-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1023) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 July 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     61993   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي الفابيٽ جي سڃاڻپ


سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ بابت جيتري تحقيق ٿي آهي، اُن مان خبر پوي ٿي ته عيسوي سن جي ابتدا يا اُن کان به اڳ سنڌي زبان يا سنڌ جي ڪا زبان موجود هئي، جنهن موجوده زبان جي صورت اختيار ڪئي. عرب جاگرافيءَ جي ماهرن الاصطخريءَ ۽ بشاري المقدسيءَ جي تحريرن مان به اها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌي زبان آڳاٽي دورن کان عام ڳالهه ٻولهه جي زبان رهي آهي.

عربن (712-1050ع) جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ، عربي ٻوليءَ جو سنڌيءَ تي گهڻو اثر ٿيو ۽ ڪيترائي عربي اکر سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا. عربن جي دؤر ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي لکت ملي ٿي، ان کان پوءِ سومرن جي دؤر (1050-1350ع) ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي بيت ۽ قصا ملن ٿا. اهڙيءَ طرح سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر ملن ٿا. هن دور ۾ سنڌيءَ تي فارسي زبان جو اثر پيو. ڪلهوڙن جي دؤر (1700-1782ع) ۾، ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ سنڌيءَ جي الف- بي ترتيب ڏني ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيڪي مدرسن ۽ درسگاهن ۾ پڙهايا ويندا هئا، سندس ترتيب ڏنل الف-ب کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ سڏيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن ۽ پوءِ انگريزن سنڌ فتح ڪئي.

انگريزن جي دؤر ۾  پهريون ڀيرو  سرڪاري طور تي سنڌي ٻوليءَ جي موجوده الف- ب ترتيب ڏني وئي، جيڪا 52 اکرن تي مشتمل آهي، اُها ئي اڄ تائين رائج آهي ۽ عربي لپيءَ ۾ لکي ويندي آهي؛ جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ڪتاب ديوناگري لپيءَ ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترن ئي لسانيات جي ماهرن تحقيق ڪئي آهي، ۽ وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا پڻ جاري آهي. موجوده مروج الفابيٽ جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو: