جدولي حساب (ٻارن لاءِ)

ڪتاب جو نالو جدولي حساب (ٻارن لاءِ)
ليکڪ احسان علي لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-73-4
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (1023) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 July 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     61992   ڀيرا پڙهيو ويو

جدولي حساب


اهڙا حساب جيڪي جدولن تي جوڙيا وڃن، جدولي حساب سڏائين ٿا. سنڌ ۾ جدولي حسابن جي وڏي اهميت رهي آهي، دنياوي ڪاروهنوار، ڏيتي ليتي، ماپ طور ۽ ڪَڇ لاءِ مختلف جدولون جوڙيل هيون ۽ اهي استعمال ڪيون وينديون هيون، ۽ ٻهراڙين ۾ اڃان تائين انهن کي وڏي اهميت حاصل آهي. اهڙا حساب اڳي اسڪولن کان علاوه ڪچهرين ۽ گهرن ۾ سُڄاڻ ماڻهو هڪٻئي کي ڏيندا هئا، ۽ هڪٻئي جي ڄاڻ جي پرک ڪندا هئا. اُنهن حسابن جا مختلف قسم هئا، جن مان پَکين ۽ جانورن تي، ماڳ مڪانن تي، جنن ڀوتن تي، ڳڻپ تي، تور ۽ ماپ تي، يعني سڀني موضوعن تي مختلف نوعيت جا حساب هوندا هئا. انهن حسابن لاءِ باقاعدي هڪ قاعدو هوندو هو، جنهن جي آڌار تي اُهي ڏئي سگهبا هئا ۽ ڀَڃي سگهبا هئا. اِهڙا حساب مختلف ڪچهرين ۾ ڄڻ ڳُجهارتن ۽ پرولين جي پڻ جاءِ والاريندا هئا ۽ ماڻهن ۾ ڄاڻ ۽ قابليت ۾ واڌاري کان علاوه لطف جو به سبب بنجندا هئا.

اُن قسم جا حساب هاڻي گهرن، ڪچهرين ۽ اسڪول مان نڪري ويا آهن، گهرن ۽ ڪچهرين ۾ انهن جي جاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مختلف شين، موبائيل، ٽي وي، ڪئبل ۽ ٻين شين ورتي آهي، ۽ اسڪولن ۾ جديد علم رائج ٿيڻ سبب اهڙا حساب توڙي جو ختم ٿي رهيا آهن، پر ٻهراڙين ۾ اڃان تائين انهن جي وڏي اهميت آهي.

جيئن ته مٿي مختلف جدولون ڏنيون ويون آهن، انهن جدولن مان ٽن موضوعن تي مختلف حساب موجوده دور جي تقاضائن موجب تيار ڪري سمجهايا ويا آهن، انهن ۾: (1) سون جي تور بابت، (2) ان ۽ ٻين وٿن جي تور بابت، (3) ڏينهن، مهيني ۽ سال بابت جدولي حساب شامل آهن.

هيٺ پيش ڪيل حسابن کي ڀڃڻ ۽ صحيح طور سمجهڻ لاءِ  جدولن کي ڏسڻو پوندو، ۽ بنا جدول ڏسڻ جي ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙا حساب ڏبا ته هو انهن جو صحيح جواب نه لهي سگهندو.

 

(الف) سون جي تور بابت

(١) تولي جي مُلهه مان ماسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: تولي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن جو ٻارهون حصو ماسي جو مُلهه ٿيندو. يعني تولي جو جيترو مُلهه هوندو، ان کي  ١٢ سان ونڊ ڪبي ته ماسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: تولي جو مُلهه  ١٢٠ روپيا ته ماسي جو مُلهه  ١٠ روپيا ٿيندو.

 

(٢) تولي جي مُلهه مان رتيءَ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: تولي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٩٦ سان ونڊ ڪبي ته رتيءَ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: تولي جو مُلهه ١٢٠٠ روپيا ته رتيءَ جو مُلهه ١٢ روپيا، پنج پئسا ٿيندو.

 

(٣) تولي جي مُلهه مان منڱ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: تولي جو جيڪو مُلهه هوندو، ان کي ۳۸۴ ونڊ ڪبي ته مُڱ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: تولي جو مُلهه  ١٥٣٦روپيا ته مُڱ جو مُلهه ٤ روپيا ٿيندو.

 

(٤) ماسي جي مُلهه مان تولي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ماسي جو جيترو مُلهه هوندو، ان کي  ١٢ سان ضرب ڪبي ته تولي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ماسي جو مُلهه  ٤ روپيا ته تولي جو مُلهه ٤٨ روپيا ٿيندو.

 

(٥) رتيءَ جي مُلهه مان تولي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: رتيءَ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٩٦ سان ضرب ڪبي ته تولي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: رتيءَ جو مُلهه  ٦ روپيا ته تولي جو مُلهه  ٥٧٦ روپيا ٿيندو.

 

(٦) ماسي جي مُلهه مان رتيءَ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ماسي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۸ سان ونڊ ڪبي ته رتيءَ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ماسي جا  ۱٦ روپيا ته رتيءَ جا ۲ روپيا.

 

(٧) مُڱ جي مُلهه مان تولي جو  مُلهه ڪڍڻ

واٽ: مُڱ جو جيڪو مُلهه هوندو، ان کي ۳۸۴ ضرب ڪبي ته تولي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: مُڱ جو مُلهه  ۸ روپيا ته مُڱ جو مُلهه ۳۰۷۲ روپيا ٿيندو.

 

(٨) مُڱ مان رتيءَ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: مُڱ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٤ سان ضرب ڪبي ته رتيءَ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: مُڱ جو مُلهه  ٢٠ روپيا ته رتيءَ جو مُلهه ۸٠ روپيا ٿيندو.

 

 (٩) مُڱ مان ماسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: مُڱ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۳۲ سان ضرب ڪبي ته ماسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: مُڱ جي قيمت ٢ روپيا ته ماسي جو مُلهه ٦٤ روپيا ٿيندو.

 

(ب) ان وغيره جي تور بابت

 (١) کنڊي جي مُلهه مان مڻ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: کنڊيءَ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۸  سان ونڊ ڪبي ته مڻ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: کنڊيءَ جو مُلهه  ۸٠ روپيا ته مڻ جو مُلهه ۱٠ روپيا ٿيندو.

(٢) کنڊيءَ جي مُلهه مان سير جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: کنڊيءَ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۳۲۰ سان ونڊ ڪبي ته سير جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: کنڊيءَ جو مُلهه ۲٥٦۰روپيا ته سير جو مُلهه ۸ روپيا ٿيندو.

 

(٣) مڻ جي مُلهه مان کنڊيءَ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: مڻ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۸  سان ضرب ڪبي ته کنڊيءَ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: مڻ جو مُلهه  ۸٠ روپيا ته مڻ جو مُلهه ٦٤۰ روپيا.

 

(٤) مڻ جي مُلهه مان سير جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: مڻ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٤٠ سان ونڊ ڪبي ته سير جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: مڻ جو مُلهه ٢٠٠ روپيا ته سير جو مُلهه ٥ روپيا.

 

(٥) سير جي مُلهه مان تولي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: سير لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۸٠ سان ونڊ ڪبي ته تولي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: سير جو مُلهه ٦٤۰ روپيا ته تولي جو مُلهه ۸ روپيا.

 

(٦) سير جي مُلهه مان آني جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: سير لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۱٦ سان ونڊ ڪبي ته آني جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: سير جو مُلهه ۳٢٠ روپيا ته آني جو مُلهه جا ٢٠ روپيا.

 

(٧) سير جي مُلهه مان پاءُ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: سير لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٤ سان ونڊ ڪبي ته پاءُ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: سير جا ٢٠ روپيا ته پاءُ جا ٥ روپيا.

 

(٨) سير جي مُلهه مان مڻ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: سير لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ٤٠  سان ضرب ڪبي ته مڻ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: سير جا ٢٠ روپيا ته مڻ جا ۸٠٠ روپيا ٿيندو.

 

(٩) سير جي مُلهه مان کنڊيءَ جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: سير لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۳۲۰ سان ضرب ڪبي ته کنڊيءَ جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: سير جا  ٦ روپيا ته کنڊيءَ جو مُلهه ۱۹۲۰ روپيا ٿيندو.

(١٠) پاءُ جي مُلهه مان تولي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: پاءُ لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۲۰ سان ونڊ ڪبي ته تولي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: پاءُ جا ٢٠٠ روپيا ته تولي جو مُلهه ۱٠ روپيا ٿيندو.

 

(١١) تولي جي مُلهه مان آني جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: تولي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٥ سان ونڊ ڪبي ته آني جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: تولي جو مُلهه  ٢٠ روپيا ته آني جو مُلهه ٤ روپيا ٿيندو.

 

(١٢) تولي جي مُلهه مان سير جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: تولي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۸٠ سان ضرب ڪبي ته سير جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: تولي جو مُلهه  ٦ روپيا ته سير جو مُلهه ٤۸۰ روپيا ٿيندو.

 

(١٣) خرار جي مُلهه مان ڪاسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: خرار لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٦۰ سان ونڊ ڪبي ته ڪاسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: خرار جا ٤٨۰ روپيا ته ڪاسي جو مُلهه ۸ روپيا ٿيندو.

 

(١٤) خرار جي مُلهه مان ٽوئي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: خرار لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۲٤۰ سان ونڊ ڪبي ته ٽوئي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: خرار  جا ٢١٦۰ روپيا ته ٽوئي جا ۹ روپيا.

(١٥) خرار جي مُلهه مان پاٽوئي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: خرار لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۹٦۰ سان ونڊ ڪبي ته پاٽوئي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: خرار جا ٤٨۰٠ روپيا ته پاٽوئيءَ جو مُلهه ٥ روپيا.

 

(١٦) پاٽوئي جي مُلهه مان خرار جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: پاٽوئي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۹٦۰ سان ضرب ڪبي ته خرار جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: پاٽوئي جا ٨ روپيا ته خرار جو مُلهه ۷٦۸۰ روپيا.

 

(١٧) ٽوئي جي مُلهه مان خرار جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ٽوئي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ۲٤۰ سان ضرب ڪبي ته خرار جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ٽوئي جا ٢٠ روپيا ته خرار جو مُلهه ٤٨۰٠ روپيا ٿيندو.

 

(١٨) ٽوئي جي مُلهه مان ڪاسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ٽوئي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٤ سان ضرب ڪبي ته ڪاسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ٽوئي جا ٢ روپيا ته ڪاسيءَ جو مُلهه  ۸ روپيا ٿيندو.

 

(١٩) پاٽوئي جي مُلهه مان ڪاسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: پاٽوئي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۱٦ سان ضرب ڪبي ته ڪاسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: پاٽوئي جا ۱٠ روپيا ته ڪاسي جو مُلهه  ۱٦٠ روپيا ٿيندو.

(٢٠) چوٿائي جي مُلهه مان ڪاسي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: چوٿائي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٦٤ سان ضرب ڪبي ته ڪاسي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: چوٿائي جا ٢ روپيا ته ڪاسي جو مُلهه ۱۲۸ روپيا ٿيندو.

 

(٢١) ڪاسي جي مُلهه مان ٽوئي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ڪاسي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٤ سان ونڊ ڪبي ته ٽوئي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ڪاسي جا ٤ روپيا ته ٽوئي جو مُلهه  ۱٦ روپيا ٿيندو.

 

(٢٢) ڪاسي جي مُلهه مان پاٽوئي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ڪاسي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي  ۱٦ سان ونڊ ڪبي ته پاٽوئي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ڪاسي جا ۳٢۰ روپيا ته پاٽوئي جو مُلهه  ٢٠ روپيا ٿيندو.

 

(٢٣) ڪاسي جي مُلهه مان چوٿائي جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ڪاسي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٦٤ سان ونڊ ڪبي ته چوٿائي جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ڪاسي جا ۱۹۲ روپيا ته ڪاسي جو مُلهه ۳ روپيا ٿيندو.

 

(٢٤) ڪاسي جي مُلهه مان خرار جو مُلهه ڪڍڻ

واٽ: ڪاسي لاءِ جيترا روپيا هوندا، انهن کي ٦۰ سان ضرب ڪبي ته خرار جو مُلهه نڪري ايندو.

مثال: ڪاسي جا ۸  روپيا ته خرار جو مُلهه ٤۸٠ روپيا ٿيندو.

 

(ج) ڏينهن، مهيني ۽ سال بابت

(١) مهيني جي پگهار مان ڏينهن جو پگهار ڪڍڻ

واٽ: مهيني جو جيترو پگهار هوندو، ان کي ۳۰  سان ونڊ ڪبي ته هڪ ڏينهن جو پگهار نڪري ايندو.

مثال: مهيني جو پگهار ۷٥٠٠ روپيا ته هڪ ڏهاڙيءَ  جا ۲۵٠ روپيا ٿيندا.

 

(٢) سال جي اُپت مان مهيني جي اُپت ڪڍڻ

واٽ: سال جي جيتري اُپت هوندي، ان کي ۱۲ سان ونڊ ڪبي ته مهيني جي اُپت نڪري ايندي.

مثال: جيڪڏهن سال جي اُپت  ۱۴۴۰۰۰ روپيا ته مهيني جي اُپت ۱۲۰۰۰ روپيا ٿيندي.

 

(٣) ڏينهن مان مهيني جو پگهار ڪڍڻ

واٽ: ڏينهن جو جيترو پگهار هوندو، ان کي ۳۰  سان ضرب ڪبي ته مهيني جو پگهار نڪري ايندو.

مثال: ڏينهن جو پگهار ٢٠٠ روپيا ته مهيني جو پگهار ٦۰۰۰ روپيا ٿيندو.

 

(٤) ڏينهن مان سال جي اُپت ڪڍڻ

واٽ: ڏينهن جو جيترو پگهار هوندو، ان کي ۳٦۵  سان ضرب ڪبي ته سال جي اُپت نڪري ايندي.

مثال: ڏينهن جو پگهار ٢٠٠ روپيا ته سال جي اُپت  ۷۳۰۰۰ روپيا ٿيندي.

 

(تصويرون ۽ تفصيل لاءِ ڏِسو پي ڊي ايف فارميٽ)