ڪتاب جو نالو | موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ |
---|---|
ليکڪ | منوج ڪمار |
سنڌيڪار / ترتيب | منوج ڪمار |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-28-4 |
قيمت | 50 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 349364 ڀيرا پڙهيو ويو |
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙو ڪاٺير رهندو هو. کيس ٻه ٻار هئا، جن مان هڪڙو پٽ هو،جنهن جو نالو ’هادي‘ هو ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن کي سڀ ’گُڏي‘ سڏيندا هئا. ٻنهي ٻارن جي ماءُ سندن ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي هئي ۽ اُهي ٻئي ٻار پنهنجي ماٽيجي ماءُ سان گڏ رهندا هئا، جيڪا کين پيار بنهه ڪانه ڪندي هئي.
هڪڙي ڀيري ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو. ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو. غريب ڪاٺير وٽ به پنهنجي ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هو. هڪڙيءَ
رات جو جڏهن ٻئي ٻار بستري ۾ بک سبب سمهي نه پئي سگهيا، ته هنن پنهنجي پيءُ ۽ ماٽيجي ماءُ کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو. سندن پيءُ پريشان هو،ڇاڪاڻ ته وٽن ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ هُو سندن بک برداشت نه پئي ڪري سگهيو. ان تي ٻارن جي ماٽيجي ماءُ کيس صلاح ڏني ته هُو ٻنهي ٻارن کي مانيءَ جو ٽڪرو ڏئي، وچ جهنگ ۾ ڇڏي اچي. جيڪڏهن سندن قسمت چڱي هوندي ته بَچي ويندا. اصل ۾ ماٽيجي ماءُ ايئن سوچيو هو ته جهنگ ۾ اهي جانورن جو کاڄ ٿي ويندا ۽ کين ٻارن کي کارائڻ واري مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
غريب ڪاٺير کي جيئن ته پنهنجن ٻارن سان تمام گهڻو پيار هو، سو انهيءَ صلاح تي پهرين ته راضي نه ٿيو، پر هو پنهنجي اکين سان پنهنجن ٻارن کي بُک ۾ مَرندو به ڏسي نه پئي سگهيو، سو زال جي صلاح کڻي مڃيائين. فيصلو ڪيائين ته صبح جو سِجُ نڪرندي ئي هو ٻارن کي جَهنگ ۾ ڇڏي ايندو، پر ٻارن اها سموري ڳالهه ٻُڌي ورتي هئي. گُڏيءَ روئيندي پنهنجي وڏي ڀاءُ هاديءَ کي چيو:
”هاڻي پنهنجو ڇا ٿيندو؟“
سندس ڀاءُ کيس آٿت ڏيندي وراڻيو:
”تون روءُ نه،آءٌ ڪجهه ڪندس“.
جيئن ئي سندس مائٽ سُمهي رهيا ته هادي ٻاهر ويو ۽ ٻاهر چانڊوڪيءَ ۾ کيس ڪي پٿر چَمڪندي نظر آيا. هن ڪجهه پٿر کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ پنهنجي ڀيڻ کي چيو:
”فڪر نه ڪر، ڌڻي ڀَلِـي ڪندو“.
ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاٺير پنهنجن ٻارن کي چيو:
”هلو ته جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچون“.
ماڻس کين مانيءَ جو ٽڪر ڏنو ۽ چيائين:
”شام کان اڳ نه کائجو“.
ٻار سَمجهي ويا ته سندن پيءُ کين جهنگ ۾ ڇڏڻ ٿو وڃي، سو جهنگ ڏانهن ويندي هادي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ گهر ڏانهن پويان نهاريندو پئي ويو. جڏهن سندس پيءُ پڇيو ته هُو پويان ڇو ٿو نِهاري ته هاديءَ جواب ڏنو:
”اسان واري پياري ٻِلي کڏ تان اسان کي ڏسي رهي آهي“.
پيءُ چيو:
”اها ٻلي نه آهي، پر سج آهي، جيڪو هينئر نڪتو آهي“.
پر حقيقت ۾ هادي پويان انهيءَ ڪري نهاريو پئي ته جيئن رستي ۾ نشانيءَ
طور هڪڙو هڪڙو ڪري ننڍڙا چَمڪندڙ پٿر اڇلائي ته رات جو کين واپس ورڻ ۾ سَولائي ٿئي. ائين هو جَهنگ ۾ پهتا. سندن پيءَ سڄو ڏينهن ڪاٺيون ڪيون. شام ٿيندي هن باهه ٻاري ۽ ٻارن کي چيائين ته ”توهان اتي ويهو ته جيئن آءٌ ٿورو پريان ڪاٺيون ڪپي اچان“. ائين چئي هُو اتان هليو ويو. ٻارن کي پري کان ڪاٺين وڍجڻ جو آواز اچڻ لڳو. ائين رات ٿي وئي، جڏهن گهڻو وقت ٿيو ۽ ٻار آواز واري جڳهه تي ويا ته کين خبر پئي ته جنهن کي هو ڪاٺين وڍجڻ جو آواز سمجهي رهيا هئا، سا حقيقت ۾ هڪ سُڪل ٽاري هئي، جيڪا هوا ۾ وڻ سان ٽڪرائجي آواز پيدا ڪري رهي هئي. کين احساس ٿيو ته سندن پيءُکين جهنگ ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو آهي.
رات گهڻي ٿي چڪي هئي ۽ چؤطرف جانورن جا آواز اچي رهيا هئا. گُڏيءَ کي تمام گهڻو ڊپ ٿي رهيو هو. هن پنهنجي ڀاءُ هاديءَ کان پڇيو ته هاڻي جهنگ مان ڪيئن نڪري سگهنداسون. هاديءَننڍڙي ڀيڻ کي آٿت ڏيندي چيو ته مون گهر تائين
پهچڻ لاءِ رستي ۾ چمڪيلا پٿر اڇلايا آهن، انهن جي مدد سان گهر تائين پهچي وينداسون. ائين ٻئي ڀاءُ ۽ ڀيڻ، انهن چَمڪيلن پٿرن جي نشانن تي وڃي گهر واپس پهتا. جڏهن هنن گهر جو دروازو کڙڪايو ته سندن پيءُ ڏاڍو خوش ٿيو، پر سندن ماءُ کين ڏسي ڪاوڙجي پئي، ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو هو ته جهنگ ۾ ڇڏي اچڻ سان ٻارن مان سندس جند ڇُٽي پوندي.
ڏڪار جي حالت ساڳي هئي. ڪاٺير وٽ وري به پنهنجي ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. هادي ۽گُڏيءَ جي ماٽيجي ماءُ وري به پنهنجي مڙس کي، ٻارن کي جهنگ ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. ٻارن وري به اها ڳالهه ٻُڌي ورتي. جڏهن رات ٿي ۽ هادي اهي چمڪيلا پٿر کڻڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته کيس خبر پئي ته سندس ماٽيجي ماءُ جهوپڙيءَ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري هادي پٿر کڻڻ لاءِ ٻاهر نه وڃي سگهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سندن ماٽيجي ماءُ کين مانيءَ جو ٽڪرو ڏنو ۽ هن دفعي هوءَ پاڻ به ساڻن گڏ هلي. رستي ۾ وري به ٿوري ٿوري دير کان پوءِ هاديءَ پويان پئي نهاريو. جڏهن سندس پيءُ کانئس پڇيو ته ڇا پيو ڏسين؟ ته هاديءَ وراڻيوته آءٌ پنهنجا اڇا پاريل پيو ڏسان،جيڪي جهوپڙيءَ جي ڇت تان اسان کي الوداع چئي رهيا آهن. سندس ماٽيجي ماءُ ان تي وراڻيوته اهي پاريل نه آهن، پر اهو سج آهي، جيڪو اڀري رهيو آهي. پر حقيقت ۾ هادي اڳي وانگر مانيءَ جا ٽڪر ڀورا ڀورا ڪري اڇلائي رهيو هوته جيئن کين واپسيءَ ۾ رستي ڳولڻ ۾ سولائي ٿئي. نيٺ اهي وچ جهنگ ۾ وڃي پهتا. سندن پيءُ کين چيو ته هتي ويهو ته اسان ٻئي وڃي ڪاٺيون ڪري ٿا اچون. ائين چئي ٻارن جو پيءُ ۽ ماٽيجي ماءُ اتان هليا ويا. ائين شام ٿي وئي ۽ سندن پيءُ ۽ ماٽيجي ماءُ جو ڪوبه پتو نه پيو. جڏهن گُڏي روئڻ لڳي ته هاديءَ کيس آٿت ڏني
ته جيئن چنڊ نڪرندو ته اسان مانيءَ جي ٽڪرن جي نشانن تي پنهنجو رستو ڳوليندا، گهر وڃي پڄنداسون. پر هاديءَ کي ڪهڙي خبر ته سندس اڇلايل مانيءَ جا ڀورا ته پکي کائي چڪا هئا ۽ گهر ڏانهن رستي ڳولڻ جي ڪابه نشاني نه رهي هئي. هادي ۽ گُڏي سڄي رات جهنگ ۾ ڀٽڪندا رهيا، پر کين گهر جو رستو نه مليو. ائين صبح اچي ٿيو ۽ کين بُک به ڏاڍي لڳي، جو هنن ڪلهه ڪجهه به نه کاڌو هو، ڇو ته ماني ته هنن رستي ۾ نشانيءَ طور ٽُڪر ٽُڪر ڪري اڇلائي ڇڏي هئي. ائين هادي ۽گُڏي بُک ئي بُک ۾ هلندا، گهاٽي جهنگ جي وچ ۾ وڃي نڪتا. اوچتو هنن کي ڪانءُ ڏسڻ ۾ آيو،جنهن جي چهنب ۾ مٺي لولي جو هڪ وڏو ٽڪرو هو. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ انهيءَ ڪانءَ جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ اهو ڪانءُ وڃي هڪڙي گهر تي ويٺو. جڏهن هاديءَ ۽ گُڏيءَ
غور سان ڏٺو ته ڇا ڏسن ته مار! اهو گهر ته ٺهيل ئي سڄو مٺن لولن جو هو. هادي ۽ گُڏي انهن مٺن لولن جي گهر کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. هادي مٺي لولي جي ٺهيل ڇت مان ٽڪرو ڀڳو ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ کي ڏنو. اڃا ٻنهي اهو لولو وات ۾ وڌو ئي مس هو ته ان گهر مان آواز آيو:
”ڪير آهي جو منهنجي گهر جي ڀت کي ڀڃي رهيو آهي“.
اُن کان اڳ جو هادي ۽گُڏي ڪو جواب ڏين، مٺن لولن جي ٺهيل ان گهر جي دروازي مان هڪڙي ٻُڍڙي ٻاهر نڪتي. هادي ۽گُڏيءَ جي هٿ مان ته ڊپ وچان اهي لولا ڪري پيا. ٻُڍڙيءَ ڏاڍي مهربان آواز ۾ ٻنهي ٻارن کي چيو:
”ڊڄونه،ڊڄو نه! اچو توهان جهوپڙي ۾ اچو ۽ جيڪي توهان کي وڻي، سو اچي کائو“.
ٻُڍڙي ٻنهي ٻارن کي گهر اندر وٺي وئي. اها ٻُڍڙي جيتوڻيڪ ٻارن سان وڏي پيار سان پيش اچي رهي هئي، پر حقيقت ۾ اها هڪڙي خطرناڪ ڏائڻ هئي. هُن اهو مٺن لولن جوگهر ٺاهيو ئي ان لاءِ هو ته جيئن ٻار اوڏانهن ڇڪجي اچن ۽ اها ڏائڻ کين کائي سگهي.
ٻار لولو کائي سمهي رهيا ۽ ڏائڻ ستل ٻارن کي لالچي نظرن سان ڏسڻ لڳي ۽ چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳي؛ سوچڻ لڳي ته کين ڪيئن کائجي. ڏائڻ هاديءَ کي هڪڙي پـڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان پڃري کي هڪ ئي در هو،جنهن کي هن بند ڪري ڇڏيو. پوءِ هن گُڏيءَ کي ڌونڌاڙي جاڳايو ۽ کيس رڙ ڪري چيائين:
”اُٿ سُــست ڇوري! اُٿ ۽ وڃي پاڻي ڀري اچ ته جيئن ان سان کاڌو رڌي تنهنجي ڀاءُ کي کارايان. جڏهن هو کائيندو ته مَچندو ۽ جڏهن مَچندو ته آءٌکيس کائينديس. ها، ها، ها!“
ائين چئي اها ڏائڻ وڏي آواز سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي ۽گُڏي ويچاري ڊپ ۾ روئڻ لڳي. پر روئڻ مان ته ڪو فائدو ئي نه هو. هوءَ پاڻي ڀري آئي ته ڏائڻ ڀلي ماني پچائي. پر اها ماني رڳو هاديءَ کي ملي. جڏهن ته گُڏيءَکي کائڻ لاءِ رڳو بچيوسچيو ڀور مليو.
ائين ڏينهن گذرندا ويا. هر روز اها ڏائڻ هاديءَ جي پڃري وٽ ويندي هئي ۽ هاديءَ کي چوندي هئي:
”پنهنجي آڱر ٻاهر ڪڍ ته جيئن آءٌ ڏسان ته تون ڪيترو ٿلهو ٿيو آهين“.
۽ هر روز هادي کيسي ۾ لڪايل هڪڙي هڏڙي ٻاهر ڪڍندو هو ۽ اها پوڙهي، جنهن جي نظر جَهڪي هئي، سا هڏڙيءَ کي آڱر سمجهندي هئي ۽ عجب کائيندي هئي ته آخر هادي ٿلهو ڇو نه ٿو ٿئي. اِئين مهينا گذري ويا ۽ پوڙهي ڏائڻ کي لڳو ته هادي ته مچي ئي ڪونه ٿو. نيٺ سندس صبر ختم ٿي ويو ۽ هن گُڏيءَ کي چيو:
”پاڻي گرم ڪر، سنهڙو يا ٿلهو اڄ آءٌ هاديءَ کي رڌي کائينديس“.
گُڏي ويچاري مجبور هئي ۽ هوءَ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ سامان گڏ ڪرڻ لڳي. جڏهن هاديءَ کي رڌڻ لاءِ هڪڙي وڏي ديڳ ۾ پاڻي گرم ٿيڻ لڳو ته ڏائڻ رڙ ڪري گُڏيءَ کي چيو:
”ڇوري ڏس ته پاڻي گرم ٿيو آهي يا نه؟“
گُڏيءَ دل ۾ هڪڙو منصوبو ٺاهيو. هن معصوميت سان ڏائڻ کي چيو:
”آءٌ ته ننڍڙي آهيان، آءٌ ڪيئن ٿي هيڏي وڏي ديڳ ۾ پاڻي ڏسي سگهان“.
ان تي پوڙهي ڏائڻ پاڻ اهو ڏسڻ لاءِ ته پاڻي گرم ٿيو آهي يا نه، جيئن ئي ديڳ وٽ جُهڪي ته گُڏيءَ هن کي ڌڪو ڏئي ڇڏيو ۽ مٿان ڍڪ به ڏئي ڇڏيو ۽ ٻاهر هاديءَ جو پڃرو کولي هاديءَ کي چيائين :
”جلدي ڪر،ڀڄ ته ڀڄي هلون“.
ائين اتان ٻئي ٻار ڀڄي اچي پنهنجي گهر پهتا. سندن پيءُ کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. سندن ماٽيجي ماءُ ڏڪر دوران مري وئي هئي. ملڪ ۾ سُڪار ٿي چڪو هو ۽ ڪاٺير پنهنجن ٻارن هاديءَ ۽گُڏيءَ سان گڏ خوش گذارڻ لڳو.
ڏکيا لفظ |
||||
ڏڪار / ڏُڪر: |
اڻهوند، بدحالي |
|
مَچڻ: |
وڌڻ، ٿلهو ٿيڻ |
سُڪار: |
خوشحالي |
|
الوداع: |
موڪلائڻ |