موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ

ڪتاب جو نالو موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-28-4
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     337413   ڀيرا پڙهيو ويو

موڳو مٽر ۽ سوني ڪُڪِڙ


هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو. کيس ٽي پٽ هئا. ٻه وڏا پُٽ ته ڪافي چالاڪ ۽ سياڻا هئا، پر ننڍو پٽ ٿورو  سادڙو هو. سندس انهيءَ سادگيءَ ڪري کيس سڀ ’موڳو مٽر‘ ڪري سڏيندا هئا. ڪاٺير اچي پوڙهو ٿيو هو، سو هن پنهنجي وڏي پٽ کي چيو:

”پٽ هاڻي آءٌ پوڙهوٿي ويو آهيان، سو تون وڃي جهنگ مان ڪاٺيون
ڪري اچ“.

وڏي پٽ ڪهاڙي کنئي. سندس ماءُ منجهند جو کائڻ لاءِ کيس مٺي ماني ڏني ۽ شربت به ٺاهي ڏنو. وڏو پٽ اُهي شيون هٿ ۾ کڻي، جهنگ ۾ ويو. هُن اڃا ڪاٺيون ڪپڻ شروع ئي مس ڪيون ته هڪڙو درويش اچي اتان لانگهائو ٿيو. درويش ڪاٺير جي (وڏي) پٽ کي چيو:

”آءٌ ٻن ڏينهن کان بُکايل ۽ اُڃايل آهيان، ڇا تون مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيندين؟“

ڪاٺير جي پُٽ ڏاڍي نفرت واري لهجي ۾ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو:

”هل هل! آءٌ توکي پنهنجي ماني ۽ شربت ڏئي ڇڏيان ته پوءِ پاڻ ڇا کائيندس“!

درويش ڇڙٻ ٻُڌي هليو ويو، پر خدا جي ڪرڻيءَ سان ٿيو ائين جو ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪاٺير جي پُٽ جي، ڪاٺيون ڪپيندي ڪهاڙي گُسي وئي ۽ وڃي سندس ٻانهن ۾ لڳي. کيس تمام گَهِرو ڌڪ لڳو ۽ هو رَتُ ڳاڙيندو وڃي گهر پهتو.

 

ٻئي ڏينهن ڪاٺير وچئين پُٽ کي چيو:

”پُٽ تنهنجو وڏو ڀاءُ ته ڌَڪيل آهي، سو تون ئي وڃي ڪاٺيون ڪري اچ“.

وِچئين پُٽ کي به ماءُ مِٺي ماني ۽ شربت ٺاهي ڏنو ۽ هو به ڪُهاڙي کڻي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويو. وري به ساڳيو درويش آيو ۽ کانئس ڪجهه کائڻ واسطي گهريائين. وچئين پٽ به وڏي پٽ وانگر کيس ڌڪار مان ڇڙٻ ڏئي موٽائي ڇڏيو. وڏي پٽ وانگر وچئين پٽ کي به اڃا ڪاٺيون ڪپيندي ٿورو وقت ئي مس گذريو، ته سندس هٿ مان ڪُهاڙي ڪِري اچي سندس پير ۾ لڳي. هن کي پير ۾ چڱو زخم رسيو ۽ هُو به منڊڪائيندو اچي گهر نڪتو.

ٽئين ڏينهن ڪاٺير جي سڀ کان ننڍي پُٽ، جنهن کي سڀ ’موڳو مٽر‘ چوندا هئا، پاڻ ئي اچي پيءُ کي چيو:

”بابا! آءٌ وڃي ٿو ڪاٺيون ڪري اچان“.

پڻس چيو:

”تنهنجا ٻه ڀائر پاڻ کي گهائي اچي پهتا آهن،تون ته پاڻ کي صفا
مارائي ايندين“.

پر موڳو مٽر نه مڙيو ۽ چيائين :

”گهر ۾ ڪجهه به ڪونهي، مون کي مهرباني ڪري اجازت ڏيو ته آءٌ وڃي ڪاٺيون ڪري اچان“.

مجبوراً پڻس کيس اجازت ڏني. ماءُ کيس پاروٿي ماني ۽ سادو پاڻي ڏنو. موڳو مٽر اهي شيون هڙ ۾ کڻي،  ڪلهي تي ڪهاڙي رکي جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. اڃا کيس ٿورو ئي وقت ٿيو ته ساڳيو درويش اچي اتان لنگهيو ۽کيس چيائين:

”آءٌ چئن ڏينهن کان بُکايل آهيان، ڇا تون مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيندين؟“

موڳو مٽر هوته سادڙو، پر دل جو ڏاڍو ڪونئرو هو. تنهن کيس چيو:

”چاچا! مون وٽ رُڳو پاروٿي ماني ۽ پاڻي آهي، سو جيڪر کائڻ چاهين ته حاضر آهي“.

بزرگ چيو:

”پُٽ! بُک ۾ ته هر شيءِ کائي سگهجي ٿي“.

موڳي مَٽر پنهنجي هڙ مان سڪل ماني ڪڍي ۽ وَٽي ۾ پاڻي ڪڍي بزرگ کي ڏنو. خدا جي قدرت بزرگ سُڪل مانيءَ کي هٿ لڳايو ته اها نَرم ۽ مِٺي ماني ٿي پئي ۽ سادي پاڻيءَ کي هٿ لڳايو ته اهو مِٺو شربت ٿي پيو. پوءِ ٻنهي مؤج سان اها ماني کاڌي.

 

جڏهن ماني پوري ٿي ته درويش موڳي مٽر کي چيو:

”تون دل جو نيڪ ماڻهو آهين، ان ڪري آءٌ توکي تنهنجيءَ نيڪيءَ تي انعام ڏيڻ ٿو چاهيان“.

هن ائين چئي اڃا هٿ مٿي مس کنيا ته سندس هٿن ۾ هڪڙي سوني ڪُڪِڙ اچي وئي. درويش اها سوني ڪڪڙ موڳي مٽر کي ڏني ۽ چيائين:

”وري جيڪڏهن توکي ڪڏهن منهنجي مدد جي ضرورت پوي ته آءٌ ساڳيءَ جڳهه تي توکي ملي سگهان ٿو“.

ائين چئي درويش اتان غائب ٿي ويو. موڳي مٽر سوني ڪُڪِڙ هٿ ۾ کنئي ۽ اتان روانو ٿيو. هو هلندو هلندو شهر ۾ اچي نڪتو. جيئن ته رات ٿي چڪي هئي، ان ڪري موڳي مٽر هڪڙي مسافرخاني ۾ رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو. هو سوني

 

 

ڪُڪِڙ ڪڇ ۾ کڻي مسافر خاني ۾ داخل ٿيو. مسافر خاني ۾ موجود ماڻهن جو سوني ڪُڪِڙ ڏٺي ته سڀني جا وات ڦاٽي ويا. موڳومٽر مسافرخاني جي مالڪ وٽ ويو ۽ رات رهڻ لاءِ ڪمروگهريائين.

موڳو مٽر جيئن ته ٿَڪل هو، سو ڪُڪڙ ڪڇ ۾ رکي وڃي سُتو. مسافرخاني جي مالڪ جون ٽي ڌيئرون هيون، انهن جو موڳي مٽر جي ڪڇ ۾ سوني ڪُڪِڙ ڏٺي، سو سندن نيت ۾ ڦيرُ اچي ويو. هن جي سمهڻ کان ڪُجهه دير پوءِ مسافرخاني جي مالڪ جي وڏي ڌيءَ ڪمري ۾ وڃي موڳي مٽر جي ڪڇ مان سوني ڪُڪڙ چورائڻ لاءِ ان ۾ هٿ وڌو، پر اها ڪا عام ڪڪڙ ته هئي ڪانه، سو جيئن ئي ڇوڪريءَ ڪُڪِڙ ۾ هٿ وڌو، ته سندس هٿ انهيءَ ڪڪڙ ۾ صفا چنبڙي پيا. ڇوڪريءَ گهڻي ئي ڇڏائڻ جي ڪئي، پر سندس هٿ ڪُڪِڙ مان نه نڪتا. ٿوريءَ دير کان پوءِ سندس ٻي ڀيڻ به ساڳيءَ نيت سان اچي نڪتي. هن جو وڏي ڀيڻ جا هٿ ڪُڪِڙ ۾ ڦاٿل ڏٺا، سو پاڻ به چوري ڪرڻ جي لالچ ۾ پنهنجي ڀيڻ کي هٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر هُن جا هٿ پنهنجيءَ ڀيڻ جي جسم سان چنبڙي پيا ۽ وڏن زورن سان به جدا نه ٿيا. ڪجهه دير کان پوءِ وري سندن ٽين ڀيڻ به ساڳيءَ نيت سان اچي نڪتي، ان جو ٻنهي ڀينرن کي ڏٺوته اها به اڳتي وڌي آئي. ٻنهي ڀينرن کيس روڪيو، پر ننڍڙيءَ ڀيڻ سمجهيو ته اهي ڀينرون کيس سوني ڪُڪِڙ کان پري رکڻ ٿيون چاهين، سو هن وري ٻنهي ڀينرن کي هٽائڻ لاءِ پنهنجا هٿ وڌايا. سندس هٿ وڃي وچيئن ڀيڻ ۾ کُپيا. هاڻي ٽيئي ڀينرون هڪ ٻئي جي پويان چنبڙيون  پيون هيون. رات جو مسافرخاني جي مالڪ کي جاڳ ٿي، اٿي ڏٺائين ته سندس ٽيئي ڌيئرون غائب آهن، سو کين ڳولڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. ڳوليندو ڳوليندو اچي موڳي مٽر جي ڪمري ۾ پهتو. اتي ڏٺائين ته موڳومٽر ستو پيو آهي ۽ سندس ٽيئي ڌيئرون قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ويٺيون آهن. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن ڌيئرن کي چيو:

”توهان کي شرم نه ٿو اچي جو هڪ غير مرد وٽ اچي ويٺيون آهيو“.

هن جيئن ئي پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي هٽائڻ لاءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ته سندس هٿ به ڌيءَ ۾ چنبڙي پيو. اڃا ٿوري دير مَسَ گذري ته مسافرخاني ۾ هڪڙي ٿلهي ماڻهوءَ کي اچي بُک لڳي، سو مسافرخاني جي مالڪ کي ڳوليندو اچي موڳي مٽر جي ڪمري ۾ نڪتو. هن مسافرخاني جي مالڪ کي سڏ ڪيو، پر هن جواب نه

 

ڏنو. سو هُنَ اڳتي وڌي سندس ڪلهي کي لوڏو ڏئي، پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، پر جيئن ئي هن جا هٿ مسافرخاني جي مالڪ جي ڪُلهن تي پيا ته سندس هٿ به انهن ۾ چنبڙي پيا. جڏهن ٿلهو شخص واپس نه موٽيو ته سندس ڊگهو ڀاءُ کيس ڳولڻ لاءِ نڪتو. هن ڊگهي شخص جڏهن پنهنجي ٿلهي ڀاءُ کي ڏٺو ته انهيءَ به کيس ڪلهي تي هٿ رکي واپس ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چيو، پر انهيءَ ڊگهي شخص جا هٿ به ٿلهي ڀاءُ جي ڪلهي ۾ چنبڙي پيا. مسافرخاني جو چوڪيدار، جيڪو بندري قد وارو هو، سو اتان لنگهيو. سڀني کيس رڙ ڪري سڏيوته اچي کين ڇڏائي، اُن جيئن ئي ڊگهي شخص کي ٽَنگ مان وٺي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ٽَنگ ۾ چنبڙي پيا. ستن ئي ماڻهن پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اهي ڇڏائي نه سگهيا.

جڏهن صبح ٿيو ته موڳو مٽر اُٿيو. هن پنهنجي سوني ڪُڪِڙ ڪَڇ ۾ کنئي ۽ ڏٺائين ته ست ماڻهو يعني ٽي ڇوڪريون، سندن پيءُ، هڪ ٿلهو، هڪ ڊگهو ۽ هڪ بِندرو ماڻهو، سندس پويان قطار ۾ هڪ ٻئي سان چنبڙيا پيا آهن. موڳي مٽر کي به مزو اچي ويو. هو مسافرخاني مان ٻاهر نڪتو. شهر جي جن به ماڻهن انهن ستن عجيب ماڻهن کي ائين قطار ۾ پئي ڏٺو، جيڪي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، سي کِلَ ۾ اونڌا ٿي پئي ويا. اتي شهر ۾ ئي بادشاهه جو محل هو. بادشاهه کي هڪڙي ڌيءَ هوندي هئي. شهزادي هئي ته ڏاڍي سهڻي، پر ساڻس هڪڙو عجيب مسئلو هو، اهو اِهو ته هوءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به کِلي نه هئي. بادشاهه سندس چهري تي مُرڪ نه ڏٺي هئي، تنهنڪري بادشاهه اعلان ڪرايو هو ته جيڪو به شهزاديءَ کي کِلائيندو، هُو انهيءَ سان هن شهزاديءَ جي شادي ڪرائيندو.

موڳي مٽر ڪو اُهو ٻڌو هو، سو پاڻ به سوني ڪُڪِڙِ ڪڇ ۾ کڻي ۽ سَتن ئي ماڻهن کي وٺي اچي محل ۾ نڪتو. اتي موڳي مٽر بادشاهه ۽ شهزاديءَ اڳيان اچي ڦيرا پائي نچڻ شروع ڪيو. ست ئي ڄڻا يعني ٿلهو، ڊگهو، بندرو ماڻهو ۽ ٽئي ڇوڪريون ۽ سندن پيءُ، جيڪي پاڻ ڇڏائڻ ۾ پورا هئا، سي به انهن ڦيرن ۾ مجبورًا نچڻ لڳا. شهزاديءَ جو انهن کي ائين نچندي ڏٺو ته اچي کِل ۾ ڇُٽي. هُوءَ ايترو کِلي، ايترو کلي جو سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ کِلي کِلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. شهزاديءَ جي ايتري کِلڻ کان پوءِ موڳي مٽر ستن ئي ماڻهن کي انهيءَ جادوءَ  مان آزاد ڪري روانو ڪيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته هاڻي منهنجي شادي شهزاديءَ سان ڪرايو.

بادشاهه جي نيت ۾ ڦيرو اچي ويو. هن سوچيو ته پنهنجي اهڙي سهڻي شهزاديءَ جي شادي اهڙي بيوقوف ۽  ڀُوڪ بصر سان ڪيئن ڪرايان، سو بادشاهه

 

نٽائڻ لاءِ موڳي مٽر کي چيو ته جيڪر تون ڪو اهڙو ماڻهو آڻي ڏيکار، جيڪو هن لسيءَ جي تلاءَ کي هڪڙي ئي ڍُڪ ۾ پي وڃي ته پوءِ آءٌ تنهنجي شادي شهزاديءَ سان ڪرائيندس.

موڳو مٽر ويچارو سادڙو، سو نڪري ويو اهڙي ماڻهوءَ کي ڳولڻ لاءِ. ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي ڳولا کان پوءِ کيس هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو ماڻهو ملي ويو، جيڪو هڪڙي ناديءَ جي ڀرسان پريشان ويٺو هو. موڳي مٽر کانئس پڇيو:

”تون ڇو پريشان ويٺو آهين؟“

هن جواب ڏنو:

”آءٌ لسيءَ جو شوقين آهيان، پر لسيءَ سان ڀريل هڪ ناديءَ سان منهنجي نڙي سائي نه ٿيندي، ان ڪري پريشان آهيان، هوند جيڪر لسيءَ جو تلاءُ ملي ته هڪڙي ئي ڍُڪ ۾ پي وڃان“.

موڳي مٽر جي الله ٻڌي،سو کيس بادشاهه وٽ وٺي آيو. انهيءَ شخص هڪڙي ئي ڍُڪ ۾ سڄو لسيءَ سان ڀريل تلاءُ پي ڇڏيو. موڳي مٽر بادشاهه کي چيو ته هاڻي منهنجي شادي شهزاديءَ سان ڪراءِ، پر بادشاهه وري به نٽائڻ لڳو ۽ کيس چيائين ته ڪو اهڙو شخص وٺي اچ، جيڪو هڪڙي ئي ڀيري ۾ هيءُ مانين جو جبل کائي وڃي. پوءِ ئي تنهنجي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي.

موڳومٽر وري به اهڙي شخص جي تلاش ۾ نڪري ويو. پنجن ڏينهن کان پوءِ هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ کيس هڪڙو شخص مليو، جنهن جي ڀرسان ڳُوڻ پئي هئي ۽ هُو پريشان هو. موڳي مٽر سندس پريشانيءَ جو سبب پڇيو. انهيءَ شخص چيو ته آءٌ ماني کائڻ جو ڏاڍو شوقين آهيان. مون اها مانين جي ڀريل ڳُوڻ کائي بس ڪئي آهي، پر انهيءَ مان ته منهنجي ڏاٺ به نه ڀري آهي. هوند جيڪر ڪو مانين جو جبل هجي ته انهيءَ کي کائي پيٽ ڀريان.

موڳو مٽرکيس وٺي بادشاهه وٽ آيو. انهيءَ شخص هڪڙي ئي ڀيري ۾ مانيءَ جو جبل کائي ڏيکاريو. پر بادشاهه وري به نٽائڻ لڳو. هن موڳي مٽر کي چيو ته آءٌ تنهنجي شادي شهزاديءَ سان تڏهن ڪرائيندس، جڏهن تون اهڙو جهاز آڻيندين، جيڪو پاڻيءَ ۾ به هلي ته خشڪيءَ تي به.

هاڻي موڳو مٽر صفا پريشان ٿي ويو ته هُو اهڙو جهاز ڪٿان آڻي. هو ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين رليو، پر اهڙو جهاز کيس نه مليو. نيٺ نااميد ٿي جهنگ ۾ انهيءَ جڳهه تي آيو، جتي کيس درويش مليو هو. اتي پهچڻ تي ٿوريءَ دير کان پوءِ درويش به اچي نڪتو. موڳي مٽر درويش کي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻُڌائي. درويش کيس چيو :

”تون هتان نڪرندين ته توکي اهڙو جهاز ملندو، جيڪو پاڻيءَ ۾ به هلندو ۽ خشڪيءَ تي به. تون اهوجهاز ڪاهي وڃ ۽ بادشاهه کي وڃي ڏيکار. هو هن دفعي توکي انڪار نه ڪندو“.

موڳو مٽر جهنگ مان نڪري درياهه ڏانهن ويو. اتي هڪڙو وڏو شاهي جهاز نظر آيس. هن اهو جهاز پهرين پاڻيءَ ۾ هلايو ۽ پوءِ شهر ۾ خشڪيءَ تي کڻي آيو ۽ بادشاهه جي محل ڏانهن وڌڻ لڳو. ماڻهن بادشاهه کي وڃي ٻڌايو ته هڪڙو وڏوشاهي جهاز، درياهه مان نڪري هاڻي خشڪيءَ ذريعي اوهان جي محل ڏانهن اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو محل ۾ اندر آيو ته هر شيءِ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. بادشاهه کي محسوس ٿيو ته واقعي به موڳو مٽر بيوقوف آهي ۽ اهوجهاز محل ۾ کڻي ايندي دير نه ڪندو ۽ سڀ شيءِ تباهه ٿي ويندي. سو هُو محل کان ٻاهر نڪري آيو ۽ موڳي مٽر کي چيائين ته هو اُتي ئي جهاز کي روڪي ۽ ڇاڪاڻ ته هن سڀ شرط پورا ڪيا آهن، ان ڪري هو شهزاديءَ جي شادي ساڻس ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. موڳومٽر جهاز مان لهي آيو. بادشاهه موڳي مٽر جي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ۽ موڳو مٽر پنهنجي حرڪتن سان شهزاديءَ کي کلائيندو رهيو ۽ هو ٻئي کل خوشيءَ سان رهڻ ۽ زندگي گذارڻ لڳا.

 

ڏکيا لفظ

ڪاٺير:

جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچي بازار ۾ وڪڻي گذران ڪندڙ

 

نادي:

 

نڙي سائي ٿيڻ:

پاڻي رکڻ لاءِ ٺِڪر مٽيءَ جو وڏو ٿانءُ يا گُندي

اُڃ ختم ٿيڻ

مؤج:

مستي يا مزو

 

ڏاٺ ڀرڻ:

بُک ختم ٿيڻ

ڀوڪ بصر:

بي عقل، بيوقوف

 

پيرائتي:

شروع کان وٺي