موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ

ڪتاب جو نالو موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-28-4
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     337430   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر نوٽ


سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا بنيادي مول متا ڏسبا ته انهن ۾ ٻارن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتاب شايع ڪرڻ به شامل آهي، ته جيئن  ٻارڙن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ مواد ملي.

هي جديد دور آهي، ان ڪري ٻارڙن کي ڪتابن سان گڏ اليڪٽراني صورت ۾ پڙهڻ ۽ پرکڻ لاءِ مواد ڏيڻ به ضروري آهي، ته جيئن اهي پنهنجي ڪمپيوٽر ۽ ٽيبليٽ وغيره تي اهو مواد رکي، ان مان مستفيد ٿي سگهن.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي شروع کان اهڙين ڪوششن ۾ رڌل آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي چيئرمئنيءَ واري دؤر ۾ ٻارن جي ادب جو شعبو به قائم ڪيو ويو هو، پر پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري ان کي عملي طرح ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو.

اسان جي ڪوشش آهي ته هن سلسلي کي ٻيهر جياري، سنڌ جي ٻارڙن لاءِ جديد علم ڪهاڻين جي صورت ۾ تيار ڪرائي، سي ڊين ۽ رنگين ڪتابن جي شڪل ۾ ٻارڙن تائين پهچايون. هن سان نه صرف سندن علم ۾ واڌارو ٿيندو، پر انهن ۾ پڙهڻ جو رجحان به وڌندو.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2011ع ۾ ڇپايو ويو هو، جيڪو مڪمل طور تي ختم ٿيڻ کان پوءِ هيءُ ٻيو ڇاپو شايع ڪري، پڌرو ڪري رهيا آهيون. نوجوان ليکڪ منوج ڪمار هنن ڪهاڻين کي انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو آهي، جيڪي ٻارڙن کي پسند اينديون ۽ هن سان ٻيو فائدو اهو به ٿيندو ته ٻار پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ سٺي مواد پڙهڻ جا هيراڪ ٿيندا.

10 فيبروري، 2016ع

حيدرآباد، سنڌ

 

 

سرفراز راڄڙ

 
 

چيئرمئن