موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ

ڪتاب جو نالو موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-28-4
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     337419   ڀيرا پڙهيو ويو

گامون گرانٺ مٺڙيو


هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪڙو بزرگ گُهمندو ڦرندو، اچي هڪڙي ڳوٺ مان لنگهيو. ڳوٺ ۾ هڪ سُکيو ستابو هاري رهندو هو. اُهو هاري ۽ سندس زال ڏاڍا خداترس ۽ نيڪ هئا. انهن بُزرگ کي پنهنجي گهر اندر آندو ۽ کيس ڍؤ تي ماني کارائي. جڏهن بزرگ غور سان ڏٺو ته کيس محسوس ٿيو ته جيتوڻيڪ هاريءَ جي گهر ۾ سڀ ڪجهه هو، پر پوءِ به هاريءَ ۽ سندس گهرواريءَ جي چهري تي هڪڙي اداسي هئي. بزرگ کانئن انهيءَ اداسيءَ جو سبب پڇيو ته هاريءَ وراڻيو ته ”اسان وٽ الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي، رڳو اولاد جي کوٽ آهي“. بزرگ وراڻيو ته ”اولاد ته الله جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي ڏيڻ واروآهي“. اُن تي هاريءَ جي گهرواريءَ وراڻيو ته ”الله سائينءَ جي اسان تي وڏي رحمت ٿيندي، جي رڳو اسان کي هڪڙو پُٽڙو ڏي، پوءِ ڀلي کڻي اهو گرانٺ جيڏو ئي ڇونه هجي“. بزرگ کين دعا ڏني ۽ اُتان روانو ٿي ويو.

اها ڪا دعا جي قبوليت جي گهڙي هئي ۽ هاريءَ جي گهرواريءَ جي دعا اگهامي وئي ۽ پوءِ جلد ئي کين پُٽ ڄائو. ان جو هنن نالو ”گامون“رکيو، پر جيئن مائيءَ دعا گهري هئي، تيئن سندن پٽ وڏو ته ٿيو،  پر سندس قد گرانٺ جيترو ئي رهيو. هن جي گرانٺ جيڏي قد سبب ڳوٺ جا سڀ ٻار کيس ’گامون گرانٺ مُٺڙيو‘ ڪري سڏيندا هئا.

گامون هو ته پِتڪڙو، پر هو ڏاڍو حرڪتي. ڪڏهن هيڏانهن ڀڄي ويندو هو،ته ڪڏهن هوڏانهن. گامونءَ جي ماءُ کي سدائين سندس اونَ رهندي هئي، ڇو جو کيس ڊپ هوندو هو ته سندس گرانٺ جيترو پتڪڙو پُٽُ متان ڪنهن جي پير هيٺان نه اچي وڃي.

هڪڙي ڏينهن گامونءَ جي ماءُ رٻ رڌي. گامونءَ کي هورا  کورا اچي ٿي ته هاڻي جو هاڻي اها رٻ کائي، سو جڏهن سندس ماءُ رڌڻي مان ڪنهن ڪم سانگي نڪري وئي ته گامون ماڳهين ڪُنيءَ تي چڙهي ويو. هن جيئن ئي ڪُنيءَ جي ڪناري تي بيهي هيٺ رٻ ڏانهن ڏٺو ته سندس پير ترڪي ويو ۽ پاڻ وڃي ڪوسي رَٻَ ۾ ڪريو. گامون گهڻيون ئي رڙيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس وات ڇاڪاڻ ته رٻ سان ڀرجي ويو هو، اُن ڪري سندس وات مان آواز ئي نه ٿي نڪتو. هوڏانهن جڏهن گامونءَ جي ماءُ رڌڻي ۾ آئي ۽ رَٻَ کڻي وٽي ۾ پئي اوتيائين ته ڏوئيءَ ۾ گامون به رٻ سان اوتجي وڃي وٽي ۾ پيو. گامون وٽي ۾ به هٿ پير هنيا، اهو ڏسي گامونءَ جي ماءُ اچي ڊني. هُن سمجهيو ته رٻ ۾ الائجي ڇا آهي، تنهنڪري مرڳو اها رٻ جنهن ۾ گامون پيل هو، وٽي سوڌو ٻاهر گهر کان پري ڦِٽي ڪري آئي. ان مهل اتان هڪڙو بکيو فقير اچي لنگهيو، تنهن جو رٻ ڏٺي ته هن اها کڻي هڪڙي ڍُڪ ۾ ٿي ڳڙڪائي، پر گامونءَ وٺي رڙو رڙ ڪئي. فقير ڊڄي رٻ ڇڏي ويو. نيٺ رٻ ۾ ڀريل گامون اچي گهر پهتو. ماءُ کيس وهنجاري سهنجاري صاف سٿرو ڪيو.

ٻئي ڀيري وري ائين ٿيو، جوگامونءَ کي سندس پيءُ کير جي ڏهائيءَ تي گڏ وٺي ويو. اتي وٿاڻ ۾ ڏاڍي تيز هوا پئي لڳي. گامونءَ جي پيءُ کي اچي ڊپ لڳو ته متان پتڪڙوگامون اڏامي نه وڃي، سوکيس هڪڙي ڌاڳي سان هڪڙيءَ ڪِليءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. اتي هڪڙي سِرڻ پئي اڏامي. سرڻ هيءُ عجيب پتڪڙو ڇوڪرو ڏٺو، سو لامارو هڻي جَهٽي ورتائينس. پر گامون ته هو ڌاڳي سان ٻَڌل ۽ مٿان وري وٺي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين، ان ڪري سندس پيءُ جو ڌيان به اوڏانهن هليو ويو، تنهن هَڪلون ڪري سِرڻ کي اُڏائي ڇڏيو ۽ ائين گامون بچي ويو.

پر قسمت سدائين گامونءَ جو ساٿ نه ڏيندي هئي. هڪ دفعي گامون پيءُ سان گڏ ٻڪريون چارڻ پئي ويو. هلندي ڪنهن جڳهه تي ٿاٻو کائي ڪِري پيو. هوڏانهن سندس پيءُ ڌڻ سان گڏ اڳيان نڪري ويو. اتي هڪڙو وڏو باز جَهٽ هڻي گامونءَ کي پنهنجي چنبن ۾ کڻي ويو. گامون گهڻو ئي ڦٿڪيو، پر باز جا چنبا مضبوط هئا ۽ گامون هو گرانٺ جيڏو پتڪڙو، سو پاڻ کي باز جي چنبي مان ڇڏائي نه سگهيو. هوڏانهن باز به کيس صفا مٿي کڻي ويو. گامونءَ کي اچي ڊپ لڳو ته متان گهڻي لوڇ پوڇ ڪرڻ سان باز کيس اڇلائي نه ڇڏي،سو هن پاڻ کي الله جي آسري تي ڇڏي ڏنو. باز هاڻي هڪڙي نديءَ مٿان اڏامڻ لڳو. هڪڙيءَ جڳهه تي ٿڪجي باز گامونءَ کي چنبي مان ڇڏي ڏنو ۽ گامون وڃي نَديءَ ۾ ڪريو. اتي هڪڙي وڏي مڇي گامونءَ کي ڳهي وئي. اها مڇي وري هڪڙي مهاڻي پڪڙي ۽ وڃي بادشاهه جي محل ۾ وڪڻي ڏني. بادشاهه جي بورچيءَ جيئن مڇيءَ کي چيريو ته الله جي قدرت سان انهيءَ مان گامون جيئرو جاڳندو ٻاهر نڪري آيو. بورچي هي گرانٺ جيڏو ڇوڪرو ڏسي ڏاڍيءَ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ کيس بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويو. بادشاهه به جڏهن گامونءَ کي ڏٺوته اهو به حيران ٿي ويو، پر جلد ئي گامون پنهنجي مزيدار ڳالهين ۽ حرڪتن سبب بادشاهه جو پيارو ٿي ويو. بادشاهه کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو.

ائين ڪافي وقت گذري ويو ۽ گامونءَ کي پنهنجي گهر وارن جي به ياد اچڻ لڳي. گامون پنهنجي ماءُ پيءُ کي ساري، اُٻاڻڪو ٿي ويو. جڏهن بادشاهه گامونءَ کي مَلول ڏٺو ته هن کان ان جو سبب پُڇيائين. گامونءَ کيس حقيقت ڪري ٻڌائي ته کيس پنهنجي گهر جي ياد ٿي اچي. بادشاهه کيس موڪل ڏني ته هو ڀلي پنهنجي گهران ٿي

 

اچي. ائين گامون ڏاڍو خوش ٿي بادشاهه جون ڏنل سوکڙيون پاکڙيون ساڻ ڪري گهر ڏانهن روانو ٿيو. ستن ڏينهن ۽ ستن راتين جي مسافريءَ کان پوءِ نيٺ اباڻي گهر اچي پهتو. گامونءَ جا مائٽ پنهنجي سڪيلڌي پٽ کان سواءِ ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا هئا، تن جو پنهنجي پتڪڙي گامونءَ کي ڏٺو ته ڏاڍا خوش ٿيا. گامونءَ ڪجهه ڏينهن مائٽن سان گڏ رهڻ کان پوءِ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي چيو ته هاڻي سندس بادشاهه ڏانهن واپس ورڻ جو وقت ٿي ويو آهي. مائٽن روئي پنهنجي پتڪڙي گامونءَ کي موڪل ڏني ۽ هو روانو ٿي ويو.

گامون واپس بادشاهه ڏانهن پئي ويوته اوچتو تيز هوا لڳڻ لڳي ۽ گامون هوا جي رخ ۾ اڏامڻ لڳو ۽ وڃي محل مٿان لنگهيو. اتي بادشاهه جو بورچي بادشاهه لاءِ شربت کڻي پئي ويو. اوچتو هوا بند ٿي وئي ۽ گامون وڃي شربت جي جڳ ۾ ڪريو. جڏهن بادشاهه کي شربت گلاس ۾ ڏنو ويوته گامون به انهيءَ ۾ اچي ويو. سو جيئن

 

بادشاهه شربت چپن تائين آندوته گامون شربت مان نڪري کيس سلام ڪرڻ لڳو. بادشاهه کي اهو ڏسي اچرج به ٿيو ۽ خوشي به ٿي. بادشاهه کيس ننڍڙا نوان ڪپڙا ٺهرائي ڏنا ۽ کيس هڪڙي ننڍڙي سوني ڪُرسي به پنهنجي ڀرسان ٺهرائي ڏني. بادشاهه اعلان ڪيو ته هاڻ گامونءَ جو لقب ’رئيس‘ هوندو. پوءِ سڀ ماڻهو ’گامون گرانٺ مٺڙيي‘ کي ’رئيس گامون خان‘ ڪري سڏڻ لڳا. ائين رئيس گامڻ خان پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن خوشيءَ سان بادشاهه جي درٻار ۾ گهارڻ لڳو.

 

ڏکيا لفظ

 

بزرگ:

سکيو ستابو:

ڍؤ:

اُداسي:

وڏيءَ عمر وارو، نيڪ شخص

شاهوڪار، خوشحال

پورو پيٽ ڀرڻ

غمگيني

 

ڏُهائي:

 

وٿاڻ:

ٻڪرين، ڳئن ۽ مينهن جي ٿڻن مان کير ڏهڻ جو عمل

کير ڏيندڙ يا ٻني ٻاري ۾ ڪم ايندڙ جانورن جي رهڻ جي جاءِ

قبوليت:

اگهامي:

اونَ:

رٻ:

ڪُنو (ڪُني):

قبول ٿيڻ وارو عمل

مڃتا ملي، قبول ڪئي وئي

الڪو، انتظار، ڳڻتي

پَٽڙو ڀَت

ديڳڙو يا وڏو ٿانءُ

 

لوڇ پوڇ:

بورچي:

اٻاڻڪو:

ملول:

اچرج:

ڦٿڪو، بي آرامي

کاڌو پچائيندڙ شخص، راڌو

اداس ۽ بي مزي

پِريشان ۽ مايوس

حيراني، عجب