موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ

ڪتاب جو نالو موڳو مَٽرُ ۽ سوني ڪُڪڙ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب منوج ڪمار
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-28-4
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     337431   ڀيرا پڙهيو ويو

مترجم پاران


هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي کان اڳ آئون جڏهن پنهنجي ٻارن جي پڙهڻ لاءِ سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ ويو هئس ته مونکي خريد ڪرڻ  لاءِ ڪي گهڻا ڪتاب ملي نه سگهيا. مارڪيٽ ۾ جيڪي ڪتاب موجود هئا، انهن مان به ڪيترائي ڪتاب ٻارن جي باري ۾ ته هئا، پر ٻارن لاءِ نه هئا. ٻارن ۾ پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي عمر ستن سالن کان ڏهن سالن تائين هوندي آهي. مارڪيٽ ۾ انهيءَ عمر جي ٻارن لاءِ دلچسپ مواد ۽ تصويرن وارن ڪتابن جي مونکي ڪافي کوٽ محسوس ٿي. تڏهن منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته دنيا جي ٻين ٻولين مان ڪجهه مشهور ٻارن جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي. نه فقط ترجمو ڪجي، پر انهن ڪهاڻين  کي سنڌي ماحول ۽ سنڌي ڪردارن ۾ اهڙي طرح پيش ڪجي ته جيئن اهي ڪهاڻيون ٻارن کي پڙهڻ ۾ اوپريون محسوس نه ٿين. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي مون ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ترجمو ڪرڻ شروع ڪيون. هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻين مان گهڻيون هڪ پراڻي ڪتاب ”ففٽي فيمس فيري ٽيلس“ مان ورتيون ويون. انهن ڪهاڻين کي اهڙي طريقي سان ترجمو ڪيو ويو ته جيئن اُهي اصلوڪيون سنڌي ڪهاڻيون لڳن. ڪهاڻين جي چونڊ ۾ به انهي جو خيال رکيو ويو ته منجهن اهڙو مواد هجي، جنهن کي ننڍڙي عمر جا ٻار دلچسپي سان پڙهن. انهيءَ کانسواءِ هن ڪتاب ۾ خوبصورت تصويرون به ڏنيون ويون، جنهن سان ٻارن جي دلچسپي اڃا به وڌي.

ڪهاڻين جي هن ننڍڙي ڪتاب کي توهان تائين آڻڻ جا ٻه مقصد آهن. پهريون ته ٻارن لاءِ پڙهڻ جي مواد جي جيڪا کوٽ آهي، تنهن کي هن ڪتاب ذريعي پورو ڪرڻ جي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪجي. هن ڪتاب جو ٻيو مقصد ٻارن جو پنهنجي ٻوليءَ سان تعلق جوڙڻ آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دور ۾ اسان جا ٻار پنهنجي ٻوليءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن. اسان جا اُهي ٻار جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا ۽ خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا انهن کي سنڌي ٻولي پڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. انهن مان گهڻا ٻار ته ڪافي سنڌي لفظن کان به واقف نه آهن.  انهيءَ ڪري مون هر ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ اهڙن لفظن جون معنائون به ڏنيون آهن ته جيئن ٻارن کي هنن ڪهاڻين پڙهڻ ۾ ڪا تڪليف به نه اچي ۽ ٻار انهن لفظن کان به واقف ٿين جيڪي آهستي آهستي اسان جي ٻوليءَ مان غائب ٿي رهيا آهن. هيءُ ڪتاب هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي ته اسان جا ٻار پنهنجي ٻوليءَ کي ويجهو ٿين.

مون کي خوشي آهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي منهنجي ٻنهي ڪتابن جو ٻيو ڇاپو شايع ڪرائي رهي آهي. ان لاءِ آئون سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اشاعتي ٽيم ۽ چيئرمئن سرفراز راڄڙ جو ٿورائتو آهيان.

مون کي اميد آهي ته ٻارن لاءِ اصلاحي آکاڻين جا هي ڪتابڙا، وندر ۽ ورونهن سان گڏ ٻارن جي ادبي آبياري به ڪندا.

 

  • منوج ڪمار

هالا نوان