Video
يئيس سر (Yes Sir)!
ائڪٽ- 1
جاءِ: ڪلاس روم
ڪردار: استاد، وزير ۽ شاگرد
پردو کُلي ٿو
منظر: ڪلاس روم شاگردن سان ڀريل آهي. سڀ شاگرد گوڙ ڪري رهيا آهن. استاد ڪلاس روم ۾ داخل ٿئي ٿو. سمورا شاگرد ادب وچان اُٿي بيهن ٿا. اُستاد ويهڻ جو اشارو ڪري ٿو. سڀ شاگرد ويهي رهن ٿا. استاد اجتماعي ”اُٿ- ويهه“ ڪرائڻ کان پوءِ ڏنڊو کڻي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.
____________________
اُستاد: پيارا شاگردؤ! ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته، اڄ وزير صاحب اوهان جي اسڪول جو دؤرو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن؟
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر!
اُستاد: (خوش ٿيندي) شاباس! وزير صاحب جنهن مهل به اچن ۽ اوهان کان جيڪو به سوال ڪن ته هر سوال جو جواب فضيلت سان کين ڏيندا. مطلب ته سندن هر ڳالهه تي ”يئس سر“ چوندا. ڇا چوندا؟
شاگرد: (ٻيهر هم آواز ٿيندي) يئيس سر!!
اُستاد: (اکيون ڦوٽاريندي) سمجهو پيا يا نه؟
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر!
وزير: (اوچتو ڪلاس ۾ داخل ٿيندي) السلام عليڪم!
شاگرد: (اُٿي هم آواز ٿيندي) يئيس سر!
وزير: (حيرانيءَ وچان رڙڪندي) ڇا...؟
اُستاد: (ڦڪائيءَ وچان هوريان چوندي) بيوقوفو، چئو: وعليڪم السلام.
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر!
اُستاد: (گهٻرائيندي) بيوقوفَ!؟
وزير: (ڪاوڙجندي) ماستر صاحب! ڇاهي سڀ ٻار چريا آهن؟
شاگرد: يئيس سر!
اُستاد: (پريشان ٿيندي) بدبختؤ! ڇا وزير سان ائين ئي کِل ڀوڳ ڪندا رهندؤ؟
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سَر!
اُستاد: (جذباتي ٿيندي) منهنجي ڳالهه ڪَن کولي ٻُڌو، اُها ڳالهه اِها آهي ته...!
شاگرد: (اڌ مان ڳالهه ڪَٽي، هم آواز ٿيندي) يئيس سَر!
وزير: (خار وچان ٻاهر ويندي) خدا حافظ!
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سر!
اُستاد: (مٿي تي هٿ ڏيئي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڪُرسيءَ تي ڪِرندي) اوهان تي خدا جي مار پوي!
شاگرد: (هم آواز ٿيندي) يئيس سَر!
اُستاد: (نيم خوابي حالت وچان) پيارا شاگردؤ! وزير آڏو منهنجو پٽڪو لاهرائڻ لاءِ اوهان جي مهرباني!
شاگرد: (معصوميت وچان هم آواز ٿيندي) ييئيس سر!
(هدايتون: اُستاد بيهوش ٿي ڪُرسيءَ ۾ واڙجي وڃي ٿو. شاگرد گهٻرائڻ واري انداز ۾ گڏيل همدردي وارا لفظ ڳالهائيندي، پنهنجي استاد کي سامت ۾ آڻڻ لاءِ زور ڏيڻ کان وٺي سندن مٿي تي تِريون هڻڻ شروع ڪري ڏين ٿا.)