ڪتاب جي موضوع سان لاڳاپيل پهاڪا ۽ چوڻيون، جيڪي سنڌ ۾ عام مروج آهن، هتي پيش ڪجن ٿا:
ڪوڏي:
- ڪوڏيءَ ڪاڻ هيرو وڪڻڻ.
- ڪوڏي ڪوڏيءَ تي ساهه ڏيڻ.
- ڪوڏي ڪوڏي ڪري گڏ ڪرڻ.
- عزت ڪوڏيءَ جي ڪرڻ.
دمڙي:
- دم وڃي پر دمڙي نه وڃي.
- چمڙي وڃي، پر دمڙي نه وڃي.
- ديوان جو دمُ، دمڙيءَ جي دال تي.
ڪسيرو:
- ڪسيرو ملهه ٿيڻ.
- ڪسيري جو ڪم.
- ڪسيري جو ڪرڻ.
- ڪسيري جي ڪُتي، ٽڪي جا کائي ٽُڪر.
آڌيلو:
- آڌيلا اڌ ڪرڻ.
- آڌيلو آڌيلو ٿي وڃڻ.
پائي:
- پائي نه بچڻ.
- پائي ملهه ڪرڻ.
- پائيءَ جي اُميد نه هجڻ.
- عقل پائيءَ جو به نه هئڻ
- پائي پائيءَ تي ساهه ڏيڻ.
- پائي نه گهٽ نه وڌ ڪرڻ.
- پائي پائي ڪري گڏ ڪرڻ.
- پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني.
پئسو:
- پئسا پوڻ.
- پئسا کوٽا ٿيڻ.
- پئسا ئي پاڻيءَ ۾.
- پئسي جو پوڄاري.
- پئسن جي پٺارڪ.
- پئسي پرکڻ جو مهل.
- پئسو، پئسو ٿي وڃڻ.
- کوٽو پئسو ڪم اچڻ.
- پئسي جو مريد هُجڻ.
- پاڻيءَ وانگر پئسو هارڻ.
- پئسو آهي هٿن جي مير.
- پئسا پاڻِي ٿيڻ/ ٿي پوڻ.
- پئسي جو پُٽُ هجڻ/ ٿيڻ.
- پئسا کير ڌوتا موٽائي ڏيڻ.
- عيسا نه موسا، بڙا پير پئسا.
- پئسو آهي شينهن جي پيٽ ۾.
- پئسي بنا پرساد، هَرُو ڏئي نه هٿ ۾
- پئسو نه آهي پاس، جيئڙو آهي اداس.
- پئسي پلو مهانگو، ٽڪي پلو سهانگو.
- سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گُرُ.
- پئسو ڪمائجي مرڪ سان، روٽي کائجي شڪر سان.
ٽَڪو :
- ٽڪو نه لهڻ.
- ٽڪن ۾ تورڻ.
- بي ٽڪو هئڻ.
- ٽڪي جو هجڻ.
- ٽڪي جو ڪرڻ.
- ٽڪو مُلهه ڪرڻ.
- ٽڪو ڏيئي ٻارُ پرچائجي.
- ٽڪو ڏئي پرائو ٻار کارڻ.
- ٽڪي واري دانگي وڄائي وٺڻ.
- ٽڪي جي ٻوڙ ۾ مک ئي ملندي!
- ٽڪي ٽور هلڻ/ ٽڪي ٽور کڻڻ.
- انڌير ننگري، چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
- پائيءَ جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي.
- ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
- ٽڪو ڏيئي ٽانڊو کڻائڻ/ ٽڪي ٽانڊو کڻائڻ.
- ٽڪن تي سڱ ڏيڻ/ وٺڻ
- ٽڪو ڌرم، ٽڪو ڪرم، ٽڪو هي پَرم تَپَ هه.
يَسيه گيهي ٽڪا ناسِتَ، سَ نرههَ ٽڪٽڪايَتي.
- مردو سرڳ وڃي يا نرڳ وڃي، هَٽائيءَ جو ٽَڪو به کَڙو.
آنو:
- اٺين آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي،
ڪري پيئي کوهه ۾، ته ٻه رپيا ڪڍاڻي.
- سورنهن آنا سچ.
رُپيو:
- روپين سان رانديون ڪرڻ.
- رُپئي پلو سستو، چئين آني پلو مهانگو.
هڪ (١):
- هڪ ڪَنا ٿيڻ.
- هڪ پير تي نچڻ.
- هڪ ٿانئيڪو ٿيڻ.
- هِڪ هڪاڻي ڪرڻ.
- انڌو ۽ اڻ سونهون، ٻئي هڪ آچار.
ٻه (٢):
- ٻه ٽنگو ڦاسڻ.
- ٻئي ڪُلها وهڻ.
- ٻن باهين ۾ هئڻ.
- هڪ سج ٻه پاسا.
- ٻه وکون ڀري اچڻ.
- ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
- ٻن ٻيڙين ۾ چڙهڻ.
- ٻئي مٿا کڻي وڃڻ.
- ٻئي جهان چٽ ٿيڻ.
- ٻه گدرا مٺ ۾ ڪرڻ.
- ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
- ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
- سُڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڄي.
- پيٽ ٻه ٻانهون چنتا ناهين.
- ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽئين تَڏِي.
- ٻن گهرن جو مهمان، بُک مري يا ڦاٽي مري.
- سون پرکجي ڪسوٽيءَ، زيور پرکجي باهه،
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ.
اڍائي:
- سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.
- ڄٽ جي ڄمار اڍائي کٿا.
ٽي (٣):
- ٽُڪر ٽيڻو ٿيڻ.
- ٽيئي مارنگ اونڌا ٿيڻ.
- جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
چار(٤):
- چار ڏوڪڙ هئڻ.
- چار ديواريءَ ۾ رهڻ.
- چئن ڏينهن جو مهمان.
- چوٿون چندر مان هئڻ.
- چئن ڏينهن جو چٽڪو.
- چريون ڏيئي چار، واڇان ورتم هڪڙي.
پنج (٥):
- پنج مار هئڻ.
- پنج ئي آڱريون گيهه ۾.
ست (٧):
- ست ڌاريو.
- ست راڄي.
- ست سمنڊ پار.
- ست رنگي هئڻ.
- ست رڇي.
- ست سُري ٻڌائڻ.
- چرئي ليکي ست چريا.
- ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.
- ستون قلم گهر کي لاڳو، چور ڀڄي ويا ڀاڳيا قابو.
اٺ (٨):
- اٺين پيڙهي اُٺ، ماڪوڙو ماسات.
- اٺ ڪاٺيو ڪم.
نَوَ (٩):
- نَوَ نديون ناڻو هئڻ.
- نئين ڪنوار نَوَ ڏينهن.
ڏهه (١٠):
- ڏهه ڏاتار.
- ڏهو ڪڍڻ.
- آمون ڏهه گامون.
- ڏائِڻ به ڏهون گهر ٽاري.
- ڏهين ڦيري ڏڦير واري ڏيڻ.
سورهن(١٦):
- سورهن سينگار.
- سورهن آنا سچ چوڻ.
اوڻٽيهه(٢٩):
- اوڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ساڌ جي.
ٻٽيهه(٣٢):
- ٻٽيهه ڀڃڻ.
- ٻٽيهه دليون هئڻ.
ڇٽيهه(٣٦):
- ڇٽيهه لکڻو.
- ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو.
سَٺَ (٦٠):
- جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.
اَسي(٨٠):
- اسيءَ ۾ ڪاڻو.
- اَسي مت کسي.
سَو(١٠٠):
- سَون ۾ پڌرو.
- سو سنات ٻارهن ذات.
- سو ساهه صدقي ڪرڻ.
- سنڌي ماڻهو سون ۾ پڌرو.
- سَو ڏاچيءَ جو سردار هئڻ.
- تِر جي گُٿي سَو چوٽون کائي.
- سَو وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي.
- سَو ڳالهه جي هڪ ڳالهه ڪرڻ.
- سو ڌڪ سونار جا، هڪ ڌڪ لوهار جو.
- سَو ڪري سينگار ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو.
هزار (١٠٠٠):
- حيف هزار.
- هزارن ۾ هڪ.
- هزارن ۾ هڪ هئڻ.
- هزارين حيلا ڪرڻ.
- ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ هزار به ٿورا.
لک (١٠٠٠٠٠):
- لک لهڻ.
- لک لُٽائو.
- لک لاکيڻو.
- لک جي لوڏ.
- لکن ۾ هڪ.
- ڪکن هيٺ لک.
- لڄان تان لک قربان.
- پنجين لکين پاءُ وڪامڻ.
- لک ڪهاڙي جو سردار هئڻ.
- لکن ۾ هئڻ/ لکن ۾ منهن هئڻ.
- ڪک جو چور، سو لک جو چور.
- لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
- جئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو.
- جئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
- پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي.
- پنهنجي جو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي.
ماسو ۽ تولو:
- گهڙيءَ تولو گهڙيءَ ماسو هئڻ
- ڪڏهن تولو ڪڏهن ماسو، ڪڏهن خرار ڪڏهن ڪاسو.
ٽويو:
- پنج ئي ٽويا ڦٻڻ.
- ڇهه ئي ٽويا ڇڏڻ.
- ٽيهه ئي ٽويا ڇڏڻ.
- اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا.
اگهه:
- ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
ڪاسو:
- ڪَڻي گهٽ ڪاسو ٿيڻ.
خرار:
- اڃَا خرار مان پاٽي مس پيٺي آهي.
- واتئون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو به نه کاڄي.
- اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي. (چوٿائي 4/1)
اَنّ:
- اَنّ پلي، ذات ڀلي.
- ان جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.
سون:
- اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇِني.
ناڻو/ مايا/ ڌن/ دولت/ لڇمي:
- دولت مندن جا ڏاند ويامن.
- لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
- دال روٽي کاڌي ڌن کُٽي ته کُٽڻ ڏي.
- ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سا جا ڪنٺ.
- ڌن رک ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.
- ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.