شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-052-4
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (489) PDF  E-Pub
انگ اکر

19 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     308089   ڀيرا پڙهيو ويو

مقدمو


جهڙيءَ طرح انسان جي جسم جي افزائش لاءِ غذا يا خوراڪ ضروري آهي، اهڙي طرح روح کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ڪنهن فن لطيف جي ڄاڻ يا ان فن لطيف کان فيض حاصل ڪرڻ به تمام ضروري آهي. انسان جي وجود ۾ فن لطيف کانسواءِ انسان جو روح مرده جسم وانگر ئي محسوس ٿيندو آهي. فن لطيف ۾ ڪيترائي فن شامل آهن، جن ۾ شاعري، مصوري، مجسمه تراشي، تعميراتي ڪم ۽ موسيقي وغيره اچي وڃن ٿا. انهيءَ کانسواءِ زندگيءَ کي پُر لطف هرگز نٿو بڻائي سگهجي. موسيقيءَ جو جيستائين تعلق آهي ته ان ڏس ۾ هزارين سال اڳ حضرت دائود عليه السلام کي الله تعاليٰ مٺڙو ۽ سُريلو آواز عطا ڪيو، جنهن جي ڪشش ۾ ڪيترائي ماڻهو وٽس اچي گڏ ٿيندا هئا، ان ڪري ئي ’لحن دائودي‘ ضرب المثل بنجي ويو.

قدرت خداوندي انسانن کانسواءِ ٻي مخلوقات، پکي پکڻ، درياهن، چشمن ۽ آبشارن وغيره ۾ به سُرن کي سمائي ڇڏيو آهي. اگر اهلِ فن غور سان ڏسندا ته انهن مان موسيقيءَ جا عنصر ڳولي محسوس ڪري يا حاصل ڪري سگهجن ٿا. مثال جي طور تي ڪوئل جي آواز ۾ هڪ اهڙو دل ڪش ۽ پُراثر نغمو آهي، جو هر ٻڌڻ وارو ان مان لطف حاصل ڪري ٿو يا ان جي دل ۽ دماغ کي ڪافي متاثر ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح پپيهي جي آواز ۾ قدرت ڪيڏو نه درد عطا ڪيو آهي ۽ ان جي صدا ۾ هڪ قسم جو درد ۽ ڪرب محسوس ڪري سگهجي ٿو.

موسيقي ازل کان وٺي هيستائين ڪائنات جي مدارج سان گڏوگڏ ۽ مختلف شڪلين ۾ قائم دائم رهندي اچي. موسيقيءَ کي ڪنهن به انداز يا رنگ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. مگر ان جا بنيادي اصول ڪڏهن به بدلجي نه سگهبا آهن. ورنه موسيقي هرگز پنهنجي اصلي حالت ۾ رهي ڪانه سگهندي. انهن اصولن کي اسين 7 سُرن يا 12 سُرن جي ڍانچي ۾ يا دائري ۾ ئي آڻي سگهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو موسيقيءَ جو بڻ بڻياد فقط انهن سُرن سان ئي وابسته آهي ۽ هميشه رهندو.

موسيقيءَ ۾ به بي ضابطه ۽ باضابطه لئي ۽ تار جو فرق هوندو آهي، جيڪڏهن اصول مطابق ۽ باضابطه آهي ته اها اصل موسيقي آهي، پر جيڪڏهن بي ضابطه آهي ته اها موسيقي هرگز نه آهي، اهڙي موسيقي گوڙ ۽ شور آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان انساني روح تي بيچيني جو اثر شروع ٿي ويندو آهي. موسيقي صرف ان وقت فن لطيف ٿيندي آهي، جڏهن اُها قاعدن ۽ ضابطن جي دائري اندر سمايل هوندي آهي.

موسيقيءَ کي ڄاڻن ۽ سمجهڻ لاءِ بي پناهه جستجو، ذوق، شوق، فني تدريس ۽ مناسبت رياضت جي ضرورت هوندي آهي. سڀني فنونِ لطيفه مان موسيقي تمام پيچيده ۽ مشڪل ترين فن آهي. ان جو تعلق ڪافي حد تائين آواز سان آهي، جيڪو ارتعاش مان پيدا ٿيندو آهي. ان ۾ سالن جي محنت، تعليم ۽ مسلسل رياضت جي ضرورت هوندي آهي.

ڪلاسيڪي موسيقي:

ڪلاسيڪي موسيقي، جيڪا صدين کان وٺي برصغير ۾ مروج آهي، اُن ۾ گائڪيءَ جو اهو طريقو استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ 4 ”مت“، 10 ’ٺاٺ‘ ۽ ڌرپت کان وٺي خيال، ٽپو ۽ ترانو وغيره صنفون ڳايون وڃن ٿيون.  انهن ۾ ’ٺاٺن‘ ۽ انهن مان نڪرندڙ راڳن ۽ راڳڻين جو تعين ٿيل هوندو آهي. ان ۾ قاعدي ۽ قيود وغيره جي مڪمل پابندي ڪرڻ ئي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو اهم اصول هوندو آهي، ۽ نهايت ضروري پڻ هوندو آهي.

موسيقيءَ جي ’4 متن‘ جو ذڪر:

قديم زماني کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي فن کي ’4 متن‘ ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. هرهڪ مت ۾ جدا جدا لاتعداد راڳ ۽ راڳڻيون شامل ڪيون ويون آهن.

’4 متن‘ جا قسم:

  1. ’آدم مت‘:

آدم مت کي ’شمشير مت‘ يا ’شيومت‘ به چيو ويندو آهي، ان مت يعني شيومت جا راڳ ۽ راڳڻيون هن طرح آهن.

راڳ: (1) سري راڳ، (2) بسنت راڳ، (3) راڳ پنچم، (4) ڀيرو راڳ ۽ (5) ميگهه راڳ.

راڳڻيون: آدم مت جون راڳڻيون هي آهن: (1) ديسي، (2) تربيني، (3) گوري، (4) ديوگري، (5) بيراڙي، (6) ٽوڙي، (7) ڀوپالي، (8) ڀيروي، (9) باگيشري، (10) پٽ منجري، (11) آساوري، (12) گنڌاري، (13) آهيري.

  1. ’ڀرت مت‘:

هن مت ۾ بيراڳ جو تاثر ملي ٿو. ’ڀرت مت‘ جا راڳ ۽ راڳڻيون هن طرح آهن:

راڳ: (1) ڀيرون، (2) مالڪوس، (3) هنڊول، (4) ديپڪ، (5) سري ۽ (6) ميگهه.

راڳڻيون: (1) مڌماري، (2) بيراڙي، (3) ڌياوتي، (4) کمڀاوتي، (5)) رامڪلي، (6) مالاوتي، (7) ديوالي، (8) گُجري، (9) روراني، (10) سنڌڙي، (11) سرهٽي، (12) ملهار، (13) سارنگ، (14) ديسي، (15) آساوري، (16) ڪافي.

نوٽ: ڪافي راڳ ۽ راڳڻيون يا ساڳيون راڳ راڳڻيون ٻين متن ۾ به اچي وڃن ٿيون.

  1. ’ڪلناٿ مت‘ يا ’ڪرشن مت‘:

هن مت ۾ رقص جو تاثر آهي، ’ڪلناٿ مت‘ يا ’ڪرشن مت‘ جا راڳ هيٺيان آهن:

راڳ: (1) سري راڳ، (2) بسنت، (3) ڌول، (4) انڌيالي، (5) گمڪي، (6) آهيري، (7) ڪوڪب، (8) بيراڙي، (9) ڀيروي، (10) بلاولي، (11) رگت بنسر، (12) بنگالي، (13) ڌناسري، (14) برونڪي، (15) تلنگي، (16) پوربي، (17) آراما، (18) ديوالي، (19) سنڌ ملاري وغيره.

  1. ’هنو مت‘:

هن مت ۾ جوش خروش جو پهلو نمايان آهي. هن مت جا راڳ:

راڳ: (1) ڀيرون، (2) مالڪوس، (3) هنڊول، (4) ديپڪ، (5) سري، (6) ميگهه.

راڳڻيون: (1) ڀيرون، (2) سنڌڙي، (3) بيراڙي، (4) (4) گوري، (5) گن ڪلي، (6) کمڀاوتي، (7) ٽوڙي، (8) رامڪلي، (9) للت، (10) پٽ منجري، (11) ديسي، (12) ڪمود، (13) نٽ، (14) ڪانهڙا، (15) مالسري، (16) آساوري، (17) ڌناسري، (18) ڀوپالي، (19) گجري، (20) ٽنڪ، (21) ديس ڪار وغيره.

مٿين متن ۾ اسين ڏسنداسين ته ڪافي راڳ ۽ راڳڻيون ٻين متن ۾ به ساڳيون رکيون ويون آهن، مگر اهو اصل کان وٺي هلندو پيو اچي ۽ ان اصول کي اڃا تائين برقرار رکيو ويو آهي. ان ڪري ئي نائڪن ان کي ساڳي حال ۾ برقرار رکيو آهي ۽ قبول پڻ ڪيو آهي.

زماني سلف جي وڏن موجدن ۽ نائڪن مثال طور امير خسرو، تان سين، بيجو باورا، بائيڪ گوپال، سدا رنگ، اُڌا رنگ ۽ ٻين پڻ ان تقسيم کي ساڳي حال ۾ قائم رکيو آهي ۽ قبول پڻ ڪيو آهي ۽ ان مقرر تقسيم سان هنن ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪئي آهي.

ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا ’10 ٺاٺ‘

  1. ڪلياڻ ٺاٺ، 2. ڀيرون ٺاٺ، 3. ڀيروي ٺاٺ، 4. بلاول ٺاٺ، 5. کماچ ٺاٺ، 6. ماروا ٺاٺ، 7. پوربي ٺاٺ، 8. ڪافي ٺاٺ، 9. آساوري ٺاٺ، 10. ٽوڙي ٺاٺ.

10 ٺاٺ ۽ انهن ۾ راڳ ۽ راڳڻين جو تفصيل:

  1. ڪلياڻ ٺاٺ:

ڪلياڻ جا راڳ: 1. هنڊول، 2. ايمن ڪلياڻ، 3. همير ڪلياڻ، 4. شڌ ڪلياڻ، 5. گورک ڪلياڻ، 6. شام ڪلياڻ، 7. درگا ڪلياڻ، 8. پوريا ڪلياڻ، 9. ڀوپ ڪلياڻ يا ڀوپالي.

ڪلياڻ ٺاٺ جون راڳڻيون:

  1. مالسري، 2. ڪمودي، 3. ڇايا.

ڀيرون ٺاٺ جا راڳ:

  1. ڀيرون، 2. آهيري ڀيرون، 3. بيراڳي ڀيرون، 4. ڀڀاس، 5. ڀيرون بهار، 6. للت، 7. گن ڪلي، 8. انند ڀيرون، 9. نٽ ڀيرون، 10. جوڳيا.

ڀيروي ٺاٺ جون راڳڻيون:

  1. شڌ ڀيروي، 2. مالڪوس، 3. چندر ڪوس، 4. مڌڪوس، 5. بهادر ڪوس يا گن ڪوس.

نوٽ: (مالڪوس کي ڪي وري مالڪونس يا چندرڪوس کي ڪي وري چندر ڪونس يعني ’ن‘ جي واڌاري سان به چوندا آهن، مطلب ته ٻئي صحيح آهن).

  1. ٺوڙي ٺاٺ جا راڳ:
  2. شد ٽوڙي يا ميان جي ٽوڙي، 2. گجري ٽوڙي، 3. سنڌوري ٽوڙي، 4. کٽ ٽوڙي ۽ گنڌاري ٽوڙي، 6. جونپوري ٽوڙي، 7. ديسي ٽوڙي، 8. بلاس خاني ٽوڙي، 9. حُسيني ٽوڙي، 10. بهادري ٽوڙي، 11. لڪشمي ٽوڙي، راڳ مُلتاني.
  3. ڪافي ٺاٺ:
  4. راڳ ڪافي، 2. ڀيم پلاسي، 3. ڀاڳيسري، 4. شڌ بهار، 5. مڌماڌ، 6. سارنگ، 7. ميان جي ملهار، 8. راڳ ديسي، 9. پيلو، 10. پٽ منجري، 11. پٽ ديپ کان علاوه ڪافي ڪانهڙا، سُوها ڪانهڙا، شاهانا ڪانهڙا ۽ اڀوڳي وغيره.
  5. آساوري ٺاٺ:
  6. آساوري، 2. جونپوري، 3. ديوگنڌار، 4. سنڌي ڀيروي، 5. ديسي، 6. اڀيري، 7. درباري، 8. کٽ ٽوڊي، 9. ڪونسي ڪانهڙا ۽ بلاسي خاني ٽوڙي.
  7. بلاول ٺاٺ:
  8. شڌ بلاول، 2. اليا بلاول، 3. ديوگري بلاول، 4. بهاڳ، 5. ڪدارا، 6. بهاڳڙا، 7. شنڪره، 8. ديس ڪار، 9. پهاڙي، 10. مانڊهه، 11. نٽ، 12. نٽ بلاول، 13. شڪل بلاول، 14. ڪوڪب بلاول، 15. ملوها ڪدارا، 16. دُرگا، 17. سربرده، 18. چاندني ڪيدارا وغيره.
  9. کماچ ٺاٺ:
  10. کماچ، 2. جنجهوٽي، 3. کمڀاوتي، 4. ڪلاوتي، 5. راگيشري، 6. ديس، 7. سورٺ، 8. تلڪ ڪامود، 9. جي جي ونتي، 10. غارا وغيره.
  11. پوربي ٺاٺ:
  12. پوربي، 2. سري راڳ، 3. تربيني، 4. گوري، 5. ديپڪ، 6. جيت سري، 7. پوريا ڌناسري، 8. بنست، 9. پرج وغيره.
  13. ماروا ٺاٺ:
  14. ماروا، 2. پوريا، 3. بيراري، 4. پنچم، 5. سوهڻي، 6. پوريا ڪلياڻ، 7. ڀڀاس وغيره.

ڪلاسيڪي راڳ ۽ راڳڻيون هيٺين ترڪيبي جُزن تي مشتمل هونديون آهن.

  1. سُر، 2. راڳ جي ساخت، 3. آروهي، امروهي (اچڻ وڃڻ)، 4. سبتڪ، 5. وادي ۽ سموادي، 6. اَنش، 7. نياش، 8. گره.
  2. سُر: سُر جي معنيٰ آواز آهي. هونئن ته هن ڌرتيءَ تي لکين آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، مگر فن جي استادن انهن سڀني آوازن مان چونڊي ستن سُرن کي منتخب ڪيو آهي ۽ انهن کي موسيقي واري دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. انهن کي اسين ست مختلف آواز به چئي سگهون ٿا. جيڪي پهرئين سبتڪ کان ٽئين سبتڪ تائين بلڪل مختلف رهندا آهن ۽ اهو ئي انهن آوازن يا سُرن کي سڃاڻڻ جو واضح طريقو آهي. انهن ستن سُرن جي لهڻ ۽ چڙهڻ جو فرق رکندي وري ٻارنهن سُرن کي زنده رکي، اُنهن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن کي ڪومل يعني لٿل سُر ۽ تيور يعني چڙهيل سُر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

ستن سُرن جا نالا:

  1. کرج يعني سا، 2. رکب، 3. گنڌار، 4. مڌم، 5. پنچم، 6. ڌيوت، 7. نکاد.

اهي سڀئي سُر شُڌ آهن، جن جو مختصر نالو سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني آهي، وري اُنهن شُڌ سُرن کي ڪومل ۽ تيور ۾ وڌائي 12 سُر ٺاهيا ويا آهن.

کرج ۽ پنچم اڇل سُر آهن، يعني اهي ڪومل ۽ تيور جي قيد کان بلڪل آزاد آهن.

راڳ جي ساخت ۽ بناوت:

مذڪورره ستن سُرن کي خاص ترتيب سان گڏ ڪري ڪوبه راڳ معرض وجود ۾ اچي وڃي ٿو. سُرن جي اها خاص ترتيب جنهن سان راڳ ٺهي وڃي، ان کي راڳ جي ساخت ۽ بناوت چئبو آهي.

  1. آروهي، امروهي:

راڳ جي ساخت کان پوءِ آروهي، امروهي جي تعريف هن طرح سان آهي ته آروهي معنيٰ مٿي وڃڻ ۽ امروهي جي معنيٰ واپس هيٺ وڃڻ؛ يا هيٺ اچڻ.

  1. ٽي سبتڪ:

سبتڪ جي لفظي معنيٰ آهي، قيام جي جاءِ يا منزل وغيره. اهي ٽي سبتڪون راڳ جي آروهي ۽ امروهيءَ جي وچ ۾ قائم ڪيون ويون آهن. پهرئين سبتڪ جو نالو آهي ’مڌ اسٿان‘ يا ’مندر سبتڪ‘، 2. سبتڪ جو نالو مڌ اسٿان يا مڌ سبتڪ آهي، جنهن کي وچ واري سبتڪ به چيو ويندو آهي. 3. سبتڪ جو نالو آهي تار اسٿان يا تار سبتڪ. هن کي آخري سبتڪ به چئبو آهي.

  1. وادي، سموادي:

وادي- سموادي جي معنيٰ آهي زياده اهم ۽ ڪجهه گهٽ اهم، يعني وادي سُر کي بادشاهه ۽ سم وادي سُر کي وزير چئبو آهي. اهي راڳ جا لازمي جُز آهن ۽ انهن کان سواءِ راڳ جي هيئت ترڪيبي ناممڪن يا نامڪمل رهندي آهي.

  1. اَنش، نياش، گِره:

انهن کي به راڳ جي اهم سُرن ۾، ۽ اهم سُرن سان گڏ منسوب ڪيو ويندو آهي. جيئن هر راڳ ۽ راڳڻيءَ جو جدا جدا تشخص قائم رهي ۽ الڳ الڳ ٿي پوي ۽ ان راڳ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهائڻ ۾ آساني ۽ سولائي ٿي سگهي.

شُرتين جو بيان

تعريف: شُرتي ان آواز جو نالو آهي، جيڪو موسيقيءَ جي گهربل ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ۽ سُرن کي سڃاڻڻ جي لاءِ مددگار ۽ معاون ثابت ٿي سگهي. موسيقيءَ جي فن جا ماهر شُرتين کي 22 نالن سان مختص ڪن ٿا ۽ تقريباً سڀئي ان فن جا عالم ان سان متفق پڻ آهن.

شُرتين جا نالا:

  1. تيبرا، 2. ڪمودوتي، 3. مندا، 4. ڇندوتي، 5. دياوتي، 6. رنجني، 7. رڪتيڪا، 8. رودري، 9. ڪروڌي، 10. وجريڪا، 11. پرسانڙي، 12. پريتي، 13. مارجني، 14. شريتي، 15. رتڪا، 16. سنديپني، 17. الاپني، 18. مدنتي، 19. روهني، 20. رميا، 21. اگرا، 22. شروبهني.

شُرتين جي تقسيم:

هاڻي هيٺ شُرتين جي تقسيم ظاهرڪجي ٿي. اها تقسيم ان لحاظ کان ڪئي وڃي ٿي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته هر سُر جي لاءِ ڪيتريون شرتيون مخصوص ٿيل آهن:

  1. کرج يعني، سا = 4 شُرتيون
  2. رکب يعني، ري = 3 شُرتيون
  3. گنڌار يعني، گا= 2 شُرتيون
  4. مڌم يعني، ما= 4 شُرتيون
  5. پنچم يعني، پا= 4 شُرتيون
  6. ڌيوت يعني، ڌا= 3 شُرتيون
  7. نکاد يعني، ني= 2 شُرتيون

ٻاويهه شُرتين جي تقسيم بلحاظ شڌ سُرن جي مروجه هيئن ڪيل آهي:

 

شڌ کرج: 1. تيبرا، 2، ڪمودتي، 3. مندا، 4. ڇندوتي

شڌ رکب: 1. دياوتي،2. رنجني، 3. رڪتيڪا.

شڌ گنڌار: 1. رودري، 2. ڪروڌي.

شڌ مڌم: 1. وجريڪا، 2. پرسانڙي، 3. پريتي، 4. مارجني.

شڌ پنچم: 1. شريتي، 2. رتڪا، 3. سنديپني، 4. الاپني.

شڌ ڌيوت: 1. مدنتي، 2. روهني، 3. رميا.

شڌ نکاد: 1. اُگرا، 2. شرو بهني.

 

موسيقيءَ جي ماهرن، نائڪن ۽ موجدن راڳ جا هيٺيان قسم ظاهر ڪيا آهن:

راڳ جي تقسيم بلحاظ سُرن جي ترتيب:

  1. مارگ:

سُرن جي لحاظ کان راڳ جي ترتيب جنهن ۾ سُر جي ترتيب پابنديءَ سان ڪيل هجي. بلڪ سختيءَ سان ڪيل هجي، ان کي ”مارگ“ چوندا آهن، جنهن ۾ آروهي، امروهي ۽ وادي- سموادي کي سختي سان مدنظر رکيو ويندو آهي ۽ هر جڳهه هڪ ئي مقرر شڪل رکي ويندي آهي. ان ۾ هلڪي قسم جي ڦيرڦار جو ڪوبه امڪان ڪونه هوندو آهي. مثال طور راڳ ”مالڪوس“.

  1. ديسي:

هن ۾ راڳ ۽ راڳڻي جي اها شڪل هوندي آهي، جنهن ۾ ’مارگ‘ وانگر پابندي نه هوندي آهي. بلڪ ان قاعدي کان آزاد هوندي آهي، ۽ مختلف جڳهن تي مختلف هوندي آهي. ان کي اسين راڳڻيءَ جي علاقائي شڪل به چئي سگهون ٿا. ان جو ڳائڻ وڄائڻ ’مارگ‘ جي مقابلي ۾ ڪافي آسان پڻ آهي، جيئن پهاڙي، تلنگ، جوڳيا، ديس، سنڌڙو ۽ سنڌي ڀيروي وغيره.

راڳن جي تقسيم بلحاظ ساخت:

هن ۾ سُرن جي تعداد کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي، مثال طور ست سُر، ڇهه سُر، پنجن سُرن جا راڳ.

سمپورن: سمپورن اهي راڳ يا راڳڻيون جن ۾ ست سُر استعمال ڪيا وڃن، مثال طور هيٺيان راڳ اچي وڃن ٿا: 1. ايمن ڪلياڻ، 2. ڀيرو، 3. ڀيروي، 4. بلاول، 5. ڪافي، 6. پٽ ديپ، 7. درباري وغيره.

کاڊو: اهي راڳ يا راڳڻيون جن جي تشڪيل ڇهن سُرن سان ڪئي وئي آهي، ان کي کاڊو چيو ويندو آهي، مثال طور: 1. ماروا، 2. سوهڻي، 3. پوريا، 4. گجري ٽوڙي، 5. سري رنجني وغيره.

اوڊو: اهي راڳ يا راڳڻيون جنهن ۾ پنج سُر استعمال ڪيا وڃن ته ان کي اوڊو چيو ويندو آهي، مثال طور 1. مالڪوس، 2. راگ ڀڀاس، 3. گُن ڪلي، 4. ڀوپالي، 5. ديس ڪار، 6. جيت ڪلياڻ وغيره.

تقسيم بلحاظ آروهي- امروهي:

ان جا چار روپ آهن، 1. شُڌ روپ: هن ۾ اُهي راڳ ۽ راڳڻيون اچي وڃن ٿيون، جن جا سڀئي سُر سلسلي وار يعني هڪٻئي پٺيان استعمال ٿين ۽ آروهي- امروهيءَ جي لحاظ کان به سڌا هجن ۽ آجا هجن، مثال طور: ايمن ڪلياڻ، ڀيرون، ڀيروي، بلاول، شُڌ ٽوڙي، گُن ڪلي، ڀڀاس، ماروا، پوريا ۽ سهڻي وغيره.

  1. سنسڪيرن روپ:

سنسڪيرن روپ جا راڳ ۽ راڳڻيون اهي آهن، جن جي آروهي ۽ امروهيءَ ۾ اختلاف هجي، مثال طور ڪٿي اوڊو سمپورن هجي ته ڪٿي وري کاڊو سمپورن هجي ته ڪٿي وري اوڊو کاڊو هجي.

اوڊو- سمپورن جا راڳ: هن جي آروهي ۾ پنج سُر استعمال ٿيندا آهن ۽ امروهيءَ ۾ ست سُر استعمال ٿيندا آهن، مثال طور: آساوري، ديسي ٽوڙي، بلاس خاني ٽوڙي وغيره.

کاڊو- سمپورن جا راڳ:

هن جي آروهي ۾ ڇهه سُر استعمال ٿين ۽ امروهيءَ ۾ ست سُر استعمال ٿين ٿا. مثال طور: پوريا ڪلياڻ، پوريا ڌناسري، ميان جي ٽوڙي وغيره.

اوڊو- کاڊو جا راڳ: جنهن ۾ آروهيءَ ۾ پنج سُر استعمال ٿين ۽ امروهي ۾ ڇهه سُر استعمال ٿين مثال طور چندر ڪوس، تِرون، راگيشري وغيره.

  1. وڪر روپ: اهي راڳ يا راڳڻيون جن جي آروهي ۽ امروهي ۾ پيچ داري هجي يا بل دار هجي ته ان کي وِڪر روپ جو راڳ يا راڳڻي ڪري چئبو آهي، مثال طور ڪامود ڪيدارا، ميان جي ملهار، انندي، جي جي ونتي، بهاڳڙا، رام ڪلي، ڀٽيار، هميرڪلياڻ، شنڪرا، للت، ديس ڪار وغيره. انهن سُرن راڳن ۾ لچڪ موجود آهي.

انگ جي لحاظ کان راڳ جي تقسيم:

پوروانگ: هن ۾ اهي راڳ، راڳڻيون آهن، جن جي شڪل کرج، کان مڌم تائين اڳتي هلڻ سان واضح هجي. مثال طور پوريا، ماروا، شڌ ٽوڙي، مالڪوس، للت، گنڪلي وغيره.

اترانگ: هن ۾ اهي راڳ، راڳڻيون اچي وڃن ٿيون جي وضع، قطع يا شڪل صورت پنچم مڌ اسٿان کان تار اسٿان تائين واضح هجي. ان جو زياده زور تار سبتڪ تي ٿيندو آهي، جنهن کي ٽيپ به چئبو آهي. مثال طور سوهڻي، بسنت، پرج، ڪامود، هنس ڌن، شنڪرا، شڌ بهار، اُڊانا ۽ چندر ڪونس وغيره.

راڳ جي تقسيم/ بناوت ان پنج قسم ٺهن ٿا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

  1. مهاشڌ: ان راڳ يا راڳڻيءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٻي راڳ يا راڳڻيءَ جي ڪابه ملاوت ڪانه هوندي آهي ۽ هي بلڪل خالص هوندو آهي، مثال طور مالڪوس ۽ ايمن ڪلياڻ، ڀوپ ڪلياڻ يا ڀوپالي ۽ بلاول وغيره.
  2. شڌ: هن جا راڳ ۽ راڳڻيون بلڪل خالص هونديون آهن، صرف چند شُرتيون بدليل هونديون آهن، مثال طور راڳ ملتاني، انندي، ڪدارا.
  3. سالتڪ يا ڇايا نٽ: هن ۾ ڪنهن ٻي راڳ يا راڳڻي جي ڪجهه مشابهت هوندي آهي. مثال طور ميان جي ٽوڙي ملتاني، درباري، جونپوري، آساوري، بلاس خاني ٽوڙي، ڀيروي، چاندني ڪيدارا، ڀيم پلاسي، انندي، ديسي ٽوڙي، ڪافي، پوريا، ماروا ۽ سوهڻي.
  4. سنيڪيرن: هن جي راڳ ۽ راڳڻين ۾ ٻن يا ان کان زياده راڳ ۽ راڳڻين جو مرڪب هجي ته ان کي سنيڪيرن چئبو آهي، مثال طور: للت، ديوگري، بلاول، ڇايا نٽ، پوريا ڌناسري، ڪدارا، غاره، ديس ۽ جي جي ونتي.
  5. مهاسنڪيرن: اهي راڳ ۽ راڳڻيون مٿين چار قسمن مان ڪن ٻن جي آميزش سان پيدا ٿيا هجن،
    مثال طور: ميگهه ملهار، سوهاڪانهڙ، درباري ڪانهڙا، هنڊول بهار، اڊانا بهار، اِليا بلاول، ڪوڪب بلاول وغيره.

راڳ ۽ وقت جو تعلق:

راڳ ۽ وقت جو پاڻ ۾ تعلق لازم ملزوم آهي. موسيقيءَ جي فن جي استادن ان حقيقت کي پيش نظر رکندي راڳ ۽ راڳڻين ۾ سُرن جي لهڻ، چڙهڻ جي تبديلي سان انهيءَ کي وقت سان گڏ مربوط ڪيو آهي. چنانچه وقت جو لحاظ تمام اهم ۽ ضروري آهي. موسيقيءَ جي مستند ۽ وڏن نائڪن ۽ ڄاڻن پنهنجي پنهنجي طريقي سان وقت ۽ راڳ جي اهم مسئلي تي اظهار خيال ڪيو آهي، جنهن کي پاڻ به بلڪل درست ۽ صحيح سمجهون ٿا ۽ تسليم پڻ ڪيون ٿا. اهڙا سوين راڳ ۽ راڳڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون، جن جي سُرن جي پاڻ ۾ امتزاج ۽ لڳاءَ سان، صبح، شام ۽ رات جو تاثر جهلڪندو ملي ٿو. ان کي نه رڳو راڳ جو ماهر پر ٿوري ڄاڻ رکڻ وارو به ڄاڻي سگهي ٿو ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو.

راڳ ۽ راڳڻين جو وقت سان گڏ تعلق ۽ تقسيم

  1. صبح جو 6 بجي کان صبح جو 9 بجي تائين شڌ ۽ ڪومل سُر لڳايا وڃن ٿا. مثال طور: انهن ۾ هي سُر اڪثر ۽ بيشتر لڳندا آهن، رکب، گنڌار، مڌم، ڌيوت ۽ نکاد. مثال طور هي راڳ اچي وڃن ٿا، گُن ڪلي، بيراڳي، جوڳيا، رامڪلي ۽ ڀڀاس وغيره.
  2. ڏينهن جو 9 بجي کان منجهند جو 12 بجي تائين جيڪي به راڳ يا راڳڻيون ڳايون وينديون آهن، انهن ۾ ڪومل سُر ۽ تيور سُر هڪ جيترا استعمال ڪيا ويندا آهن، مثال طور گنڌار، مڌم، ڌيوت، نکاد ۽ تيور به لڳندا آهن ته ڪومل به لڳندا آهن. اهڙن راڳن جي فهرست هي آهي: ديس ڪار، للت، ڀيرون، بلاول، آساوري، تلنگ، ڀيروي، بلاس خاني، شڌ ٽوڙي ۽ ديس وغيره.

12:30 بجي کان منجهند 3 بجي تائين جيڪي راڳ ۽ راڳڻيون ڳايون وينديون آهن، انهن ۾ ڪجهه سُر ڪومل ته ڪجهه سُر تيور لڳندا آهن، جيڪي منجهند جي وقت سان پوري مناسبت رکندا آهن. مثال طور گنڌار، مڌم، نکاد وارا سُر ڪومل هوندا آهن ته وري رکب ۽ ڌيوت وارا سُر تيور لڳندا آهن، مثال طور: ڀيم پلاسي، بروا، شڌ سارنگ، ميگهه، پٽ ديپ، پيلو ۽ ڪافي وغيره.

  1. 3 وڳي کان شام 6 بجي تائين وارا راڳ ۽ راڳڻيون جن ۾ وري رکب ۽ ڌيوت اڪثر ڪري ڪومل شڪل ۾ استعمال ٿيندا آهن، مگرگنڌار، مڌم ۽ نکاد وري تيور سُر رهن ٿا. مثال طور: پوريا ڌناسري، ماروا، پوريا، سهڻي، پرج، پوربي، پوريا ڪلياڻ، بسنت، بسنت بهار ۽ سري راڳ وغيره.
  2. 6 وڳي شام کان 9 بجي رات تائين وارن راڳ، راڳڻين ۽ وري سڀئي سُر تيور لڳندا آهن ۽ شڌ راڳ ڳايا ويندا آهن. مثال طور: ايمن ڪلياڻ، شڌ ڪلياڻ، ڀوپ ڪلياڻ يا ڀوپالي، ڪدارا ۽ ڪامود وغيره.
  3. 7 وڳي رات کان وٺي 12 وڳي رات تائين وارن راڳ ۽ راڳڻين ۾ به تمام سُر تيور رهندا آهن، فقط گنڌار، مڌم ۽ نکاد وارا سُر ڪُومل لڳندا آهن. ان وقت هيٺيان راڳ ڳايا ويندا آهن، مثال طور: ڀاڳيسري، بهاڳڙا، شنڪرا، درباري، ميان جي ملهار، اڊانا، جي جي ونتي، غاره، نائڪي ڪانڙا، اڀوڳي ڪانڙا، درباري ڪانڙا وغيره.
  4. رات جو 12 وڳي کان صبح جو 3 وڳي تائين راڳن، راڳڻين ۾ تيور رکب ۽ پنچم يا ته بلڪل متروڪ هوندو آهي يا وري بلڪل هلڪو لڳندو آهي، ان وقت جي ڳايل راڳ راڳڻين ۾ هي اچي وڃن ٿا، مالڪونس، چانڊڪونس، مڌڪونس ۽ بعض لٿل سُرن جا راڳ ۽ راڳڻيون.
  5. رات جو 3 وڳي کان صبح جو 6 وڳي تائين راڳ ۽ راڳڻين ۾ تيور سُرن کي ڪومل سُرن ۾ تبديل ڪرڻ سان هيٺيان راڳ ۽ انهن جي صورت پيدا ٿيندي آهي، مثال طور: ڪومل بسنت، ڪومل سهڻي، ڪلنگڙا، هنڊول، للت ۽ آساوري وغيره.

راڳ ۽ راڳڻين جا چند اهم رموز (رمزون)

راڳ ۽ راڳڻين جي رموز کي ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا يا تقسيم ڪريون ٿا. ان ۾ سُرنجي معمولي تبديليءَ سان راڳ ۽ راڳڻيءَ جي ساخت تبديل ٿي ويندي آهي. مثال جي طور تي اڳين نائڪن ۽ استادن شڌ ٽوڙيءَ کي شڌ مڌم سان پيش ڪيو آهي. مگر هن وقت تيور مڌم استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اڳئين دور ۾ استاد، راڳ سهڻيءَ ۾ پنچم استعمال ڪندا هئا. مگر هن وقت اهو متروڪ آهي ۽ نٿو لڳايو وڃي گجري ٽوڙي ۾ به اڳي استاد هلڪو پنچم استعمال ڪندا هئا، مگر هاڻي بلڪل استعمال نٿو ڪيو وڃي. بلڪ متروڪ آهي. ڀوپ ڪلياڻ يا ڀوپاليءَ کي اڳ واري وقت ۽ دور ۾ ڇهن سُرن وارو راڳ ڪري پيش ڪندا هئا، مگر هن وقت پنجن سُرن يعني اوڊو راڳ آهي، جيڪي سڀ سُر شڌ آهن. نکاد متروڪ آهي، هڪ ئي راڳ يا راڳڻيءَ کي مختلف علائقن ۾ مختلف سُرن ۽ مختلف انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. نه صرف اهو مگر هن کي وري هڪ ئي علائقي ۾ مختلف گهراڻا مختلف متن ۾ ان جي حساب سان ڳائيندا آهن، ان جي ڪرڻ سان راڳ جي اصليت ۾ ته فرق نه پوندو آهي، فقط ان جي رنگ ۾ تبديلي محسوس ٿيندي آهي.

بعض اوقات ائين ٿيندو آهي ته ڪجهه راڳي ڪنهن راڳ يا راڳڻيءَ ۾ ڪو سُر، جيڪو ان ۾ نه لڳائڻو هوندو آهي، اهو سُر ان ۾ لڳائيندا آهن. آهستي آهستي ڪثرت سان استعمال ٿيڻ سان ان جو رواج پئجي ويندو آهي. مثال طور تي راڳ بهاڳ ۾ ڪومل نکاد نه لڳندو آهي، مگر گائيڪ خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاءِ ان ۾ امروهي جي وقت لڳائيندو آهي، جيڪو واقعي دل کي سٺو محسوس ٿيندو آهي. هاڻي ان جو گهڻو رواج پئجي ويو آهي. اهڙي طرح راڳ پيلو ۾ ڪومل نکاد ۽ شڌ گنڌار جي وڌيڪ استعمال سان ان راڳ جي دلڪشي ۽ سوز ۾ اضافو ٿيندو آهي. ان ڪري اهو به هاڻي مروج ٿي چڪو آهي، جنهن سان اهو ظاهر ٿيو ته وقت سان گڏ ڪنهن راڳ، راڳڻي جي سُرن ۾ وادي، سموادي ۽ برن جي تبديلي پڻ ٿي سگهي ٿي.

بعض سُر ڪنهن راڳ يا راڳداري ۾ ڪمزور سمجهيا ويندا آهن ۽ رفته رفته بلڪل غائب ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري ڪي راڳ سمپورن هوندي کاڊو ۽ کاڊو هوندي اوڊو رهجي ويندا آهن. چند راڳ ۽ راڳڻيون وري هڪٻئي سان ڪافي مطابقت رکن ٿيون، مگر انهن جا سُر الڳ هوندا آهن. مثال طور تي بلاولي، هنڊول راڳ جي راڳڻي آهي، پر ڀيرون راڳ جي هڪ راڳڻي زيلف به سُرن جي حساب سان هڪ ئي آهي، ليڪن وادي، سموادي جي لحاظ کان الڳ آهي. اهڙي طرح ڀوپالي اصل ۾ ميگهه راڳ جي راڳڻي اهي، مگر راڳ ديپڪ جي هڪ راڳڻي به انهيءَ نالي سان موسوم آهي. پٽ منجري ٻن طريقن سان ڳائي ويندي آهي، جنهن جا سُر مختلف آهن، ليڪن سُرن ۾ پوءِ به شڪ شبهي جي گنجائش باقي رهجي ويندي آهي، جنهن جي لاءِ استادن ان جي تميز ۽ سڃاڻپ لاءِ ڪجهه اصول ٺاهيا آهن، جنهن کي پيش نظر رکڻ لازمي هوندو آهي.

  1. بعض راڳ اهڙا آهن، جن ۾ شڌ مڌم ۽ شڌ ڌيوت استعمال ٿيندو آهي ۽ انهن ٻنهي سُرن جي ڪري اهي راڳ ٻين راڳن کان علحيده معلوم ٿين ٿا.
  2. بعض راڳ اهڙا آهن، جن ۾ رکب ۽ ڌيوت ڪومل لڳندو آهي، جنهن سان انهن کي ٻين راڳن کان الڳ يا علحيده تميز ڪري سگهجي ٿو.
  3. بعض راڳن جي سڃاڻپ نکاد ۽ گنڌار، ڪومل سُر استعمال ڪرڻ سان ٿئي ٿي، جنهن سان به اهي ٻين راڳن کان الڳ معلوم ٿين ٿا.
  4. ڪجهه راڳ وري شڌ مڌم جي استعمال سان ٻين راڳن کان الڳ معلوم ٿين ٿا.
  5. ڪجهه راڳ وري تيور مڌم جي استعمال سان ڪومل مڌم وارن راڳن کان الڳ معلوم ٿين ٿا.
  6. ڪجهه راڳ اهڙا آهن، جن ۾ ٻئي مڌم گڏوگڏ يا آروهي، امروهي ۾ الڳ الڳ استعمال ٿين ٿا. ان ڪري به ٻين راڳن کان الڳ سڃاپبا آهن.
  7. بعض اوقات ڪجهه راڳ ڪومل گنڌار ۽ تيور مڌم سان هوندا آهن، ۽ انهن ۾ ڪومل نکاد بلڪل گهٽ لڳندو آهي. ليڪن شڌ مڌ ۽ ڪومل نکاد جي گڏ استعمال ڪرڻ سان جيڪي به ٽوڙيون ٺاهيون ويون آهن، اهي نهايت خوبصورت آهن.
  8. مروجه راڳن ۾ ٻئي رکب ۽ ٻئي گنڌار گڏوگڏ استعمال نه ٿيندا آهن. بلڪه آروهي ۽ امروهي ۾ واري واري سان لڳايا ويندا آهن، اهڙي طرح ٻئي ڌيوت يعني تيور، ڪومل هڪڙي ئي وقت استعمال نه ٿيندا آهن، مگر ٻئي نکاد مندرجه بالا راڳ راڳڻين ۾ لڳندا آهن، مثال طور: ميان جي ملهار، شڌ ملهار، تلڪ ڪامود، ديس، شڌ بهار وغيره. مگر ياد رهي ته اهو اصول ان وقت نافذ هوندو يا قائم هوندو، جڏهن ڪنهن راڳ جو سُر گره کرج هجي. مندرجه بالا اصولن کي راڳ ۽ راڳڻين جي سچائي ۽ صحيح ادائيگي جي ڪرڻ لاءِ، پيش نظر رکڻ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ دل ۽ دماغ ۾ چڱي طرح نقش ڪرڻ، تمام ضروري آهي، ان لاءِ بيشڪ تمام وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ جي ضرورت آهي.

پير بهاءُ الدين بها سرهندي