شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-052-4
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (462) PDF  E-Pub
انگ اکر

19 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     294582   ڀيرا پڙهيو ويو

عرض حال


اُستاد امير علي، نه صرف ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو راڳي آهي، پر ان سان گڏ هڪڙو فقير طبيعت شخص آهي. آءٌ مذهب جي حقيقي ڄاڻ رکڻ واري ۽ راڳ جي صورت ۾ انسانيت جو پيغام ڏيڻ واري سلسلي ۾ مرشد لطيف جي نوڪر جي حيثيت ۾ سندس دعاڳو آهيان.

ڏسجي ته ڪلاسيڪل راڳ بذات خود هڪ سمنڊ آهي. اهڙيءَ طرح سرڪار ڀٽائيءَ جو ڪلام ۽ سندس فلسفو سمجهڻ خدا جي خاص ڪرم نوازي آهي. اسان جي ڪا حيثيت نه آهي، جو سرڪار جو ڪلام سمجهي سگهون، البته هن فقير جون ڪي خدمتون مرشد قبول ڪري. ان سان گڏ اها دعا ڪندس ته خانصاحب کي پنهنجي ڪلاسيڪل علم،  ڀٽائيءَ جي راڳ جي ڄاڻ ۽ ڀٽائيءَ جي احترام ۾ ڌڻي سائين شال اضافو ڪري. ڏٺو وڃي ته جرمن ليکڪن، هندستان جي اديبن ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن شاهه سائينءَ جا رسالا ترتيب ڏنا آهن، پر هي فقير (استاد امير علي) جيڪو آنٽل ۽ چنچل جي خاندان سان واسطو رکندڙ آهي، ان جي هيءَ نئين ڪوشش ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ نه آهي، جو هن سنگيت جي زباني شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو آهي. ان سان سنڌ جي موسيقيءَ جي، جرمن ۽ هندستان جي موسيقي ۽ پوريءَ دنيا ۾ به ناماچاري ٿيندي ۽ مرشد جو ڪلام، عام ماڻهو ۽ راڳي، هر سُر ۽ سنگيت جي زباني، آسانيءَ سان پڙهي سگهندا.

مرشد سرڪار جو ڪلام نه فقط ڪنهن هڪ فرقي، بلڪ پوري انسانيت جي لاءِ محبت ۽ امن جو پيغام آهي. جيستائين ڪلاسيڪل راڳ جو تعلق آهي، اهو هڪ الڳ موضوع آهي، پر سرڪار جي ڪلام تي اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. پوءِ به سرڪار جي ڪلام لاءِ ڪيل هن ڪوشش ۾ هن فقير (امير عليءَ) کي دعا ڏيندس، ته سندس محنت شل دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچي- آمين!

 

سيد نثار حسين شاهه

درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه