شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-052-4
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (463) PDF  E-Pub
انگ اکر

19 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     294589   ڀيرا پڙهيو ويو

لک ٿورا


سنڌ جو سنگيت لکڻ ۽ قلم وسيلي رقم ڪرڻ واري عشق ۾ جڏهن وِکون وڌائي رهيو هئس، ته پهرين منهنجي علمي رهنمائي امر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. جڏهن هڪ دفعو شاهه سائينءَ جي ٺاهيل سنگيت ۾ واين جا لڪشڻ ڊاڪٽر صاحب ڏٺا، تڏهن پنهنجي نياڻيءَ کي سڏ ڪري سندس کيسي مان ڪجهه روپيا ڪڍائي، مون کي نذر طور ڏنائين ۽ چيائين ته: ’امير علي خان! تون سنڌ جي موسيقيءَ وسيلي وڏي خدمت ڪري رهيو آهين. مون وٽ هن وقت سواءِ دعائن جي ٻيو ڪجهه ڪونهي. هي چند روپيا تنهنجي محنت جي سامهون ته ڪجهه به ناهن، پر هي جيڪي آهي قبول ڪر!‘ ان تي مون ٻئي هٿ ڊاڪٽر صاحب جي قدمن تي رکي چيو ته منهنجي همت افزائيءَ لاءِ هي اربين روپيا آهن.  اِها ڳالهه منهنجي نوجوان دوست اسحاق سميجي پنهنجي رسالي ’سارنگا‘ ۾ به لکي آهي.

ان کان پوءِ منهنجي روحاني استاد سائين محمد ابراهيم جويي صاحب منهنجي وڏي مدد ڪئي. هن منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ باقاعدي ان کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ وٽان ڇپرائڻ ۾ وِک وِک تي منهنجي مدد به فرمائي. مان لک ٿورا مڃان ٿو، ٻنهي سنڌ جي برک ڏاهن جا، گڏوگڏ سائين ابراهيم جويي صاحب شاهه سائين جي سنگيت جي آڊيو وڊيو ريڪارڊنگ لاءِ ثقافت کاتي وٽان منهنجي تجويز پاس ڪرائڻ ۾ به منهنجي مدد ڪئي. انشاءَ الله منهنجو ’آڊيو وڊيو پراجيڪٽ‘ ثقافت کاتي وٽان جلد منظور ٿيندو ۽ منظرِ عام تي ايندو.

مان لک ٿورا مڃان ٿو اڳوڻي چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ پڻ موجوده چيئرمئن سائين سرفراز راڄڙ صاحب جا، جن هن تاريخي علم موسيقيءَ بابت ’سنڌ سنگيت‘ جو هي ڪتاب ’شاهه جو راڳ‘ ڇپائڻ ۾ عملي مدد ڪري، هن ڪم کي تاريخي حيثيت ڏياري آهي. مان لک ٿورا مڃان ٿو اڳوڻي سيڪريٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي تاج جويي صاحب ۽ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا، جن جي سفارش سان منهنجي اڻٿڪ محنت کي موٽ ملي. ان کان علاوه سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ صاحب جو به نهايت شڪرگذار آهيان، جن هن اهم ڪم بابت پنهنجن مفيد مشورن ۽ صلاحن سان مون کي نوازيو. مان خاص ڪري هِن ڪتاب جي ڏُکئي موضوع ۽ شاهه جي رسالي جي لفظ لفظ جي نوٽيشن ۽ شاهه سائينءَ جي واين جي لڪشڻن ٺاهڻ جي تمام ڏکئي مرحلي (ڪمپوزنگ ۽ سيٽنگ) لاءِ محترم احسان علي لغاريءَ کي جس ڏيان ٿو، جنهن شاهه لطيف سان عقيدت رکندي وڏيءَ محنت ۽ مهارت سان مواد کي ڪمپوز ڪيو. آخر ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿورا مڃيان ٿو، راڳ جي عملي ڄاڻو، شاعر ۽ عالم شخص سائين پير بهاءُ الدين
’بها‘ سرهنديءَ جا، جنهن نه صرف ’موسيقي‘ عنوان هيٺ هن ڪتاب جو مقدمو لکيو، پر هر سُر بابت راڳ جي حوالي سان بحث ڪيو ۽ هارمونيم کڻي ٺاٺن ۽ راڳن کي واضح ڪيو. (۽ ڪٿي مون سان اتفاق ته ڪٿي اختلاف ڪيو).

حقيقت ۾ هي سڄو ڪم ’شاهه جو سنگيت‘ مڪمل ڪرڻ تي مون کي پڪ ٿي آهي ته هن ڪم ۾ منهنجي ڪابه ڪماليت ناهي، ڇو ته هي ڪم گهٽ ۾ گهٽ منهنجي قَدبُت کان مٿي هو. مون کي پوري طرح يقين آهي ته هِن ڪم لاءِ منهنجو انتخاب ڄڻ ته شاهه عبداللطيف سائينءَ جن پاڻ ڪيو هجي. سنڌ جي تاريخ ۾ علم موسيقيءَ وسيلي هي نئين تاريخ رقم ٿي آهي. اُميد ته سنڌ ڌرتيءَ جي سرواڻ شاهه سائينءَ جي ڪلام تي ڪيل منهنجي هن محنت کي سنڌ واسي ۽ سنڌ جا راڳي قبول ڪرڻ فرمائيندا.

حيدرآباد، سنڌ                                                                                                                                          اُستاد امير علي خان