شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)

ڪتاب جو نالو شـاهه جو راڳ (جلد ٻيو)
ليکڪ اُستاد امير علي خان
سنڌيڪار / ترتيب پير بهاءُ الدين ’بها‘ سرهندي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-052-4
قيمت 800    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (489) PDF  E-Pub
انگ اکر

19 November 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     308092   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻه اکر


تازو هڪَ ڪتابَ ۾ پڙهيم ته موسيقي قومَ جي ٻولي جي بچاءُ، آزاديءَ ۽ تهذيبي سڃاڻپ لاءِ هڪ سدا موجودُ، اَڻ گُسُ ۽ اَجِيتُ هٿيار آهي.

فنونُ لطيفَ ۾ موسيقيءَ جو برتر درجو مڃيو ويو آهي. اِنهيءَ ڪري به ته ادب ۽ مصوري ماڻهن سان هيڪل، پر موسيقي ساڻن اجتماعي مخاطب ٿئي ٿي. انگريزيءَ ۾ فنَ لطيفَ جي اِنهن ٽن قسمن- ادبَ، مصوريءَ ۽ موسيقيءَ کي ’Three Arts‘ يعني ’ٽي (لطيف) فَنَ‘ ٿو سڏجي. رقص، ڊراما ۽ عمارتسازيءَ کي اِنهن ٽن سان ملائي، جملي ڇَهَه لطيف فنَ شماريل آهن. ادب، مصوريءَ ۽ عمارتسازيءَ کي سوچ وارا Contemplative ۽ موسيقي، رقص ۽ ڊراما کي اداڪاريءَ وارا (Performing) فَنَ به چون ٿا. موسيقيءَ جو فن باقي پنجن فَنَنَ مان اداڪاريءَ جي فنن لاءِ پڌري پَٽِ ۽ سوچ وارن فنن لاءِ چُپ چپات ۾ ئي سهي، سندن چالي، پيشڪش يا اظهارَ لاءِ آهنگ يا همسازگي (Harmony)، تالُ يا دمسازگي (Rhythm) مهيا ڪري ٿو. اِن ڪري ئي شايد موسيقيءَ لاءِ فنونَ لطيفَ جي دنيا ۾ برتر، مخصوص ۽ اڳڀري جاءِ رٿيل مڃي ويئي آهي. فنونَ لطيف جو لاڳاپو جماليات سان يعني سُونهن سان، حسن سان، ڳنڍيل رهيو آهي. انگريزيءَ ۾ جماليات لاءِ ’Aesthetics‘ جو لفظ ڪم اچي ٿو. جماليات سان گڏ هڪ ٻيو محترم لفظ- اخلاقيات (Ethics) به ماڻهن جي ماڻهپي، انسانن جي انسانيت لاءِ فڪر ۽ عمل متعلق، ڪم اچي ٿو. فنون لطيف جو جماليات سان گڏ اخلاقيات جو به اوترو ئي ساٿ يا جوڙ، مقصديت جي خيال کان لازمي طور واڳيل رهندو آيو آهي.

سنڌ کي دنيا جي سڌريل ملڪن وانگر، تاريخ جي اوائلي دور کان فنون لطيف جي سرزمين هجڻ جو شرف حاصل رهيو آهي. سنڌي قوم جي اوسر ۽ واڌاري ۾ فنونَ لطيف جي اهميت ۽ همڪاريت ايتري ئي موجود ۽ بااثر رهي آهي، جيتري سماجي ۽ اقتصادي دائرن ۾، ڇو ته اقتصاد يا ماليت جو سماج سان ۽ سماج جو تهذيب سان لازم ۽ ملزوم هجڻ جو واسطو سدا قائم رهيو آهي.

ٿورو عرصو ٿيو، جو استاد امير علي خانَ، منهنجي دوستَ، موسيقيءَ تي لکيل پنهنجي تازي ڪتاب جو مسودو ’شاهه جو راڳ‘ نالي سان ڏنو ته پڙهي، کين تعارف جا ٻه اکر لکي ڏيان. اُن کان اڳ سندن ئي لکيلُ ساڳئي موضوع تي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان شايع ڪيل ’سُر، شاههُ، سمنڊُ‘ نالي وارو ڪتاب به مون کي مليل هو ۽ منهنجو پڙهيل هو. نَئين ڪتاب جي مسودي کي پڙهڻ ۽ اُن تي ڪجهه لکي ڏيڻ جو ساڻن واعدو ڪيم- ان شرط تي ته موسيقيءَ جي علم ۽ فن تي هو موقعي سارُو مون سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان سلسلي ۾ پوءِ لاڳيتو پاڻ مون سان ملندا رهيا، ۽ خاص طرح شاهه لطيف جي راڳ بابت ۽ عمومي طور موسيقيءَ جي واڌِ ويجهه تي پڻ سنڌ ۾ ٿيل يا نه ٿيل ڪم بابت حال احوال ڪندا رهيا- تان جو هڪ موقعي تي پوريءَ سنجيدگيءَ سان ٻڌايائون ته پاڻ شاهه جي راڳ تي ڪافي تحقيق ڪئي اٿن، ۽ پنهنجي سِر ٻن ڪتابن- هڪ ڇپيل ۽ ٻئي مون کي ڏنل قلمي مسودي- کان سواءِ، شاهه جي راڳ تي ته عملي مشق طور خاص ڪم به ڪيو اٿن؛ جنهن تي مون کين چيو ته شاهه جي راڳ لاءِ پوءِ ۽ ڇو نه ڪا پوري رٿا تيار ٿئي ۽ اُن کي عملي صورت ۾ آڻڻ جو ڪو مناسب تدارڪ به ڪيو وڃي! پاڻ جواب ۾ چيائون ته شاهه جي سڀني سُرن تي ٻڌل ۽ خاص طور سندن واين جي موسيقيءَ جون طرزون، لڪشڻ ۽ چالا، ساز سرود جي ضرورتن سارو پاڻ مرتب ڪيا اٿن، ۽ ائين شاهه جي راڳ جي بندش يعني ڪمپوزيشن ۽ ان جي چالي ۽ پيشڪش يا اظهار جي صورت ۾ سڄي رٿا وٽن موجود آهي.

ايڏي وڏي ڪم جي ايتريءَ وضاحت سان ڳالهه کانئن ٻڌي، ساڻن ڏينهن جا ڏينهن ويهي، سڄيءَ اُن رٿا کي هڪ پروجيڪٽ (Project) طور، اُن جي مالي ضرورتن گهربل تعميلي سهوليات سميت، تيار ڪري، ڊپارٽمينٽ آف ڪلچر ائنڊ ٽوئرزم جي مهربان اڳوڻي سيڪريٽريءَ جناب شمس جعفراڻيءَ کي پيش ڪيو ويو. اِنهيءَ گذارش سان ته پروجيڪٽ تي ويچار ڪرڻ ۽ قبولجڻ کان اڳ، جي ضروري ڄاتو وڃي ته هڪ ٻه نِشستون شاهه جي راڳ کي عملي پيشڪش طور ٻڌو وڃي، ته اُن جو به انتظام ڪيو ويندو. بهرحال، پوري اُميد آهي ته اُهو ڏينهن پري ناهي، جو شاهه جي راڳ کان- اُن جي حيات بخش ۽ روح افزا صورت ۾- سنڌ، پاڪستانُ بلڪ سڄي دنيا حُسن ياب ۽ خوش آب نه ٿئي!

انگريزيءَ ۾ دل لڀائيندڙُ لفظ ميوزڪ (Music) هِتان جي من پسند لفظ ’موسيقيءَ‘ تان- جو اصل عربيءَ جو لفظ آهي- اُچاريل آهي، ۽ عام هندي ۽ سنڌي موسيقيءَ ۾ ان کي ’سنگيت‘ ٿو چئجي، ۽ خالص سنڌيءَ ۾ اسين ان کي ’راڳ‘ ٿا سڏيون. هِن منفرد فَن لطيف جا دنيا جي ٻولين ۾ پنهنجا پنهنجا وڻندڙ نالا به ضرور آهن، ڇو ته ڪا به انساني ٻولي ته هڪ پاسي، پر پکين جون ڀانت ڀانت لاتيون ۽ ٻين حيوانن جا سڏ ۽ ٻوليون به پنهنجي پنهنجي سُڃاتل آواز جي ميٺاج ۽ مامَ کان وانجهيل نه آهن. برصغير هند پاڪ ۾ جيڪو ’شاستري سنگيتُ‘ ٿو سڏجي، اُهو اسان وٽ ’پڪو راڳ‘ ٿو چوائي ۽ ان سان گڏ ’هلڪو راڳ‘ (Light Music) ۽ ’لوڪ گيت‘ (Folk Music) برصغير ۾ هرهنڌ ڳايو ۽ ٻُڌو ٿو وڃي؛ جو سڄي جو سڄو اصولي طور ساڳيو هڪ ئي راڳ آهي. انساني آواز جا ٽي طبق يا آستان (sectors)- آستانن جي صورت ۾ اُنهن کي هيٺيون، وِچون ۽ اوچو يا مٿيون آستانُ (Level) ٿو چئجي، ۽ هر آستان جو سَرگم: ستن شُڌ يا خالص واڌو پنجن تيورَ ۽ ڪومل سميت 12 سُرن وارو  آواز بڻجندڙ هجي ٿو. اِن حوالي سان راڳ جا ماهر اِئين به دعويٰ ڪندي ٻڌجن ٿا ته انسان ته ڇا، پر سڀ پَرند، چَرندَ ۽ آبي جِيوَ آواز جي اِن مقدارَ يا نِڌانَ (range) جا پائبند آهن- اوهان صبح جي پَهرَ ۾ ڪوئل جي ڪُوڪَ ۽ مينهوڳيءَ ۾ مورَ جا ٽَهوڪا ته ٻڌا هوندا، ڪيئن نه وڌي وڌي اُهي چوٽِ چڙهندا آهن! برصغير هند پاڪ جو سنگيتُ- پڪي، هلڪي ۽ لوڪائين راڳ- ۾ علائقائي ٻولين، آب هوا ۽ اُتر هند، مهاراشٽر، ڪڇ گجرات ۽ جيسلمير ۽ پنجاب جون گائڪيون ٻڌجن ۽ سڃاپجن ٿيون. ائين خاص طرح سنڌ جي راڳ جو ناتو راجستاني راڳ سان پختو ۽ چِٽو رهيو آهي ۽ رهندو به اچي ٿو، جو اسين اڄ، ڪَنين ٻڌي ۽ اکئين به ڏسي سگهون ٿا.

سنڌ جي راڳ جو، مخصوص هڪ روايت، سلسلي يا اداري طور مرڪزُ شاهه جي درگاههُ، وڏيءَ مدت کان رهي آهي، هلندي ٿي اچي ۽ مقبول عام آهي. ابتدا ۾ شاهه سائينءَ جي جيئري، جيسلميرَ جا ٻه استاد راڳي، شاهه سائينءَ جا عقيدتمندَ آنٽل خان ۽ چانچل خان (آنٽڙيو ۽ چانچڙيو)، هِن جي جيءَ جيارَ مرڪز جي واسطي سان تاريخ ۾ ڄاتل سڃاتل آهن. اڄ به شاهه جا راڳي فقيرَ پُشت بَپُشت، شاهه سائينءَ کان هلندي آيل خاص روايت جي روشنيءَ ۾ شاهه جي رسالي جا بيت ۽ وايون ڳائيندا پئي آيا آهن- البت اُن فَنَ اعليٰ تي سندن گرفت ۽ پهچ گهربل حد سان ڪجهه قدر اڄ ايتري نج اصلي نه به رهي هجي. لازمي هو ته پوري چاهه ۽ روشن سُرت سان سنڌ جي هِن بي بها راڳ جي سلسلي تي تحقيق ٿئي، ۽ اُن کي، ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي، طور لائق ۽ پورو تواتَرُ يا سلسلو ڏنو وڃي.

گهڻيءَ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ۽ وڏي قدر لائقُ حُسنُ اتفاقُ آهي، جو موسيقيءَ جي جيسلميري ماڙيچه گهراڻي جي هڪ لائق ۽ فائق، نيڪنام راڳي اُستاد امير علي خان، وڏيءَ مهارت ۽ محنت سان شاهه جي رسالي جي 36 سُرن مان پيدا ٿيندڙ جدا جدا راڳَ متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ اُنهن جا لڪشڻ ٺاهي، داستانن جي بيتن ۽ اُنهن سان شامل هر وائيءَ جي الڳ الڳ ماترائن جا تعويذ بنائي، پهريون ڀيرو لکت جي روپ ۾ شاهه جي راڳ جي تشڪيل سامهون آندي آهي ۽ ڳائي وڄائي قلمبند ڪئي آهي، جيڪو تحقيق هڪ بي مثال، وڏو، نه وسارڻ جهڙو، رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندڙُ تاريخي ڪارنامو ئي چئي ٿو سگهجي. هيلتائين هند سنڌ جي شاستري سنگيت گهراڻن جي ڪنهن استادَ شاهه جي شعر کي اِئين راڳ جي بندش ۾ پيش ڪرڻ جو ڪم سوچيو يا خواب ۾ ته آندو هوندو، پر عملي صورت ۾ نه آندو آهي.

هيتري اعليٰ ڪم جي ڳالهه ڪرڻ يا لکي ڇڏڻ ۾ ته ويرم ڪانه ٿي لڳي، پر اُن جو سڄو مدار پيش ڪيل موسيقيءَ جي رٿا (Project) جي وقتائتيءَ منظوريءَ ۽ اُن جي تعليمي طور مڪمل ٿيڻ تي آهي.

اميد ٿِي ڪجي ته هِن ڪتاب ’شاهه جو راڳ‘ لکڻ ۽ اُن ۾ لکيل موسيقيءَ جي ڪمپوزيشن جي عملي پيشڪش جي ٻڌڻ ۽ اُن جي رڪارڊنگ جا مرحلا ترت پورا ٿيندا، ۽ اُنهن جي ڏسڻَ ۽ ٻڌڻَ وارن خوش نصيب ماڻهن ۾ اسين يعني اسين ۽ اوهين سڀ حال حيات، پڻ شامل هونداسين.

 

حيدرآباد، سنڌ

3  جولاءِ ، 2009ع

محمد ابراهيم جويو