موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون

ڪتاب جو نالو موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مُهرون
ليکڪ ايس. ايم. پونيڪر
سنڌيڪار / ترتيب عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-004-3
قيمت 300    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (792) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     102829   ڀيرا پڙهيو ويو

باب پهريون


باب پهريون

 

فلسفو  ۽ طريقيڪار

 

1- پسمنظر ۽ عام تعارف:

                        هيءَ موهن جي دڙي مان لڌل پهرين هڪ سؤ مُهرن کي پڙهڻ جي هڪ ڪوشش آهي، ان ئي ترتيب ۾، جيئن انهن کي سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب  ”موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن“ (Mohen jo Daro and       The Indus Civilization) ۾ بيهاريو هو.  اختيار ڪيل طريقيڪار اهو ساڳيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ايس. آر. رائو پنهنجي سڌاريل سنواريل، بنيادي ميميو گراف (Memeo Graph) ’ٻولي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي لکت‘ (Language & The Writing of the Indus Valley People) وسيلي تجويز ڪيو هو، اهو  ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي، آءٌ ڊاڪٽر رٽي (Ritti) جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي اهو پمفليٽ مطالعي لاءِ ڏنو. ڊاڪٽر رائو جي (هن لکت جي پڙهڻ لاءِ) هڪ ڪُنجي، جيڪا آنڌرا يونيورسٽي جرنل ۾ ڇپي هئي، ان ۾ ڪي گنڀير چُڪون هيون، جهڙوڪ: هو مڇيءَ جي وضاحت لاءِ “Sha” نشان بدران “L” ڏئي ٿو. هن پنهنجي  پوئين مسودي ۾ انهن چُڪن جي ازالي سان گڏ، ڪن ڪمائتين نشانين جو  واڌارو به ڪيو آهي ۽ ان هوندي به سندس طريقيڪار ۾ ڪي گهاريون نظر اچن ٿيون. مون اَٺن نشانين جو واڌارو ڪيو آهي. پر، انهن کان وڌيڪ اهم ورڌي (Vriddhi) جو اضافو آهي، جيڪا سنڌو لکت جي خطاطن (Indus Scribes)، خاص طرح خانداني شجرن ۾، ڪتب آندي آهي. هيءُ انڊو- آرين ٻولين جي هڪ مخصوص خوبي آهي. هن کي پاڻڻيءَ جي سخت سرشتي ۾ پويلَ ورڌي (Vriddhi)  سمجهڻ جي غلطي نه ڪرڻ کپي، (ڇاڪاڻ ته اهو 2600 سال پوءِ ڄائو هو). ايندڙ صفحا اهو واضح ڪندا ته سنڌو  لکت رڳو مُهرن (جي تحريرن) وسيلي پڙهي ڪا نه ٿي سگهجي. مُهرون ٺاهيندڙن جي ٽيڪنالاجي، اسٽاڪ مُهر، جيڪا اهي ڪتب آڻيندا هئا، (ٺپي لڳلَ)  ٺڪريءَ جي سُڪڻ کان اڳ، ان تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ پڄاڻيءَ تي پهچائڻ جي گهرج، مُهرن تي الف- ب جي ترتيب ۽ ٻين ڪيترين ضروري ۽ مناسب ترت ڪم اڪلائڻ جي تدبيرن، روايتي جوڙجڪ جي فنن ۽ سٺي ورتاءَ، حالتن جي ڇيد ۽ اقتصادي انتظام لاءِ ٻٽين معنائن وارن لفظن
 (جي استعمال) خطاطن کي صوتياتي لحاظ کان مڪمل نه، تڏهن به، هڪ اڻ چٽي، لڳ ڀڳ درست- نقل نويسيءَ لائق بڻايو.  سواءِ ڪنهن شڪ جي، ڪتاب گهڻي ڀاڱي ايس. آر. رائو جي طريقيڪار جي تائيد ڪري ٿو. سڀ کان اهم، منهنجو مُهرن جي فلسفي تي ڊاڪٽر رائو سان اختلاف آهي. ڊاڪٽر رائو، سنڌو  لکت جي ڀاڃَ جي پنهنجي اعليٰ طريقيڪار کان پوءِ به  هن ويچار کي ڳنڍ ڏئي چهٽي پوي ٿو ته هڪ الڳ سنڌو سڀيتا ويدن جي سونهري دور کان سواءِ به وجود رکيو پئي. هونئن ته اهو (دور) مقامي سطح تي موجود هو ۽ سندس خيال هيءُ به آهي ته هيءَ سڀيتا عام سنڌو سڀيتا کان الڳ هئي.  هيءُ اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو نظريو غلط هو. اتهاسڪ واقعن جي ترتيب ۽ سنڌو سڀيتا جي نَون لڌل ماڳن کي انهيءَ (نظريي) کي صحيح ثابت ڪرڻ کپي ها.  اهي مُهرن جون پڙهڻيون نتيجي طور ثابت ڪنديون ته ٻي ڪا به سڀيتا موجود نه هئي. هيءُ ڪتاب  ايل. اي. واڊيل جي فلسفي جِي (وچٿري نموني) تائيد ڪري ٿو. ڊاڪٽر رائو جي هن لکت کي ڀڃڻ ۾ سوڀ، هڪ محدود جاگرافيائي علائقي اندر، ساڳي دور سان لاڳاپيل هڪجهڙين نشانين کڻڻ/گڏ ڪرڻ واري سگهاري ضابطي مان ڦٽي نڪري ٿي. (ان جي مقابلي ۾) واڊيل، گهرج کان گهڻي ۾ وڃڻ وارو،  غير معتدل ۽  مطلق العنان ماڻهو هو، پر جيڪڏهن  هن جي اجائي وڌاءَ ۽ اينگهه کي سُسائي ننڍو ڪبو ته غير معتدل تفصيلن جي وَڍَ - ڇلَ ۽ ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ واري عادت جي جوهر ۾ هن وٽ مُهرن جو وڌيڪ سگهارو فلسفو هو. (هند سميري مُهرن جي ڀاڃ: 1926ع (Indo Sumerian Seals Deciphered سندس عقيدو ته ماضيءَ جي سڀني ديو- وارتائي روايتن جو يورپ- ايشيائي نسل اڪيلو ذريعو هو ۽ ان نسل مان هڪ شاخ ميسو پوٽوميا، هڪ يونان، هڪ هندستان، هڪ ناروي ۽ انگلينڊ ڏانهن ويئي، اهو هڪ جذباتي عقيدو هو. هو اشوريا سڀيتا جي ماهرن (Assyriologists) کي نه مڃيندو هو، پر انهن  جي صبر ڀريي پورهئي اڳتي هلي مڃتا ماڻي.  واڊيل جو پنهنجو جوڙيل پدن وارو طريقيڪار  (Syllabic method) ناڪام ٿيو.  هو  ترت ئي اهميت وڃائي ويٺو، پر سندس فلسفو پاڻ ۾ سچائيءَ جو جزو ضرور رکي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ تاريخ کان اڳ واري دور سان لاڳاپيل ڪي ڏند ڪٿائون، هڪ عام نسلي يادگيري ڏيکاريندي ته ملن ٿيون. هن جا علمي عقيدا، انهن جي حقيقت کي خارجي طرح ڏسڻ جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيا.  سندس ان ڊيگهه تان جيڪڏهن پردو کڻبو ته گهڻو ڪجهه هو، جيڪو واڊيل وٽ هن صديءَ جي پهرين سوائيءَ سان تعلق رکندڙ هن کان پوءِ ايندڙ عالم ايف. آر. پارگٽر (F.R. Pargitter) سان وَنڊڻ وِرڇڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. پارگٽر جو ڪلاسيڪي ڪم ”پراچين هند جي اتهاسڪ روايت“ (Tradition Ancient Indian Historical) پُراڻن کي پڙهڻ جا جتن ڪري ٿو. هن ڪم ۾،  (سنڌو لکت جون) منهنجو ن پنهنجون سمجهاڻيون، سندس ئي ٻڌايل حقيقتن جي آڌار تي بيهاريل آهن. ڪنهن خاص مواد لاءِ، مون ڪجهه پُراڻن ۽ ثانوي ذريعن لاءِ، جهڙوڪ هن کان علاوه ويدن جي فهرست (Macdonel and Keith)   پراچين چرتر ڪوش (سِڌيشوَر شاستري چترا) ۽ پُراڻ ڀارت ڪوش (واءِ اين. اُدوپ)  تي به ڀاڙيو آهي. (هن لکت جي ڀاڃ جي) فلسفي لاءِ، آءُ واڊيل ۽ پارگٽر جو ٿورائتوآهيان، پر اهي ٻئي ڄڻا ويدن واري سونهري دور جي سرحد وٽ پهچي خاموش ٿي وڃن ٿا، مون  هڪ نظريو  تجويز ڪيو آهي. ته پوءِ 1050 سالن جو اونداهو دور ڇا هو.

تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪتاب واڊيل، پارگٽر جي فلسفي جو، ايس. آر. راءِ جي طريقيڪار سان هڪ سنگم آهي. اهو فلسفو هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته اجائي ڊيگهه ۽ ديو مالائي، ڪهاڻين سان گڏ، پراڻن ۽ ويدن جي دور سان واسطيدار حقيقي تاريخي واقعن کي محفوظ ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا،  اهو دور هندستان جي پهرين راجائي سلسلي (لڙهه) سان شروع ٿئي ٿو. جن کي منو (Manu) جي  پوٽاڻ سڏيو ويندو آهي.  اٽڪل روءِ اهو مهاڀارت جنگ سان ختم ٿئي ٿو، يا وڌيڪ صحيح هيئن لڳي ٿو ته اهو راجا جَنمجيه (Janamejaya) جي مرتئي تائين ملي ٿو.  ان کان پوءِ واقعا ان سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي مستقبل چيو ويو آهي يعني 1050 سالن وارو اونداهو دور. مهاڀارت واري جنگ اٽڪل روءِ 1400 ق.م   ڌاري لڳي هئي. هن کان قديم ڪي واقعا ميسوپوٽوميا ۾ به ٿي گذريا هوندا، پر اسان کي واڊيل جي هن خيال کي ڇڏي ڏيڻو پوندو ته ساگارا (Sagara)  ئي سارگان (Sargon)  هو. سندس يادگيري هندستان آندي ويئي هئي. ان کان پوءِ واري تاريخ کي سوت (Suta) برادريءَ ڌيان سان محفوظ ڪري ورتو هو، جن جو ڪم راجائن ۽ ٻين اهم ماڻهن جا شجرا ياد ڪرڻ هو. ويدن جا  شلوڪ  ۽ تاريخي واقعا، جيڪي سوت قبيلي جا ماڻهو محفوظ ڪندا پئي آيا، تن کي پوئين ويدڪ اوسٿا جي پڄاڻيءَ تي ’ويد وياس‘،  جنهن جو پهريون نالو، هن جي پنهنجي مهر پٽاندر دوَيَه پَيَنَ (Dwaya Payana)  هو ۽ ان جي چيلن، گڏ ڪري (ويدن ۽ تاريخي واقعن جي) هن تاليف  ۽ ترتيب، تاريخ ۾ ڪنهن اضافي کي روڪي ڇڏيو. انهيءَ (خالي دور) کان پوءِ اونداهو دور آيو. (ڏسو، مُهر نمبر 14 ۽ 82 تي ٿيل تبصرو)  جيڪو متسيه پُراڻ (Matsya Purana)  جي بيان مطابق 1050سال تائين هليو. هي دور قبيلن ۽ علائقن جي پنهنجي وڏيءَ حد تائين سجاڳيءَ ڪري به مشهور هو، جنهن غير فني (Non technological) دور دوران جاگرافيائي سياست جي ڀڃ ڊاهه جو نتيجو ڏنو. وسيع شهنشاهتون  سڀيتا کان اڳ واري دور (Primitive age)  ۾، پنهنجي امتيازي تشخص کان اڻ واقف ماڻهن کان مزاحمت نه هئڻ ڪري، جڙيون آهن ۽ مهاڀارت واري جنگ هڪ نئين جاگرافيائي سياست جي پاڻ سُڃاڻ پيدا ڪئي. انهيءَ سجاڳيءَ جي نتيجي طور قبيلائيت پيدا ٿي. ان ڪري سفر ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو، پنهنجي  راءِ جو اظهار ۽ ان لاءِ ادارتي بنياد وڃائجي ويا هئا. اڳوڻو محفوظ (معصوميت وارو دور) وکري ويو ۽ نَون ادارن جي نظام لاءِ وسيلا (Where withal)  اڃا پيدا نه ٿيا هئا. پر هڪ سپني جهڙي غير سياسي طريقي سان، ماٺ ميٺ ۾ هڪ ثقافتي زندگي وڌي ويجهي رهي هئي،  ۽ انهيءَ ويدن واري دور جي ساڳي تاريخ ۾ ڏند ڪٿائن ۽ ديو وارتائن ۾ واڌارو آندو، جن ننڍن ملڪن جي سهيوڳي کي للڪاريو.  اهو اُن ويدن کان پوءِ واري غير سياسي اونداهي دور دوران واقع ٿيو ته پوڄا پاٺ ۽ فرقن جي نئين اڀار، جهڙوڪ نڪولش (Nakulusha) ، دتاتريه (Datatreya) ۽ اَيَپَنَ (Ayyappan)  (ڏسندا  مهر نمبر 90، 93 ۽ 99) وسيلي هڪ هندستاني ايڪي جو تاثر برقرار رهيو. مهيش Mahesha) ) ۽ پاڻچرتر (Panchratra) وارا ڌرمي پنٿ هنن کان ڪجهه آڳاٽا هئا). ٻڌ ڌرم جي اچڻ سان امن آيو. هن ڌرم ۽ اهنسا هڪ ڀيرو ٻيهر قبيلن لاءِ سفر جون ننڍيون سرحدون کولي ڇڏيون.  اظهار راءِ جي آزاديءَ کي به ڪجهه مُهت مليو، يعني هند-يوناني فن ۽ پراڪرت ادب وغيره. هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي نئين صورتحال ڀارت کي ميڻ جئن نرم بڻايو، جنهن نند گهراڻي جي دهليءَ ۾ مرڪزي اقتدار جي قيام جو نتيجو ڏنو. انهيءَ ديو ۽ ديوتائن جي نئين دور جي شروعات تاليفن جي هڪ نئين دور کي شروع ڪيو، جن کي اسين ”پُراڻ“چوٿين ۽ ٽين صدي قبل مسيح طور سڃاڻون .   پر ڏند ڪٿا پنهنجو پاڻ اونداهي دور سان نه پر، اڳوڻي دور  سان واسطو رکيو ٿي. جنهن کي اسين ويدن وارو دور چوڻ پسند ڪريون ٿا، پر انهيءَ کي ڪي عالم هڪ  الڳ ”سنڌو سڀيتا“  طور بيان ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ پُراڻن، (ويدن واري) سونهري دور جي تاريخ کي جيئن جو تيئن محفوظ رکيو. جنهن کي گهڻن خيالي ۽ رومان ۾ ورتل ديو ۽ ديوتائن، اونداهي دور دوران گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. جيتوڻيڪ، چوڏسا ڌوڙ  (Grist) ۾ اهي ڏند ڪٿائون اُسريون، تڏهن به اهي محفوظ ڪيون ويون آهن. اهو اَٽوٽ اندريون تهه، ويدن، واري دور جي تاريخي واقعن تي مشتمل آهي. اونداهي دور سان واسطو رکندڙ  ڪي  شجرا پڻ محفوظ ڪيا ويا آهن. پر اهي به نالي ماتر ۽ کلي نفرت سان. پر سڀني نالن ۽ شجرن جي مُهرن پڙهڻ لاءِ اسان کي گهرج آهي، اهو هڪ پڪي ويساهه جو گهرجائو ٿيندو ته هزار سالن تائين هندستان جي ماڻهن جي ڪا به سياسي زندگي نه هئي. ۽ اهي ويدن واري سونهري دور جي تصور ۾ مگن رهيا هئا ۽ ان کي اهڙين ڏند ڪٿائن سان سينگاريندا رهيا، جن جو مشڪل سان ڪو حقيقي وجود ٿي سگهيو پئي. پر جيڪڏهن اسين ياد ڪريون ٿا ته يورپ پڻ اونداهي دور مان گذريو، جنهن پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي عرصي جيترو جٽاءُ ڪيو.   اهو نظريو پڻ غير مناسب  نه لڳندو. پُراڻ ويدن جي واقعن کي محفوظ رکن ٿا، جيئن اهي زباني روايت وسيلي منتقل ٿيندا آيا هئا،  يعني ڏند ڪٿا ۾ ويڙهيل. اسان کي سوت گهراڻي جي حوالي سان، ڏند ڪٿا، نالن جي  مونجهارن ۽ يادگيريءَ جي خرابين تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. هن کان سواءِ چوٿين ۽ ٽين صديءَ ۾ ٻڌ ڌرم خلاف هندو ڌرم جي وروڌ ڀيري، پراڻڪن ۽ ان جي ٻانهن ٻيلي چيلن ويد وياس جي ڇڏيل لکيل رڪارڊ کي وڏيءَ حد تائين وڌائي اينگهائي ڇڏيو. سوت ماڻهن  کي پنهنجي گُرن ۽ مٿادپين (mathadipatis) کي ترت جواب ڏيڻ واسطي تڙ تڪڙ ۾ ڪي خيالي ڳالهيون  لکي پورت ڪرڻي پئي هئي، هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي کين اوائلي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ته، ”جڏهن منو (Manu) نڇ ڏني ته اشوڪ پيدا ٿيو“. پر اسان کي انهن شجرن جي سچ تي،، اجايا وڌاءُ ڪٽڻ کان پوءِ ضرور ويساهه ڪرڻو پوندو. تازو ئي، ٽورنٽو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ڪورڊر (Corder) به ساڳين اصولن تي ڪم پئي ڪيو آهي. هندستاني تاريخ نويسي (Indian Histrography) جي هڪ نظريي کي پئي اڀاريو آهي. پارگٽر (Pargitter) جي حساب پٽاندر، ويدن جو دور لڳ ڀڳ اڻويهه سئو سالن جي پڪي پختي عرصي تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن هن عرصي ۾ نند دور کان اڳ وارو اونداهو دور جوڙ ڪنداسون ته اهو وڃي 2900 سال بيهندو، اهي هزار ورهيه، هندستان جي تاريخ جي شروعات مان ڪٽ ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح هيءُ نظريو اسان کي ڪٿڻو پوندو ته چوٿين صدي قبل مسيح جي پُراڻڪن ۽ ٻين سهيڙيندڙن اڻويهن صدين جي تاريخ قلم بند ڪئي هئي. ڏند ڪٿائي شلوڪ، داستاني گيت ۽ مهاڀارت کي ماخذ طور ڀرتي ڪندي هڪ هزار سال  پاڻ مرادو ڪٽي ڇڏيا. جيڪڏهن هي سارومواد ويساهه جوڳو نه آهي ته، پوءِ ماڻهن کي اهو چوڻ جو به حق پهچي ٿو ته پوئين دور وارين ڳالهين تي ۽ ويندي موجوده دور جي حقيقتن تائين به ويساهه ڪري ڪو نه ٿو سگهجي. هن مان اهو به سمجهي سگهجي ٿو ته سراسري طور هر هندستاني ويدن جي سونهري دور سان جذباتي طور لاڳاپيل آهي، جيڪو  کانئن چار هزار سال اڳ ٿي گذريو آهي، پر هي سڀئي پُراڻ ۽ ويد ڪي اجايون ۽ اسڦل ڳالهيون ڪو نه آهن. هاڻي تازو هڪ عالم رچرڊ لئناءِ (Richard Lannoy) هندستاني ثقافت تي  ”دي اسپيڪنگ ٽِري“ (The Speaking Tree)  نالي هڪ ڪتاب لکيو  آهي، جنهن ۾ هُن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هندستاني روايتون اڄ به زنده آهن. سندس ويچار آهن ته هندستان جي تڏهوڪي فن ۽ فڪر لاءِ هڪ خاص قسم جو ذهني وايو منڊل جڙيل ۽ تيار ڪيل آهي. سندس ڪيل ڳالهه کي سولائيءَ سان هن ريت سمجهي سگهجي ٿو ته  هن مهل ان موضوع تي بحث ڪرڻ دوران هندستان وارن کي تمام پوئتي پيل سمجهڻ مناسب  ڪو نه آهي، ماڻهن جي حافظي جو اندازو ان جي استعمال مان لڳائي سگهجي ٿو. مثال طور  هو پنهنجي خيالي ”خلائي سياري“ (Space satellite) کي ”آريه ڀٽ“ جو نالو ڏئي سگهيا ٿي.

                        هيءَ ڄڻ پارگٽر جي هندستاني تاريخ جي فڪري مطالعي جي ڪجهه اهڙي ئي وڌايل سڌاريل شڪل آهي.  ان کان علاوه هٿ آيل مُهرون به اهڙين حقيقتن لاءِ شاهد ٿي بيٺل آهن. جتي به پُراڻن ۽ پارگٽر  ۾ اختلاف نظر آيو آهي، اتي اسان پُراڻن کي ڇڏي پارگٽر کي سَنَد طور ڪتب آندو آهي.

                        سنڌو- سڀيتا جو لفظ هاڻي متروڪ ٿي پنهنجو وزن وڃائي چڪو آهي. ڪيترا قديم ماڳ هاڻي تازو پڻ لڌا ويا آهن، جيڪي ”هڙاپا“ کان هزار ميل کن جي وڏيءَ وٿيءَ تي آهن.  اکرن جي صورت ۾ به اهو لفظ هاڻي متروڪ هئڻ کپي، البته معنوي طور اهو لفظ به عالمن سان ڄڻ چهٽي چنبڙي پيو آهي، پر ان ڳالهه تي ڊاڪٽر راءَ ۽ منهنجا اختلاف آهن. هن جا ٻه مضمون انهيءَ مفروضي تي بيٺل  لڳن ٿا ته اها عام هندستاني  سڀيتا  کان ڌار ڪا خاص سڀيتا  آهي. مهرن کي پڙهڻ کانپوءِ اسين قائل ٿي ويا آهيون ته اهڙي ڪا خاص سڀيتا ڪانهي ۽ اهو به تجويز ڪريون ٿا ته اهي مهرون ساڳئي 1900 سالن واري دور سان تعلق رکن ٿيون. اهي صرف ويدن ۽ پراڻن ۾ لکيل حقيقتن جي تصديق ڪن ٿيون پر ڪجهه مختلف اندازن ۾ وقت جي لحاظ کان  ويد ڪا گهڻي مدد نٿا ڪري سگهن.  ان لاءِ اسين صرف لساني ۽ اسلوب مان شاهدي وٺي سگهون ٿا. جيتريقدر  پراڻن جو سوال آهي ته اهي رڳو نسلي شجرن ۽ ڪجهه ٻين حقيقتن تائين محدود آهن. (مثال طور: ڏهه راجائي  ويڙهه) ۽ انهن تي ڀاڙي سگهجي ٿو پر ان ۾ غير حقيقي  ۽ غير امڪاني ڳالهين کي رد ڪرڻو پوندو. اسان کي اها ڪهاڻي رد ڪرڻي پوندي ته راجا تڪشت (Takshata) ڪنهن ڦل ۾ جيت بڻجي راجا پريڪشت کي وڃي ماريو هوندو، پر  اسين هنن مهرن مان اها ڪهاڻي ٻيهر جوڙي سگهون ٿا ته هن ڪو زهريلو ڦل يا ڪرائي جو قاتل موڪليو هوندو،  ۽ امڪان آهي ته اهڙو ماڻهو موڪليو هجيس، جنهن گهٽو ڏئي اک ڇنڀ ۾ پريڪشت (Parikshit) کي ماري ڇڏيو هجي. پُراڻن جا تفصيلي بيان برابر اعتبار جوڳا ڪو نه آهن، ۽ مغربي عالمن جنهن حقيقت تي ويساهه نه ڪندي ڦٽي ڪيو آهي، تنهن کي اسين به اهميت ڪو نه ٿا ڏيون. پرهي  مُهرون، پنهنجي سهيوڳي تاريخ جا برملا بيان آهن. مثال طور انهن مان هڪ مهر تي اهو نظر ايندو ته جنگ تي اُسهڻ کان اڳ ۾ راجا تڪشتُ ڌرمي  پوڄا پاٺ ۾ رڌل  آهي، پر پنهنجي پنڊتن کان اهڙي ڳالهه کي ڳجهو  ٿو رکي.  اهڙي قسم جون شاهديون پراڻن ۾ بيان ٿيل ڪن ڳالهين کي ٻئي نموني ۾ اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪري جيئرو ڪري ٿيون بيهن، پر سچائيءَ جي ڪسوٽي، مُهرن جو پڙهي سگهڻ نه سگهڻ آهي. اهڙيءَ ريت ڪي مُهرون اهڙيون به آهن جيڪي تَرَسَدَسَيو  (Trasadasyu) جي زندگيءَ تي به روشني وجهن ٿيون، جنهن جو ذڪر نه ويدن ۾ ملندو نه وري پراڻن ۾. پر اهي راجا جي خلاف ساري خطرناڪ صورتحال جون منطقي شاهد آهن. اسان هن قتل جي تاريخ کي مُهرن جي آڌار تي جاچيو پرکيو آهي. رگويد ۾ سندس ڪن شلوڪن جو اڻ چٽو پرتوو ڏسڻ ۾ اچي ٿو،  جنهن انهن يورپي عالمن کي گهڻو منجهائي ڇڏيو آهي، جيڪي پراڻن جي پڙهڻ کان وانجهيل رهيا آهن.

                        ٻين لفظن ۾ اسين هيئن چئي سگهون ٿا ته هنن مُهرن جي آڌار تي ان سونهري دور ۽ ان کان پوءِ واري  ٿوري عرصي جي تاريخ کي نئين سر جوڙي رهيا آهيون. مثال طور اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ويدن وارو سماجُ غير طبقاتي هو، ذات پات جو ڄم سان نه پر  ڌنڌي سان واسطو هو. هڪ راجا کتري ٿي سگهيو ٿي، جڏهن ته سندس ڀاءُ برهمڻ ۽ چاچو شودر هجي. هڪ ئي ڪٽنب سان لاڳاپيل اهڙيون ڳالهيون ويدن ۽ پراڻن ۾ به واضح طور بيانيل ڏسبيون پر اڄ ڪلهه جو هندستاني سماجُ اهڙين حقيقتن کي پڙهڻ کان اکيون ٻوٽي ويهي رهيو آهي. اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪَوَشَ (Kavasha) نالي هڪ رشي هو، جيڪو ذات جو شودر هو ۽ جيڪو ٻل چاڙهڻ وارين هندو رسمن جو نگران هو. هندستان وارن اهڙين ڳالهين تي سُچيتائيءَ سان ڪو نه ويچاريو آهي، پر ڪن اهڙين مُهرن جي آڌار تي پوري ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته رشي ڪَوَ شُ واقعي هو، جيڪو شودر هو ۽ شاهي خاندان جي ڌرمي رسمن جو نگران هوندو هو. اسين هن حقيقت کان به آگاهه آهيون ته توگرا (Tugra) نالي هڪ مهاڻو هو، جنهن جا ٺاهيل سلوڪ ويدن ۾ شامل آهن. اسين سمجهون ٿا ته اها رڳي هڪ تمثيلي ڳالهه آهي، پر اسان وٽ قربانين ڏيڻ جو هڪ رڪارڊ محفوظ آهي، جيڪي توگرا جي نگرانيءَ ۾ سرانجام ڏنيون ويون هيون. هنن مُهرن جي پڙهڻ سان اهو ساڳيو سٻاجهو دور ڄڻ وري جيئرو ٿي رهيو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪن ٻين شاهدين جي آڌار تي اسين ان دور جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا ته هندستان ۾ جنم جي ناتي سان ذات پات جو  رواج ڪهڙي دور ۾ پيو آهي، يعني وياس (Vyas)  جي چيل بشڪليءَ (Bashkali)  جي مرتئي کان ڪي  ٻه ٽي ڏهاڪا پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اسين اهو ته چئي سگهون ٿا ته ڄم جي ناتي ذات پات جي اصول جو قيام پوءِ جي ان اونداهي دور جي پيداوار آهي، جڏهن مختلف قبيلا خود شناسيءَ واري اِرتقائي دور مان گذري رهيا هئا. هي اُهو دور هو، جڏهن هستيناپور (Hastinapura)  وارو اهم اڳوڻو مرڪز ڀڄي ڀري چڪو هو،  ۽ هر قبيلو پنهنجي شخصي سڃاڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو.

                        اهڙيءَ ريت انهن مُهرن وسيلي اسين ڪنهن حد تائين هندستان جي ان سونهري دور ۽ ان کان پوءِ جي نتيجن کي نئين سر جوڙي سگهون ٿا.

 

II

                        مُهرن ٺاهيندڙ ڪاريگرن جي ڪم آندل لکت جو ڪجهه اندازو ڪري سگهجي ٿو،  پر  پوءِ جي پوريءَ سنڌو - لکت جو ايترو پتو ڪو نه ٿو پوي. انهن اڳين مُهرن ۾ به جيڪو ٿورو گهڻو علم آهي، سو به ڪو ويساهه جوڳو ڪو نه آهي. هيءُ صوتياتي نقطي  نظر کان انساني مهارت ۽ محنت جو کڙتيل آهي، جيڪا خوبصورت خطاطيءَ جي ڏس ۾ پوءِ به گهڻي سڌاريل ڏسجي ٿي.

مُهرن واريءَ ٻوليءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ اجايو ٿيندو. موجوده هڪ سَو مُهرن منجهان اهڙيون ٻه مُهرون مشڪل سان نظر اينديون، جن ۾ ٻه مڪمل جملا لکيل  هجن. باقي ٻين تي رڳو نالا، پيءُ يا گهراڻي جا لقب لکيل محسوس ٿيندا. امڪان آهي ته هٿ آيل چار هزار مُهرن جي پڙهڻ کان پوءِ، مَسَ ڪي سو کن پورا جملا ملي سگهن، جن جي آڌار تي هڙاپا جي ٻوليءَ جي ابتدائي گرامر کي سمجهي سگهون.  مان ڀانيان ٿو ته اها به هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. هنن مُهرن کان پهريان جن تي ڪي لڪل اشارا فعلن کان سواءِ خالي نالا ۽ لقب لکيل آهن. ڪي اهڙيون قديم مُهرون استعمال هيٺ هيون، جن تي ڪن مغرور راجائن پنهنجي باري ۾ ڪي مڪمل جملا ضرور لکرايا هوندا، جن ۾ سندن چڱا ڪم تحرير ٿيل هوندا. هڪ حقيقت هيءَ به آهي ته منيپور (Manipur)   ۽  ڏکڻ هندستان جي پمپا (Pampa)  شهر ۾ ڪي قربانيون اڃا سوڌو ادا ڪيون وينديون آهن، ۽ هنن هڪ سَو مُهرن مان اهو پڪو پتو پوي ٿو ته  هندستان اندر  ٻيا به اهڙا ڪئين ماڳ آهن، جتان سنڌو - لکت سان لاڳاپيل مُهرون ملي سگهن ٿيون. اها آس آهي ته پاڪستان سرڪار اهڙين دلچسپ ڳالهين  ڏانهن ضرور ڌيان  ڌريندي، پر ان لاءِ وڏو وقت درڪار آهي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو قديم آثارن جا ماهر دوارڪا جي آس پاس موجود پُراڻن کَنڊرن  جون کوٽايون ۽ کوجنائون ڪن. دوارڪا جي آسپاس مان گهڻيون ۽ نهايت دلچسپ  مُهرون لڌيون ويون آهن، جيڪي خوبصورت ’اکرن‘ ۽ مٿن مِين (enamel) هئڻ ڪري ڏاڍيون سهڻيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. مثال طور انهن مُهرن تي  هڪڙي عام ماڻهو گرڌا (Garuda)  جي ڄاڻ ملي آهي، ته اُهو ”رات جو پهريدار“ آهي. هن کان علاوه ٻه هاٿي پهريدار آهن ۽ سندن برادريءَ جي 80 هين ۽ 86 هين سالگرهه ملهائجي رهي آهي، يا ’جهازن‘ جا مالڪ واپاري جن جي هڪ هزار ميمبرن جي اتحادي مجلس آهي يا ڪاوڙيل واڍن  جو ڪو  اتحاد هو، جن کي پنهنجي پورهئي  جو اجورو ڪو نه ٿي مليو. ان اتحاد کي ويساهه ويهي ويو هو ته کين رواجي طور نياءُ پلـــئه ڪو نه پوندو ۽ انهن ڌرمي رسم مطابق پنهنجي مالڪن کي پِٽڻ ۽ پاراتا ڏيڻ شروع ڪيا هئا. اها به هڪ حقيقت آهي ته سڪندر اعظم به اهڙيون ڪي مُهرون ڏٺيون هيون، جن مان ڪن مُهرن تي گهوڙي جي نشان جي خوبصورت پنن سان سجاوٽ ڏسي کيس هيروڊٽس ۽ ٿيوسيڊڊس جيان غلط فهمي به ٿي هئي ته ’هند‘ (يعني سنڌ) ۾ ڪنهن دور ۾ هڪ سڱيا جانور به ضرور هئا.  هن ڳالهه مان هيءَ حقيقت واضح  ٿئي ٿي ته ٽين صدي قبل مسيح تائين به اهڙي قسم جون مُهرون ٺاهيون وينديون هيون. اسان کي اهڙي قسم جي پوئين دور جي مُهرن کي ڳولي لهڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ کپن. هڪ سَو هڪ مُهرن جي پڙهڻين مان بنا ڪنهن شڪ جي اهو پتو پوي ٿو ته، توڙي جو اُهي مُهرون موهن جي دڙي مان مليون آهن پر سندن واسطو هن ماڳ سان شايد ڪو نه هو، پر انهن مان هڪ مُهر اهڙي آهي، جنهن جو تعلق ڪِلڪلا (Kilkile) جي راجا موني (Mouni) سان آهي. (يعني موهن جي دڙي جو راجا جيڪو ان زماني ۾ کنڊر ٿي چڪو هو). هن کان پوءِ ايندڙ ظالم حڪمران ڪوشش ڪري  پنهنجي اڪشواڪ (Ikshwakus)  ۽ ڀڳيرٿ (Bhagirathas)  جي مُهرن سان گڏ رکائي هئي ته جيئن ان جي خاندان کي به پراچين تصور ڪيو وڃي. هيءُ هڪ هاڻو (usurper)  راجا هو، جنهن پرائي ملڪ تي اچي دنگو ڄمايو هو. کوهه جي ڀرسان ڪن ماڻهن جا هڏاوان پڃرا لڌا ويا آهن، ان حقيقت مان پتو  پوي ٿو ته اُن راجا قديم شهر موهن جي دڙي تي زبردستيءَ قبضو ڪيو هو، ۽ پنهنجي هڪ ننڍڙي حڪمراني به قائم ڪري ورتي هئائين، جيڪا فقط ان قلعي تائين محدود هئي. هن حقيقت کي پُراڻن واضح نموني سان بيان ڪيو آهي. اُن راجا وَرشني(Varshni)  گهراڻي جي زوال کان ستت پوءِ ڪلڪلا تي قبضو ڪيو هو. ڪرشڻ جي پُٽَ سمبا (Samba)  جي اڍنگي هلت ۽ ڪرشڻ جي ٻين پٽن جي انياءَ ۽ انيت ڪري دوارڪا ماڳ ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي ويو هو. نظر ائين اچي ٿو ته ڪلڪلا جي انهن راجڪمارن دوارڪا ۾ رهندڙ شجرن جي ڀٽن ۽ ڀانن ۽ مُهرن سنڀالي رکڻ وارن کي رشوتون آڇي کانئن اهڙيون مُهرون ورتيون هيون. يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته تن ڏينهين ڪلڪلا يا ’مُوني دواز‘ (موهن جو دڙو) هندستان جي انهن ثقافتي ماڳن کان گهڻو پري هئا، جتي اهڙيون مُهرون جڙنديون هيون.  پر اسان پَرويرَڪَ (Parviraka)  مُهر 98 جي جا ٿورائتا آهيون، جنهن جو موني (Mouni)  گهراڻي سان ڪو تعلق ڪو نه هو،  پر مڪار ۽ ٺڳ قسم جو ماڻهو هو، جنهن کي جڏهن اها سُڻس پئي ته مُوني گهراڻي جو پڇاڙڪو راجا لاوارث مري ويو آهي،  ته هن اوچتو حملو ڪري پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي گهڙا کڻي آيل عورتن کي قتل ڪري شهر ۾ ٿرٿلو  پيدا  ڪيو ۽ ماڻهن تي ڏهڪاءُ  وهاري پنهنجو راڄ قائم ڪري ڇڏيائين. ذڪر ڪيل ماڳ تي هڪ سَو کن اَڻ پوريل لاشا نظر آيا،  جن کي مارٽيمر ويلر  آخري قتل عام (The Last Massacre)  ڪري سڏيو آهي (ڏسندا ويلر جو ڪتاب ص 130 پليٽ XXIII) . اهو ضرور ڪنهن ڏاڍي  جو ڏهڪاءُ ئي آهي، هو اڪيلو ماڻهو هو،  کيس اهڙي شجري جي ضرورت هئي جيڪو کيس سگهارو  بڻائي سگهي. تنهن ڪري هن پنهنجي مُهر اتي رکيل ٻين مُهرن سان ملائي ڇڏي. دوارڪا جي هن مُهر کي البت موني، دوارڪا (Mouni – Dwarka)  مُهر سڏي ته سگهجي ٿو،  پر مون کي اهڙي ڳالهه جو  امڪان نظر ڪو نه ٿو اچي.  هن مُهر کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون مُهرون هندستان جي دور دراز علائقن کان هتي پهتيون هونديون. يادَوِ راجا ۽ سندن سوٽ جيڪي دور دراز ڪاشيءَ ۾ راڄ ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت ڪورو پنچال (Kuru Panchala)  ۽ پانڊوَ  ڏکڻ هندستان جا راڄ ڌڻي هئا. اهي به پڻ پنهنجي معلومات واسطي مُهرون محفوظ رکندا هئا. مُهرن جو اهو خزانو ڦري گهري اچي ڪِلڪلا جي هن راجا وٽ پهتو  هو. جنهن کي اسين هاڻي ’موهن جي دڙي‘ جون مُهرون سمجهون ٿا.

 

III

مُهر ڇا آهي؟ اڳتي بحث ڪرڻ واسطي اسان کي ان بابت  ڪو هڪ متفق خيال هئڻ گهرجي. اهي شاهي طغري سان لاڳاپيل ڪي  مُهرون ڪو نه آهن، نه وري اهي سڀئي مُهرون ڪنهن راجا سان تعلق رکن ٿيون. هي ٽڪيون ڪن ڌرمي ريتن رسمن سان لاڳاپيل  آهن، جيڪي قديم دور جا عام ماڻهو ۽ راجائون بجا آڻيندا هئا. هنن مان ڪن ٽڪين جو تعلق ڪاري جادوءَ سان هوندو هو، ۽ انهن لاءِ ماڻهن جو ويساهه هوندو هو ته دشمن جي مارڻ يا ان جي مٿان ڪا مصيبت آڻڻ لاءِ تياريون ڪيون وينديون هيون. اهڙيون ڌرمي رسمون به اُن مقصد سان تعلق رکن ٿيون. اُتر پنجاب جي  ڪِرمي (Kirmi) گهراڻي جي راجائن جي دربانن کي اهڙين رسمن جي نگرانيءَ جو حق هوندو هو، انهن مان گهڻين مُهرن تي گهوڙي جي تصوير نظر اچي ٿي. گهوڙن کي اهڙيءَ ريت سينگاريو ٿي ويو، جنهن مان نيڪيءَ ۽ بديءَ جو پَرو پئجي وڃي ٿو ته اهڙي قرباني ڪرڻ واري جو مقصد ڪهڙو آهي. ان جي مٿان ٿيل لکت، پوءِ اُها چٽي آهي يا اَڻ چٽي، قربانيءَ ڪرڻ واري جي مقصد کي چٽو ڪري ٿي.

تنهنڪري مُهر جي اصليت کي سمجهڻ واسطي هندستان جي ڌرمي ريتن رسمن جي اصليت جو پتو لڳائڻ پڻ ضروري آهي. هن مقصد واسطي سڀ کان وڌيڪ اعتبار جوڳو عالم اي. بي ڪيٿ (A.B Kaith)  آهي، جنهن جو تعلق هندستان سان ڪو نه آهي. سندس يادگار تصنيف، ”رليجن ائنڊ فلاسافي آف ويد“ آهي،  جنهن تان تمام گهڻو استفادو  ڪيو ويو آهي. هيءُ عالم هندستاني ادب ۽ ڊراما جو سخت نقاد آهي. پر هو هندن جي رسمن ۽ ويدن جي ادب کي عزت آبروءَ جي اک سان ڏسندڙ آهي. هنن هڪ سَو مُهرن اسان کي ايترو متاثر ڪيو آهي، جو اسان جو  اِرادو آهي ته سندس ان ڪڙيءَ تنقيد مان ڪو فائدو حاصل ڪريون. سندس سارو دارومدار فقط علمي ڳالهين تي آهي ته اهي ريتون رسمون ڪهڙي طريقي سان ادا ڪيون وينديون هيون. سندس اصل حوالا قديم دور جون تصنيفون  آهن.  جهڙوڪ پَنچ وِنس براهمڻ، تيتريه براهمڻ، جَئمِنيهَ اِشو ميدَ، ڪؤشَڪ، شَنکيَنَ شِرَوت سُوتر وغيره آهن. جن مان هن جيڪو مواد ڏنو آهي،  سو انهن حوالن کان ٻاهر ڪو نه آهي. ان کان پوءِ به اسان سندس ڏنل احوال کي هندستانين جي عادتن ۽ ريتن رسمن جي ڄاڻ جي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي، جاچي، پرکي پوءِ هتي قلمبند ڪيو آهي. البت اُن جي ڪڙاڻ کي ڪجهه جهڪو ئي ڪيو ويو آهي. هن يَجنَ (Yajna) جي هندو ڌرمي رسمن کي به گهڻو اُجاگر ڪيو آهي، جيڪي هندستان کان ٻاهر ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به بجا آنديون وينديون آهن، پر هن سُڄاڻ ماڻهوءَ ان حقيقت ڏانهن ڌيان ڪو نه ڏنو آهي ته هندو ڌرم جي مذڪوره رسمن کي پنهنجي  هڪ جدا تاريخ آهي ۽ رسمون جيڪي عملي طور بجا آنديون وينديون آهن، سي لفظن جي مئل اکرن کان گهڻيون نراليون آهن. امڪان آهي ته  لکيل لفظ، ڪن ماضيءَ جي يادگيرين سان تعلق رکندا هجن.
 (ڏسندا تيتريه براهمڻ) اهي پنهنجي زماني جون شاندار رسمون هونديون ، جن جو هاڻي نالو نشان به ڪٿي نظر ڪو نه ايندو.

اهو سمجهڻ غلط آهي ته جن مُهرن تي سينگاريل گهوڙو ڏسجي ٿو، تن جو تعلق اِشوَميد واريءَ رسم سان آهي. هڪ ڪاوڙيل دربان پنهنجي مالڪ جي ڇپر کٽ تي وِڇَن کي سڏڻ ڪاڻ اِشوَميد جي رسم ادا ڪو نه ڪندو. هنن مان رڳو هڪڙي مُهر اهڙي آهي، جنهن ۾ اڪشواڪ راجا کي سٺ گهوڙا قربان ڪندي ڏيکاريو ويو  آهي. پهريائين اسان کي اهڙي ڄاڻ هئڻ نهايت لازمي آهي ته انهن قربانين جو مقصد ڇا هو ۽ ڇا جي ڪري بجا آنديون وينديون هيون.  اِڪشواڪَ جو نالو پارگٽر جي انهن سهيوڳي راجائن جي پهرينءَ  فهرست ۾ نظر اچي ٿو، جيڪي سٺ گهوڙن جون قربانيون ڏيندا هئا. اها وڏين قربانين جي رسم جي بجا آوري هئي. ايترا گهڻا گهوڙا تڏهن قربان ڪري سگهبا هئا، جو  اُن  زماني ۾ هتي  گهوڙن جي گهڻائي به هئي. تَرسَدَ سيوُ/ ترس داسيه (Trasadasyu)  هڪ ڏاتار (سخي) راجا هو. سندس سخا جو رگويد ۾ به ذڪر نظر ايندو. سندس زمانو  21 پيڙهيون پوءِ جو آهي. پر کيس ايتريءَ وڏيءَ قربانيءَ جو خيال به ڪو نه هو. گهوڙن جي واپارين يعني ٻن شيبياس/ حبشي واپارين (Abyssinian merchants) سان لاڳاپيل هڪ مُهر آهي، جيڪي گهوڙا درآمد ڪندا هئا. اسان کي مُهرن وسيلي اها ڄاڻ ملي ٿي ته اهي ڏاڍا سکيا ستابا هئا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهڙين قربانين ڪري هندستان مان گهوڙن جو انگ گهٽجي رهيو هو. ٻين ملڪن مان گهوڙن گهرائڻ تي تمام گهڻو خرچ ايندو هو، جيڪو وقت جا راجائون به برداشت ڪري ڪو نه سگهندا هئا. اِشوميدَ قربانيءَ جو ذڪر ڪندي ڪيٿ بيان ڪري ٿو ته ان قسم جي هر قربانيءَ ۾ گهوڙي کي قربان ڪرڻ ضروري به ڪو نه هوندو هو، ۽ ساڳئي احوال ۾ هي صاحب اچرج جو  اظهار ڪندي لکي ٿو ته انهن 63  جانورن ۾ ماکيءَ جي مک به قربان ڪئي ويندي هئي! ۽ اهي مهانگي قسم جون قربانيون هونديون هيون ۽ اڳتي هلي ڏاڍيءَ شائستگيءَ سان اهو به لکي ٿو ته ڪي قربانيون اهڙيون به هونديون هيون، جن ۾ هڪ سَو گهوڙا ۽ هڪ هزار سونا سڪا  فقط برهمڻن کي ڀيٽا طور ڏنا ويندا هئا. هي جيڪي ڪجهه بيانَ لکت جا  مقدس متن بيان ڪن ٿا، تن کي جيئن جو تيئن مڃڻ ڏاڍو ڏکيو به لڳي ٿو. پر اهڙين خاص رسمن جي ياد لاءِ ئي اهڙو ذڪر اِئين قلمبند ڪيو ويندو هو، پر اهڙيون ڳالهيون اَرن ڪَش ۽ اُپنشد واري سونهري دور ۾ متروڪ  ٿي چڪيون هيون. اهڙي قسم جون رسمون حريص قسم جا راجائون بجا آڻيندا هئا. سندن مقصد فقط پنهنجو راڄ  قائم ڪرڻ هو. يُڌشٽر به اشوميدَ قرباني  ڪئي هئي، جنهن ۾ هُن ڪن ڄاڻو پنڊتن کي به ڳولي آڻي ويهاريو هو.

ان طرح هن ڪتاب ۾ ڪيٿ منهنجو ساٿي ته رهيو آهي، پر مون فقط اُنهن ڳالهين تي وڌيڪ زور ڏنو آهي، جيڪي سندس قلم کان رهجي ويون آهن. انهيءَ لاءِ ته جيئن هنن مُهرن کي وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهي سگهجي.

 

 

IV

هندستاني ڌرمي رسمن جو مقصد هڪ خواهش جو ئي اظهار هوندو آهي، جيڪا شَنڪَلَپَ (Sankalpa)  يعني اُن جي ذڪر سان شروع ڪئي ويندي آهي. ڪن مُهرن ۾ ”آشئڪَ“ ، آسائڪَ (Asaika)  جو لفظ ڏسجي ٿو، جنهن مان ڪنهن خاص خواهش جو مفهوم نڪري ٿو. ڪيترين مُهرن ۾ اها ڳالهه نظر به ڪا نه ايندي، پر ان سان ڪا ڳالهه ثابت به ڪا نه ٿي ٿئي. جيڪڏهن ڪا قرباني هن مقصد سان ڪئي ويندي هئي ته ڀاڳُ وري، آل اولاد ۾ برڪت پوي يا  سکيو ستابو رهجي يا چوپائي مال ۾ برڪت پوي، ته اهڙي خواهش مُهرن تي ڪا نه اُڪرائي ويندي هئي. قرباني ڏيڻ وارو ماڻهو اهڙي ڳالهه پنهنجي  پنڊت کي به ٻڌائيندو هو. پر ڪڏهن قربانيون اهڙيون هونديون  هيون،  جن جي نيت جي خبر عام ماڻهن کي ڪا نه ٻڌائي ويندي هئي. جيڪڏهن قرباني ڏيندڙ قربانيءَ جي نيت کان عام ماڻهن واقف ڪري ته سندس مراد حاصل ڪا نه ٿي سگهي ها. مثال طور تڪشڪ جي پريڪشت کي قتل ڪرڻ جي خواهش هئي، ته هو پنهنجي  اهڙي خواهش تي زور ڏئي ٿو، پر  عام ماڻهن مان ڪنهن کي به ڪو نه ٿو ٻڌائي. تنهنڪري هو فقط ”هڪ خواهش“ (Ekasuka) لفظ ئي چوي ٿو ۽ وڌيڪ ٻڙڪ  نٿو ٻولي ۽ حقيقت کي ڳجهو رکي ٿو، قربانيءَ سان لاڳاپيل ديوتائون قرباني ڪندڙ جي عام خواهش جي پورائي لاءِ پنهنجي سگهه ڪم ڪو نه ٿا آڻين، پر هن جي خاص خواهش جي پورائيءَ واسطي پنهنجي خاص طاقت کي ڪتب  ٿا آڻين. برهمڻ جيڪي سندس ان قربانيءَ جا ساٺ سَوڻ ادا ڪري رهيا آهن، تن کي به سندس خاص خواهش جو علم ڪو نه آهي. مُهر ٺاهڻ وارا ڪاريگر ڪنهن حد تائين سمجهن ٿا ته سندس ارادو صحيح ڪو نه آهي،  پر اها خبر ڪا نه اٿن ته سندس اصلي نيت ڪهڙي آهي، تنهنڪري اهڙي مُهر سهڻي به ڪا نه ٿا سيانچن ۽ اُڪيرن.  ڪيٿ هتي ذڪر ڪندي پهرئين اصول کي وڏي تفصيل سان بيانيو آهي،  پر ”شنڪلپ “ يا ”اڌيڪار“ جهڙن لفظن ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏنو اٿائين.

ڪِيٿ جو بيان آهي ته پنڊتن پروهتن طرفان ”همدردانه جادو ڦيڻو“  ڏاڍو ڪارآمد ثابت ٿيندو هو. منهنجي خيال ۾ هنن هندستاني رسمن کي هو سمجهي ئي ڪو نه سگهيو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته هو سر جيمز فريزر (James Frazer)  ۽ مصر جي ٽوڻي ڦيڻي جي نموني کان متاثر آهي. هندستان ۾  ڌرمي رسم قرباني ڏيندڙ جي خواهش جي اظهار سان ٿيندي آهي. اهڙي خواهش ڪرڻ (دل ۾ يا ظاهر) قرباني ڏيندڙ جو حق يا اختيار هوندو هو، ته اهو يَجنَه واري قرباني ڪرائي ٿو. اها ڪٿي به ثابتي ملي ڪا نه سگهندي ته پنڊت پاڻهرتو ڪجهه  ڀڻ ڀڻ  ڪئي هجي يا ڏاڍيان  ڪنهن خواهش جواظهار ڪيو هجي يا  ڪنهن گڏيل قسم جي خواهش ڪئي هجي يا خواهش جي تڪميل واسطي نانگن کي اُڇليو يا اُڇلارايو هجي. اڪثر ائين به ٿيندو هو جو اهي پنڊت قرباني ڏيندڙن جي خواهشن کان بلڪل اڻ ڄاڻ هوندا هئا.  قرباني ڏيڻ جي طريقي سان ئي پنڊت کي پِرون پئجي ويندا هئا، ته قرباني ڏيڻ واري جي خواهش سخت نوعيت جي آهي. پنڊت طرفان ڌرمي رسم دوران قرباني ڏيڻ واري کي خود مڃتا (Self hypnoses)  واسطي همٿايو ويندو هو. جيڪڏهن اهڙي ڌرمي رسم جي آڌار تي، ڪنهن جي دل جون مرادون پوريون ٿي وينديون هيون، ته سمجهيو ويندو هو ته اهڙي ڪاميابي ”شنڪلپ شڪتيءَ“ وسيلي حاصل ٿي آهي ۽ اهڙو ڪرم ديوتا ڪيو آهي، جيڪو قربانيءَ کان گهڻو خوش ٿيو آهي. ان قربانيءَ جو مقصد اهو هو ته گهربل ديوتائن جي دلين کي  قرباني ڪرڻ واري ڏانهن ڦيريو وڃي.  پنهنجي پوريءَ مرضيءَ سان قربانيءَ وسيلي  قدرتي طاقت کي زور سان قرباني ڏيڻ وارن جي فائدي ۾ ڪتب آڻڻ جي عمل تي اُپنشد ۽ گيتا لعنت ۽ ڦٽڪار وسائي آهي. اها ڳالهه ڌرمي رسمن جي خلاف نه هئي، پر قربانيءَ جي اثر ۾ ئي اُپنشد ۽گيتا جو ڪو ويساهه ڪو نه هوندو هو، ڇاڪاڻ ته اُهي حقير ۽ ڪُڌين خواهشن  جي سخت خلاف هوندا هئا.

ان کان پوءِ قرباني ڪرڻ جو هڪ ٻيو اصول به آهي. ان مطابق ماڻهوءَ جي ”يٿاشڪتيءَ“ کي وڌائڻ لاءِ قربانيءَ جي رسم بجا آڻڻ لاءِ گهربل سامان آڻڻ نهايت ضروري هوندو هو. قرباني ڏيڻ واري کي حسب طاقت پنڊت کي انعام اڪرام سان به نوازڻو هو.  ڪِيٿ جو بيان آهي ته اهڙيون ڪيتريون ڌرمي رسمون هونديون هيون، جيڪي وقت جا راجائون بجا آڻڻ کان کليو انڪار ڪندا هئا. جيئن ته اها رسم علامتي هوندي آهي، ائين تصور ڪرڻ ڪا غير ممڪن ڳالهه ڪا نه هوندي هئي ته مُهر جي تصوير ۾ نظر ايندڙ مقدس جانور قربان ڪيو ويندو هو. پر اهڙن جانورن جو ن علامتون جوڙي به مذڪوره قرباني ادا ڪئي ويندي هئي. اهڙا ڪيترا مثال نظر ايندا هئا، جن ۾ ڪيترا غريب ڪنگال ماڻهو قربانيءَ جو جانور اَٽي جو جوڙيندا هئا ۽ اهڙي رسم ادا ڪندا هئا. برهمڻ  ”سَهَسرَم دَدِيات“  (Sahasram dadyat)  جا ٻول ڀڻ ڀڻ ڪندا هئا. پنڊتُ قرباني ڏيڻ واري جي مسڪيني حالت کي ڏسي، هڪ سڪو وٺندو هو، پر سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڏاڍيان  چوندو هو ته کيس هڪ سَو سڪا مليا آهن ۽ مڙهيءَ جي دربان کي ٽنهي جڳن ۾ ’هڪ ڇٽيءَ واري‘ حڪمران هجڻ جي ۽ هن جهان لاءِ کيس هيڊ دربان هجڻ جون دعائون ڪندو هو.

اهڙين رسمن لاءِ  سامان سڙي جي  ضرورت پوندي هئي. جهڙوڪ ويڏيءَ (Vadi)  لاءِ پڪين سِرن جي ۽ ڪنهن ڏڻَ (Stoma) لاءِ ڪُش (kusa) گاهه، اناجَ، کاڌي خوراڪ ۽  مکڻ جي. جيڪڏهن ڪنهن جي تباهيءَ لاءِ ڪي ڌرمي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون، ته اهڙو بندوبست شهر کان ٻاهر ۽ ڳُجهه ڳوهه ۾ ڪيو ويندو هو. اُنهيءَ ڪم واسطي ” اَٿَر رَوَ برهمڻ“ (Athar Va Brahmin)  هوندا هئا، مَگَڌَاس “Magadhas” ان کان علاوه مُهرن جا ڪاريگر به اعتبار جوڳا هوندا، ته متان ڪنهن کي اندر جو ڳجهه نه سلي وجهن. پُراڻن جو بيان آهي ته جڏهن راجا تڪشڪ اهڙي رسم ادا ڪئي ته اهو  راز ظاهر ٿي پيو. هڪ ناگ (Naga)  برهمڻ کي اهڙي  سُڻس پئجي وئي ۽ راجا پريڪشت کي ساري ماجرا ٻڌائڻ لاءِ وٺي ڏانهس ڀڳو. انهيءَ مقصد سان ته جيئن هو اهڙي زهر جي اثر زائل ڪرڻ واسطي ڪنهن ٽوڻي ڦيڻي جو بندوبست ڪرائي. اها ٻاٻُورَ راجا تڪشڪ کي پئجي وئي. جنهن ان ناگ برهمڻ کي وڏا انعام اڪرام ڏئي واپس موٽايو. 

اَسين ورجائيندا رهيا آهيون ته گيتا اهڙيءَ رسم جي خلاف آهي. اهڙين سڀني ڳالهين جو دارومدار خواهش تي آهي، جيڪا پنهنجي سگهه مطابق اڌيڪار ۽ سَنڪَلَپَ بڻجي ويندي آهي. اهو سڀ ڪجهه  قدرت جي لڪل طاقت ڪري ٿيندو آهي، جنهن سان ساري ڪائنات جو منڊلُ (نظام)  ڊانواڊول ٿي ويندو آهي. رسم ۽ ان جي اثر زائل ڪرڻ واسطي ٻيءَ رسم جو بنياد ساڳيءَ مابعد طبعيات (metaphysics)  تي بيٺلَ تصورَ  تي هوندو آهي ته انسان جي دل ڪائنات جو ذرو آهي، جنهن کي مُناجاتن (invocations) سان سگهارو بڻائي سگهجي ٿو. گيتا اهڙين  جائز خواهشن جي اجازت ڏئي ٿي. جهڙوڪ مينهن وسڻ لاءِ دعا ڪرڻ وغيره.

ٽيون مکيه اصول ڌيان (Dhyana)  آهي، جنهن کي پرتسٿان (Pratisthana)  پڻ  سڏيو ويندو آهي. يعني ”علامتن جي ڦير گهير“.  جانور گهوڙو آهي يا اَٽي جي ٺهيل ان جي مورتي، انهن کي  هڪ سمجهڻو آهي ۽ رسم جي نوعيت مطابق ان کي دشمن تصور  ڪرڻو آهي. هن قسم جي ياگ (Yage) يا اُڪٿيه (ukthya) علامتي مٽ سٽ نڪولش (Nakulisa)  فرقي جي پاشو پَتَ (Pasupata)  واري آزاد خيالي آهي. هتي اسان وٽ اهڙيون ٻه مُهرون موجود آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته سندن تعلق سٿين ماڻهن جي رسمن سان آهي ۽ تڪشڪ جي زوال ۽ مهاڀارت جنگ کان ڪجهه عرصو پوءِ  ”ڪورو جانگل“ جي ناگا قبيلي جي ماڻهن اهڙي رسم پنهنجائي هئي. نَڪولش واري رسم پوءِ ويدائي صورت سَتَرودِر  (Satarudra) جي صورت اختيار ڪري ورتي. ڇاڪاڻ ته پَسُيو ۽ روپ پاشا (Pas’ha) عام مقبول علامتون  هيون ۽ ان جي مفهوم به هڪ آزاد خيال جي حيثيت اختيار ڪري ورتي هئي.

اها ڳالهه اسان اَشوَميدَ جي پٽ (Patta) يا مُهر ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. پر هن رسم جي ادا ڪرڻ واسطي خاص ستوم  (Stoma) ۽ يجنائون ڪرڻيون پونديون هيون، جن ۾ راجا ۽ راڻيءَ کي هفتن تائين روزا رکڻا پوندا ۽ تَنَ کي تسيا ڏيڻا پوندا هئا. جڏهن راجائن اهڙين رسمن کي خارج ڪري ڇڏيو ته پنڊتن جو ظاهري زور ٽُٽي پيو. ان سان گڏ وري منڊل (Mandala) جهڙي طرز حڪومت جو بنياد پيو،  جنهن ۾ پڻ ستوم جو زور ختم ٿي ويو، پر ورشني دور جا ڪي سکيا ستابا راڄپرش (سرڪاري ڪامورا) ۽ بورزوا ننڍڙي پئماني تي اهڙيون رسمون ڪندا  هئا، جن ۾ ٿورا  ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. يا اهڙا مائٽ، جن جو اولاد وفات ڪري ويندو  هو، ته اهي مذڪوره رسمون ادا ڪندا هئا. اسان کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو مثال به ملي ٿو، جنهن جا ڇهه پٽ ڪنهن جنگ يا مهامريءَ ۾ وفات ڪري ويا هئا ۽ کيس شانتيءَ (Consolation)  جي رسم ادا ڪندي ڏسجي ٿو. دوارڪا ۾ بورزوا (وچولي طبقي)  جي گهڻائي هوندي هئي ۽ انهن ماڻهن طرفان ادا ڪيل رسمن جو هڪ رڪارڊ موجود آهي. منجهائن هڪ وٽن جو واپاري يعني ٺاٺارو  به هو. هڪ مُهر جي سمجهاڻيءَ ۾ اسان هڪ امڪان ڏانهن اشارو ڏنو آهي، ته هڪ وڏي عمر واري وئشيا (Prostitute) پنهنجي پراڻن چگهن سان ڪا رسم ملهائي رهي آهي. مون کي هڪ مُهر تي چترڀان (Chaturbhani)  جو لفظ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. توڙي اهڙي قسم جون رانديون 1800 سال پوءِ جون آهن. پر پوءِ به پتو پوي ٿو ته هندستاني ثقافت  جو اهو سلسلو قائم هو. مون کي محسوس ٿيو ته شري ڪرشڻ جي شهر دوارڪا جا ماڻهو اهڙا خوش مزاج هئا، جهڙا  اُجين جي پتليپتر جا  ڀان (Bhans)  هوندا هئا. ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي به مون هن ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته دوارڪا ۽ سترهين صديءَ جي سورت جا ڦاٽڪ هڪجهڙا آهن، جن جو ذڪر جان هاڪنز به ڪيو آهي، جيڪو تنهن زماني ايسٽ انڊيا  ڪمپني طرفان اڪبر جي دربار ۾ مقرر ٿيل نمائندو هو. شري ڪرشڻ جي پٽ سامبا (يا سمپا) پاڻ کي خوش طبع مهاهس (Maha – Hasa) سڏيو آهي. هن مان اسان کي اهو اهڃاڻ ملي ٿو ته جڏهن شري ڪرشڻ دهلي مرڪز جي ڪورُو – پورُو اقتدار جي ڦيٽاڙي وقت گهڻو عرصو دوارڪا کان ٻاهر سفارتي سفر تي رهيو،  جنهن کان پوءِ مهاڀارت واري جنگ لڳي ۽ دوارڪا  اجڙي ويو هو.

 

 

 

V

                        آپته (Apte)  جي ڊڪشنريءَ پَٽَ (Patta) ۽ ڦَلَڪَ (Phalaka)  جو ترجمو ”ٽِڪي“ ڪيو ويو آهي. پر اها پَتر (Patra) جو مفهوم ڪا نه ٿي ٻڌائي. ويدن جي ضميمن ۾ پڻ هن لفظ جي معنيٰ ڏسڻ ۾ ڪا نه ايندي. هُبليءَ ۾ ’پٽيگر‘ ذات جا ماڻهو رهندا آهن. انهن مان گهڻن جا نالا آريائي طرز جا آهن ۽سندن نالن جون پڇاڙيون ”سَ“ اُچار سان هونديون آهن، جهڙوڪ پَڪسَ (Paksa)  ۽ پَدشَ(Padsha)  . سندن لاڳاپو کشتريه ذات سان آهي. انهن مان ڪيترا پڙهيا ڳڙهيا، واپاري، صنعتڪار ۽ جديد خيالن جا حامي آهن. جَئمِنِيهَ  اِشوميدَ ۾ هڪ ثابتي ملي ٿي ته قربانيءَ واري گهوڙي جي دوناڙ تي پَٽَسَ يا ڦَلَڪسَ ٻڌا ويندا هئا. ڪِيٿ جو بيان آهي ته اهو گهوڙو پوري سال جو عرصو جيڏانهن وڻندو هوس پيو گهمندو ڦرندو هو. اهڙيءَ ريت قرباني ڏيندڙ ماڻهوءَ جي ملڪ جي جاگرافيائي حدبندي ٿي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو به راجا ان گهوڙي جي چر پر کي روڪيندو هو، ته قرباني ڏيندڙ حڪمران جي سگهه کي للڪاريندو هو. ان گهوڙي سان چار سو جنگي جوڌا گڏ هوندا هئا، جن ۾ قرباني ڏيندڙ راجا جا پٽ به شامل هوندا هئا. مٿن اها ذميواري هئي ته گهوڙ ي جي چرپر کي ڪير به نه روڪي. جيڪڏهن ڪير ان  گهوڙي کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو هو، ته  گهوڙي سان گڏجي هلندڙ جنگي جَٿو اُن راجا سان پِڙُ ڪندو هو ۽ کيس ماري مات ڪندو هو. گهوڙي جي دوناڙ تي ٻڌل ڦلڪ تي قرباني ڏيندڙ جو نالو لکيل هوندو هو. ان گهوڙي کي نه روڪڻ يا ان جي آجيان جو مطلب اهو هوندو هو، ته قرباني ڏيندڙ حڪمران جي آڻ مڃي وئي آهي. ويلر (Wheeler) جو بيان آهي ته انهن مُهرن جي پُٺين پاسي نڪتل سوراخن مان پتو پوي ٿو، ته اهي شايد ڦَلَڪَ طور اهڙن گهوڙن جي دوناڙن تي ٻڌيون وينديون هيون. اسان جو اندازو آهي ته اهڙي قسم جون ڦلڪون لئبرريءَ، عجائب گهر يا رڪارڊ روم ۾ حفاظت طور ٽنگيون وينديون هونديون، جن ۾ انهن راجائن جا به نالا هوندا، جن قرباني ڏيڻ واري راجا جي اطاعت قبول ڪئي هوندي. هنن ڳالهين مان سولائيءَ سان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هندستان ۾ اڻ سڌيءَ طور هڪ مرڪزي سرشتو قائم هو. شري رام جي هلت چلت به هڪ نمايان  طرز جي هئي، جنهن راوَڻَ جي قتل ٿيڻ کان هڪدم پوءِ سندس ڀاءُ اڻگد (Angada)  کي هن جي گاديءَ تي وهاريو هو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري پنهنجي ملڪ ڏانهن راهي ٿيو هو. هُن  سُگِرَوَ سان به ساڳي نرمي اختيار ڪئي  هئي. سگهاري راڄ جو قيام شادين وسيلي به ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت پنچال  (Panchala) ۽ پُورِوَ (Puru) راجائن جي رت ملڻ ڪري هڪ مرڪزي اقتدار جو هڪ پائدار امڪان پيدا ٿي ويو هو. پنچال ۽ پُورِوَ جي اتحاد وسيلي بعد ۾ ڪورُو (Kuru)  اقتدار آيو. يادوَ (Yadav)  به دهليءَ جي پورِوَ حڪمرانن سان ڳنڍيل هوندا هئا ۽ سندن ڏن ڀرُو هئا. جڏهن زيردست گهراڻن جي راجائن  پاڻ ۾ ويڙهاند شروع ڪئي، ته مرڪزي طاقت ان ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. ان جو عام فهم موجب سبب اهو هو ته اهڙا جهيڙا مرڪزي طاقت جي شانَ مانَ ۽ طاقت جي واڌاري جو سبب هوندا هئا. اسان  کي پتو پوي ٿو ته ان سمي ڪنهن به حڪمران جو دهليءَ تي حملو ڪو نه ٿيو هو. ساڳئي وقت ماڻهن جي نياءَ لاءِ پڇاڙڪو هنڌ دهلي سرڪار بدران  مقامي راجا هوندا هئا. بعد ۾ ڪاشي، ايوڌيا ۽ پنچال جي راجائن وچ ۾  ”دَش راجني“ (ڏهه – راڄي) (Das Rajini)  جنگ لڳي، جنهن ۾ دهليءَ جي پورِوَ گهراڻي جي راجائن منجهن ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي. تَرسدسيوُ/ ترس داسيه (Trasadasyu)  جي درٻار ۽ برهمڻن جي وچ ۾ جڏهن جنگ ڇڙي پئي ته پاڙي  وارن راجائن ٽياڪڙ بڻجي، ويڙُهو ڌرين جي وچ ۾ پئي، آچار ويچار ڪري کين ڀاڪر پارائي، ٿڌو ڪري ڇڏيو هو. اهڙي واقعي لاءِ پنجن واڍن (درن ٺاهڻ وارن)  واري مُهر ڏسي سگهجي ٿي. جڏهن قانون مان نياءَ ملڻ جي آس ختم ٿي ويندي هئي، ته هڪ ڌرمي رسم ادا ڪئي ويندي هئي ۽ شهر کان ٻاهر نڪري ڏاڍ ڪندڙ ماڻهوءَ کي پِٽون پاراتا ڏنا ويندا هئا. حقيقت کڻي ڪيئن به هجي، پر هتي پُورِوَ گهراڻي جي هڪ مرڪزي حڪومت قائم هئي. هيءُ هڪ عزتدار گهراڻو هو. جنهن قديم زماني ۾ گهڻي وقت تائين راڄ ڪيو. هر ڪو ماڻهو هن گهراڻي جي دلي عزت ڪندو هو، جنهن نظرياتي ۽ جذباتي طور هندستان کي متحد ڪري ڇڏيو هو. خود سُگرَوَ به دهليءَ تي حملو ڪو نه ڪيو، توڙي ائين ڪرڻ ۾ کيس ڪا به مشڪل درپيش ڪا نه هئي ۽ سولائيءَ سان وقت جي حڪمران کي شڪست به ڏئي سگهي ها. پر کيس ائين ڪرڻ جو ڪڏهن دل ۾ خيال ئي ڪو نه آيو. پانڊوَ (Pandava)  پهريان حڪمران هئا، جن کين للڪاريو هو. کين ائين ڪرڻ جو جواز به هو. ڏٺو وڃي ته دُريوڌَنَ جي پاسي به نياءُ ۽ نيت پڻ هئي. سندس اها دعويٰ هئي ته ڪورو- پورو اقتدار هميشه متحد ۽ سالم رهيو آهي، هن ڌرتيءَ کي ڀائرن ۾ ونڊي ورڇي ڪو نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن سر زمين کي هڪ مرڪزي ڪردار آهي. پر پانڊوَن انهن ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. اڳرائي ڪري ڏاڍا ڪِيتا لوڙيائون. هڪ ڀيرو مرڪزي طاقت جي الاهي قوت هئڻ جو طلسم ڀڳو ته وري سَئين ڪا نه آئي. بعد ۾ تخت تي وِهندڙُ هر جانشين ڏاڍو هيڻو ۽ ٻين راجائن  جيان سندس راڄ به ٿور - وقتو ۽ ڊانواڊول  رهندو آيو. اِن کان پوءِ ناگ (Naga) گهراڻي جو راجا تَڪشَڪُ هستانپور راڄ جي دَدُن تي حملن ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. پَريڪشَت پنهنجي فوج جي آهر ۽ واهر سان تَڪشَڪ مٿان سوڀ ماڻي. پر مرڪز هئڻ واري  انهيءَ قوت وارو تصور ختم ٿي چڪو هو ۽ هندستان (India) جي ٻين راجائن جي راڄن جيان، هڪ عام رواجي راڄ طور، هستانپور به هڪ راڄ  بڻيو هو. ان کان پوءِ سَروسَر اونداهو دور شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن مرڪزي طاقت جي موجودگي ڏسڻ ۾ نٿي اچي.

                        هنن مُهرن مان اُن دور جي سياسي، اقتصادي حالت جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگهي ٿو. ان جو هرگز  اهو مطلب ڪو نه آهي ته ان دور جي هر قرباني يا ڌرمي رسم انهن مُهرن تي اُڪريل آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته مُهرن جو انگ گهڻو هجي ها. سرجان مارشلَ جيڪي مُهرون ترتيب ڏنيون آهن، تن مان هندستان جي ٻه هزار سالا زندگيءَ جو پتو  پوي ٿو. انهيءَ دور ۾ پرويرڪ پوءِ جي (Praviraka)  دور جا 300 سال به جوڙ ڏئي سگهجن ٿا، جن جي شروعات چئن، راجائن جي معاهدي سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ راجا مَنوءَ (Manu)  مکيه ڪردار ادا ڪيو هو. هستناپور جي مرڪزي ڪردار واري سونهري دور جي اِن پَرِ شروعات ٿئي ٿي (ڏسندا مهر نمبر 6) راجا مَنُو تن ڏينهين ضرور وڏيءَ عمر جو ٿي چڪو هوندو، انهن چئن راجائن مان ڪي راجائون سندس پُٽ هوندا، ٿي سگهي ٿو ته نه به هوندا. هن هڪ ضابطي اخلاق ترتيب ڏنو هو، جيڪو راجا ۽ پرجا تي هڪ جهڙو لاڳو ٿيندڙ هو. پر هن جيڪي ڪجهه سڌو يا اڻ سڌو  ڪيو هو، سو دهليءَ جي مرڪزي طاقت جي الاهي قوت هئڻ جي قيام لاءِ هو. جيڪڏهن هر ڌرمي رسم واسطي هڪ مُهر هجي ۽ ويدن واريون رسمون آسام ۽ پمپا (Pumpa) تائين پکڙيل هجن ها، ته چار هزار مُهرن جي جوڙ تي، رڳو ٻه مُهرون في سال واري انگ جي حساب سان به اسين خوش ڪو نه ٿيون ها. ان طرح چئي سگهجي ٿو ته اهڙين مُهرن جو انگ تمام ججهو هوندو. حقيقت اها به آهي ته ويدن جي ضميمن ۾  اهڙي  پٽن يا ڦلڪن (Patta and Phalaka)  جو ذڪر نظر ڪو نه ٿو اچي. (ڪِيٿ انهن لاءِ تختيءَ (Board) جو لفظ ڪم آندو آهي). ان مان هيءَ حقيقت واضح  ٿئي ٿي، ته ويدن واري دور ۾ اهي مُهرون ڌرمي رسمن لاءِ ڪم ڪو نه اينديون هيون.  تنهنڪري جيڪڏهن هر مُهر جي هڪ رسم مطابق ڳڻ ڪنداسون ته به ائين سمجهڻ غلط ٿيندو ۽ ائين  ئي مُهرن بابت هيٺ ڪيل بيان قائم ڪرڻ گهرجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.

1- پنهنجي قُوَتَ جي مظاهري واسطي يَجنَ (Yajna)  واري شاهي رسم، اهڙي موقعي تي مُهر جي ڪاريگر کي دهرا دان نه ڏيڻ راجائي شان جي خلاف هوندو هو.

2- عام يا خاص جٿن (Guilds) جا اڳواڻ پڻ اهڙيون قربانيون ڏيندا هئا، جن وٽ پئسي ڏوڪڙ جي اڻاٺ ڪا نه هوندي هئي. اُنهن جٿن  جا ميمبر رڪارڊي ثابتي چاهيندا هوندا.  اها به هڪ ثابتي آهي ته هڪ واڍن جي جَٿي  ۽ شاهي پهريدارن جي جٿي به اهڙيون مُهرون ٺهرايون هيون. هاٿي- پهريدارن مان ٻن ڄڻن به مُهرون جوڙايون هيون، جن مان هڪ پنهنجي 80 هين ۽ ٻئي 86 هين سالگرهه ملهائي هئي. اهڙي قسم جا خاص اڳواڻ به پوئين دور ۾ نظر اچن ٿا، جيڪي ٽامي جي ٿالهين تي پاڻ لاءِ اهڙيون لکتون اُڪرائيندا هئا، انهن جي  ڏکڻ هندستان ۾ گهڻائي ڏسجي ٿي. (سُگهڙن) ۽ گَوَيَن جا پڻ جٿا (guilds)  هوندا هئا.      

3- ماڻهو ماضيءَ جي ڪيل گناهن تي پڇتائيندا هئا. هنن هڪ سَو مُهرن مان هڪ اهڙي به مُهر آهي، جنهن ۾ اُن پڇتاءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

4- رَمَلَ (مخفي جادوءَ)  جي رسم به ادا ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ دشمن لاءِ بددُعا جو اظهار ڪيو ويندو هو. ڪي مُهرون ان رسم جي نمائندگي ڪن ٿيون.  ڇهه مُهرون اهڙيون آهن، جن جا اکر اڳي جڙيل ٺپن وسيلي اڪيريل ڪو نه ٿا ڀانئجن نه وري منجهن صفائي ۽ سٺائي نظر اچي ٿي. هٿ سان کُرچي جوڙيا ويا آهن، تنهن ڪري ڏنگا  ڦڏا آهن ۽ ذرو ذرو ٿي اکڙي ويا آهن. لڪل اشارن ۾ قرباني ڏيڻ  واري ۽ سندس دشمن (شڪار) جا نالا لکيل ٿا ڏسجن. هڪ مُهر ۾  چئن دشمن ماڻهن جي نالن جي پهرينءَ اکرن جي اُڪَرَ  ڏسجي ٿي. قرباني ڏيندڙ ڪَرِمي (Krimi)  نالي وارو اُتر پنجاب  جو ماڻهو آهي، اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اُها مُهر ٺاهڻ ڇو ضروري هئي.

(الف)  اهڙين مُهرن ۾ مختلف قسم جا هٿيار نظر اچن ٿا. جيڪي ڄڻ گهوڙي جهڙي مورتيءَ تي جُلهه ڪري رهيا آهن. انهن تصويرن ۾ تير، لٺ، ڪُلهن تي رکيل ڏنڊو، نانگ، وڇون ۽ ڪڏهن وري مڇيءَ جي شڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن مان اشارو ملي ٿو ته دشمن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ماريو وڃي، جيئن سندس مُڙدو مڇيون کائي وڃن. هڪ مُهر اهڙي آهي جنهن منجهان قرباني ڏيڻ واري جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ  جو پتو پئجي وڃي ٿو، ائين ٿو لڳي ته قرباني کان پوءِ قرباني ڪندڙ ماڻهو اها مُهر کڻي ڳوٺ ويندو، ۽ سوچيندو ويچاريندو ۽ پوءِ دل ٻڌي دشمن تي حملو ڪندو.

 (ب) اهڙيون قربانيون گهڻو خرچ کائينديون هيون ۽ قربان ڪرڻ وارو ان ۾ ظاهري اظهار جو طريقو به اختيارڪندو هو. قرباني ڏيڻ واري جانور جي ڪپڙي مان مورتي جوڙڻ ڪري خود گهر جي ڀاتين کي هاڃو رسي سگهيو ٿي. باقي اَٽي مان ٺاهيل مورتيءَ کي پاڻيءَ وسيلي ڊاهي جلديءَ ۾ ختم ڪري سگهبو هو ۽ گهڻي وقت تائين اها پاڻ وٽ رکي ڪو نه ٿي سگهيو.

(ٻ) اهڙي قسم جون رسمون اَٿروَ گوتر (Atharva gotra) براهمڻ يا ناگ (Naga) براهمڻن جي نگرانيءَ ۾ ڪيون وينديون هيون. اهڙن براهمڻن ۽ مُهرن ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جي وچ ۾ هڪ قسم جو سمجهوتو ٿيل هوندو هو. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سندن به هڪ پنهنجي پاڻ ۾  به جٿو  (Guild) جڙيل هو. ڇاڪاڻ ته مَنتر ڦِيڻي واري ڌنڌي سان لاڳاپيل برهمڻن ۽ مُهرن ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جو الڳ الڳ تعداد ڪو گهڻو به ڪو نه هو،  ٻنهي ڌنڌن جي ماڻهن وٽ پنهنجي پنهنجي ڌنڌي جي ضرورتن ۽ اُن جي طريقه ڪار جي خاص ڄاڻ هئي. ان ڪري هو پنهنجي پَر ۾ مَنتر ڦِيڻي واري ڌنڌي جي جملي روايتن ۽ پابندين  کان پوريءَ ريت باخبر هئا ۽ انهن کي قائم رکڻ  به ضروري سمجهندا هئا، جو وٽن روايتي طور ڪي اُهي راز ئي رهڻا هئا. کين قرباني ڏيڻ واري ۽ ان جي دشمن شڪار جي نالن جي ڄاڻ هئي پر ڪنهن سان ٻڙڪ به ڪا نه ٻاڦيندا هئا. جيڪڏهن ڳجهه ظاهر ڪري وجهندا هئا، ته اها قرباني ڏيڻ واري لاءِ فائدي جي ڳالهه نه هوندي هئي، جو سندس دشمن پوءِ ڄاڻي وٺندو هو ۽ سندن قرباني کي زائل ڪرڻ واسطي پنهنجي طرفان بچاءَ جو بندوبست ڪندو هو. اهڙي سماجي صورتحال مَنتر ڦِيڻي کي اهميت ڏئي ڇڏي هئي ۽ پنڊتن پروهتن جي به وڏي لئه هوندي هئي.

5- پُٽَ يا ننڍڙي ٻار جي وفات تي به مُهر تيار ڪرائي ويندي هئي. انهيءَ لاءِ ته جيئن سندس ياد قائم رهي. مون وٽ اهڙيون ڇهه مُهرون  آهن جن  تي ’ٻالڪ‘ پَپَس (Papas) جو اکر لکيل آهي. هڪ مُهر تي اهو به لکيل آهي، ته اهو اُڃيو هو ۽ کيرَ، پاڻيءَ يا اهڙيءَ ٻيءَ چوسڻ واري شيءِ ملڻ کان اڳ مري ويو هو.

6- خود واکاڻ واريون مُهرون: ياياتي (Yayati) پهريائين پنهنجي پٽن کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي، جن پنهنجون ننڍڙيون حڪمرانيون قائم ڪري ورتيون هيون. پيريءَ ۾ پيرَ پائڻ کان پوءِ مرڪزي حڪومت  پُورِوَ کي ڏئي ڇڏيائين، جيڪو سندس  ننڍي ۾ ننڍو پٽ  هو. باقي ٻي حڪومت هڪ قسم جي خاص  ٺاهه کان پوءِ پنهنجن ٻين پٽن ۾ ورهائي ڇڏيائين. کيس پنهنجي ماضيءَ کي صفا وساري ڇڏڻو هو. هڪ مُهر تي هن ريت تحرير ڏسجي ٿي ”هڪ راجا، جنهن پنهنجن پنجن پٽن کي راضي ڪري ڇڏيو“.  ساڳيءَ ريت هڪ تَرسدسيوَ (Trasadasyu)  جي مُهر آهي، جنهن تي لکيل آهي ته هو گناهه ڪرڻ کان لنوائي ٿو. يعني پاپا پَههَ (Papapaha)  ٿيو آهي. هيءُ حوالو مٿس لڳل هڪ الزام ڏانهن اشارو آهي، جنهن ۾ هن  هڪ جج سان غلط ڳالهه واسطي ڪو ٻانڌو ٻڌو هو. اهو جج راجا اِڪشواڪ (Ikshawaku)  هو، جنهن جج کان پنهنجي فائدي ۾ فيصلي ڏيڻ لاءِ هُن وعدو ورتو هو (وڌيڪ ڏسندا هيٺ)

7- عوامي ملامت: عوام جي همدرديءَ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش، الزام جيڪو چوڏس پکڙجي ويو هو. ڪُڌي ڪرتوت ڪرڻ تي ٻه مُهرون ٺهرايون ويون هيون، جن مان هڪ ساڳئي ترسدسيُو جي ۽ ٻي ورش (Vrsha) جي هئي. ورشَ قرباني ڪري برهمڻ سمهه (Simh) جي آڏو پنهنجي ڊگهيءَ حياتي جي خواهش ڪئي هئي. اهو به چيو هو ته برهمڻ سمهه سندس سڳو ۽ سچو پيءُ آهي. راجا ترسدسيُو پنهنجي بدنام ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ٻي مُهر جوڙائي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو، ته هڪ خوفناڪ جهنگلي جانور جون اکيون ٻن تارن ۾ کتل آهن ۽ هو انهن ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيٺ ڪيترا وڇون آهن، جيڪي ڏنگڻ لاءِ ڏانهس وڌي رهيا آهن. (ڏسندا مُهر نمبر 3)  توگرا (Tugra) واري مُهر نمبر 73  تي پڻ ساڳيو ڏيک نظر اچي ٿو.

8- عوامي رسمن جهڙوڪ عبادت گاهه ۾ ماڻهن جو اجتماع ۽ نئين ڌرم جو تعارف، پريڪشت جي مرتئي کان ستت پوءِ هڪ مندر جو تعمير ٿيڻ، مون وٽ ماڻهن جي اهڙن عام جلسن سان لاڳاپيل ٻه مُهرون آهن. اُنهيءَ زماني ۾ پَراشر (Parasara) قبيلي جي ماڻهن پاڻ کي قانوني طور برهمڻ بڻائي ورتو هو. يا جڏهن پَمپَ (Pampa) جي پنچتريڪَ (يا پرشيک Parashikha)  هڪ  نئين  ڌرم جي شروعات ڪئي هئي، جنهن کي پَنچ تَراتر ڌرم جي نالي سان سڏيو ويندو هو، ۽ شِو (Shiva) مندر به اڏايو ويو هو. ان کان اڳ ڪنهن کي ”مندر“  جي نالي جي به خبر ڪا نه هئي. (ڏسندا مُهر نمبر 98- هيٺ)

9- ڪتاب لکڻ، ڪنهن ڌرم جو بنياد رکڻ يا ڪنهن ماڻهوءَ کي ديوتا مڃڻ جو عمل  اِنهن ٽنهي ڳالهين جي باري ۾ مون وٽ مُهرون موجود آهن، جن ۾ مرڪ مهيش (Marka Mahesh)، نڪولش (Nakulisha)  ايه پن دتا ترييه (Ayyappan Dattareya) ۽  پنچشيک (Panchasikha)  واريون مُهرون به شامل ڪري سگهجن ٿيون. وياس (Viyasa) ۽ بڪشلي (Baskali)  جي ڪتابن جو لکجڻ به مُهرن ۾ محفوظ آهي، جيڪي مُهرون ڪنهن ڌرمي رسم جي بجا آڻڻ مهل اُڪيريون ويون  هيون. اَٿروَن (Atharvan) ۽ پپلاد (Pippalada)  جون مُهرون ساڳئي قسم سان تعلق رکن ٿيون، جن ۾ هڪ نئون  فڪر يا ڪنهن نئين ڌرم جي شروعات محفوظ ٿيل آهي.

10- لڏپلاڻ ڪندڙ واپارين جون پڻ ٽي مُهرون آهن.

11- ڪڏهن ٻين ملڪن جيئن ايران جا ماڻهو به هلي اچي هتي ڌرمي قربانيءَ جون رسمون ادا ڪندا هئا. هڪ مُهر ۾ ته اهو واضح طور بيان ٿيل آهي، ته ’هيءَ قرباني ايران جي بادشاهه جي حڪم تي ۽ سندس نمائندي هٿان سرانجام ڪئي پئي وڃي. ‘

12- راڪشس به پنهنجي ڌرم کي مشهور معروف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي به جتن ڪندا هئا ته سندن ڪڌن ڪرتوتن کي مُهرن ۾ عيان ڪيو  نه وڃي. بَڪ (Baka) راڪشس  پڻ ڪيتريون ئي ڌرمي رسمون ادا ڪيون هيون. سندس مُهرن تي خطاطن  ٻٽيءَ معنيٰ وارا لفظ اڪيري ساڻس مسخريون ڪيون آهن.

13-هڪ اَڻ ڄاتل ۽ اڻ ڏٺي ماڻهوءَ جا ٿورا آهن نه ته بڪ (Baka) راڪشس جي قاتل ماڻهوءَ جو ڪڏهن به پتو پئجي ڪو  نه سگهي ها. ايڪڪر Ekacakra شهر جي هڪ رهواسي اُن کي قتل ڪرڻ واري ماڻهوءَ جي چڱڀلائيءَ لاءِ هڪ ڌرمي رسم جي ملهائڻ جو بندوبست ڪيو هو.

14- فتح جي جشن جو منعقد ٿيڻ، يا ڪنهن ملڪ جي ڇڄي ڌار ٿيڻ وقت به اهڙيون ڌرمي رسمون ڪوٺايون وينديون هيون ۽ اهڙين حقيقتن کي مُهرن ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو. جڏهن هڪ ملڪ جو بادشاهه ٻيو ملڪ فتح ڪندو هو ته پاڻ کي مفتوح ملڪ جو پَتي سڏائيندو هو، جيڪا فتح جي هڪ پڪي نشاني هوندي هئي.

15- هڪ اندازي مطابق ڪي پنڊتن جون مُهرون به آهن، جن مان اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪن وڏن پنڊتن يا نالي وارن ڪن ننڍن پنڊتن وٽ به مُهرون هونديون هيون، جيڪي وٽن ثابتيون هونديون هيون ته انهن راجائن جي ڏکين ڌرمي رسمن ۾ حصو ورتو هو. انهن مُهرن ۾ بيان ڪيل ڪي نالا ته نهايت مشهور آهن، جن اهڙين ڌرمي رسمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انهن جا نالا پراڻن ۾  ۽ براهمڻن وٽ  پڻ محفوظ آهن. اهي سڀئي برهمڻ به ڪو نه هوندا هئا، انهن مان  ايلس پرڪاش  (Ailuspkarasha) به هو،  جيڪو ائلش هريجن هو. توگرا (Tugra) جنهن پاڻ کي رشي سڏيو آهي، سو هڪ مهاڻو هو، پجوَن (Pijavan) جيڪو پاڻ يوَنَ (Yavana)  هو، بڪشلي جي سماجي حيثيت اڃا به وڌيڪ اچرج جهڙي هئي. (ڏسندا مُهرون 81 ۽ 82) اهو به پڻ محسوس ٿئي ٿو ته منجهائن توگپ (Tugpa) به برهمڻ ڪو نه هو. هي ڳالهيون آهن، جيڪي ثابتيون آهن.  ته اهي مُهرون عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ هيون يا انهن جو واسطو ڌرمي ٽوڻن ڦيڻن ۽ رسمن سان هوندو هو.

 

VII

مُهرن جا ڪاريگر

                        معلوم ٿئي ٿو ته مُهرن جا ڪاريگر ويدن کان چڱيءَ ريت واقف هئا.  هيءُ اندازو هن حقيقت  تي بيهاريو ويو آهي ته  ڪرناٽڪ  مهاراشٽر ۽ ٻين جاين تي اڄ به هڪ پَٽيگَرَ برادري موجود آهي، جنهن جا فرد اصل مُهرن جوڙيندڙ ڪاريگرن جي ڪُر سان لاڳاپو رکن ٿا. انهن جا نالا ويدن واري دور جهڙا آهن، جڻيو پائيندا ۽ نرڙ تي تلڪ به هڻندا آهن پر ويشنو آهن، گوشت ڪو نه کائين. هيءَ ڳالهه فوري طور ويساهه جوڳي به ڪا نه آهي، جيڪڏهن هن خلاف ڪا حقيقت هٿ لڳي وئي ته ان کان انڪار به ٿي سگهي ٿو.  پر انهن مُهرن مان ڪي اهڙيون شاهديون به ملن ٿيون ته مُهرن جوڙڻ وارا ڪاريگر ٻٽين معنائن وارن لفظن کي ڪتب آڻڻ جا ڄاڻو هئا، جن ۾ صرف نحوَ جو اصول ڪو نه هوندو هو. اهڙيون  ٻٽيون معنائون ڀوڳ چرچي ۽ ڪنهن رمز جي اظهار واسطي رکيون وينديون هيون. ڪڏهن منجهن معلوماتي مڻيا به موجود هوندي هئي. ان کان علاوه اهي مُهرن جا ماهر ڪاريگر کتري هئا ۽ راجائون سندن ويجها مٽ مائٽ هوندا هئا. ڪي مُهرون اهڙيون به آهن، جن ۾ لکيل سخت قسم جي طنز کي مان سمجهائي سگهڻ جي لائق ڪو نه آهيان. ان  جو مثال وِڪِڪُشي ششد (Vikukshi Sasada)  مُهر نمبر 88 آهي. راجا وِڪِڪُشيءَ جي مرتئي سان لاڳاپيل هڪ مُهر ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ سندس جوانيءَ جي ڪنهن خواريءَ جي نشاندهي ڪيل آهي. جنهن لاءِ اُن ۾ هُن جي دماغ وارين رڳن کي ٻڌل ڏيکاريو ويو هو. ان مان مراد اها ورتل آهي، ته جڏهن سندس ڀاڳ وريو ته سندس اهڙيون اوڻايون پٺيءَ ڀر اُڇلايون ويون ۽ سندن مڙني اهڙين اوڻاين هوندي مٿس راجائي ڇَٽُ رکيو ويو.

                        هن حقيقت ڏانهن به ڌيان ڌرڻ ضروري آهي ته راجائي محلاتن ۾ جيڪي واقعا ٿيندا هئا، تن لاءِ مُهرن جي ڪاريگرن جون اکيون ڪيڏيون نه کليل هونديون هيون. سندن اهڙيءَ ڏاهپ کي سمجهائڻ به ضروري آهي. انهن مان ڪي سُگهڙ به هوندا هئا، وڏا ڄاڻو هئا ۽  مُهرن تي تحريرون اُڪيرڻ ۽ ٺاهڻ جا ماهر  هئا. اهي عام حقيقت جي اظهار لاءِ ڪي حقيقتون مخفي معنيٰ سان لڪائي ڇڏيندا هئا. 

منجهانئن دوارڪا جون ڪي واضح لکتون آهن ۽ مُهرون به مڪمل ٿيل ڏسبيون. اُنهن ۾ ڪتب آندل ٻولي پراڪرت جي اوڏي آهي ۽ ان جي ساڳيائپ سنسڪرت  سان به آهي. گهڻيون پوري نموني جوڙيل به ڪو نه آهن. ترَسَدَسيو جون مُهرون ڏنگيون ڦڏيون آهن، پر منجهن فن جو وڏو اظهار ڏسجي ٿو. رات جي پهريدار گُرڌ (Garuda) سان لاڳاپيل مُهر جو واسطو به ڪاريگر دوارڪا سان آهي جيڪا فن جو هڪ نادر  نمونو چئي سگهجي ٿي. بڪ جي مُهرن  مان سندن وڏو سماجي رتبو نظر ايندو، ان سان گڏ مُهرن جي  ڪاريگرن جي ٻٽين معنائن وارن لفظن جي استعمال جو اوج ڏسجي ٿو. عام طور تي ائين ٿيندو هو جو قرباني ڏيندڙ نه ڄاڻندو هو، ته سندس نالي کي مُهرن وسيلي ماڻهن ۾ پڌرو ڪيو وڃي. ان ناتي اُها  لِڪَ هن قسم جي هڪ ڏاهپ  سمجهي ويندي هئي. ان کان علاوه ڪاتب جڳهه بچائڻ جي نقطي نگاهه کان ڪو اهم اکر ئي لکي ڇڏيندا هئا. مثال طور مهامهي (Maha Mahi) واريءَ مُهر ۾  م (M)  جا ٻه اکر آهن، جنهن مان اسان کي اشارو ملي ٿو ته اهو  هستناپور جي راجا ڏانهن اشارو هو. ٻي مُهر (نمبر 38)  ۾ ڀدرپ  قرباني ڏيندڙ (Bhadrapa)   جو ڳجهو نالو ڏٺو وڃي ٿو ۽ مُهر جي ساري جڳهه والاريو  بيٺو آهي ۽ اُتي اسان کي هڪ جيت جهڙي نشاني نظر اچي ٿي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس تعلق ڪريوي  (Krivi) سر زمين سان آهي. هيءَ فڪري فن هو، ان کان سواءِ ڪي ٻيون مُهرون آهن، جن تي پهريدار ۽ گُرڙ جون شڪليون ٺهيل نظر اچن ٿيون، جيڪي منفرد حيثيت  رکن ٿيون ۽ مختلف اڻ چٽين نشانين ۾ پڻ خاص چونڊ لڳن ٿيون. ترسدسيو جي مُهر پڻ اهڙو مثال پيش ڪري ٿي، جنهن جي اکرن ۾ اهڙو تصويري نقش چٽيل آهي،  جو محسوس پيو ٿيندو ته اهو ڏيک رات جي پيش قدمي آهي. شايد هي نظارو ان حقيقت سان واسطو رکي ٿو،  جڏهن کيس ديوو دس  Divodasa  جي بَندَ مان نجات ملي هئي. هي هر نقطهءِ نگاهه کان اعليٰ رتبي جو فن آهي، پر ان جو فقط اِشاريه اکرن سان واسطو  آهي.

                        مُهرن جي بناوت جو طريقيڪار اهو آهي، جيڪو ويلر (Wheeler) جي لفظن ۾ ان مختصر نموني ٻڌايل آهي، ۽ بهتر لڳي رهيو آهي. اسين ان ۾ فقط ٿورو مناسب واڌارو ڪنداسون ته ويلر، سرجان مارشل جي ڳالهه کي دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اها لکت اصل ۾  ٺڪر  ۽ چينيءَ جي ٿانون تي لکي ويندي هئي. منهنجي خيال ۾ ٻنهي جو هي نقطهءِ نظر اڻ پورو آهي. انهن مُهرن جو شاهي پس منظر،  بهترين فن لاءِ سٺو معاوضو، ويدن جي معلومات، شاهي محلاتن ۾ ٿيندڙ سياسي ڪار گذاريون ۽ هيٺ  مٿاهيون ۽ معزز شهرين، اهم سرڪاري ڪامورن ۽ شهري زندگيءَ جي حرص ۽ حوس جي ڄاڻ، ٻين ملڪن جي ماڻهن سان واسطا، عالمن ۽  رشين  سان ڏيٺ ويٺ، مُهرن جي عبارتن ۾ اها سرت وغيره نظر اچي ٿي. هنن ڳالهين مان پتو پوي ٿو،  ته مُهرن جي ڪاتبن جو تعلق سکئي ستابي وچولي طبقي سان هو. ان کان علاوه هو پنهنجيءَ ڪلا ۾ سُوڌا ۽ سڄاڻ هئا، تنهنڪري کين پنهنجي سماجي رتبي جو ڀليءَ ڀت پتو هو. هتي ان لاءِ هڪ اهڙي مُهر به موجود آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مُهرن جا  ڪاريگر ڌرمي ضرورت پوري ڪري رهيا آهن پر ان مُهر کي اسان ڌاتوءَ جي ڪاريگرن جي گروهه ڏانهن منسوب ڪرڻ ۾ اوليت ڏيون ٿا (ڏسندا پتريڪ (Patrika)  مهر نمبر 91).

                        اهڙين مُهرن جوڙڻ ۾ نديءَ جي چيڪي مٽي ڪتب آندي ويندي هئي. هندستان اندر ڳُڙ (Jaggery)  کي گاري جي هڪ جُزَ طور ڪتب آندو ويندو هو. هاڻي اهو دور  آهي جنهن ۾ هر شيءِ جو ڪيميائي تجزيو ڪري  حقيقت کان آگاهي حاصل ڪئي پئي وڃي. ممڪن آهي ته سڪرور (Sucrore) ڪمند جي رس  جو تجزيو  ڪري دور جو تعين ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪپهه سان مٽي ۽ ڳُڙ ملائي استعمال ڪبو ته وڌيڪ جٽادار  ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت جڏهن مٽيءَ جو پنوڙو ٺهي جڙي راس ٿيندو هو، ته پهريائين گهوڙي يا ڪنهن ٻي جانور جي مورتيءَ مان ٺپيو ويندو هو. ان کان پوءِ گول قسم جي ڊگهين مُهرن جو مجموعو آهي، جنهن کي وِيلَرُ ڪنجهي جو آئينو ڪوٺي ٿو. انهن تي پڻ الف، ب جا کرچيل نشان اکر طور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪلا سان لاڳاپيل اهڙين شين تي هٿ سان اُڪريل نشان اکر طور ڏسجن ٿا. انهن جا مختلف قسم مثلاً جانورن جون شڪليون متعارف ڪرايون ويون آهن، پر انهن جي سونهن سنجٽ ڪجهه نرالي آهي. ان کان پوءِ اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته ٺپجڻ کانپوءِ وٽين ۽ پاسن تي جيڪا اجائي واڌو مٽي رهجي وئي، تنهن کي ڪلاونت ڪوري صاف ڪري ڇڏيو آهي. عام طور تي اهڙو ٺپو گول شڪل جو ۽ سنهو نظر اچي ٿو نه ته ويلر ان کي آئينو ڪو نه سمجهي ها. وِيلَرَ جي بيان مان پتو پوي ٿو ته مُهرن تي وچ ۾ تصوير آهي  ۽ اُتي الف – ب جا نشان يا اکر تمام گهٽ آهن. هن قسم جو تفصيل نهايت اهم به آهي.  ڪنهن پوئين دور ۾ اسان کي ”ج“  جهڙو اکر نظر اچي ٿو. بَڪ (Baka) جي هڪ اڻ پوري مُهر آهي، جنهن ۾ نظر اچي  ٿو ته مُهر جو  ڪاتب چاهي ٿو ته اکر جي مادي کي ٿورو موڙ هئڻ کپي، جنهن کي پنهنجي ڪپ سان ڊاهڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر اها مُهر اُن هوڏي ڌڻيءَ کي ڪا نه وڻي ۽ ڪاريگر کي موٽائي ڏنائين ۽ ڪاريگر به ان کي جيئن جو تيئن اڻ پورو ڇڏي ڏنو آهي. (ڏسندا: مارشل-56) هن کان علاوه ٻي مُهر به آهي، جيڪا پڻ اڻ پوري آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪو ٽيڪنيڪل  مونجهارو نظر اچي ٿو، اها هڪ وڏي مُهر آهي،  منجهس گهوڙي جي هڪ خوبصورت تصوير آهي، جنهن تي زيبرا جهڙا پٽا ڪڍيل ڏسجن ٿا. نظر ائين اچي ٿو ته ڪلاونت پنهنجو سارو ڌيان گهوڙي تي ڏنو آهي ۽ کيس اها سرت ئي ڪا نه پئي ته مُهر سُڪي ويندي ۽ اکر ٺپڻ لاءِ ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. هڪ ٻي مُهر آهي، جيڪا ٺهندي سُڪي وئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اُن ۾ ڪپهه استعمال ڪا نه ڪئي  وئي آهي . (مثال طور ڏسندا: نمبر 23) هن مان معلوم ٿئي ٿو ته مُهرن جي ماپ کي گهٽائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي آهي . ”ج“ اُچار جي تاثر ڏيڻ واسطي مُهرن جي ڪاريگر lye جي مشهور اُچار  کي ڪم آندو آهي. انومان آهي ته قرباني ڏيڻ واري جو نالو ماڻهن کي زباني ياد هو ۽ مُهر جي واسطي ڪاتب کي پنهنجي مرضيءَ مطابق آزاد ڇڏيو ويو آهي. هن پنهنجي پورهئي کي گهٽائڻ واسطي انگ استعمال ڪيا آهن. جيئن پنچ جنهن کي هن ”پن“ ڪري لکيو آهي. ترسدسيو کي هن پڻ انگن جي صورت ۾ ’ٻارنهن‘ لکيو آهي ۽ چئن قطارن ۾ ونڊيو اٿائين. ان کي پهريائين چَتُشڪ (Chatushk)  ڪري پڙهي سگهي ٿو، پر پوءِ  آندل لفظ جي آواز مان پتو لڳائي سگهجي  ٿو ته ان جي صحيح پڙهڻي ڇا ٿي سگهي ٿي. ساڳيو مثال دوئي پاين وياس (Dwaipayan) جو آهي، جنهن کي لکڻ لاءِ ٻه ننڍيون ليڪون ڪتب آنديون ويون آهن. ان کان پوءِ وري پنج ننڍيون ليڪون ڪڍيل آهن، جن جي معنيٰ  ”(پنچ) پَنَ“ آهي،  جن جي وچ تي پيالي جي شڪل جهڙي مشهور حرف علت آهي، ان سان س s، ث s ۽ ش  s’ اچار جو مسئلو حل ٿيل آهي. جنهن لاءِ ڪاتب پٽا وينجن طور ڪتب آندا آهن ۽ سڄي اُچار جي اظهار کان  پاسو ڪري ويو آهي. هن مان اشارو ملي ٿو ته سندس حافظي ۾ موجود اهڙيون هدايتون آهن، جي کيس روايتن ورثي مليل آهن. جيڪي مُهر تيار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ان کي اڌوگابرو لکي ڇڏي ٿو. هن ڦيٿي جهڙي هڪ  علامت کي  به تمام گهڻو ڪتب آندو آهي. جنهن جون پندرهن مختلف معنائون آهن، يعني اڳتي سان هڪ معنيٰ، پٺتي مان ٻي معنيٰ ۽ هيٺ  مٿي سان پڻ جدا معنائون نڪرن ٿيون. اِن طرح هيءَ علامت منجهائيندڙ آهي. هن ڪتاب جي پڙهندڙ کي پڻ اچرج ٿيندو ته هن علامت جون پڪش (Paksha)، ڪشپ (Kashapa) ،  پٽ (Pata) ۽ پرش (Parasha)  جون مختلف معنائون ڪيئن ۽ ڇو ڏنيون ويون آهن. هي مُهرون انهن ماڻهن لاءِ بامعنيٰ هونديون، جيڪي واقعن ۽ واقعن سان لاڳاپيل ماڻهن کان واقف هوندا هئا. مُهرن جي ڪاريگرن کي اهڙو اير ڀير ڪو نه هو ته ويهين صديءَ جو ڪو محقق آڌيءَ جو قنديلون روشن ڪري سندن پراڻي دور جي سهيوڳي راجائن، راڄوڙن، راوتن ۽ راڻن جي معلومات حاصل ڪرڻ واسطي ويٺو نور نچوئيندو ۽ مٿو کپائيندو.  ان دور جا ڪاتب اکر لکندا هئا، جن ۾ سُر آواز (حرف علت)  موجود ئي ڪو نه هوندا هئا.  ان کان پوءِ ورڌيءَ طور هڪ يا ٻه ننڍيون ليڪو لکندا  هئا، ان مان اهو پتو ڪو نه پوندو هو ، ته ڪهڙو وينجن ”اَ“ A آهي ۽ ڪهڙو آ Ā جي نمائندگي ڪري ٿو. مثال طور ڦيٿي جهڙي هڪ مشهور معروف علامت آهي، جا پنهنجي شڪل  صورت ۾ وينجن جو دُت اکر آهي، جيڪو ٽن آوازن ڀ، ڪ    ۽ ش يا ٻن پ ۽ ٽ يا حرف علت (سُر آواز) اَA  يا آ  Ā جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن پٺيان ٻه ننڍيون چهنبون نظر اچن ٿيون. اها ڳالهه پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي، ته هُو  ان کي پڪش، پڪاشا، پَڪَ آشا يا پڪشا پڙهي. وري ان کي اُبتو به ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي پڙهڻي شَڪش وغيره به ٿي سگهي ٿي. ان کي وري ٽئين نموني جي پڙهڻي به آهي، جهڙوڪ ڪَش وغيره، ان هوندي به نظر ايندڙ ورڌي نشانيءَ جو ڪم .اِ، اَ، آ سُر آواز وارا هوندا آهن. اهڙي قسم جي اُبتاڻَ ۽ سُبتاڻَ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوشش ائين ڪئي ويندي، جهڙيءَ ريت مُهرن ٺاهڻ واري ڪاريگر ان کي مفهوم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي  هجي. تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هن جي سمجهاڻي ائين آهي، ڄڻ ته ڪيئي متضاد شيون اچي هڪ جاءِ تي گڏيون آهن. پر ڪاريگر جي سوچ ۾ وڌيڪ ممڪن معنيٰ دوارڪا جي شاهي محلات جو دربان ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن ناتي هو مُهرن ۾ فقط ”دوارڪر“  يعني بُنياد جا لفظ ئي ڪم آڻي سگهي ٿو. باقي جاءِ جي اصل نالي جو اندازو لفظ جي اصل ٻي آواز مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. هن بسيارگوئي  جو خراب مثال وِڪوڪشي ششد (Vikukshi Sasada)  جي موت واري مُهر ۾ ٻٽن معنائن وارو لفظ آهي. هتي مُهر جو ٺاهيندڙ پڙهندڙ کي ٻڌائي ٿو، ته  هو جڏهن ننڍو هو ته هن ڀڪش واري ڏينهن سهڙ کاڌو ۽ کيس تنبيهه ڪئي وئي هئي.  اسان اڳيئي ڪن سٺن مثالن جو ذڪر ڪري آيا آهيون، جتي اکرن جي صورت ۾ مختلف جذبن جو اظهار ڪيو ويندو آهي. رُرُو (Ruru) واريءَ مهر ۾ ٻِٽي ”ر“ جو استعمال  ڏسجي ٿو ۽ ٻَئي ”ر“  پاڻ ۾ ائين گڏ بيٺيون آهن، جهڙيءَ زال ۽ مڙس پاڻ ۾ گڏ هجن (ڏسندا، مهر 84).  اسان ڪٿي رات جي پيش قدميءَ جو ذڪر ڪري آيا آهيون. جنهن جو ان واقعي سان واسطو آهي. جڏهن ترسدسيو/ترس داسيه غلاميءَ مان جان ڇڏائي، وٺي ڀڳو هو. ڏسڻ واري کي ڏيک جي ڪلا ۽ اکرن جي روشي ۽ پاڇن جي ڇڏيل تاثر ۾ اهڙو ويساهه ڪرڻو پوندو. اهڙي ڏيک جو هر هڪ نشان فقط اکر آهي. هن ڳالهه ڏانهن به اشارو ڏنو ويو آهي، ته مهامهي (Mahamahi)  واريءَ لُهر ۾ ٻٽو ”م“ آهي. سوچي سمجهي انهن کي اهڙيءَ ريت بيهاريو ويو آهي، ڄڻ ٻه هاٿي سلام ڪري رهيا آهن. جنهن جو مطلب هستناپور  آهي. هر ڪو ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، ته قرباني ڏيڻ وارو مُهرن جي ڪاريگرن جي اهڙيءَ ڏاهپ کان خوش هوندو هو. مُهرن جي هنن مهان ڪاريگرن واسطي اهڙو پورهيو نهايت عزت ۽ آبروءَ وارو هوندو هو. اهي وقت جا ڄڻ ته شهنشاهه هوندا. وقت جي حڪمران کي عزت ڏيڻ يا کين پوپٽرن ۾  بي عزتو ڪرڻ سندن ڏائي هٿ جو کيل هوندو هو. رات جي پهريدار ۽ گُردَ  وارين مُهرن کان سواءِ دوارڪا جون مُهرون سونهن کان وانجهيل هيون، پر اتان جي مُهرن جي اکرن ۾ يڪسانيت ضرور هئي. ڏسندڙ هڪدم اندازو ڪري سگهندو ته وٽن اهڙا بهترين ٺپا هوندا هئا. گردَ وارين مُهرن ۾ مين (enamel) جي استعمال واري وڏي ڪلا به ڏسجي  ٿي. اهو  چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته ڪاريگرن اکرن ۽ گهوڙي تي مِينَ لاءِ ڪهڙو مسالو ڪم آندو آهي. اندازو آهي ته گدامڙي، پاڻيءَ ۾ ڀڄائي مٿان کل لاهي، اندرئين ڳڀ کي سنهون گهوٽي اَٽو ڪري، ليئي ٺاهي، منجهس کئونر ۽  ريگ مِلائي، اها استعمال ڪئي وئي آهي. هن کان علاوه ترسدسيو ورش (73)  يا گرودَ وارين مُهرن تي به مِينَ  چاڙهڻ ۽ انهن کي چمڪائڻ ۾ ڪنهن فن ۽ ڪلا جي ضرورت آهي. علامتي نظاري جي خوبصورتيءَ واسطي مان اوهان جو ڌيان ماءُ، پکي ۽ انهن جي  ٻچڙن ڏانهن ڇڪائيندس، جيڪي پنهنجي پيءُ جي مقبري وٽ ڏاڍي ادب   ۽ احترام سان بيٺا آهن. مُهر 36 جو هر هڪ نشان اکر آهي، جنهن جو واسطو ننڍڙي معذور ٻار سَگَرَ (Sagara) سان آهي.  

                        ان کانپوءِ اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي، ته گهوڙي جي جسم تي کرچ- نشان ڪهڙيءَ ريت ڪڍيا ويا آهن؟ جيڪڏهن اهي ڪنهن چاقوءَ سان ڪڍيل آهن يا لکت جي اهڙي ڪا طرز وغيره آهي ته پوءِ اها ته اچرج جهڙي ڳالهه آهي. معلوم ائين ٿيندو ته  نڪولس (Nikulisa)  جي مُهر 90 ۽ 93 ڄڻ  پڪاسوءَ جي ٺهيل علامتي تصور واري پئي  محسوس ٿيندي. ائين پيو لڳندو ڄڻ ته جيئرو جاڳندو نور (Wongoose) ۽ ننڍڙي  مئل ٻار جو لاش گهوڙي جي خاڪي اندر هوريان هوريان جذب ٿيندا پيا وڃن. کرچ جا اهڙا نشان پڻ اسان جي سمجهاڻيءَ جي پٺڀرائي ڪن ٿا.

                         فن ۽ ڪلا جو هيءَ ڪهڙو نمونو آهي؟ ڇا اها ڪلا آهي؟ يا هيءَ هڪ ڪم ڪرڻ جي مهارت آهي؟ هن لاءِ اسان ڪا سڌي سنواٽي وراڻي ڏئي ڪو نه ٿا سگهون.  اتفاق سان اسان وٽ يورپ واريون نقل پسند روايتون موجود ڪو نه آهن. علامتن وارو فن ۽ ڪلا هاڻي لاشعوري جذبن جي اظهار جهڙي مڃتا ماڻيندي پئي وڃي. هن ناتي اسان کي عام روايتن کان منحرف ۽ انوکي قلمڪار ڊبليو. بي. ييٽس (W.B.Yeats)  ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو. بازنطيني دور جي غلامانه فن ۽ ڪلا، ايراني غاليچي، خطاطيءَ جي فن ۽ مذهبي دور جي پنهنجي شخصي اظهار جي طرز تي به ويچارڻو پوندو. ان لاءِ اسان کي سٺن ڪتابن  ۽ ڀلوڙ مصنفن جو اوسيئڙو ڪرڻو پوندو. جڏهن اسان پنهنجي چوڌاري اهڙيون ڳالهيون محسوس ڪيون پوءِ اسان ڪنهن جو انتظار ڪو نه ڪنداسون. اهي جذبا اُن ڪلاڪار جي شعور بابت پنهنجو فيصلو پاڻ ڏئي سگهندا،  جنهن جو اظهار اهو مذڪوره فن آهي، ڏسڻ ۾ ته اهو هڪ غلامانه فن آهي. پر وٽس هڪ مقصديت آهي، جهڙوڪ: قرباني ڏيڻ واري جو نالو ڏيڻ يا اُن جي گهراڻي جو لقب لکڻ وغيره، يا گرجا گهر جي درين کي رنگ ڏيڻ. فن بابت اسان جو نظريو، تنگ، مخصوص ۽ شخصي تهذيب مائل آهي،  جنهن جي وچ ۾ اسين گذاريون ٿا پيا. هن باري ۾ اسين فقط ايترو ڪري سگهون ٿا، جو مختلف قسم جي وڌيڪ جامع ۽ وسيع طرز، زندگي ۽ طرز  فن کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڊگهو انتظار ڪريون. اسين اڳي ڪٿي اهو اشارو به ڪري آيا آهيون، ته مُهرن ٺاهڻ وارا ڪاريگر غلام ڪو نه هئا. ڇاڪاڻ ته سندن پورهيو ڪنهن خاص مقصديت سان لاڳاپيل هوندو هو. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ انهن مُهرن جو پڙهجي سگهڻ وڌيڪ سولو به ٿي  پوي ها ۽ ڪنهن جذبي جي ور چڙهيل نه هجي ها.

 

 

VIII

لکت ۽ ٻولي

                        هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر ايس. آر راءِ جي ڏنل ”الف، ب“  جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جيڪا هن تازو ميميوگراف LWIVP ۾  (جنهن ۾ ڪجهه واڌارا به ڏنا ويا آهن). پر هن جيڪو ان لکت جي اصولي مطالعي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، تنهن سان آءٌ اختلاف رکان ٿو. سندس خيال آهي ته مذڪوره لکت ۾ ڪم آندل  ٻولي سنسڪرت آهي.  منهنجو خيال آهي ته اها ٻولي سنسڪرت نه پر انڊو- يورپين ٻوليءَ جو ڪو لهجو آهي.  جيڪو مُهرن جي پڙهڻين مان به گهڻو ڪجهه ثابت ٿي چڪو آهي. هنن مُهرن جو تعلق ويدن واري دور سان آهي، جن ۾ ڪم آندل ٻولي عالمن جي نقطي نظر موجب ويدن واري سنسڪرت (آرش Arasha)  آهي.  اسان جو انومان  آهي ته ويد يا انهن جا ڪي حصا هٿرادو  جوڙيل ڪنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا هئا، جنهن کي اسين عام طور تي ”ويدن واري ٻولي“ سڏيندا آهيون. جيڪڏهن اها حقيقت آهي، ته پوءِ اهو ڪم  ضرور وياس ۽ سندس ساٿين جو هوندو ۽ ان ۾ سندن مقصد ٻوليءَ جي لهجي جي مونجهارن کي دور ڪرڻ هوندو. اهو به امڪان ٿي سگهي ٿو ته ويدن جي ڪٿي ڪا لکت ايڏي صاف ڪا نه هوندي، تنهنڪري  هُنن اصلي لکڻيءَ کي تبديل ڪري ٻي ڏني، جيڪا بهتر يا صاف هئي. مثال طور  پپلاد (Pippalada) جي  مُهر واري لکت  اُتر ڪشميري لهجي جي ويجهو آهي ۽ انهن جو لفظي پڇاڙيون موجوده دور جي روسي ٻوليءَ جهڙيون آهن.  گهٽ ۾ گهٽ گهراڻي جي لقبن جي نالن جون پڇاڙيون ته اهڙيون ئي آهن. اهو اصلي نالو پپلش (Papalsha) آهي. ٻٽي آواز ۾ نالو پپلاد (Pippalada) ٿيو آهي. (يعني ”ٻيرن  کائڻ جو شوقين“). ٿي سگهي ٿو ته اها سندن پر زور خواهش به هجي، ته کيس هڪ عام مشهور نالي سان سڏيو وڃي. اهو به امڪان آهي ته ان نالي کي سنسڪرتي صورت پُراڻن واري دور ۾ ڏني وئي هجي. اسان انهيءَ جي پٺڀرائي ڪئي آهي ته اها پپلاد واري مهر جي پڙهڻي آهي جيڪا سندس گوتر (Gotra) مطابق آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو هڪ غير معروف ماڻهو ائيلس (Ailsa)  هجي (مهر 77). پر اهڙو امڪان گهٽ آهي. گهڻيون مُهرون اهڙيون آهن جن ۾ مقامي لهجو ڪم آندو ويو آهي. اسين ائين اڳ چئي آيا آهيون ته مُهرن جا ڪاريگر، مُهرن جي تحرير ۾ ڪيترو نه آجا ۽ بااختيار هئا، ۽ بي ڍنگن نالن ۽ انهن جي گهراڻن جي لقبن کي ماڳهين تبديل ڪري ڇڏيندا هئا. گهڻا نالا ته دراوڙي آهن، ان مان ”الف ب“ جا ڪيترا اکر دراوڙي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن،  جنهن جو مثال ائو (Au)  جي آوازي نشاني آهي). اهي ڪاريگر  پنهنجو ڪم جهٽ ۾ اُڪلائي وٺندا هئا. سارو ڪم، مهر جي تيار ٿيڻ ۽ سُڪڻ واري وچين ٿوري وقت ۾ پورو ڪرڻو هوندو هون. هيءُ هڪ خاص نوعيت جو ڪم هو،  ۽ مُهرن جا ڌڻي پنهنجي نالن جي مختصر هجڻ واريءَ ڳالهه کان پڻ ساڻن خوش هوندا هئا. پر جيڪڏهن سندن نالا غلط هوندا هئا ۽ وينجن ۾  ئي بدل سدل ٿي ويندي هئي ته لِپِيڪار ڪاتب اهڙين تبديلين ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. ۽ اهڙيون تبديليون ڏاڍيون مزيدار به هونديون هيون (ڏسندا تعمير ڪيل پهرئين شِو مندر جي مهر نمبر 96)، جنهن ۾ ڪاتب پهريائين  ڪَئڪ (Kaiki) جو لفظ لکيو آهي، پر پوءِ ننڍڙي تبديلي ڪري ڪَ (ka) جو آواز وَ (wa) ۾ ڦيرائي ڇڏيو آهي پر ان ڦير گهير ۾ گهڻو سوڀارو به ڪو نه ٿيو آهي ۽ ساڳئي آواز کي مَ (Ma)  ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اٿس. اها بلڪل نئين قسم جي تبديلي آهي، ٻين 99 مُهرن اندر ”مَ“  هڪ ڊگهو ۽ آجو آواز ڏسجي ٿو،  جيڪو لکڻ واري ساريءَ جڳهه کي والاريو بيٺو آهي ۽ هتي اهو ”الف“  جي هڪ ٻانهن تي چڙهيو بيٺو آهي. بدليل صورت ۾ هڪ ننڍڙو اکر پيو لڳي، هٿ سان اُڪيريل آهي، جنهن تي ڊاهڻ جا نشان به  ظاهر بيٺا  آهن. اهو ائين ڪيئن ڪندا هئا؟ ”اَر دال (Ardal) هڪ کئونر آهي، جيڪو گدامڙيءَ جي ٻج کي گهوٽي تيار ڪيو ويندو  هو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ ڪم ايندو هو.  جيڪڏهن ڪي ننڍڙيون ۽ معمولي قسم جون غلطيون هونديون هيون، سي ڪُرڪِي ڪِنجهي قبول ڪيون وينديون هونديون. ڇاڪاڻ ته مُهرن جو ڪاتب ” ار دال“ وسيلي ڪيل اصلاح جي جٽاءَ بابت مُهر ڌڻين کي يقين  ڪو نه ڏياريندو هو.  ڪولونَ جي عالمَ جانيرٽ (Janert)  جو خيال آهي ته هندستان جي هيءَ لکت ڄڻ ته اشوڪ دور سان تعلق رکي ٿي. اِن ۾  هو شايد  سنڌو- ماٿر جي مُهرن کي وساري ويٺو آهي. وڌ ۾ وڌ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اڳتي وڌيل برهمي لکت جي صوتياتي طور اڻ پوريءَ سنڌو لکت جي رواج کي هٽائي ڇڏيو هجي. پاڻڻيءَ (Panini) مُهرن جي اڳينءَ لکڻيءَ کي  طَنز ۽ نفرت وچان ائين بدلائي ڇڏيندڙن کي ڌڪار وچان ”لِپِيڪارس“ (Lipikaras)  سڏيو آهي. اسان جو انومان اهو به آهي ته سنسڪرت پنهنجي ”الف، ب“ ۽ گرامر جي  نقطي نظر کان ٻيءَ صدي قبل مسيح ڌاري تڪميل  تي پهتي هوندي. ان وقت کان پوءِ مذڪوره ”لپيڪارَ“ اصلي اڳين لکت ڪم آڻيندا رهيا هئا، توڙي جو اها گهڻو وقت اڳ  متروڪ ٿي چڪي هئي. هڪ صدي کن پوءِ انهن لپيڪارن کي سڪندر پاڻ به ڏٺو هو. لپيڪارَ پنهنجي ڌنڌي جا مها ڄاڻو هئا. ان مقصد واسطي قديم لکت ۾ ننڍڙي هجي وارو مختصر نويسيءَ وارو طريقو نهايت مناسب هو، جنهن کي نهايت ٿوري وقت اندر جوڙي لکي پورو ڪرڻو پوندو هو.  پٿر جي اُڪير ڪرڻ واري ڪاريگر کي اهڙي ڏکيائي ڪا نه هئي. مُهرن جي لکت، هجي ۽ ان جي ساخت تي دارومدار رکندي. هتي جيڪا انگريزيءَ سان ڪجهه هڪجهڙائي به ڏٺي وڃي ٿي، يعني انهن ۾ آواز جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ساري هجي جي روشنيءَ ۾ سُر آوازن جو هجڻ اضافي موجودگي هوندي آهي. اهو به ڏسڻ ۾ ايندو ته مُهرن واريءَ لکت ۾ ي ”اِ“  بدران اَ (A) به ڪم ايندو هو. اڄ به مان سنڌين کي دليپ (Dilip) کي دَليپ (Daleep)  اُچاريندي ٻڌندو آهيان.. * پر هيءَ لکڻي انگريزيءَ جيان غير منطقي ڪا نه آهي، جو منجهس رَفِ، ڊَؤ ۽ فاٽ  dough, rough) ۽ (fought جهڙي غير منطقي هجي.  صوتياتي نقطي نظر کان هڙاپا  (سنڌُو) لکت وڌيڪ منطقي آهي. مکيه ڏکيائي ڦيٿي جي نشانيءَ کان سواءِ، جنهن جا آواز P,K,S  يا P,T.A گهڻا پيچيده  به آهن، ’پيالي‘ جي شڪل جهڙي نشاني به آهي. جنهن جا آواز I, Y , E, U  وغيره آهن ۽ اُهي به اُبت سُبت  لاءِ،  به ڪم اچن ٿا. ۽ ان لاءِ ”لپيڪارَ“ (مُهرن جا ماهر) متن ۾ گهڻا اشارا به ڏيندا آهن، يعني مختلف قسم جون ليڪون ۽ منڌيئڙا ڏَئي ان ۾ ڪيترا اضافا به ڪندا آهن. پر اهو طريقو ڪنهن بنياد تي اصولي طور هميشه لاءِ ڪم آندو نه ويندو آهي.  اهڙي قسم جا مونجهارا  ٺَپَن  جي محدود هجڻ ڪري هُنن لاءِ اَڻٽر ٿي پوندا هئا. لپيڪارن وٽ هڪ يا ٻه گول قسم جا ٺپا هوندا هئا، جن جي وچ تي جانور جي شڪل جو ٺپو هوندو هو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪجهه ٺپا هوندا  هئا، جن تي ”الف، ب“  جي سُر آواز جا، ڪي نشان مثلاً  اَئي (Ai)  ۽ اَئو (Au) لاءِ به ڪم ايندا هئا. ڪم ۾ وڌيڪ سهوليت  وارا نشان، ٺپي جي ڪناري وارا هوندا هئا، جيڪي اڪثر ڪم ايندڙ وينجن ۽ سُر  آواز لاءِ هوندا هئا. لپيڪارَ پنهنجي ساري ذهني صلاحيت اکرن جوڙڻ  ۾  ڪم آڻيندا هئا، جن سان گڏ ڪي سوليون نشانيون ۽ انگن واريون نشانيون  به هونديون هيون . انگن کي لکڻ لاءِ چُهنبن (ننڍڙين ليڪن) جو استعمال عام هو. مثلاً پنچال جي راجا لاءِ پنج چهنبون ڪتب آنديون وينديون هيون. ترسدسيو/ترس داسيه جي نالي لاءِ ڪم ايندڙ نشانين تي اسين مٿي تبصرو به ڪري چڪا آهيون. ڪاتبن اِ ۽ اُ  جو اُچار تمام گهٽ ڪتب آندو آهي. سُر آواز ”اِ“  لاءِ اُڀي ننڍڙي ليڪ ڪم آندي ويندي هئي، جڏهن ”اُ“ اچار لاءِ هيٺ وريل ليڪ استعمال   هيٺ هئي، پر اُهي لکيل اکر جي وچ تي ڏنيون وينديون هيون. اهڙين نشانين لکڻ مهل خبرداريءَ کان ڪم ورتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪاتبُ اهڙين نشانين کي وري ٻين مقصدن واسطي به ڪم آڻيندو هو ۽ ٺپو صليب جيان اُڀو آرپار  (Cross Wise) جهلڻو پوندو هو ۽ اهڙيءَ ريت ٺهندڙ ڪُنڊ ۾ ڪا سُونهن سيبتائي نظر ڪا نه ايندي  هئي.  سُونهن ۽ سَنجٽَ واري طرز اکرن واريءَ جڳهه کي آرپار ڪاٽي ڇڏيندي هئي. تنهنڪري لکت ڪجهه قدر بي ترتيب ٿي ويندي هئي ۽ ان ڪري لکڻيءَ جي سلسلن ۾ گهاري پئجي ويندي هئي. جيڪڏهن اَسين تَرَسَدَسيوُ/ترس داسيه  جي رات واري پيش قدميءَ واري ڏيک کي نظر ۾ رکنداسون، ته ساري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. هنن هڪ سَو مُهرن  ۾ اصلي ’Iِ‘ ۽ ’آ‘  (u) جو اُچار ڪٿي به چئن پنجن ڀيرن کان سواءِ اک تي ڪو نه چڙهيو آهي. اهو ساڳيو اصول آهي، جيڪو انجنيئرن وٽ  ڏسجي ٿو، جنهن مطابق ٽيڪنيڪل رپورٽ ۾ ويهن تائين انگ جي هِجي لکندا آهن. ۽ ويهن کان مٿي اصلي انگ لکيا ويندا  آهن. هن ۾ پڙهڻيءَ جي سُونهن کان سواءِ ٻي ڪا به خوبصورتي ڪا نه هوندي آهي. هڙاپا جي لکت ۾ عام طور تي ڏيک جي مقصديت هوندي آهي. اها وصف هن ۾ به هئڻ ضروري هئي. هندستان ۾ هن قسم جي اڻ وڻندڙ پڙهڻيءَ کي خاص مقام آهي. اسين ڄاڻون ٿا ته جادوئي ٽوڻي ڦيڻي سان لاڳاپيل مُهرن جا اکر ڄاڻي ٻجهي ڏنگا ڦڏا ۽ ڪوجها ڪِنا لکيا ويندا هئا.  اڄ به جڏهن پنهنجي مائٽ جي مرتئي جي پيغام لاءِ “خَطُ“ لکيو ويندو آهي، ته اکر گندا ڪري لکيا ويندا آهن. سعيو ڪري پني تي مس جا داڳ به ڪيا وڃن ٿا ۽ پوسٽ ڪرڻ کان پهريائين ڪارڊ به مروٽي سروٽي، گهنجائي، گندو ڪري پوءِ روانو ڪيو ويندو آهي. لڪڇڻ (Lakshana) معنيٰ  لڇڻ/ ڏسڻ ۾ سهڻو، ڀدر مک (Bhadra  Mukha)  معنيٰ اهو ماڻهو، جنهن جي ڏسڻ سان؛ ڏسڻ واري کي  سٺا ۽ سهڻا خيال اچن. اولڪڇڻ (Avalakshana) معنيٰ ڏسڻ ۾ خوفناڪ. ڪنوار کي  چونڊڻ مهل اُن جي سُهڻي مهانڊي کي ڏٺو ويندو آهي. خوبصورت ۽ خوش اخلاق ڇوڪريءَ کي بدخوءِ ۽  بددماغ ڇوڪريءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو  ۽ سمجهيو ويندو آهي. ان ريت گهر جي بدبختي ٽري ويندي آهي. مهاتما گانڌي به پنهنجي خراب اکرن تي ناخوش رهندو هو. هندستان ۾ سُونهن کي ڌرم جو حصو سمجهيو ويندو آهي. اسان کي به مُهرن مان ڪجهه ائين به سمجهڻو پوندو، جيڪا  ڇاڪاڻ ته اسان جي آڏو  مُهرن جو واسطو به ڌرمي ريتن رسمن سان وڌيڪ هو. ان کان علاوه اهو  پڻ ويساهه هوندو هو ته ماڻهوءَ جو نالو ائين لکڻ سان تعريف ڪئي ويندي هئي، تنهن سان ان ماڻهوءَ جي ٺٺ ٺانگر  (Charisma) کي ڪيرائڻو  ئي هو.  ترسدسيو جي ڪيترين مُهرن ۾ نالي بدران انگن جا نشان لکيل آهن. وياس جو نالو به ساڳيءَ ريت انگن ۾ لکيل آهي. نڪولس(Nakulisa)  جو نالو تصويري لکڻيءَ ۾ نور جهڙي نشانيءَ جهڙو آهي. گهڻن ڏاهن ماڻهن ان لاءِ پنهنجي نالي کي حضور شرميءَ کان اڻ سڌي طور لکڻ کي ترجيح ڏني ٿي.  انهيءَ ڳالهه جو به خيال رکيو ويندو هو، ته ڌرمي طور ڏنيون ويندڙ  ڀيٽائون گمنام هئڻ کپن. جيڪڏهن اسين مُهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته انهن سڀني ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته لپيڪارن تي ٻِٽين ۽ لڪل معنائن وارن لفظن کي ڪتب آڻڻ جو ڄڻ جنون سوار هو. اسين هڙاپا (سنڌو) لکڻين کي سُسائي ننڍڙو ڪري فقط ڪُنجيءَ جيترو بڻائي ڪو نه سگهنداسون. لکڻيءَ جو اهو هڪ مڪمل طريقو آهي، ان سان لاڳاپيل اشارا، تصويري نوعيت جو اثر، قريب قريب صحيح صوتياتي اندازو ۽ اهڙن اجاين تي ڏنل نشانن بغير لفظن جي معنائن واري ترڪيب جو استعمال اهي سڀئي ڳالهيون اسان جي هن لکت جي تحقيقي اڀياس ۾ شامل آهن. لپيڪارن جو طريقي ڪار اهو ئي هو، جيڪو اسان کي ”جيئن آهي تيئن“ جي اصول تي قبول ڪرڻ کپي. بعد ۾ الف ، ب جي سڃاڻپ لاءِ  هڪ ڪُنجي ڏني ويندي،  تنهن کي پڻ وسيع نه پر محدود سمجهڻ گهرجي.

                        ڊاڪٽر راءَ جي ڪُنجيءَ جو دارومدار ڪلداني (Chaldean)، فونيشين (Phoenician) اخيرم (Akhiram) ۽ عبرانيءَ (Hebrew) ۾ نظر ايندڙ هڪ جهڙين نشانين کي نکيڙي ڌار ڪرڻ تي آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو به ذريعو آهي.  جنهن کي هن شايد ڪتب ئي ڪو نه آندو آهي. برهميءَ ۽ ان کان گهڻو پوءِ ناگريءَ جي اوسر تي، پر انهن کان گهڻو پهريائين هندستان اندر اَڪشپد/ Akshapada (اوڪهڙ-Avakahada)  نالي هڪ لپي هوندي هئي، اُن جا ڪجهه نشان جوتش جي ڪتابن ۾ ڌرمي سڳورپ طور اڃا به موجود آهن. ان ۾ 27 اکر آهن. جن جا نالا اڄ به ملي سگهندا، جن کي مون ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي به آهي، پر اڃا سوڀارو ڪو نه ٿيو  آهيان. (هن ڪم ۾ مون سان ڪوليواڙ (Kaliwada)  جي وشوا ناٿ شاستريءَ منهنجي گهڻي واهر ڪئي هئي.) مون کي احساس آهي ته هڪ صدي کن اڳ ”الف ب“ جون نشانيون موجود هيون. مون پنهنجي ٻالجتيءَ واري اوسٿا ۾ هڪ اچرج جهڙي ۽ اوپري لپي ڏٺي هئي، جيڪا ڀاڳوت تي لکيل هڪ ڪتاب ۾ موجود هئي. مون کي ياد آهي ته اهو قلمي نسخو نه پر ليٿو (Litho) تي ڇپيل هڪ ڪتاب هو. آءٌ محققن کي صلاح ڏيندس، ته اهي جوتش جي انهن عالمن وٽ وڃن، جن وٽ اهي قديم نسخا موجود آهن. مون پاڻ هڪ لئبرري ۾ ويهارو کن دقيق قسم جا قديم ڪتاب ڏٺا آهن ۽ جاچيا آهن. منجهن ”الف ب“ جي اکرن جا نالا ته موجود آهن، پر  نشانيون  ڏنل ڪو نه  هيون. اهي سڀئي ڪتاب 1920ع کان پوءِ جا ڇپيل آهن.  منهنجي هن  ويساهه کي اهڙي پاسي کان سهڪار ۽ پٺڀرائي ملي آهي، جنهن جو مون کي ڪو اير ڀير ئي ڪو نه هو. پروفيسر ڊي.  آر بيندري  (Bendre) جنهن کي شاعريءَ ۾ گنان پٿ اوارڊ مليو هو، تنهن مون کي  ٻڌايو ته سن 1920ع ۾ هڪ مرهٽي عالم جو ”وويڌ وِرٿُ“ رسالي ۾ هڪ مقالو ڇپيو هو، جنهن ۾هن چيو هو ته مُهرن ۾ گوتر (gotra) ٺاهڻ وارن رشين جو ذڪر آهي. انهيءَ جو سارو دارومدار اَڪَشپَد جي ڄاڻ تي هو، جيڪا فونيشين ”الف، ب“ جي مشابهه  آهي. هن حقيقت مان اها سڌ ملي ٿي ته اڪشپد ”الف، ب“ اڄ کان پنجاهه سال اڳ به موجوده هئي، جيڪا هاڻي ٻين قديم قلمي نسخن ۾ گڏجي سڏجي گمنام ٿي وئي آهي. مان پنهنجو هيءُ بيان هن اڻ لکيءَ آس تي رڪارڊ ڪري رهيو آهيان ته روايت پسند جوتش وارا ڏهه هزار  کن ڏاهن ماڻهن جي جوڙيل جنم پترين پڙهڻ واري لالچ ڇڏي ڏين ۽ قديم قلمي نسخن ۾ موجود اصلي اڪشپد لکت جي نشانين کي ڳولي ڪڍن.

                        آءٌ ڪهڙين ڳالهين ۾ ڊاڪٽر ايس. آر راءَ سان اخلاف راءِ رکان ٿو. تن جو پڻ ٿورو ذڪر هئڻ گهرجي. اولهه جي عالمن جيان سندس اهو خيال آهي ته هتي هڪ جدا سڀيتا، جنهن کي سنڌو  يا هڙاپا سڀيتا چيو ويندو هو، موجود هئي، ۽ اُن کي اُن جي اصلي شڪل ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ  گهرجي. ٻيو نڪتو هيءُ آهي ته سندس چوڻ آهي ته هڪ ناميارو ۽ چڱو مڙس راجا پَڪُ يا بَڪُ هو، جيڪو هڙاپا سان تعلق رکندو هو. پر مليل ڇهن مُهرن مان چٽيءَ ريت پتو پوي ٿو، ته اُهو حبش/ابيسينيا (Abysinia) جو رهاڪو هو ۽ ڪاسائڪو ڪم ڪندو هو. جڏهن هن طاقت حاصل ڪئي ته ڳوٺن کي پنهنجي ڏاڍ  ۽ ڏمر سان ڏهڪائي ڇڏيو هئائين. سندس رهائشگاهه، وََمرادري (Vamradari) يا ڪئتاڀادري (Kaitabhadri)  نالي هڪ ٽڪريءَ تي هوندو هو. ماڻهو کيس راڪشس ڪري سڏيندا هئا. هو ماڻهن کان بي قاعدي محصول اُڳاڙيندو هو ۽ پاڻ کي ”آيه پتي“ يعني ڍل اُڳاڙيندڙ  سڏائيندو هو. مُهرن جا لِپيڪار کيس ”آدم خور“ ڪري لکندا هئا. مُهرن جي هڪ ڀوڳائي ڪاريگر پنهنجي مُهر تي هي لفظ اُڪيريا هئا، ته هو هڪ ئي ويلي ”ٽي ماڻهو کائي ويو هو“. ڇا اُهو ”بَڪ سُورَ“ (Bakasurna) نالي وارو ماڻهو ته نه هو ؟ هڪ مُهر ۾ اهو ذڪر به نظر اچي ٿو ته هڪ اڻ ڏٺي ماڻهوءَ هُن کي قتل ڪري، ماڻهن کي هن جي ڏاڍ کان آجو ڪيو هو. ماڻهن هڪ ڌرمي رسم ادا ڪندي پنهنجي هيءَ خواهش ظاهر ڪئي هئي، ته بَڪَ جو قاتل جتي به هجي شال خوش هجي.  مهاڀارت ۾ ذڪر  آهي ته پانڊوَ به اُن جي ڏوس ڏمر کان ڊڄي، لڪ لڪوٽيءَ ۾ ڳوٺ ڇڏي هليا ويا هئا ته متان ماڻهن کي خبر پوي ۽ چوڏس چَئو پَچئو ٿي وڃي. هن ڳالهه بابت مهرن جي لکت ۽ مهاڀارت جي بيان ۾ هڪجهڙائي  ۽ سُٻنڌ ڏسجي ٿو. اسين هن ويساهه جي وسهڻ ۾ غلط ڪو نه آهيون، جيڪڏهن سمجهون ته اهو ۽ مهاڀارت وارو بَڪُ (Baka) هڪ ماڻهو هو، جنهن کي ڀيم قتل ڪيو هو. اسين پُراڻن جي ٻڌايل ڳالهين کي به سچي ثابت ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي ڪا نه ٿا رکون،  پر پارگٽر (Pargitter) جي هن بيان تي ضرور ويساهه ڪريون ٿا، ته پُراڻن ۾ تاريخ بيان  ٿيل آهي ۽  اِها تاريخ اُڻويهن سَو سالن  جي سونهري دور سان واسطو رکي ٿي. ان کان پوءِ هڪ هزار سالن جو اونداهو سَمو اچي ٿو، جنهن لاءِ ڪيتريون ڏند ڪٿائون ٻڌايون وڃن ٿيون، پر ماڻهن جا شجرا ۽ همعصر ڳالهيون ائين ئي رهجي  وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ان سونهري دور کي نهايت ادب ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته هن وقت تائين پارگٽر واري نظريي کي ڪنهن به ڪو نه للڪاريو آهي، نه وري ڪنهن ان تي بحث ڪيو آهي ۽ نه وري ان ڏانهن ڪنهن جوڳو ڌيان ئي ڏنو هو. ڊاڪٽر ڪورڊر (Dr. Corder)  جي ڪوشش سان ان ڳالهه جي اهميت جي ڄڻ نئين شروعات ٿي آهي. مُهرن جون پڙهڻيون  پارگٽر جي ٻڌايل ڳالهين جي پٺڀرائي ڪن ٿيون. ان جي مقابلي ۾ واڊيل (Waddell) تڪڙ ۽ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ مُهرون هن جي ٻڌايل حقيقتن جي هڪ محدود تصديق ڪن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اهو ناممڪن آهي ته هن ساريءَ سڀيتا کي مُهرن جي پڙهڻين وسيلي سمجهي سگهجي. جڏهن هن جون ڏنل ڪتابي حقيقتون ۽ نظريا گذريل پنجاهه سالن ۾ غلط ثابت نه ٿيا آهن، ته پوءِ اها ڪهڙي ڏاهپ آهي، جو انهن کي ڌيان ڏيڻ جوڳو ئي نه سمجهون!  مان سمجهان ٿو ته اها ساڻس زيادتيءَ کان سواءِ ٻي ڳالهه ڪا نه آهي.

                        مان ڊاڪٽر ايڇ. ايم. نائڪ جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي هر قسم جي آهر ۽ واهر ڪئي. ڊاڪٽر گُروراج راءَ جا به لک لائق، جنهن مون کي ڊاڪٽر ايس. آر. راءَ جي تحقيق ڪيل نظريي مطابق عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني. داڪٽر ايس. آر. راءُ جي هڪ ليڪچر کان آءٌ بدظن ٿي ويو هوس، جنهن ۾ هن سنڌو - لکت جي ڀاڃ واسطي اهي اصول ٻڌايا هئا، جيڪي خود سندس دعويٰ جي به خلاف هئا ته مُهرن واري ٻولي سنسڪرت آهي. ڊاڪٽر رِٽي (Ritti) جا به ڪروڙين قرب، جنهن LWIVP جو ڪتاب منهنجي حوالي ڪيو. پنهنجي پٽ رَويءَ جون به مهربانيون آهن، جنهن مُهرن جي ڊرائنگ ڪري، منهنجي سهائتا ڪئي.

 

مُهرن جون پڙهڻيون ۽ تصديق ڪرڻ واريون حالتون:

 

IX

مُهرون ساڄي کان کاٻي طرف پڙهيون ويون آهن. ورجاءَ کان پاسي ڪرڻ ۽ پڙهندڙن جي سولائيءَ واسطي مُهرن جون پڙهڻيون کاٻي کان ساڄي طرف رکيون ويون آهن. هر هڪ پدکي تعداد موجب بيان ڪيو ويو آهي ۽ ترجمو به ان مطابق رکيو  ويو آهي. پر ”ورڌي“ (vriddhi) جي نشانن کي انگن مطابق ڪو نه رکيو ويو آهي،  پر جيڪڏهن ڪٿي نظر آيو آهي ته ڪا نشاني صوتياتي نقطي نگاهه کان مختلف آهي ته ان کي انگ ڏنو ويو آهي. پڙهڻين کي به مڪمل ڪامائون ۽ وقف وغيره ڏئي لکيو ويو  آهي، اُن کان پوءِ ان جو ترجمو ڏنل آهي. پڇاڙيءَ ۾ ٿورو گهڻو تبصرو  نظر ايندو (الف) ته پڙهڻي ڪيئن قائم ڪئي وئي آهي، (ب)  ٻين پڙهڻين سان ڀيٽوار اهميت، (ٻ) ويدن ۽ پُراڻن تي بيهاريل تاريخي پس منظر وغيره ٻڌايو ويو آهي.

                        مونجهارا ۽ مختلف پڙهڻيون (الف) عبارتن ۾ وقفن جي عدم موجودگيءَ ڪري آهن. (ب) ڦيٿي جهڙيون يا ٻيون علامتي نشانيون مختلف معنائن جي نمائندگي ڪن ٿيون. (ٻ) لفظي ڳجهارتون ۽ لپيڪارن جا شرارت ڀريا  وڌاءُ (ڀ) لپيڪارن جا پنهنجي سهوليتن مطابق منجهيل ۽ اٽڪل روءِ سُر آوازَ ۽ (ت) انگن جي هِجي جو استعمال وغيره به  ڌيان ۾  آندل آهن. ننڍڙي اُڀي ليڪ  ”الف، ب“ جي نقطي نگاهه کان A کي اَ  سمجهڻ گهرجي. پر انگن جي حساب سان  Ay (ka) کي اَي (ڪا)، (Dwi)کي دُوي،  (wa)  يا (Dwa) دُوَ پڙهي سگهجي ٿو.  (Tri) کي شِري اِئين (tra)،  (tras) ۽ (tar) کي به ”شِري“ پڙهڻ جي گنجائش آهي.  (chatus) کي تس (tur) کي  چتر يا چترا، پنچ (Pancha)  کي پن (Pan)، پنچال وغيره. سَت (sat)  معنيٰ سَت  (سٺو)  پر سَپت Sapta جو لفظ اڃا تائين اک تي ڪو نه چڙهيو آهي. است (Asta) جي معنيٰ استڪ راجا (King Astaka) آهي. (ٿ) صرفي نحوي طور گهڻين معنائن وارا لفظ، (ٽ) وينجن جا دُتَ اکر  (conjunct) ۽ ورڌين (virddhi) ڪري پيدا ٿيل مونجهارا به آهن. مختلف پڙهڻيون به اهڙن مونجهارن ڪري ڏنيون ويون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪڙين پڙهڻين کي ٻين کان اهميت ۽ اوليت ڏني وئي آهي. جن پڙهڻين ۾ اجايو وڌاءُ يا سمجهه کان ڪريل (absurd)  ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، تن کي قلمبند ڪو نه ڪيو ويو آهي.

تصديق ڪرڻ واريون حالتون

الف         لکت تي ٿيل کُرچون ۽ انهن جو عام مشاهدو: عام طور تي ائين ڏٺو ويو آهي، ته مُهرن تي ٿيل تحرير منجهيل هوندي آهي ته لپيڪار ان کي سمجهڻ جوڳو بڻائڻ واسطي کُرچي ڇڏيو آهي.

(ب)           هَنَنَ  جي دُت اکرن جي مونجهاري کي سولي ڪرڻ واسطي لپيڪار، وينجنن وارين آخري پڇاڙين جو  ورجاءَ ڪيو آهي.

(ٻ)           ڪن مهرن جي تحرير کي سمجهڻ واسطي مَنظَر به چٽيو ويو آهي. ان لاءِ ڏسندا رُرو (Ruru) يا  مَها مَهيءَ  واري مهر.

(ڀ)            گهوڙي جي نشان کي مُهرَ ۾ آڻڻ جو طريقو: يادوَ  (Yadava) مُهر ۾ فقط هڪ سڳو ، برهمڻ (Brahmanica) مُهر ۾ ٻه سڳا، منڌيئڙي ۾ مُهر ۾ ڪشتري ٻه سڳا لڳو لڳ  Angiraca لاءِ هڪ سڳو ٻيڻو ڪري. 

(ت)             جيڪڏهن آڻگيرس قرباني  ڏيندو هو ته اول باهه، دونهين، ڄڀيءَ  ۽ ڪڏهن ان لاءِ غير واضح  اشارو  ڪيو ويندو هو. زيبرا جهڙن پٽن مان پتو پوي ٿو ته قرباني ڏيندڙ عبراني نسل سان واسطو رکي ٿو.

(ٿ)     پڪش  (Patshah), (Paksha) يا پتشهه جهڙن لقبن مان پتو پوي ٿو ته قرباني ڏيڻ واري جو واسطو ايران سان آهي، جيئن ڀگيرٿ معنيٰ فگشا  Phagsha.

(ٽ)     آخر ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه ماڻهن جي نالن ۽ گهراڻن جي نالن جي هڪجهڙائي آهي ۽ انهيءَ وسيلي ويساهه جوڳي سڃاڻپ ٿي وڃي ٿي.

 

* The inturned A is nearer I, as in Tamil

 

  تي ڪلڪ ڪريو PDF وڌيڪ پڙهڻ لاءِ